سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون  2025ع

باب:

صفحو:4 

 

اشتياق احمد           (قسط: ٻارهين)

مترجم: مير سردار چنڙ

اله دين جو چراغ

}ٻاراڻو ناول {

ڇو ؟ ڇا تون نٿو چاھين، ته ڪنھن حقدار کي سندس حق ملي. مان به سوال ڪيو. ڪير نه چاھيندو! مان ته صرف اھو ڄاڻڻ پيو چاھيان، ته اوھان کي ان سان ڇو ھمدردي آھي. آھي بس.... جيڪو چيو آ اھو ڪر... پر ايئن ڪر جو ظھور الدين کي کنڀي ھتي کڻي اچ. جي منھنجا آقا.. جن چيو ۽ غائب ٿي ويو. پنج منٽن کان پوءِ ھو آسمان تان ھيٺ لھندي نظر آيو. ان جي ھڪ ھٿ ۾ ڪو ماڻھو لڙڪي رھيو ھو. اھو ضرور ظھورالدين ھوندو. مان پنھجي مُنھن چيو. انھي وقت ظھورالدين فرش تي بيٺو ھو. ان جو رنگ بي رنگ ٿي ويو ھو . سڄو رڦي رھيو ھو. ڇو.... تو پنھنجي ڀائٽي جي زمين ۽ جائيداد کي ضبط ڪري رکيو آھي.

ھا....ھا... نه اھو ڪوڙ آ. اوهه.... اھا ڳالهه غلط آ. جن صاحب ھن ماڻھو کان سچ ڳالهراءِ. اتي ئي ظھورالدين جي جسم تي لتن مڪن جو وسڪارو ٿي ويو. اھو ھينانءُ ڦاڙي دانھون ڪرڻ لڳو. آخر رڙ ڪيائين. مونکي معاف ڪيو.... خدا کي مڃو مونکي معاف ڪيو.... مان ڏوھي آھيان... مان ھاڻ ئي وڃي ڪريم الدين کي سندس شيون واپس ڪيان ٿو. بس ڪر.... ڇڏ ان کي .. ۽ کڻي اتي ڇڏي اچ جتان کڻي آيو ھئين. مان جن کي چيو.

اتي ئي جن ۽ ظھورالدين اسان وٽان غائب ٿي

ويا.. ٻئي ڏينھن صبح جو ڪريم الدين ڊوڙندو محل تي آيو. ان جي پويان ڪيترائي ماڻھو ھئا. جيئن ئي مان دروازي تي آيس، ته ڪريم الدين منھنجي پيرن تي ڪري پيو. ان سان گڏ ٻيا ماڻھو به پيرن تي ڪري پيا..... ڪجھه ماڻھو ته منھنجي ٽنگن کي چنبڙي ويا. اڙي اڙي.... ڇو ٿا مونکي گناھه گار ڪيو... توھان کي آخر ٿيو ڇا آھي؟ توھان وڏا پھتل سرڪار آھيو... مون کي منهنجي چاچي سڀ شيون واپس ڪيون آھن. ڏاڍو سٺو ٿيو... مان اطمينان سان چيو. سائين! مون کي اولاد نه ٿو ٿئي... مون کي دعا ڪيو.. منھنجو ڪم ڪيو، مون کي اولاد ٿئي.

اڇا.... اسان دعا ڪنداسين مان پريشان ٿيندي چيو ڇو، ته اھو ڪم جن جي وس ۾ نه ھو.

سائين! منھنجي ڳئون چوري ٿي وئي آھي. غريب ماڻهو آھيان، ان جو کير کپائي گھر جو گاڏو هلائيندو ھئس. ھاڻي ته بُک مري رھيو آھيان... مون تي رحم ڪريو. مون کي منھنجي ڳئون چورن کان موٽرائي ڏيو. ڇا نالو آھي تنھنجو؟ مان پڇيو. جي بشير! ڳئون جي ڪا نشاني ٻُڌاءِ. ان جو ھڪ سڱ ڀڳل آھي.

ٺيڪ آ ملي ويندي تنھنجي ڳئون! ھاڻي توھان سڀ موٽي وڃو... اُھي منٿ سنٿ ڪري ھتان ويا ھليا. انھن جي وڃڻ بعد وري چراغ کي رڳڙيم.... جن جو آواز آيو.. حڪم ڪر منھنجا آقا.

ھڪ شخص بشير جي ڳئون چوري ٿي وئي آھي. ان جو ھڪ سڱ ڀڳل آھي. ڳئون ڳولي ان کي ڏئي ڇڏ. بس .... ايترو ڪم جن لاپرواهيءَ مان چيو.

ھا! ٺيڪ آ..... ۽ اوھان کي ياد آھي، نه جن چيو.

ڇا ياد آ....؟ ڇا ٿو چئين تون..! سڀاڻي اربع آھي.

اوهه... ھا ياد آھي، ته سڀاڻي توکي شادي ۾ شرڪت ڪرڻي آھي... جن جي شادي... اھا ڳالھه آ نه! ھا. ادا نادر اچانڪ چيو. ڇا ڳالھه آ نادر. مان ڪوه قاف گھمڻ چاھيان ٿو.

اڙي واھه! ڏاڍو سُٺو... اھو خيال اسان کي ڇو نه آيو. ڪوه قاف ته مان به ڏسڻ چاھيان ٿو بابا جوش مان چيو. ۽ مان به باجيءَ بيتابيءَ سان چيو.

مس....ررر.... ادا جن صاحب... اسان سڀ ڪوه قاف جو سير ڪرڻ چاھيون ٿا. منھنجي ھٿ تي ويھي رھو. ۽ ھوءَ ڳئون. ھڪ وقت تي ھڪ ئي ڪم ٿي سگھي ٿو. جن ناراض ٿيندي چيو. پھريان ڪوه قاف جو سير ڪريو يا ڳئون تلاش ڪرايو. منھنجو خيال آھي، ته اسان پھريان ڪوه قاف جو سير ڪريون نادر چيو.

اڇا ايئن به بھتر.... مان چيو...  اسان پھريان سير ڪنداسين.

اچو...! جن فرش تي ھٿ رکيو... ۽ اسان سڀ چڙھي ويٺاسين. ان سان گڏ اسان ان جا ٿلھا ٿلھا وار سُڪ پڪڙيا. جن مٿي اُٿڻ لڳو ۽ ھيٺ شيون ننڍڙيون ٿيڻ لڳيون. سج تمام گھڻو مٿي اُڀري چڪو ھو... جن به اڳيان مٿي اُڏرڻ ڇڏي ڏنو...ھاڻي اھو فقط بادلن مان ھلي رھيو ھو. ھڪ دفعو باجيءَ جي نظر ھيٺ پئي، ته اھا خوف مان ڦڙڪڻ لڳي. افُ خدا! ايترو مٿي اسين آھيون؟احتياط سان بيھو،ڪري نه پئو بابا چيو. وارن کي سُڪ پڪڙي بيھه   مان چيو.

الله نه ڪري.... وار جي پٽجي وڃن ته ... پوءِ! ادا چيو.

اسان سرنھن جي داڻن جيترا ٿي وينداسين. ادا جن تنھنجا وار ته مضبوط آھن نه؟... مان جيئن وات کوليو، ته ايئن محسوس ٿيو ڄڻ بادل منھنجي وات ۾ وڃڻ جي ڪري رھيا ھجن. ڳڻتي نه ڪريو... اھي تمام طاقتور آھن. اوھان چاھيو ته انھن کي پڪڙي لڏي به سگھو ٿا.نه! توکي تڪليف ٿيندي مان چيو. ڪڏھن به نه! ھا باقي اوھان کي ڊپ ضرور ٿيندو.

ھا... اسان ھٿ تي بيھي به ڊڄي رھيا آھيون. ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت ناھي. ڏسو.... ھو ڏسو ڪوه قاف اچي ويو، ھيٺ لھي رھيو آھيان. اسان ھيٺ ڏٺو، اھا وڏي ڊگھي جبلن جي ويڪري وسندي ھئي. جنھن ۾ ڪُشادا ۽ وڏا وڏا گھر ھئا. سڀئي گھر ڪاري رنگ جا ھئا. اسان آھستي آھستي وسندي جي ويجھو ٿيندا وياسين.

ڪوه قاف جو سير

زمين تي لھڻ کان پھريان اسان جبل تان آبشار لھندي ڏٺو. ان آبشار جي ھيٺيان ستر اسي کن جن وھنجي رھيا ھئا. ھي ايترا جن ڇو وھنجي رھيا آھن؟ مان پڇيو. سڀاڻي شادي آھي نه! ان جي تياري ڪري رهيا آهن.انھن کي سڀاڻي ئي وھنجڻ گھرجي ھا. مان چيو.

اسان ھر روز ناھيون وھجندا..... فقط ڪنھن شاديءَ جي موقعي تي وھجندا آھيون. اڙي! جيڪڏھن شادي سال کان پوءِ ٿئي ته؟ ھا .... ڇو نه پنج سالن کانپوءِ اچي. اُف توبھه! تڏھن ته جن ميرا آھن. توھان کي جيڪو وڻي چئي سگھو ٿا، پر اسان جو طريقو اھو ئي آھي. پر تون ته ٽي ھزار سالن تائين ننڊ پيو ھئين ان دوران توکي ڪنھن اچي نه اُٿاريو. نه! ڇو ته مان انھن جو بادشاھه آھيان. انڪري سُمھڻ کان پھرين انھن کي روڪيو ھو.

ھمممم جيئن ئي جن جا پير زمين تي پيا، ته ھزارين رڙيون بلند ٿيون!

آدم بُوءِ .... آدم بوءِ!!!!

خاموش..... اسان جي جن ڪڙڪيدار آواز  ۾ چيو.

ھي اسان جا مھمان آھن..... مان اڄڪلھه انھن جو غلام آھيان. سڀ جن ايئن خاموش ٿي ويا. ڄڻ انھن کي نانگ سُنگھي ويو ھجي. انھن مان اڪثر ڪاري رنگ جا ھئا. ڪجھه اڇا ۽ ڦڪا به ھئا. ھڪ اڌ نيري رنگ جا به نظر آيا.

پر ھتي ته پريون ڪٿي به نظر نه ٿيون اچن. ھي صرف جنن جي وسندي آھي.

ڪوه قاف جي ٻئي حصي ۾ ديو رھندا آھن ۽ ٽئين حصي ۾ پريزاد. تون اسان کي پرين جي علائقي ۾ وٺي ھل، اسان پريون ڏسڻ ٿا چاھيون. ڀلي! اچو ته پنڌ ئي ڪندا ٿا ھلون. جن چيو.

گھڻو ڏُور ته ناھي؟

نه بس! صرف اٺَ نوَ ميل ڏور آھي.

اڙي ايڏو فاصلو اسان پنڌ ڪيئن طئه ڪنداسين.

اوهه! مون کان ته اھا ڳالھه ئي وسري وئي، ته ھي فاصلو اوھان انسانن لاءِ گھڻو وڌيڪ آھي...... اچو منھنجي ھٿ تي....

اسان پرين جي سرزمين تي لھڻ لڳاسين، ته عجيب دل فريب نظارا ڏٺا. کوڙ ساريون پريون ھيڏي ھوڏي اُڏرندي گھمي رھيون ھيون. ڪجھه وري ھڪ جاءِ تي ويھي ٺاھه ٺُوھه ڪري رھيون ھيون. اڙي! ھي ته ميڪ اپ ڪري رھيون آھن. نادر چيو.

ھا...! اھي به شادي جي تياري ڪري رھيون ھونديون مان چيو.

ھا! اوھان بلڪل درست اندازو لڳايو. جن چيو. پر ھڪ ڏينھن اڳ ميڪ اپ..... سڀاڻي تائين ميڪ اپ خراب نه ٿيندو؟ نادر حيران ٿيندي چيو. اھو پرين جو ميڪ اپ آھي، ڪو عورتن جو ناھي! مان چيو. اسان زمين تي لٿاسين، ته انھن ۾ بيتابي واري ڪيفيت پکڙجي وئي. ھڪ ته ڊپ ۾ ڊڄڻ لڳيون اھو اسان کان نه، پر ........

 (هلندڙ......)

۽ اندر جي خبر ٻاھر آڻيندو ھو. ڪُوئي کان سڀني گڏيل آواز ۾ پڇيو ڪھڙي ڳالھه آھي ڪوئا. ڪوئي چيو، نڪو آئون ڪجھه به نه ٻڌائيندس، منھنجي زبان منھنجي مرضي. ڀولڙو ٽپ ڏيئي ڪوئي جي اڳيان اچي بيٺو، پنھنجو پڇ ڪوئي جي منھن تي ڦيرائيندي چيائين، تون نه ٻڌائيندين، ته آئون ئي ٻڌائيندس ڇو ته آئون ھڪ صحافي آھيان، اندر جي خبر ٻاھر آڻڻ منھنجو ڪم آھي. ڀولڙو به ھڪ دلچسپ ڪردار ھو، پاڻ کي صحافي سڏائيندو هو، سندس مطابق ته جھنگ جي ھر جانور جي  کيس خبر ھئي، لومڙ ۽ لومڙي ۾ ڇا ھلي رھيو آھي، ھاٿي  ھاٿڻ سان ڇو ڪاوڙيو آھي، اٺ ۽ ڏاچي ڪھڙو پروگرام ٺاهي رھيا آھن. سڀ جانور ڪوئي ۽ ڀولڙي جون ڳالھيون غور سان ٻڌي رھيا ھئا. ڀولڙي ڪوئي کي چيو اھڙي ڪھڙي ڳالھه آھي جيڪا تون ٻُڌائڻ نٿو چاھين. ڪوئي چيو، اڄ شينھن سخت ڪاوڙ ۾ آھي. سڀ جانور ڊڄي ويا، ڇو ته شينھن ڪاوڙ گاھه کائيندڙ جانورن مان ڪڍندو ھو. ھن جھنگ جو اھو به قانون ھو ته شينھن کي جڏھن بُک لڳندي ھئي ته ھو ڪنھن به جانور کي کائي ڇڏيندو ھو. ھرڻي معصوميت مان چيو ادي ڍڳي تون ته شينھن جي نظرن ۾ آھين، قسم سان ھو توکي عجيب نظرن سان ڏسي رهيو هو، توکي کائيندو. ڍڳي جواب ڏنو، منھجو اڄ ته روزو آھي، مون به ڪجھه نه کاڌو آهي ته ھو مون کي ڇو کائيندو. گينڊي کي تشويش ٿيڻ لڳي، ڪُرڪندي چيائين، لومڙ اڄ به ڪم تي ناھي آيو، شينھن کي خبر پئي ته اڄ وري اسان کي ھڪ ڪلاڪ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. اُٺ گڏھه ڏي ڏٺو ۽ چيائين، تڏھن ته چوندا آهن چٽي پئي چاڪر تي ڀر وتايا تون. گڏھه کي عقل پورو سارو ھو، ھن سمجھيو ته اُٺ کيس چئي رھيو آھي، تڏھن چيائين مون کي ڪھڙي خبر آئون ته گڏھه آھيان. سڀ جانور گڏھه جي ڳالھه تي کلڻ لڳا. ھاٿي مُسڪرائيندي چيو، منھنجي ڇھين حس چئي ٿي، ته لومڙ کي ڪاھلي جي سخت سزا ملڻ واري آھي. ڀولڙي چيو اھوئي ته آئون توھان کي ٻُڌائڻ آيو آھيان، ته شينھن وڏي طيش ۾ آھي. گينڊي کي ڪاوڙ اچي وئي، چيائين ڇو شينھن جي پُڇ تي ڪنھن لت ڏني آهي ڇا. ڀولڙي پنھنجي ڪنن جون پاپڙيون جھليندي چيو، توبھه توبھه جھنگ ۾ اھڙو واقعو پھرين ڪڏھن به نه ٿيو آھي. ڀولڙو معمولي ڳالھه کي به بريڪنگ نيوز ڪري پيش ڪرڻ جو عادي هو، صحافي جو ھو. گڏھه زمين تي ليٽي ھينگڻ لڳو، ھينگڻ اصل ۾ گڏھه جا ٽھڪ ھئا. ڀولڙي حيران ٿي گڏھه کان ٽھڪ ڏيڻ جو سبب پڇيو. گڏھه سنجيده ٿي ويو، چيائين مون کي ڪھڙي خبر آئون ته گڏھه آھيان، مون سمجھيو توھان ڪو لطيفو ٻڌايو آھي. ڀولڙو ٽپ ڏيئي گڏھه جي پٺيءَ تي ويٺو ۽ گڏھه جي ڪنن تي ھٿ رکي ڇڏيائين. ھاٿي چيو، اسان جي شامت اچڻ واري آهي، ادا تون اھڙيون خبرون ڪٿان ٿو آڻين، ڇا تون ڪنھن اخبار جو نمائندو آھين. گڏھ سمجھيو اھو ھن کان پڇيو ويو آهي، ھميشه وانگر ھن چيو، مونکي ڪھڙي خبر آئون ته گڏھه آھيان. ڀولڙي چيو، چاچا ھاٿي آئون ھن جھنگ جو فري لانسر رپورٽر آھيان، شيرستان جو ايڊيٽر آھيان، البته اخبار اڃا شايع نه ٿي آھي، ڪم ته مڪمل ٿي چڪو آهي، اخبار جي منصوبا بندي به ڪري ڇڏي آهي، ڪڏھن ڌماڪو ڪندس. ھاٿي چيو جيڪو ڪرڻو اٿئي وڃي ڪر، ھتي اڳئي گھڻا مسئلا آهن. گينڊي چيو، اخبار ڪڍڻ ٻارن جي راند ناھي. ڀولڙي جواب ڏنو، منھنجي لاءِ ته راند آھي. گڏھه کي ايڊيٽر واري ڳالھه صفا سمجھه ۾ نه آئي، پڇيائين ادا ايڊيٽر ڇا ٿيندو آهي. ڀولڙو ٽپ ڏئي وڻ تي چڙهي ويو، گڏھه تي لعنت ملامت ڪرڻ لڳو، تون زندگي ڀر گڏھه جو گڏھه رھندين! تنھنجا ٻار به گڏھه ھوندا. گڏھه معصوميت مان جواب ڏنو، ادا ڀولڙا مون کي دعائون ٿو ڏين يا بدعائون. گينڊو ڀولڙي وٽ ويو ۽ چيائين ادا ڀولڙا ھاڻي ٻڌاءِ کڻي، اسان جي دل ڌڪ ڌڪ پئي ڪري. ڀولڙي چيو، خبر اھڙي آھي جو سڀني جي بولتي بند ٿي ويندي، دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏيندي. گڏھه ناراض ٿيندي چيو، ڀاءُ ڀولڙا نٿو ٻُڌائين ته آئون توسان ڪِٽي ڪندس. ڀولڙي اشاري سان سڀني جانورن کي پاڻ وٽ سڏيو، ڄڻ ڪا راز واري ڳالھه ٻڌائيندو ھجي، سڀ جانور جڏھن ويجھو آيا، ڀولڙي چيو، ڪلھه رات ڪنھن شينھڻ جو پڇ چورايو آهي. سڀني جانورن تي سڪتو طاري ٿي ويو، سڀئي ھڪ ٻئي ڏي ڏسڻ لڳا. ھاٿي ٻنھي ڪنن تي سونڍ ڦيرائيندي چيو، توبھه توبھه ھاڻي ته جھنگ ۾ ڪنھن جي عزت به سلامت ناھي، آئون ته ھاڻي جلدي جھنگ ڇڏي ھليو ويندس. پاسپورٽ به ٺاھڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو آهي. اُٺ پڇيس، ڪيڏانھن ويندين؟ ھاٿي جواب ڏنو، ايڏي وڏي دنيا آھي ڪٿي به ھليو ويندس، ھونئن به آفريڪا ۾ منھنجو ڏاڏو پڙڏاڏو رھندا آھن، منھنجو چاچو به اُتي آھي ۽ ھو پنھنجي ڌيءُ جو سڱ مون کي ڏيڻ ٿو چاهي. گينڊو گھري سوچ ۾ گم ٿي ويو، لنگوٽي يار جي وڃڻ جو ٻڌي غمگين ٿي ويو. ڳالھه مٽائيندي چيائين، تڏھن ته اڄ شينھڻ پنھنجي ٻار کي اسڪول ڇڏڻ نه آئي ھئي. ڀولڙو پنھنجي پُڇ سان کيڏڻ لڳو، خدا جو شڪر آھي، منھنجو پُڇ ڪنھن نه چورايو آهي نه ته ڪھڙو ڪنڌ کڻي ھلان ھا. ڍڳي سڀني جون ڳالھيون ٻُڌي رھي ھئي، چيائين خدا خير ڪري، جھنگ ۾ اڳي ته ڪڏھن به ائين نه ٿيو آھي، اھي سڀ قيامت جون نشانيون آهن، اسان جي گناھن جي سزا آھي، عذاب ته اچڻو ئي ھيو، بيحيائي جو وڌي وئي آهي. ڍڳي جڏھن به ڳالھائيندي ھئي، تڏھن اھڙي قسمن جون ڳالهيون ڪندي ھئي. گينڊو پيرن سان زمين کٽوڙيندي چيو، اھا ڪنھن جي حرڪت ٿي سگھي ٿي. گڏھه چيو، مون کي ڪھڙي خبر آئون ته گڏھ آھيان. اُٺ ورندي ڏني، مون کي انھي ۾ ڪنھن دھشگرد تنظيم جو ھٿ ٿو لڳي، ڪو جھنگ جو امن امان تباھه ڪري اسان کي پاڻ ۾ وڙھائڻ ٿو چاھي. ھاٿي اُٺ کي شاباس ڏيندي چيو واھه اڄ اُٺ زندگي ۾ پھرين دفعو ڪا عقل جي ڳالھه ڪئي آھي. ايتري ۾ ڪوئي کي احساس ٿيو ته معاملو سنجيده آهي، ڏڪندي چيائين، مون تي ته الزام ناھي نه؟ ڀولڙو ڪوئي جي ڊپ مان لطف اندوز ٿيڻ لڳو، ھڪ نئون شوشو ڇڏيندي چيائين، مصيبت اھا آھي ته شينھن اسان سڀني کي شڪ جي عينڪ پائي ڏسي رھيو آھي. گڏھه معصوميت مان چيو، ھاڻي شڪ ڪيئن عينڪ پائيندو. سڀني مٿي تي ھٿ رکي چيو، اف الله... ڀولڙي ڪاوڙ ۾ چيو، ادا گڏھه تون واقعي گڏھه آھين، اھو چئي ڀولڙو وڻ تي چڙھي ويو ۽ ڪنھن ماھر اينڪر پرسن وانگر خبرون پڙھڻ لڳو، ھاڻي آئون بريڪنگ نيوز ٻڌائڻ وارو آھيان، باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي، ته شينھن ھنگامي اجلاس گھرايو آھي، شينھن مطابق ته ڪنھن شينھڻ جو پڇ چورايو آهي، چور اسان مان ئي آھي، جيڪو به چور آھي، پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري نه ته ڪُتي جي موت ماريو ويندو. انھي وقت دھل وڃڻ جو آواز ٿيو، دھل جو آواز ته خوشي جو ھوندو آھي. پر جھنگ ۾ دھل وڃڻ جو مطلب ڪجھه ٻيو ھو، سڀ جانور دھل جي آواز ڏي ڀڄڻ لڳا. ڪارو ۽ چٽڪمرو ڪتو، جيڪي شينھن جا باڊي گارڊ ھئا، زبردستي جانورن تي جھنگ جو قانون لاڳو ڪندا هئا. ٻنھي جي ھٿن ۾ لائوڊ اسپيڪر ھو، ڪاري ڪُتي اعلان شروع ڪيو. خبردار، ھوشيار ھڪ ضروري اعلان ٻڌندا، سڀني جانورن کي اطلاع ڏنو ٿو وڃي ته اڄ شام درياھه جي اولھندي پاسي ھڪ ايمرجنسي ميٽنگ منعقد ڪئي وئي آهي. جھنگستان کي ھڪ اھم مسئلو درپيش آهي. بادشاھ سلامت شينھن قوم کي خطاب فرمائيندو، جيڪو اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو، تنھن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي. اعلان ختم ٿيو. ھاٿي سونڍ فضا ۾ بُلند ڪندي پڇيو، ميٽنگ جي ايجنڊا ڇا آهي. چٽڪمري ڪُتي ڪاوڙ مان چيو، تون ايڏو وڏو آھين، توکي اھا به خبر ناھي، ته ايجنڊا شينھن پنھنجي مرضي جي رکندو آھي. ڪاري ڪُتي نرمي مان چيو، رات ڪنھن شينھڻ راڻي جو پڇ چورايو آهي، جيڪڏھن توھان مان ڪنھن اھا غلطي ڪئي آهي ته خاموشي سان پڇ واپس ڪيو نه ته اسان ان جون ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏينداسين. اُٺ جواب ڏنو، اسان اھڙي گستاخي ڇو ڪنداسين ادا ڪُتا. چٽڪمري ڪُتي اُٺ کي ڌڙڪو ڏيندي چيو تون خاموش رھه، تون بادشاھه سلامت جو ناپسنديده جانور آھين، قانونن تون ريگستان جو رھاڪو آھين، توتي رحم ڪندي ھتي رھڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، سوال پڇڻ جي تو ۾ همت ڪيئين ٿي. ڪارو ڪتو نرم مزاج جو ھو، تنھن چيو، ھڪ ڳالھه ياد رکجو، شينھن وٽ شڪاري ڪتا آھن، جيڪي سنگھندي سنگھندي پڇ تائين پھچي ويندا ۽ پوءِ ان جانور جي کل ۾ ڇيڻو ڀري سرعام وڻ ۾ ٽنگيو ويندو. اعلان ڪندڙ ڪتا اڳتي ھليا ويا، جانور حيران پريشان ٿي ھڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا، کين سمجھه ۾ نه اچي رھيو ھو ته آخر ٿي ڇا رھيو آھي.          (هلندڙ.....)

علي  محمد پلھه                              (قسط: ٽي)

ڳوٺ پلھه/سانگھڙ

مهاڻو ۽ جن!

ڪجھه وقت کان پوءِ ڏٺائين، ته چار رنگين مڇيون ڄار ۾ ڦٿڪي رهيون آهن. هڪ ڳاڙهي، هڪ پيلِي، هڪ سائي ۽ هڪ ڪاري. جيڪي سج جي روشنيءَ تي چمڪي رهيون هيون. مھاڻو اهي مڇيون کڻي شام جو اچي سلطان جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. پنھنجي سوکڙي بادشاھه جي اڳيان پيش ڪئي. بادشاهه هي عجيب و غريب مڇيون ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مھاڻي کي سونن سڪن جي ھڪ ٿيلھي ڏئي روانو ڪيو. مھاڻي جي خدا ٻُڌي سو ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي. کلندو خوش ٿيندو پنھنجي گھر آيو. پنھنجي جھوپڙي ته کيس هاڻي وڻي ئي ڪانه پئي. تنھنڪري ان کي ڊھرائي ھڪ سُٺي جاءِ  ٺھرائي ان ۾ حياتيءَ جا باقي ڏينھن مزي سان گذارڻ لڳو.

ھوڏانھن سلطان پنھنجي شاھي بورچيخاني کي خاص طريقي  سان مڇين کي رڌڻ جو حڪم ڏنو. ان وري پنھنجي ڪاريگري ڏيکارڻ لاءِ طرح طرح جا مصالحا لڳائي مڇين کي تئي ۾ وجھي باهه تي رکيو. اڃان مڇين کي ٿورو ئي سيڪ مس آيو ته بورچيخاني جي ڀٿ وڏو ٺڪاءُ ڏئي ٻه اڌَ ٿي پئي ۽ ان مان هڪ شيدي هٿ ۾ لڪڻ کڻي ٻاهر نڪتو ۽ مڇين کي اچي لڪڻ جا ڌڪ هنيائين ۽ چيائين، ته مڇي ڙي مڇي جيئن آءٌ چوان تيئن تون ڪر. مڇين پنھنجا پُڇ مٿي ڪري جواب ڏنو، حاضر سائين توھان جون تابعدار آھيون، فقط حڪم ڪريو. ان کان پوءِ شيدي ڀت ۾ ھليو ويو ۽ ڀت اڳي وانگر ٿي وئي.

بورچياڻي جا ھيترو وقت بند وانگر بيھي اھو لقاءُ ڏسي رھي ھئي، سا شيديءَ جي گم ٿيڻ کان پوءِ ڊپ وچان اُتي جو اُتي ئي بيھوش ٿي ڪري پئي. جڏھن گھڻو وقت گذري ويو ۽ بادشاھه کي وقت اندر مڇي تيار ٿي نه ملي، ته هن ڪاوڙ مان پنھنجي هڪ وزير کي حڪم ڏنو ته جلد بورچياڻيءَ کي منھنجي اڳيان حاضر ڪر. وزير ڊوڙندو بورچيخاني ڏانھن ويو. اُتي پھچڻ شرط سندس وات مان دانھن نڪري وئي. جڏھن ڏٺائين ته بورچياڻي پَٽ تي بيھوش ٿي ڪِري پئي آھي. مڇيون سڀ سڙي ڪوئلو ٿي سڙي ويون آھن. خير ھن دل پڪي ڪري بوچياڻي جي منھن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا ھڻي کيس سجاڳ ڪيو ۽ سڄي ماجرا پُڇي. بورچياڻي پھريائين ته ڊپ  وچان ڏڪندي رهي. پر پوءِ دل ٻڌي وزير کي سڄو داستان ڪري ٻُڌايو. جنھن سڌو وڃي اھو ذڪر بادشاھه کي ٻُڌايو.

بادشاهه ان ڳالھه مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين، ته جيڪڏهن سچ پچ ائين آهي، ته پوءِ اهڙيون ساڳيون مڇيون مھاڻي کان ٻيو دفعو گھرايو ۽ منھنجي سامھون انھن کي رڌيو ته آءٌ به اها ماجرا ڏسان. هڪدم نوڪر موڪلي مھاڻي کي گھرايو ويو ۽ اھڙيون مڇيون ٻيھر آڻڻ لاءِ چيو ويو. مھاڻو ٻئي ڏينھن وري به ساڳئي قسم جون  مڇيون حاضر ڪري  پنھنجو انعام وٺي گھر روانو ٿي ويو.

سلطان وزير جي واتان ٻُڌل ڳالھه جو تجربو ڪرڻ لاءِ پنھنجي بورچياڻي کي گھرائي پنھنجي روبرو مڇين کي ترڻ جو حڪم ڏنو. بورچياڻي جو اڃا مڇين کي تئي ۾ وجھڻ ۽ ساڳئي شيديءَ جو محلات جي ڀت چيري ٻاھر نڪرڻ سلطان ۽ وزير ته دهلجي ويا، بورچياڻي جا اڳ ۾ ئي نظارو ڏسي چڪي هئي سا دل ٻڌي بيٺي رهي. شيدي مڇين کي اڳوڻا لفظ چئي غائب ٿي ويو. تنھن کان پوءِ سلطان وائڙن وانگر وزير کي چوڻ لڳو، ته هن عجيب ڳالھه جو راز پاڻ کي ڪنھن به حالت ۾ ڳولڻ گھرجي. وزير به هن سان ها ملائيندي چيو ته بيشڪ ان کان سواءِ ڪوبه چارو نه آهي. نيٺ ٻنھي پاڻ ۾ صلاح ڪري مھاڻي کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ ان کان پڇا ڪئي ته هو اهي مڇيون ڪٿان آڻي ٿو. جنھن سمورو احوال سربستو ٻُڌائي، بادشاھه کي اهو هنڌ ڏيکارڻ جو انجام  ڪيو.

ٻئي ڏينھن بادشاهه، وزير ۽ پنھنجا ڪي خاص سپاھي وٺي مھاڻي سان گڏجي اھو ڍنڌ ڏسڻ لاءِ ھليو. شھر کان گھڻو ٻاھر نڪري اچي ان عجيب ڍنڍ جي ڪناري تي ھن پنھنجا تنبو لڳرايا ۽ وزير سان صلاح ڪري پنھنجو تنبو ڍنڍ کان پري لڳرايائين. جڏھن رات جو سڀ ماڻھو ننڊ ۾ کونگھرا ھڻڻ لڳا، تڏھن سلطان پاڻ چمڙا پوش ڪري پنھنجي تنبوءَ مان ٻاھر نڪتو ۽ ڍنڍ جو ڪنارو وٺي ھلڻ لڳو. ھن جو خيال ھو ته ڪنھن نه ڪنھن طرح مڇين جي ڳالھائڻ ۽ ان شيديءَ جي راز کي ضرور ڳولي لھندس. آخر ھلندي ھلندي ھڪ جبل جي پاڙ ۾ ھن کي ھڪ شاھي دروازو ڏسڻ ۾ آيو. اھڙي بيابان ۾ ڪنھن به بني بشر جو نالو نشان نه هجي، هڪ دروازي جو هجڻ جيتوڻيڪ عجيب ڳالھه هئي. پر ڇاڪاڻ ته هو ان کان به وڌيڪ ڳالھيون ڏسي چڪو ھو، ان ڪري ھن کي گھڻو عجب ڪونه ٿيو ۽ اڳيان وڌندي همٿ ڪري دروازي جو ڪڙو کڙڪايائين. جڏهن ٻه ٽي دفعا کُڙڪائڻ سان ڪوبه جواب نه مليو ته زور سان وٺي دروازي کي ڌڪو ڏنائين ته دروازو کُلي ويو ۽ پاڻ اندر گھڙي ويو. اندر وڃڻ شرط سلطان جو وات ڦاٽي ويو. ڏسي ته پاڻ هڪ عاليشان ڪمري ۾ بيٺو آهي. جنھن ۾ طرح طرح جون خوشبودار بتيون ٻري رھيون آھن ۽ سڄو ڪمرو قيمتي فرنيچر ۽ سامان سان سينگاريل آھي ۽ فرش تي عمدا غاليچا وڇايا پيا آھن. اھڙي شاندار ڪمري ۾ انسانذات جو پاڇو به ڪونه هو. سلطان هڪ ٻه دفعا ڪو آهي چئي سڏ ڪيو پر ڪوبه جواب ڪونه آيو. ان ڪمري جي سامھون واري ڀت ۾ سلطان کي ٻيو دروازو ڏسڻ ۾ آيو. جڏھن ان کي ڌڪو ڏنائين، ته اهو به کُلي پيو ۽ اندر وري هُن کان به سُھڻو ڪمرو ھو. اھڙيءَ طرح سلطان ڇھن ڪمرن مان لنگھيو، پر ھن کي ڪوبه ساهه وارو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. جنھن ڪري ڇرڪجي پيو پر دل ٻڌي جنھن طرف کان آواز اچي رھيو ھو ان پاسي ڏانھن وڌيو.  آخر ھن محسوس ڪيو ته هڪ آواز هڪ ريشمي پردي جي پويان اچي رهيو آهي.

سلطان همت ڪري اڳتي وڌيو پردي کي هٽايائين ته ڇا ڏسي ته هڪ حسين خوبصورت نوجوان جنھن جي مٿي تي ھيرن جواھرن جو تاج رکيل آھي،          (هلندڙ......)



 

لطيفي لات جو نتيجو

مئي 2025ع جي ماهوار شماري  ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر ڪلياڻ جي داستان چوٿون جو ٽيو نمبر بيت آھي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

سچن عاشقن جي زبان تي سدائين الله جي يادگيري (ذڪر) آهي. هُنن جي دلين ۾ قرآن جي آيت پوءِ مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوهان کي ياد ڪريان واري تار سانده لڳي پيئي آهي. اهڙن سچن عاشقن کان سندن سپرين هڪ گھڙيءَ لاءِ به ڪونه ٿو وسري. (اُهي هر وقت هن جي ياد ۾ محو ۽ گُم آهن.)

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*صاديه حنيف عالماڻي: ڪلاس ڏهون پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نو شھروفيروز

*عبدالسميع جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو

*ارشاد سوڍڙو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ  اسڪول ھالا نوان

*نورالعين سومرو: ڪلاس پنجون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه.

*ميرب زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ

*ارسلان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوھڻ

*حسنين علي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هالا نوان

*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ ڀٽي حيدرآباد

*ڪونين زهرى: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ

*زڪيه جمالي: ڪلاس پنجون گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ علي محمد جمالي

*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد

*شايان علوي: ڪلاس ٽيون، ڪراچي

*محمد يعقوب جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بکر جمالي

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
زڪيه جمالي جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4   
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org