سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون  2025ع

باب:

صفحو:2 

ارباب علي عادل چوهاڻ

شڪارپور

نصيحت

وڏن کان پرائِي ننڍن کي سيکاريو،

سدا علم سان ٻارڙن کي سنواريو.

 

حيا، حلم، خصلت ۽ سيرت نرالي،

ادب، نياز نوڙت سان تن کي نکاريو.

 

ڏيو درس نيڪيءَ جا هر ڪنهن کي سهڻا،

سچائيءَ سان هيڪار تنُ مَنُ اُجاريو.

 

اچو نيڪين لئه سگھو ساٿيو سڀ،

ڀلائي ڏي ننڍڙن کي سارا پُڪاريو.

 

بلاشڪ اٿَوَ علم زيور نرالو،

انهيءَ سان سدا ٻارڙن کي سينگاريو.

 

سفر ان ۾ توڙي ڏکيائي اچي ڪا،

خدارا ڊڄي ان کان همت نه هاريو.

 

هجي علم کان ٻار عادل نه خالي،

سراسر سگھاري اها سوچ ڌاريو.


 

محمد سليم فراش

هالا نوان

سنڌُو

سنڌوءَ تي اسان ساهه ڏينداسين،

ڪونه سنڌو درياءُ ڏينداسين.

 

سرور نوحرح ڀٽائيرح جي سنڌڙي،

سائِي، سُڪائيندين آهَه ڏينداسين.

ڪونه سنڌو درياءُ ڏينداسين،

 

موجن ۾ مھراڻ وهي پيو.

واٽر نه ڪي ڪو واھُه ڏينداسين،

ڪونه سنڌو درياءُ ڏينداسين.

 

سنڌوءَ تي پيو ڪئنال ٺاهين،

بَمَ هڻي اچي باھه ڏينداسين.

ڪونه سنڌو درياءُ ڏينداسين.

 

سليم فراش چوي سانگي اُٿندا،

دُشمن تي ڊوڙي ڪاھه ڪنداسين،

ڪونه

***

سنڌو درياءُ ڏينداسين،


 

آزاد زنگيجو

خيرپورناٿن شاهه/دادو

 

لولي

 

آءُ ڏيان مان لولِي توکي،

روز سيکاريان ٻولِي توکي!

 

هنج ويھاري آئون ٻُڌايان،

هر هر پيار پرولِي توکي!

 

سنڌ وطن لئه وڙهندو رهجان،

ٿي ميڙ ڏيان جھولِي توکي!

 

ڪنڌُ ڪڏهن نه هيٺ ڪجان تون،

بند رکن ڀل کولِي توکي!

 

مانُ امڙ جو رکجان آزاد،

ڀل هڻن ڪانئر گولِي توکي.

***


 

خليل عارف سومرو

دادو

 

ريڊيو

 

ريڊيو سڀ ڪنھن کي وندرائي،

ريڊيو سڀ ڪنھن کي بھلائي.

 

آھستي آھستي ٿو ڳالھائي،

درس چڱائي سان دهرائي.

 

مٺڙا مٺڙا گيت ٻُڌائي،

۽ نغمن جا ٿو ساز وڄائي.

 

دنيا جون خبرون پھچائي،

ملڪ سڄي جو حال ٻڌائي.

 

ڊراما لطيفا خوب سُڻائي،

ڏاڍا پيو رنگ رچائي.

 

گھر ويٺي سڀ ڪجھه سمجھائي،

عارف معلومات وڌائي.

 


 

پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي

حيدرآباد

ڪينجهر ڍنڍ

 

سنڌ جي ٺٽي ضلعي ۾ موجود هن تاريخي ڍنڍ جو شمار سنڌ جي خوبصورت ۽ تفريحي ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو. مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍ جي ايراضي 35 هزار هيڪٽرن تي مشتمل آهي ۽ ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي گنجائش 0.52 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. هي ڍنڍ ويڪر ۾ 6 ڪلوميٽر ۽ ڊيگھه ۾ 23 ڪلوميٽر آهي. جڏهن ته هن ڍنڍ جي گھرائي 80 کان 90 فٽن تائين آهي. شروعات ۾ سونھري ۽ ڪينجھر ٻه الگ ڍنڍون هيون. جڏهن برسات سبب درياءَ ۾ چاڙهه ايندو هو ۽ جابلو سلسلي مان نديون ۽ نالا وهي ٻنھي ڍنڍن ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، ته ٻئي ڍنڍون ملي هڪ ٿي وينديون هيون. اُتي جا رهواسي چوندا هئا، ته ڪينجھر ۽ سونھري لائون لڌيون آهن.

ڪينجھر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو وسيلو ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واهه ڪلري بگھاڙ آهي. جنھن کي ڪراچي واهه پڻ چيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ ڪوهستان جون ڪجھه نئيون ۽ ڍورا پڻ هن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. جن ۾ سوڙهه، لوياچ، ٻاڙي، ڍور نيھون، کارڙي، ڪٽڙي، ڪرنجھڙو، لوهيرو، وغيره شامل آهن. هي ڍنڍ نه فقط ڪراچي جي شھرين لاءِ پاڻيءَ جو اهم ذخيرو آهي، پر صنعتي شھر جي هزارن ڪارخانن کي پاڻي رسائڻ جو وڏو وسيلو آهي.

هن ڍنڍ تي سير ۽ تفريح خاطر موڪلن ۾ ماڻھو گھمڻ ايندا آهن. جن جي سھوليت جي لاءِ پاڪستان ٽوئرزم، سنڌ فشريز کاتي، آبپاشي کاتي، وائيلڊ کاتي، ڪلچر ڊپارٽمينٽ، ريسٽ هائوس ۽ هٽ ٺھرا  آهن. سنڌ جي هيءَ مشھور ڍنڍ هن وقت ماحولياتي گدلاڻ جو پڻ شڪار آهي. ڪوهستان جي علائقي نوري آباد ۾ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ قائم ٿيل صنعتي علائقي جي ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ زهريلا ڪيميائي مادا نئين لوياچ ۽ ٻين نئن وسيلي هن ڍنڍ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ ان کان سواءِ ڄام شوري ضلعي جي ڪوٽڙي تعلقي ۾ موجود  سوين صنعتي ڪارخانن جو زهريلو مادو پڻ ڪلري بگھاڙ ذريعي ڪينجھر ۾ داخل ٿئي ٿو. جنھن جي ڪري ڍنڍ ۾ مڇي جي پيداوار تي هاڃيڪار اثر پون ٿا. ان کان سواءِ هتي ايندڙ سياحن پاران گند ۽ ڪچرو پڻ اُڇلايو وڃي ٿو ۽ ڍنڍ ۾ هلندڙ موٽر بوٽس پڻ ماحول کي آلوده ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن. 1976ع ۾ هن ڍنڍ کي (رامسٽر سائيٽ Ramister Site) قرار ڏنو ويو ۽ بعد ۾ کيس سنڌ وائيلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس ذريعي جھنگلي جيوت جي تحفظ وارو هنڌ پڻ قرار ڏنو ويو هو.

سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي آباد هي ڍنڍ لوڪ داستان جي ڪردار نُوري ڄام تماچي سبب پڻ مشھور آهي. روايتن موجود ڄام تماچي فارغ وقت ۾ ڍنڍ ۾ شڪار ڪندو هو. جنھن دوران سندس نظر ڪينجھر ڍنڍ تي مڇي ماريندي نوري مھاڻِيءَ تي پئي ۽ ان جي حُسن تي موهت ٿيو. بعد ۾ ساڻس شادي به ڪيائين. ڄام تماچي جي ماڙيءَ جا آثار اڄ به هن ڍنڍ جي ڀرسان واقع آهن.

جڏهن ته نُورِي مھاڻِي جي مزار ڪينجھر ڍنڍ ۾ موجود هڪ ٽڪري تي آهي. هن ڍنڍ جو ذڪر شاهه جو رسالو جي سُر ڪاموڏ ۾ ملي ٿو جنھن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح چيو آهي ته،

هيٺ جر مٿي مڃر پاسي ۾ وڻراءِ

اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءِ

لڳي اُتر واءُ ته ڪينجھر هنڌورو ٿئي.

*** 

·       منهنجو نالو ريحان ٽالپر آهي.

·       آئون نرسري ۾ بيڪن هائوس اسڪول ۾ پڙهندو آهيان.

·       سخت محنت کان پوءِ پوزيشن ملي.

·       آئون وڏو ٿي آفيسر ٿيندس.

·       اُستاد سڀ سُٺا آهن.

·       گهر ۾ امان وڌيڪ پيار ڪندي آهي.

·       پيزا ۽ برياني گهڻي پسند آهي.

·       واندڪائي ۾ آئون راند ڪندو آهيان.

·       مون کي سانگهڙ شهر پسند آهي.

·       منهنجا پسنديده دوست ابراهيم، آغا، بريده ۽ عليزه آهن.

·       غريبن کي ماني کارائجي.

·       مون کي انب جو جوس پسند آهي.

·       مون کي جانورن ۾ ٻڪري جا ٻچا پسند آهن.

***


 

عبدالحئي ڀٽو

ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي/گھوٽڪي

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح

}عظيم شاعر{

سنڌ جي سر زمين هميشه سرويچن، بزرگن، ولين، شاعرن، اديبن، ۽ سورهين کي پيدا ڪندي رهي آهي. انھن مان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح به هڪ آهي. جيڪو مٽياري ضلعي جي هالا حويلي ۾ 1102هه مطابق 1490ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد حبيب شاهه هو. جيڪو هرات جي سادات خاندان مان هو. شاهه صاحب ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ سان دلچسپي رکندو هو ۽ اڪثر ڪري اڪيلائيءَ ۾ گذاريندو هو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح پوري سنڌ جو پيادل سفر ڪيو. جنھن جي ثابتي سندس ڪلام شاهه جو رسالو آهي.

پاڻ هڪ سادو انسان هو. سندس شاعري ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن. جيڪي هڪ انسان دوست، قومي ۽ آدرشي شاعر ۾ هونديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ شاهه صاحب کي دنيا جو عظيم شاعر مڃيو وڃي ٿو. پاڻ هڪ انسان دوست ۽ مخلص شاعر هو. منجھس ٻيائي، دغا ۽ ڪوڙ جھڙي ڪابه شيءِ موجود نه هئي. هن جي شاعري ۾ انسانيت، امن، پيار، پريت، اتحاد، ٻَڌي ۽ ڀائيچاري جا گس ڏيکاريل آهن ۽ سندس شاعريءَ ۾ قوم لاءِ جيڪو پيغام آهي، اهو اسان سڀني جي لاءِ مشتعل راهه آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جن کي راڳ سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. هو گھڻو وقت الله جي عبادت ۾ گذاريندو هو. هن ۾ مشاهدي جي تمام گھڻي قوت هئي. شاهه سائين موسيقيءَ جو ساز طنبورو پاڻ ايجاد ڪيو. هو ديس پرست  ۽ امن جو پوئلڳ هو. هن کي پنھنجي ڌرتيءَ سان بيحد پيار هوندو هو. ان ڪري سنڌ سان گڏ سڄي دنيا جي خوشحالي لاءِ چوي ٿو ته،

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

شاهه لطيف جي ڪلام جي مطالعي کان پوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ڪڏهن به ڪنھن کان بدلي وٺڻ جو ارادو نه ڪيائون. پاڻ خود غرضي ۽ بدنيتي کي بُرو ڪم قرار ڏنو اٿن. شاهه صاحب هڪ لافاني شاعر ٿي گذريو آهي. هن جي شاعري هر دؤر جي ايندڙ نسل لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي. شاهه سائين سان گڏ ٽي ڪتاب قرآن مجيد، مثنوي مولانا روم ۽ بيان العارفين سدائين گڏ هوندا هئا. هن جي ڪلام جو دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ سڄي دنيا شاهه صاحب کي عظيم شاعر تسليم ڪري ٿي.

ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي شاهه سائين کي دنيا جو عظيم شاعر سڏيندي ٻُڌائي ٿو، ته شعريت، افاديت، ترنم ۽ حاصل مطلب جي حقيقت ۾ شاهه صاحب جو مقام دنيا جي سڀني شاعرن کان مٿانھون آهي. وائي جو بنياد به شاهه سائينءَ رکيو. پاڻ سدائين نوڙت ۽ عاجزيءَ جي تلقين ڪئي آهي ۽ شاعريءَ ذريعي انسانذات جي هر موڙ تي رهنمائي ڪئي اٿن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح 14 صفر 1165هه بمطابق 1752ع ۾ وفات ڪئي ۽ هر سال 14 صفر تي ڀٽ شاهه ۾ سندن عرس مبارڪ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويندو آهي.

***

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ (حيدرآباد)

سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي معلومات

·       شاهه جو رسالو، شاهه لطيف جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. شاهه عبداللطيفرح سنڌي ادب جو وڏي ۾ وڏو شاعر شمار ٿئي ٿو.

·               شاهه جو رسالو گنج جي قلمي نسخي جي صورت ۾ محفوظ ۽ موجود هو. انگريز حڪومت جي دور ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ شاهه جي رسالي کي سڀ کان پھرين جرمنيءَ جي شھر لپزگ مان شايع ڪيو. ان کان پوءِ ٻيا رسالا ڇاپي جي صورت ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڇپيا آهن.

·       شاهه جي رسالي ۾ ٽيھه سُر آهن، جن ۾ زندگيءَ جي انيڪ موضوعن تي بي شمار بيت سنڌي قوم جي رهنمائي لاءِ موجود آهن.

·               مشھور لوڪ داستانن کي شاهه لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ بيت ۽ وايون آهن. هيءُ هڪ شاهڪار شاعري شمار ٿئي ٿي.

·       شاهه عبدالطيف جو جنم شاهه حبيب جي گھر ڀٽ شاهه جي ويجھو هالا حويليءَ ۾ ٿيو. پاڻ سڄي سنڌ گھميو ۽ پنھنجي قوم جا ڏک سور، خوشيون غميون بيتن معرفت ڄاڻايائين.

·       شاهه لطيف جي رسالي ۾ سنڌ جي ثقافت، تھذيب ۽ تمدن جي بھترين ڄاڻ موجود آهي.

·       ڀٽ شاهه ۾ هر سال 14 صفر تي ٽي ڏينھن لطيف سرڪار جي وفات جي تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. سوين زائرين ايندا آهن.

·        

ڊاڪٽر رشيدا ڀٽي                            

ڄام شورو                                     

دين ۽ اخلاق

 

اسان جي پياري دين اسلام ۾، توڙي جو دنيا جي باقي ٻين مذهبن جو جائزو وٺبو ته ان ۾ اخلاق جي معاملي ۾ هڪ جھڙي راءِ ملندي.

پيارا ٻارؤ! اچو ته اسان اخلاق ۽ اخلاقيات جي باري ۾ ڪجھه پڙهون ۽ سمجھون. اسان دنيا جي اچي ويندي، ته هر مذهب ۾ اخلاق کي تمام گھڻي خاص اهميت حاصل آهي. بلڪ اسان ائين چئون ته دين ۽ اخلاق کي هڪ ٻئي کان جدا نٿو ڪري سگھجي.

دين جي تڪميل تيستائين ٿي نه ٿي سگھي جيستائين اخلاق جي بُلندي حاصل نه هجي. عام طور تي اسان دين کي صرف عقيدن ۽ عبادتن جو مجموعو سمجھندا آهيون. پر دراصل سڀني مذهبن تي نظر ڊوڙائينداسين ته اسان کي بلڪل واضح نموني اها ڳالھه سمجھه ۾ اخلاق به  ان ۾ شامل آهي ۽ حُسن اخلاق جو درجو سڀني ديني عملن ۾ مٿانھون درجو رکي ٿو ان ڪري عبادتون ڪرڻ ان وقت تائين بي اثر هونديون آهن، جيستائين اسان الله تعاليٰ جي پيدا ڪيل مخلوق سان سُٺو سلوڪ نٿا نڪريون. ۽ اسان جي چؤگرد انسان اهو محسوس ڪن ته اسان جي عبادت گذاري جو عڪس اسان جي اخلاق منجھان نظر اچي رهيو آهي. اُهي اِهو محسوس ڪن ٿا، ته الله جي خُوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان کي راضي رکڻ لاءِ، جيڪا عبادت ڪريون پيا، ان جي زير اثر اسان پنھنجن توڙي پراون، مائٽن توڙي دوستن، توڙي اڻ واقف ماڻھن سان ربّ جي هجڻ جي موجودگيءَ واري احساس تحت حُسن سلوڪ ۽ حُسن اخلاق سان پيش اچي رهيا آهيون ته اها ئي عبادت پوءِ قبول ٿئي ٿي ۽ انسان اخلاق جي مٿانھين منزل ماڻي ٿو. ان ڪري عبادت گذار اگر اسلامي اخلاق تي پورو نه لهي ته سمجھڻ گھرجي ته ان جي عبادت ۾ ڪانه ڪا خامي ۽ ڪمي رهجي ويئي آهي.

حديث شريف ۾ آيل آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو، ته مان حُسن اخلاق جي تڪميل لاءِ موڪليو ويو آهيان. هڪ ٻي حديث شريف ۾ اڃان وڌيڪ واضح طور آيل آهي، ته مان ته ان ڪري موڪليو ويو آهيان ته جيئن اخلاق حُسنه جي تڪميل ڪريان. انھن واضح اعلانن جو صاف مطلب اهو آهي ته اسان جو نبي حضرت محمد  صلي الله عليھ وسلم جن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا. جيئن عام ماڻھن جي اخلاق کي درست ڪري سگھن. جيئن پوءِ هو ايندڙ انسانن لاءِ سڌي راھه تي بااخلاق ٿي هلن ۽ ٻين جي لاءِ باعث راحت، همدردي ۽ غم گسار ٿي مدد ڪن ۽ هن زمين تي امن امان جو ماحول پيدا ڪن.

پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي سيرت مبارڪ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ انساني تعلقات کي بھتر بڻائڻ جي ذميواري پنھنجي شروعاتي دؤر کان شروع ڪري ڇڏي هئائون. پنھنجي ننڍپڻ کان ئي مڪي جي زندگي جي اوئلي دؤر ۾ ئي پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم اخلاق جي بُلندين تي پھتل نظر اچن ٿا. نبوت ملڻ کان پوءِ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن دين جي تبليغ سان گڏوگڏ اخلاق حُسنه جي تبليغ به شروع ڪري ڇڏي هئي. ان زماني ۾ جڏهن مڪي جي ڪافرن جي ظلم کان تنگ ٿي ڪجھه مسلمان هجرت ڪري ملڪ حبشه هليا ويا. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم کين اجازت ڏني ۽ کين نيڪ عملن جي لاءِ تاڪيد فرمايو. اها ڳالھه جڏهن مڪي جي ڪافرن کي معلوم ٿي، ته  اُهي تمام گھڻا پريشان ٿي ويا ۽ مسلمانن جي خلاف هڪ وفد ٺاهي وڃي حبشه پھتا ۽ اُتي جي بادشاهه کي ڪوڙيون خبرون ڏنائون، ۽ گڏوگڏ تحفه به ڏنائون.

اهو ڏسي بادشاهه پريشان ٿيو ۽ گڏوگڏ مسلمانن جو حال احوال وٺڻ لاءِ انھن کي به درٻار ۾ گھرايو. مسلمانن جي نمائندي جي طور تي حضرت جعفر طيار رضه جن درٻار ۾ پيش ٿيا ۽ سمورو احوال سربستو ڪيائون. پنھنجي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم ۽ اسلام جون ڳالھيون تمام پُراثر نموني بيان ڪيائون ۽ اهڙي ته شاندار نموني سان پيش ڪيائون جو حبش جو بادشاهه نجاشي به خود سمورن درٻارين سميت اسلام قبول ڪيو.

حضرت جعفر رضه جن بادشاهه جي درٻار ۾ بادشاهه کي مخاطب ٿيند چيو ته اي بادشاهه اسان ماڻھو جاهل ۽ ڪاهل قوم هياسي، بُتن جي پُرتش ۽ بدڪارين ۾ مشغول هياسي، پاڙي وارن سان نارواسلوڪ ۽ ڀاءُ، ڀاءُ تي ظلم ڪندو هو. طاقتور ڪمزورن تي، ظلم ۽ تشدد ڪندو هو ته ان دوران الله تعاليٰ اسان منجھان هڪ اهڙي بااخلاق ۽ بھادر شخص کي پيدا ڪيو جنھن اسان جي ذهني رهنمائي ڪئي ـ۽ ٻُڌايو ته  اسان بُتن جي پوجا ڇڏي هڪ الله کي خالق ۽ مالڪ سمجھون. سچ ڳالھايون ۽ خونريزي نه ڪريون، يتيمن جو مال زبردستي نه ڦٻايون، پاڪدامنن تي هروڀرو تهمتون نه لڳايون، اهي سڀ ڳالھيون اخلاق حسنه جي دائري ۾ اچن ٿيون ۽ بنيادي اُصولن ۾ شامل آهن. ان ڪري اهڙي پُراثر متاثر ڪندڙ تقرير ٻُڌڻ کان پوءِ عيسائي بادشاهه نجاشي به ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.

اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو قيصر روم جي درٻار ۾ به پيش آيو. حضرت ابو سفيان  سان به بلڪل ساڳئي نموني ائين ئي جڏهن پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي سيرت مبارڪ ۽ ٻين ڪمن جي باري ۾ درٻار منجھه حال احوال پڇيو ويو انھن لفظن جو خلاصو هيٺئين نموني هيو:

حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جن توحيد ۽  عبادت سان گڏوگڏ ماڻھن کي اهو سيکارين ٿا، ته پاڪ دامني اختيار ڪريو، سچ ڳالھايو ۽ قرابت جو حق ادا ڪريو.

مٿين مثالن کي مدنظر رکندي اهو بلڪل واضح ٿي رهيو آهي ته دين جي تڪميل  اخلاق حسنه تي عمل ڪرڻ سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿي. ان ڪري اسان سڀني کي کپي، ته اسان مڪمل طور تي حُسن اخلاق جو مظاهرو ڪريون. دين نالو آهي عقيدن، عبادتن ۽ اخلاق حسنه جو. غور ڪيو وڃي ته ڏسبو ته انسان جي عقيدن ۽ عبادتن جو حاصل مقصد آهي ته اصولن ۽ بھترين اخلاق جو مظھر هجڻ کپي جيئن تمام زندگيءَ ۾ انسانيت لاءِ امن ۽ عافيت جو پيغام پھچائيندڙ ثابت ٿين.

الله تعاليٰ هن ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آهي. هر ساهواري جو پئدا ڪندڙ تخليقڪار ۽ اهو مالڪ الملڪ پنھنجي مخلوق کي هن زمين تي امن و آتشي ۽ مڪمل آسوده حال ڏسڻ گھري ٿو. ان ڪري ربّ پاڪ چاهي ٿو، ته انسان پاڻ ۾ ملي جُلي، هڪ ٻئي سان حُسن سلوڪ ۾ اتفاق ۽ محبت سان رهن، ۽ زمين تي ظلم و بربريت ۽ جھيڙي فساد کان پاسو ڪن. پاڻ به خوش و خرم رهن ۽ ٻين لاءِ به صاف سٿرو ماحول فراهم ڪن. الله ﷻ جي عبادت ڪن ۽ پاڻ ۾ هڪ خاندان وانگر گڏجي ميٺ محبت ۾ گذارين. الله تعاليٰ کان دعاڳو آهيون ته اسان کي توفيق عطا فرمائي، ته اسان پنھنجي اخلاق کي بُلند ڪريون.

***


 

ولي الله بروهي(هالا نوان)

مُحمّد صلي الله عليھ وسلم جن جا فرمان مبارڪ

اُڃايل  کي  پاڻي پياري سگھون ٿا.

اهڙي طرح پاڻﷺ جن جو فرمان آهي، ترجمو، هڪ فاحشه عورت صرف ان لاءِ بخشي وئي، ته هُو ننڍڙي ڪُتي جي ويجھو گذري رهي هئي، جيڪو هڪ کوهه جي ويجھو بيٺي اُڃايو سھڪي رهيو هو. ائين معلوم ٿي رهيو هو ته اُڃ جي وجھه سان هينئر ئي مري ويندو. ان عورت پنھنجو موزو (جوراب) ڪڍيو انھيءَ ۾ پنھنجو رئو ٻڌي پاڻي ڪڍيو ۽ اُن ڪُتي کي پياريو. ان نيڪيءَ جي وجھه سان اها بخشي وئي.             (صحيح بخاري 3321)

ميت لاءِ بخشش جي دعا ڪري سگھون ٿا.

سيدنا بريده رضي الله عنه کان روايت آهي، ته رسولﷺ قبرستان جي زيارت ڪرڻ وارن کي هن دعا جي تعليم ڏني آهي ترجمو، گھرن ۾ رهڻ وارا مسلمانو ۽ مؤمنو توهان تي سلام هجن. يقينًا جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهيو اسين توهان سان ملڻ وارا آهيون آئون الله کان پنھنجي لاءِ ۽ توهان جي لاءِ عافيت جو سوال ڪريان ٿو.     (صحيح مسلم 975)

صدقو ڪري سگھون ٿا.

سيدنا عدي بن حاتم رضي الله عنه کان روايت آهي، ته رسول اللهﷺ جن فرمايو ته، ترجمو، جھنم کان بچو کڻي کجور جو هڪ ٽڪرو ڏيئي ڪري ئي.“  (صحيح بخاري 1417)

***

ويجھڙائيءَ ۾ پنجن سالن جو ھڪ اھڙو ٻار نظر مان گذريو، جنھن مان سندس ماءُ پيءُ به بيزار ھئا! اھو ڏکيو ۽ ڏنگو ٻار نه ڪنھنجي ٻُڌي، نه ڪنھن جو چيو ٿي مڃيو. بس ٽوڙ ڦوڙ ۽ عجيب حرڪتون ڪندي ۽ آواز ڪڍندي، گھر ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ڦري رھيو ھو. پُڇڻ تي مائٽن ٻڌايو، ته اسڪول ۾ ويھارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُستاد سان ڳالھائي ئي نٿو، نه ڪنھن ٻار سان گڏ ويھڻ پسند ٿو ڪري. بس گھڻو ئي مٿو ھڻڻ ۽ سمجھائڻ کان پوءِ به پنھنجي مُنھن ڪتابن، پينن سان راند ڪندو ٿو رھي. نَتَ ٻين ٻارن کي مارڪُٽ ٿو ڪري ۽ وڙھي ٿو مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، بقول مائٽن جي سندن ٻار جي صحت به ٺيڪ آھي. ڪا به بيماري ڪانھي. پر ھوش سنڀالڻ جي عمر کان وٺي اھڙو آھي. مطلب ته انھن جي نظر ۾ ٻار بيمار نه ھو بس ڏنگو ۽ ڏکيو ٻار ھو!

ان ٻار جي ڪري زال مڙس ھڪ ٻئي تي يا مائٽ به انھن تي الزام مڙھيندا پئي وتيا، ته اھو سڀ ڪجھه اوھان جي غفلت جو نتيجو آھي. شروع ۾ ڌيان نه ڏنوَ. ٻار کي ھٿ ۾ موبائل ڏئي خراب ڪري ڇڏيوَ، پاڻ نوڪرين ۾ پُورا آھيو، توجھه نٿا ڏيو وغيره. بيشڪ مائٽ فڪرمند ته رهندا آھن، پر اڻ پڙهيل ته ٺھيو، پڙھيل لکيل مائٽ به سمجھڻ کان قاصرھوندا آھن، ته ٻار جي اھڙي رويي ۽ ورتاءُ کي ڪو نالو ڏين، ڪا خرابي سمجھن ۽ علاج جو سوچين.

ھي حالت آٽزم Autism آھي!

هن حالت ۾ ورتل ٻار کي آٽسٽڪ ٻار يا Autistic Child سڏبو آھي. (WHO) جي ھڪ ڊيٽا مطابق پنھنجي ملڪ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 350,000 ٻار آٽسٽڪ آھن ۽ آمريڪا ۾ ھر 69 مان ھڪ ٻار کي آٽزم آھي! آٽسٽڪ ٻار پيدائشي اھڙو ھوندو آھي، ھو پاڻ سان گڏ جينز ۾ ھي حالت کڻي ڄمندو آھي. آٽزم ڪا بيماري ناھي، جنھن جو علاج دوائن سان ڪجي ۽ اھا ختم ٿي وڃي. پر ھي ھڪ قسم جي جذباتي ورتاءُ (Emotional behaviour) جي خرابي آھي، جنھن کي جيڪڏھن مختلف علاجن کان سواءِ ڇڏيو وڃي، ته ٻار کي اڳتي زندگيءَ ۾ تمام گھڻين ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوندو آھي.

 (Autism) ڇا آهي؟

آٽزم دماغ جي واڌ (Development) سان تعلق رکندڙ ھڪ اھڙي حالت آھي، جنھن ۾ ڪو ماڻھو جنھن نموني محسوس ڪري ۽ سماجي تعلق قائم ڪري، ان سان سماجي رشتن ۽ رابطن ۾ مسئلن جو سبب بڻجي. ھن خرابيءَ ۾ محدود ۽ ھر ھر ورجائيندڙ حرڪتن ۽ ورتاءُ جو نمونو ٿئي ٿو. آٽزم ٻاروتڻ ۾ گھڻي ڀاڱي عمر جي پھرئين سال ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ سماج ۾ ڪم ڪارين ۽ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو. جيئن ته آٽزم جو ڪو تدارڪ ڪونھي. تنھنڪري نھايت وقتي، برجستي ۽ ڪارائتي علاج سان ئي ٻارن جي زندگين ۾ فرق آڻي سگھجي ٿو.

نشانيون Symptoms:

جيئن ته مٿي ٻُڌائي آئي آھيان، ته آٽسٽڪ ٻار جون ڪھڙيون  نشانيون ان حالت جو پتو ڏين ٿيون. عام طور تي ٻن سالن جي عمر ۾ اھي سڀ نشانيون ڏسي سگھجن ٿيون. خاص ڪري ڳالھائڻ جي معاملي ۾. ھر آٽسٽڪ ٻار جو ورتاءُ يا شدت جو نمونو منفرد ھوندو آھي. ڪن ٻارن کي ڳالھائڻ ۾ ڏکيائي ته ڪن ٻارن ۾ ذھانت جي گھٽتائي ڏسڻ ۾ ايندي آھي. ڪن ٻارن ۾ وري نارمل يا ايتري گھڻي ذھانت ھوندي آھي، جو اھي شيون جلد سکِي وٺندا آھن. پر اظھارڻ ۾ مشڪل محسوس ڪندا آھن ۽ جيڪو ڪجھه به سِکَن تنھن کي عام زندگيءَ ۾ لاڳُو ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آھن يا سماجي صورتحال مطابق پاڻ کي سڀني سان گڏ ھلڻ ۾ ڏکيايون محسوس ڪندا آهن. جيئن ته ھر ٻار ۾ منفرد نشانيون ھونديون آھن. تنھنڪري شدت ظاھر ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آھي. انھيءَ لاءِ عام طور تي خرابي جي سطح ۽ ڪم جي قابليت تي اثر کي بنياد بنائي آٽسٽڪ ٻار ۾ ھيٺ ڏنل نشانين مان اڪثر ڏسي سگھجن ٿيون. پنھنجو نالو ٻُڌڻ سان ڪوبه تاثر نه ڏيڻ، ڄڻ ٻڌو ئي نه ھجي. پيار ڪرڻ يا ھنج کڻڻ کان نٽائڻ، اڪيلو راند ڪرڻ پسند ڪرڻ،  پنھنجي دنيا ۾ مگن. اکيون ملائي نه ڳالھائڻ ۽ چھري تي ڪو تاثر نظر نه اچڻ. بلڪل به نه ڳالھائڻ يا ڳالھائي سگھڻ ۾ ڏکيائي. ڳالھه ٻولھه جي شروعات نه ڪري سگھڻ، يا ھڪ لفظ ڳالھائي اظھار ڪرڻ يا شين جو نالو وٺڻ. عجيب آواز ڪڍي ڳالھائڻ يا روبوٽ جيان ڳالھائڻ. لفظ، جملا بار بار ورجائڻ يا ھم آواز لفظ ڪڍڻ. ننڍا، سادا سوال يا ھدايتون به نه سمجھڻ. پنھنجي جذبن، احساسن کي نه ٻُڌائي سگھڻ ۽ ٻين جي احساسن کي نه سمجھڻ. شين کي اشاري سان يا کڻي اچي ڏيکارڻ. سماجي رشتن ۾ غير مناسب رويو ڏيکارڻ جيئن لاپرواھي، جھيڙاڪ يا منجھيل ھجڻ. ٻين ماڻھن جي چھري جي تاثرن، جسم جي اشارن يا آواز ۽ لھجي کي سمجھي نه سگھڻ وغيره.

ٻين سان ورتاءُ جو نمونو:

ٻار يا وڏو جنھن کي آٽزم ھجي سو محدود، ورجائڻ وارو رويو، دلچسپيون يا ڪوبه ڪم ڪندو آھي، ته انھن ۾ ھيٺين مان ڪوبه نمونو ڏسي سگھجي ٿو. لاڳيتو حرڪت ڪندو رھڻ جيئن لُڏڻ، ڦرڻ يا ھٿ پير لوڏڻ. پاڻ کي نقصان ڏيندڙ حرڪتون ڪرڻ. مثال طور: چڪ ھڻڻ يا مٿو ٽڪرائڻ. ھلڻ، ڳالھائڻ ۾ عجيب حرڪتون ڪرڻ مثال طور: پَٻَنِ تي ھلڻ. روشني، آواز يا ڇھاءُ ڏانھن گھڻو حساس پر سُور يا حرارت کان لاپرواهي ڏيکارڻ. کاڌي ۾ ڪنھن خاص پسند تائين محدود. بالغ يا پُختا ٿيڻ سان ڪي ٻار ٻين سان گھڻو لھه وچڙ ۾ اچڻ لڳندا آھن ۽ رويي ۾ گھڻي خرابي نه ڏيکاريندا آھن. ڪي ٻار آخرڪار نارمل زندگي يا ان جي برابر زندگي گذارڻ لڳندا آھن. ٻيا جيتوڻيڪ ڳالھائڻ ۽ سماجي رابطن ۾ ڏکيائين کي لاڳيتو مُنھن ڏيندا آھن، پر نوجوانيءَ جي عمر ۾ انھن ۾ وڌيڪ جذباتي ۽ خراب رويا پيدا ٿي سگھن ٿا.

ڊاڪٽر کي ڪڏھن ڏيکارجي:

مائٽ جڏھن محسوس ڪن، ته منھنجي ٻار جو ذھن عمر وڌڻ سان گڏ نه پيو وڌي، کيس ڊاڪٽر سان لھُه وچڙ ۾ اچڻ گھرجي. يا مائٽ کي شڪ ٿئي، ته منھنجي ٻار کي آٽزم آھي، تڏھن به ڊاڪٽر سان مشورو ڪجي. ڊاڪٽر اھڙا ٽيسٽ ڪرائي سگھن ٿا، جن سان خبر پوندي ته ٻار ڪيتري حد تائين ذھانت، ڳالھائڻ ۽ سماجي رابطن ۾ گھٽ آھي.

مثال طور: ڇھن مھينن جي عمر ۾ مُرڪڻ يا خوش نه ٿيڻ. نون مھينن جي عمر ۾ وات مان ڪي به آواز نه ڪڍڻ يا چھري تي ڪو تاثر نه ڏيڻ. ھڪ سال جي عمر ۾ ڀُڻ ڀُڻ ( babbling) نه ڪرڻ. چوڏھن مھينن جي عمر ۾ ھٿ سان اشارو نه ڪرڻ. سورنھن مھينن جي عمر ۾ ھڪ لفظ جو جملو به نه ڳالھائڻ. ارڙنھن مھينن جي عمر   ۾ اھڙيون رانديون نه ڪرڻ جنھن ۾ ٻار ھڪ شيءِ کي ڪنھن ٻي جو نالو ڏي، مثال طور ٻار ڪرسيءَ کي گاڏي ڪري ھلائي وغيره. ٻن سالن جي عمر ۾ ٻن ٻن لفظن جا جملا نه ڳالھائڻ. ڪنھن به عمر ۾ ڳالھائڻ يا سماجي ڪارج ڇڏي ڏيڻ.

آٽزم جا سبب:

ڪو ھڪ سبب ناھي. مختلف نشانين ۽ شدت کي ڏسندي گھڻا ئي سبب ٿي سگھن ٿا.

جينز ۽ ماحول ٻئي اثر رکن ٿا، خانداني اثر، ڇوڪرا گھڻو متاثر ٿين ٿا، وقت کان اڳي ڄمڻ ۽ وڏي عمر جا والدين جن کي ٻار ٿئي.

پيچيدگيون:

اسڪول ۾ سکيا جون ڏکيائيون، نوڪريءَ ۾ ڏکيائيون، خودمختيار زندگي گذارڻ ۾ مشڪلاتون، سماجي اڪيلائي، فيملي ۾ پريشاني (Stress) ۽ ٻين جو نشانو بڻجڻ (bullying)  وغيره.

تشخيص Diagnosis:

آٽزم جي تشخيص ٿيڻ کان پوءِ ٻار کي ٻارن جي نفسيات جي ماهر (Child Psychologist) ۽ ٻارن جي دماغي ماھر (Pediatric Neurologist) کي ڏيکارڻ گھرجي. آٽسٽڪ ٻارن جي نشانين، علامتن ۽ شدت ۾ فرق ھوندو آھي. ڊاڪٽر، سماجي وھنوار، ڳالھه ٻولھه، ورتاءُ، واڌ ۽ رويي جا مختلف ٽيسٽ ڪندو آھي. جيڪي عالمي معيار مطابق ٿيندا آھن.

علاج Treatment:

ھن حالت کان بچڻ جو ڪو طريقو ناھي. پر علاج جو مقصد ٻار جي ڪم ڪار جي قابليت وڌائڻ، سکيا ۾ مدد ڪرڻ آھي. اھم ڳالھه اھا آھي، ته اسڪول کان اڳ واري عمر ۾ يا شروعاتي سالن ۾ ٻار جي سکڻ، رابطي ڪرڻ ۽ ورتاءُ وغيره ۾ (جنھن ۾ وقت ته لڳندو پر) بھتري آڻي سگھجي ٿي.

ھيٺ ڏنل علاج جا مختلف قسم ٻار جي مدد ڪري سگھن ٿا:

·       Behavior & Communication Therapies

·        Educational Therapies.

·        Family Therapies.

·       Speech, Occupational Therapies.

·       Neuropsychological Therapies.

اھڙن ٻارن ۾ صحت جا ٻيا مسئلا به ٿي سگھن ٿا. مثال طور: مرگھي، ننڊ جا مسئلا، ڊپريشن، پريشاني وغيره.

ٻار جي آئندي جا مسئلا:

آٽسٽڪ ٻار جي سڄي حياتي ۾ مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ سکيا جو سلسلو ھلندو رھي ٿو. پر اڪثر کي ساٿ ۽ مدد جي ضرورت پوندي آھي. مائٽن کي اھڙي ٻار جي مستقبل جي موقعن، مثال طور: تعليم، نوڪري، زندگي جي ضرورتن وغيره لاءِ منصوبن تي سوچڻ گھرجي ته جيئن سندس زندگي جو وھنوار بھتر نموني ھلي سگھي.

 

·      

 

منهنجو نالو وشال ٽالپر آهي.

·       مان ڪي جي ۾ سٽي اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهندي آهيان.

·       سخت محنت کان پوءِ پوزيشن ملي.

·       آئون وڏي ٿي آفيسر ٿينديس.

·       مس عائشه پسند آهي.

·       گهر ۾ بابا وڌيڪ پيار ڪندو آهي.

·       پيزا پسند آهي.

·       واندڪائي ۾ آئون راند کيڏندي آهيان.

·       مون کي سانگهڙ شهر پسند آهي.

·       منهنجيون پسنديده ساهيڙيون زينب، خيام ۽ ڪشف آهن.

·       غريبن جي هر طرح سان مدد ڪرڻ گهرجي.

·       مون کي انب جو جوس پسند آهي.

مون کي جانورن ۾ ٻڪري پسند آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4   
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org