



پير سائند راءِ کيماڻي (اسلام ڪوٽ)
زندگيءَ جو سفر، ٿورڙي پَلَ جي خوشين ۾ ضايع ناهي
ڪيو
خوشي هڪڙو احساس هوندي آهي، جيڪا هر ڪنهن وٽ ناهي
هوندي، باقي مسڪرائڻ جو نالو خوشي ناهي. مسڪرائڻ
ته بس غم ۽ درد لڪائڻ جو هڪ طريقو آهي.
هڪڙي دفعي منھنجي اُستاد مونکان پڇيو، ته پرمانند
خوش آهين! مون مسڪرائي چيو سر، هميشه خوش ئي هوندو
آهيان، پر ماڻھو اچي روئاڙيندا آهن. تڏهن سر چيو
اهو وري ڪيئن؟ پر انھيءَ وقت انھي سوال جو جواب
ڏيڻ مون مناسب نه سمجھيو. ان جو جواب اهو آهي، ته
ماڻھو ڪڏهن ڌڪ هڻي ناهن روئاڙيندا. سھارو ڏئي
روئاڙيندا آهن. تنقيد ڪري روئاڙيندا آهن. اڪثر اهو
چيو ويندو آهي، ته روئندڙ ڪڏهن منزل تي ناهن پھچي
سگھندا. پر آءٌ ان تي بلڪل به يقين نٿو ڪريان.
ڇاڪاڻ ته انسان جڏهن روئندو آهي، ته ان جو هڪ هڪ
ڳوڙهو حوصلو ڏيندو آ ۽ ائين مضبوط ڪندو آ، جيئن
هڪڙي ڳنڍ ڌاڳي کي مضبوط ڪندي آ، ۽ ان شخص کي اندر
کان مضبوط بڻائيندو آ ۽ اهڙي سگھاري انسان ۾ هر
طرح جي انتھاپسندي، نفرت ۽ جھالت جھڙي طوفان کي
نندڻ جي صلاحيت هوندي آ. اهڙا ماڻھو چاهي ڪري به
ڪنھن غم ۾ مبتلا ناهن ٿي سگھندا، ڇو ته انھن کي
خبر هوندي آ، ته روئڻ ئي مون کي جھالت جي دنيا ۾
جيئڻ سيکاريو آهي. وري روئي پنھنجو پاڻ کي ناهي
ٽوڙڻو. ائين ئي هڪ هڪ زخم، انسان کي طويل ۽ ڪشادي
سفر جو مسافر بڻائي ڇڏيندو آهي.
زندگيءَ جو سفر هرڪنھن جو ايترو آسان ناهي هوندو،
ڪي وچ ۾ ئي ڊڄي ويھي رهندا آهن، ته ڪي منزل کي ئي
پيرن هيٺ رکندا آهن. ته اهڙي آڙاهه مان نڪري
پنھنجو پاڻ سان مخاطب ٿِي مُسڪرائيندا آهن، انھيءَ
کي ئي خوشي چئبو آهي. انسان جي تربيت، مضبوطي،
احساس ۽ حوصلا ئي ٻُڌائي ڇڏيندا آهن، ته ڪھڙي سماج
سان تعلق رکندڙ آهي ۽ ڪٿان ڪٿان هن جو گذر ٿيو
آهي. هر انسان ۾ انھن حوصلن جا پھاڙ اندر ۾ هجڻ
کپن. جنھن سان پورو سماج ڪنھن ترقيءَ جي راهه
ڏانھن گامزن ٿي سگھي. اهڙا سماج کي سڌارڻ وارا،
ائين ٻين جي زندگي کي ساڀيان ڪرڻ وارن کي وقت به
ڪڏهن مِٽائي نٿو سگھي، اهڙا انسان فنا ٿي ڪري به
ماڻھن جي دلين ۾ زنده رهندا آهن. منھنجي خيال ۾
انھيءَ کان وڏي ڪا ڪاميابي ٿي ئي نٿي سگھي. زندگي
هر قدم تي، هر موڙ ۾ موقعو ڏيندي آ، پر اسان جو
پئسن جي پويان ڊوڙندڙ سماج ڪڏهن موقعي جو فائدو
ناهي وٺندو. پر ڪنھن جي مجبوريءَ جو فائدو ضرور
وٺندو آهي. اهي عادتون نه هجن ته اسان جو هي جوان
طبقو ريڙهي هلائڻ تي مجبور نه ٿئي. اڳتي وڌڻ جو
جذبو، هر هڪ ماڻھو ۾ موجود آهي. بس پنھنجو پاڻ کي
سُڃاڻڻ جي ضرورت آهي.
خالد سيف الله، مولوي محمد مراد ڀٽي جي
غريب خاني
شڪارپور ۾ پھرين سيپٽمبر
1968ع
۾ اک کولي. ميٽرڪ
1984ع،
انٽر
1986ع،
بي. اي.
1988ع،
ايم. اي. (اسلامڪ ڪلچر)
1990ع
۾ ڪيائين. جڏهن ته پيشورانه تعليم بي. ايڊ.
1997
-
1998ع
۾ ڪيائين. نوڪريءَ جي حوالي سان
1987ع
کان پيغمبري پيشي (اُستاد جي حيثيت) سان سلھاڙيل
آهن.
پھرين لکڻي هلال پاڪستان اخبار ۾ غالباً
1989ع
۾ ڇپي. ائين پوءِ ادبي لڏي ۾ شامل ٿي، ڪري پنھنجا
جوهر ڏيکارڻ جي الله توهار ڪيائون. اڄ به خالد جو
نالو ادبي حلقن ۾ وڏي شد مد سان ورتو وڃي ٿو. پاڻ
هڪ اديب، ترجمي نگار ۽ چترڪار جي حوالي سان
ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. خالد
سيف الله ڀٽي وڏاڻي ادب جو، ته نرالو نالو آهي. پر
ٻاراڻي سنڌي ادب جو به هڪ اهم ٿنڀ آهي. ٻاراڻي ادب
جي حوالي سان خالد جون ڪاوشون ڪنھن کان لڪل نه
آهن. خالد سيف الله ڀٽيءَ جا ڪھاڻين جي نوع ۾
هيٺيان ڪتاب ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. جن ۾ اڪثر
اصلوڪا ۽ ڪجھه ترجمو ٿيل آهن.
1.
چئن سالن جو پوڙهو:
1992ع
بعد ۾ هي ڪتاب
’دلچسپ‘
جي نالي سان شايع ٿيو.
2.
حديث پاڪ ۽ ٻارڙا:
1996ع.
3.
شيطان جون ڪھاڻيون
1996ع
(ٻارن لاءِ حڪايتون).
4.
شيطان جون شرارتون:
1997ع.
5.
نصيحت ڀريون ڪھاڻيون ٽي حصا
1998ع.
6.
گُلڙن جون ڳالھيون: (ٻارن جي نفسيات)
1998ع.
7.
ڇا، ڇو ۽ ڪيئن؟ جنرل ناليج
1998ع.
8.
مٺڙو محمد صلي الله عليھ وسلم (ترجمو)
1998ع.
9
. واندڪائيءَ جي وندر (لوڪ ادب)
2007ع.
10.
ڇا، ڇو ۽ ڪيئن؟ (جاندارن بابت ڄاڻ)
2001ع.
11.
روشني روشني (ترجمو ٿيل ڪھاڻيون)
2009ع.
12.
ڪوڙ جي مُنھن ۾ ڌُوڙ (ترجمو ٿيل)
2012ع.
13.
نصيحت ڀريون ڪھاڻيون
2018ع.
خالد سيف الله ڀٽي ڪيترن ئي مشھور ٻارڙن رسالن ۾
وقت بوقت ڪھاڻيون ۽ ناوليٽ لکيا آهن. جن ۾ ادا
سائين، مٺڙا ٻار، اُتساهه ۽ گُل ڦُل اهم آهن. گُل
ڦُل ۾ ته سائنسي ايجاد
”روبوٽ“
جي نالي سان ڪھاڻي قسطوار
2022ع
۾ ڇپجي چڪي آهي. جيڪا هڪ نئين موضوع تي ڦھليل
ڪھاڻي آهي. خالد ڀٽي سنڌي ٻالڪ ادب ۾ جدت آڻيندي
نون موضوعن جي چونڊ ڪندي نوان خيال پيش ڪري پاڻ
سميت معاشري کي جديد انداز ۾ ڏسڻ جي راهه ڏيکاري
ٿو. خالد جي ڪھاڻين جا اڪثر موضوع تعليم، شعُور،
سجاڳي، همت، محنت، ڪاميابي ۽ جستجو جي ڌارا ۾ لکيل
ڪھاڻيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. خالد ٿڌي طبيعت جو
مالڪ آهي. سخت ۽ کُھري زبان، ته هن کي الله تعاليٰ
ڏني ئي ڪانھي. بس سچو ۽ کرو انسان آهي. مطلب ته
پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو انسان آهي.
خالد ڀٽي ٻاراڻي رسالن جو به ايڊيٽر رهي چڪو آهي.
جن ۾ گُلڙا، خرچي، سنگتي ۽ سونھن وغيره ۾ ادارت جا
فرض سرانجام ڏنا آهن. جڏهن به ان ٻالڪ رسالن جي
تاريخ لکي ويندي، ته خالد سيف الله جو نالو سونھري
اکرن ۾ لکيو ويندو. ٻالڪ ادب، خالد جي سُڃاڻپ رهي
آهي. ان سان گڏوگڏ وڏن جي ادب ۾ به هن ڪيترائي
املھه ڪتاب لکي، يا ترجمو ڪري سنڌي ادب جي جھول ۾
وڌا آهن.
خالد سيف الله ڀٽي کي ادبي مڃتا ۾ ايوارڊ ۽ انعام
پڻ پلئه پيا آهن.
2023ع
۾
’روشن
آرا يادگار شيلڊ‘
پاران سنڌي ادبي سنگت، ماهوار ساٿي مڃتا شيلڊ ۽
ماهوار ريکائون شيلڊ.
اُميد ٿي ڪجي ته خالد ايندڙ وقت ۾ سنڌي ٻالڪ ادب
قلم جي ڪُک مان نت نوان موضوع کڻي سامھون ايندو.
***
سميع الله عباسي
سيدو باغ/ ڪنڊيارو
دنيا سان محبت نقصانڪار آهي
پيارا ٻارؤ!
توهان ۽ اسان دنيا ۾ رهون ٿا . ان ڪري دنيا کان
سواءِ اسان جو سروڪار (گذر سفر) به ناهي. پر ياد
رکو، جيڪڏهن دنيا جي محبت دل ۾ گهرُ ڪري ويئي ته
پوءِ اها نقصانڪار آهي.
دنيا جو مثال:
هڪڙي ماڻهوءَ وڏي جاءِ ٺهرائي ڀلو بنگلو ٺھريائين
وڏو خرچ ڪرايائين ٽائلس ماربل هڻايائين بهترين
فرنيچر رکيائين رنگ روغن ڪرايائين.باغ باغيچا
لڳرايائين مطلب ته تمام سٺو دل کولي خرچ ڪيائين.
پري پري جا ماڻهو ان جو بنگلو ڏسڻ ٿا اچن. بس! هن
زندگيءَ جو مثال به ائين ئي آهي...... يعني ضرورت
وقت جائز ذريعن مطابق دنيا جو استعمال ڪيو، پر
دنيا سان محبت نه ڪريو.
پيارا ٻارؤ! محبت ربّ سائين ۽ ان جي پياري حبيب
مديني واري سائين حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم
سان هجي ۽ ان جي فرمان عالي شان سان هجي. علم ۽
علم وارن سان الله تعالى جي نيڪ ٻانهن سان هجي، ته
پوءِ ان شاء الله توهان ۽ اسان ضرور ڪامياب
ٿينداسين.
(حوالو: خطبات محمود، علامه شهيد ڊاڪٽر خالد محمود
سومرو ڪتاب تان ورتل)
***

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
ڪراچي-سنڌ
ڇانوَ جو سودو
ڪنھن ڳوٺ جي ٻاهران هڪ آسودو ماڻھو رهندو هو. سندس
گھر رستي جي ڀرسان هو. جنھن جي ٻاهران بَڙَ جو هڪ
وڏو وڻ بيٺل هو. اهو امير ماڻھو گرمين جي موسم ۾
سڄو ڏينھن مزي سان بڙَ جي ڇانوَ ۾ ويٺو هوندو هو.
هڪ ڀيري ڪو غريب ماڻھو اُتان لانگھائو ٿيو. ڏينھن
تتَلُ هو. ان ڪري هو پنھنجي خچر سوڌو اچي ڇانوَ ۾
ويھي رهيو. آسودو ماڻھو اکيون پٽي کٽَ تان اُٿيو ۽
ڪاوڙ مان چيائين،
”تون
هتي ڇو ويٺو آهين....؟ اُٿُ... وڃُ.. پنھنجو دڳُ
وٺُ....!“
”ڇا
مان هتي ڇانوَ ۾ جھٽ گھڙي به نٿو ويھي
سگھان......؟“
غريب ماڻھوءَ پُڇيو.
”هي
وڻ منھنجي ملڪيت آهي. مان ان کي پوکيو ۽ پاڻي ڏيئي
وڏو ڪيو آهي. تنھنڪري ان جي ڇانوَ تي فقط منھنجو
حق آهي.“
آسودي ماڻھوءَ چيو.
”جيڪڏهن
اها ڳالھه آهي ته پوءِ تون بڙَ جي ڇانوَ وڪڻُ. مان
تو کي وات گھري بھَا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“
غريب ماڻھوءَ پيشڪش ڪئي.
آسودي ماڻھوءَ جڏهن پئسن جي ڳالھه ٻُڌي ته سندس
واتان گِگَ ڳڙڻ لڳي. هڪدم چيائين، چڱو! جيڪڏهن تون
ڇانوَ وٺڻ ٿو چاهين ته پوءِ مان اها توکي ڏيڻ لاءِ
تيار آهيان.
غريب ماڻھو اُن ئي مھل اُٿيو ۽ سڌو شھر جو رخُ
ڪيائين. شھر ۾ پنھنجو خچر وڪڻي ٻئي ڏينھن صبح جو
وٽس هليو آيو. آخر ٽن چئن ماڻھن جي موجودگيءَ ۾
بڙَ جي ڇانوَ جي بھَا ڪرائي وئي!
هاڻي ته غريب شخص روزانو اچي بڙَ جي ڇانوَ ۾
ويھندو هو. بڙَ جي ڇانوَ جتي به هوندي هئي، هُو
اُتي ئي ويھي رهندو هو. ڪڏهن ڇانوَ آسودي شخص جي
گھر جي اڱڻ ۾ ٿيندي هئي، ڪڏهن وري رڌڻي ۾ ته ڪڏهن
وري مھمانن جي هال ۾. مطلب ته ڇانوَ جتي به ٿيندي
هئي، غريب شخص به اُتي ئي اچي ويھندو هو. هو ڪڏهن
اڪيلو هوندو هو ته ڪڏهن وري سنگتين ساٿين کي به
پاڻ سان گڏ وٺي ايندو هو ۽ پوءِ سڀ بڙَ جي ڇانوَ ۾
مزي سان ويٺا ڪچھري ڪندا هئا يا وري آرام ڪندا
هئا.
نيٺ هڪ ڏينھن آسودو ماڻھو چڙي پيو،
”تون
منھنجي گھر جي اڱڻ ۽ هال ۾ اچي ڇو ٿو ويھين....؟
ڪنَ کولي ٻُڌ... جي آئيندي ائين ڪيئي ته مون کان
وڌيڪ ٻيو ڪو بُڇڙو نه ٿيندئي....!“
غريب شخص وراڻيو”ڇو...؟
ڇا مان توکي ڇانوَ جي قيمت نه ڏني هئي....؟ جتي به
ڇانوَ ٿيندي ، مان اُتي ئي ويھي رهندس.. تون مون
کي جھلڻ وارو ڪير ٿيندو آهين....؟“
آسودو شخص ڪاوڙ ۾ تپِي باهه ٿي ويو، پر هو لاچار
هو، هن ڇانوَ جا پئسا ورتا هئا. ان ڪري وڌيڪ ڪُڇي
نٿي سگھيو.
هڪ ڏينھن آسودو ماڻھو پنھنجي گھر جي هال ۾ مھمانن
جي خدمت چاڪريءَ ۾ رُڌل هو، ته غريب ماڻھو به
پنھنجي ٻن چئن دوستن سان گڏجي اچي هال ۾ اُن هنڌ
ويھي رهيو. جتي ڇانوَ هئي. مھمان اهو ڏسي حيران ٿي
ويا. پر جڏهن ان بڙَ جي ڇانوَ وڪڻڻ جي ڳالھه ٻُڌي
ته کِلي کِلي کيرا ٿي پيا ۽ آسودي ماڻھوءَ تي
ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.
هاڻي ته آسودي ماڻھو ءَ کان ڳالھه چڙهيل هئي. هو
ڪنھن به صورت ۾ اُتي رهي نه ٿي سگھيو. تنھن ڪري
پنھنجو گھر غريب شخص کي معمولي قيمت تي وڪڻي پاڻ
شھر لڏي ويو.
آسودي ماڻھوءَ جي وڃڻ کان پوءِ غريب ماڻھو پنھنجا
ٻار ٻچا وٺي اُن بنگلي ۾ رهڻ لڳو. پوءِ هن ٻه وڏا
مَٽَ بڙَ جي هيٺان ڀرائي رکيا. واٽھڙو بڙَ جي
ڇانوَ ۾ ويھي، پاڻي پِي ۽ آرام ڪري کيس دُعائون
ڏيندا هليا ويندا هئا.
سبق:
پيارا ٻارؤ! ڇانوَ قدرت طرفان مليل هڪ قيمتي تحفو
آهي. ان ڪري ڪڏهن به ڇانوَ جو سودو نه ڪرڻ کپي.
توهان به پنھنجي ڳوٺ ۽ ٻنين ۾ وڻ لڳايو، ته جيئن
ماڻھو ، جانور ۽ پکي پکڻ آسائش وٺي سگھن.
***
ذيشان جمالي
ضلع مٽياري
سهڻا سخن
·
عجيب ماڻھو آهن دنيا ۾! جڏهن هر ڳالھه ۾ جي جي
ڪريو، ته سڀ راضي رهن ٿا. ٿوري ڳالھه ڪريون ته
اڳيان پٺيان جون ڳالھيون ٻُڌڻيون پون ٿيون.
·
هر ماڻھوءَ کي اوهان خوش نه ٿا ڪري سگھو، اهو ڪم
چمچن ۽ منافقن جو آهي.
·
با ضمير سچا ۽ با اصول ماڻھن کان اڪثر ماڻھو نا
خوش رهن ٿا!
·
دل ۾ منافقت رکي زبان کي مِٺو رکڻ اسان کي نه ٿو
اچي! جنھن کي عزت ڏني دل سان ڏني جنھن کي ڇڏي ڏنو
دل سان ڇڏي ڏنو.
·
مٽيءَ جو مٽڪو ۽ رشتن جي قيمت صرف ٺاهڻ وارن کي ئي
خبر هوندي آهي! ٽوڙڻ وارن کي نه .
·
غلط هجڻ باوجود پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ ايترو مشڪل
نه آهي! جيترو صحيح هوندي پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ.
·
دنيا جي هر شخص سان مقابلو ڪريو ! پر جڏهن مقابلو
اُستاد يا والدين سان هجي، ته پوئتي هٽي وڃو! ڇو
ته هارائڻ مقدر هوندو. اهو ئي فطرت جو قانون آهي!
·
خوشي چاهيو ٿا، ته وقت تي عبادت ڪريو.
·
چھري تي رونق رکڻ چاهيو ٿا، تھجد نماز پڙهو.

خالد ڀٽي
شڪارپور
۽ جڏهن چنڊ چمڪڻ کان انڪار ڪيو!
هيءَ تڏهن جي ڳالھه آھي، جڏهن ڌرتي اڃان
نئين نئين ٺھي هئي ۽ روح به ماڻھن وانگر گھمندا
ڦرندا هئا. اُن وقت آسمان ۾ سڀ کان پياري ۾ پيارو
’چنڊ‘
هو، جنھن جي چانديءَ جھڙي چانڊوڪي رات جو ڳوٺن تي
پئي پکڙجندي هئي. چنڊ واٽھڙن کي واٽ ڏيکاريندو ۽
ٻارن کي سُمھارڻ ۾ مدد ڪندو هو. پيار ڪندڙ ماڻھو
گيت ڳائيندا هئا. پر چنڊ جي دل اُداس هئي. هو
سوچيندو هو، ته
”منھنجي
ساراھه الائجي ڇو ڪير به نه ٿو ڪري؟“
هر صبح، سج ميان لاءِ دھل وڄايا ويندا ۽ گيت ڳايا
ويندا هئا. پر چنڊ لاءِ ڪا خوشي نه ڪئي ويندي هئي.
هڪ رات، چنڊ تارن کي چيو، ته
”ڌرتيءَ
وارا منھنجي لاءِ گيت ڇو نٿا ڳائن؟“
تارن افسوس ڪندي چنڊ کي چيو، ته
”شايد
هُو تنھنجي سُونھن کي سمجھي نٿا سگهن.“
چنڊ چيو،
”جيڪڏهن
هو منھنجي روشنيءَ کي اهم نٿا سمجھن، ته مان اُن
کي لڪائيندس ۽ روشن ٿيڻ ڇڏي ڏيندس.“
۽ پوءِ اُن رات، چنڊ چمڪڻ ڇڏي ڏنو. رات جو تمام
گھڻي اوندھه ٿي وئي. پکي پنھنجو رستو وساري ويٺا.
دهل وڄڻ بند ٿي ويا. ٻار
روئڻ لڳا. ماڻھو ڊڄي ويا. سڀ گڏ ٿي هڪ ٻئي کان
پُڇڻ لڳا، ته
”آسمان
کي ڇا ٿيو آهي؟“
رڳو هڪ پوڙهي نابينا عورت ڳالھايو، جنھن جو نالو
اما جاليا هو. سڀئي چوندا هئا، ته هوءَ نظر نه
ايندڙ شين سان به ڳالھائي سگھي ٿي. اما جاليا وچ
ڳوٺ ۾ بيھي آسمان ڏانھن نھار ڪري چيو،ته
”اي
چنڊ! مان توکي ڏسي ته نٿي سگھان، پر تنھنجي روشني
دل ۾ محسوس ڪري سگھان ٿي. توکي گيتن جي ضرورت
ناھي. تون اسان جي خوابن جو ساٿي آھين، تون رات جو
محافظ آهين.“
هوا اما جاليا جو آواز آسمان ڏانھن کڻي ويئي. چنڊ
ٻڌو ۽ چيائين :
“مطلب
ڳالھه جو اهو ته واکاڻ کان وڌيڪ ضروري آهي، ته مان
پنھنجي ڪم ۾ فائديمند ڪارائتو هجان.“
اهو سوچي، چنڊ وري آهستي آهستي روشن ٿيڻ لڳو.
پيار، سمجھه ۽ نرميءَ سان.
هاڻ، هر شام جو ڳوٺ وارا رڳو سج لاءِ نه، پر چنڊ
لاءِ به گيت ڳائيندا هئا ۽ اما جاليا جا هي لفظ
پٿر تي لکيا ويا،
”جيڪا
شيءِ خاموش هوندي آهي،
اُن کي به چمڪڻ جو حق هوندو آهي.“
واکاڻ ضروري
ناهي. خاموشيءَ سان به ڪو وڏو ڪم ڪري سگھجي ٿو.
بلڪل، هتي ڪھاڻي جو سبق اڃان وڌيڪ آسان ۽ سڌو لفظن
۾ بيان ڪيو ويو آهي.
سبق:
پيارا ٻارؤ! اهم ٿيڻ لاءِ ماڻھن جي تاڙين، ساراھه
يا واھه واھه جي ضرورت ناهي. جيتوڻيڪ ڪو خاموش هجي
يا سڀ نه ڏسن، پر جيڪڏهن هو پنھنجي ڪم سان ٻين جي
مدد ڪري ٿو، ته اهو به تمام وڏو ڪم آهي. چمڪڻ لاءِ
ساراھه ضروري ناهي، خاموش ماڻھو به دنيا کي روشني
ڏئي سگھن ٿا.
***
سعديه گل عباسي
ڪلاس چوٿون دي ناليج پبلڪ اسڪول چنيھاڻي
سُهڻا سخن
پاڻ سڳورن حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته مسلمانن کي تڪليف نه ڏيندا ڪريو. انھن کي نفرت
نه ڏياريندا ڪريو ۽ انھن جي ڪمن ڪوتاهين کي نه
ڳوليندا ڪريو. (سميح ابن
حبان)
محمد عامر لاکو
(هالا نيو)
سُهڻا سخن
·
لڙڪ ۽ مُرڪ ٻئي خزانا آهن لڙڪ الله جي سامھون
هاريو مُرڪ الله جي مخلوق ۾ ورهايو. اها ئي
زندگيءَ جي اصل تقاضا آهي.
·
سھڻا لفظ تخليق ڪرڻ سان گڏ سھڻا روَيا به تخليق
ڪريو ڇو جو لفظ ڪتابن ۾ زنده رهندا آهن. جڏهن ته
روَيا دلين ۾ زنده رهندا آهن.
·
ماکي ۽ محبت دنيا جون اهي واحد شيون آهن جن کي
صدين تائين ڇڏي ڏيو پر انھن مان نه مِٺاس ختم
ٿيندي نه ئي خراب ٿينديون فقط ملاوٽ کان پاڪ هجن.
اريج شوڪت علي جوڻيجو
ڪلاس (K.G)
ون شاهين پبلڪ اسڪول ٽائڙي/لاڙڪاڻو
سُهڻا سخن
·
گدڙ جي سؤ سالن جي زندگي کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي
زندگي بھتر آهي.
(ٽيپو سلطان)
·
ٻارڙن سان پيار ۽ شفقت ڪرڻ الله پاڪ جي رحمت جو
سبب آهي.
(مجدد الف ثاني)
زرار علي جوڻيجو
ڪلاس ٻارهون ڪيڊٽ ماڊل اسڪول ڏوڪري/لاڙڪاڻو
سُهڻا سخن
·
مال دولت جمع ڪرڻ تمام سولو آهي، مگر ان جي سنڀال
ڪرڻ ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ تمام مشڪل عمل آهي.
(خليفو مامون الرشيد)
·
جو مصنف يا اديب بڻجڻ چاهي ٿو، ان کي پھريائين
طالب علم بڻجڻ گھرجي.
(ڊرائي ڊن)
***
فقير شان سيوهاڻي
سيوهڻ
بي چَيو!
ارسلان اسڪول مان موٽي اچي ڪتابن جو ٿيلھو کٽَ تي
رکي پنھنجي ماءُ کي چوي ٿو، ته
”امان
ماني ڏي ڏاڍي بُک لڳي آهي.“
ماءُ وراڻيو،
”پٽ!
تنھنجو پيءُ تڪڙ ۾ ڪم تي نڪري ويو هو، ان لاءِ اٽو
ڪونه وٺي ڏنو اٿس. اچي هي پئسا وٺ ۽ وڃي دڪان تان
اٽو وٺي اچ. ڀاڄي مون ٺاهي ڇڏي آهي.گھر ۾ پٽاٽا
پيا هئا.“
اهو ٻُڌي ارسلان چيو،
”امان!
مان ٿڪجي پيو آهيان، اٽو وري مان وٺي اچان؟“
ان تي ارسلان جي امڙ وراڻيو،
”پُٽ!
ٻيو ڪير وٺي ايندو؟ مان ته دڪان تي ڪونه وينديس.“
اها ڳالھه ٻُڌي ارسلان ڪاوڙجي کٽَ تي ليٽي پيو ۽
بي چَيَن ڇوڪرن وانگر وڃڻ کان انڪاري ڪيو ۽ ماڻس
مٿي تي هٿُ رکي ويھي رهي ته هاڻي ڇا ڪجي!؟
ارسلان جو پيءُ رازو آهي. صبح جو دير سان اُٿڻ ڪري
گھرواريءَ کي پئسا ڏنا، ته گھر ۾ پٽاٽا پيا آهن.
اُهي تري وٺجانءِ. باقي ارسلان اسڪول مان موٽي
اچي، ته اٽو گھرائي وٺجانءِ. گھر ۾ ارسلان کان
سواءِ ٻيو ڪو مرد ماڻھو ڪونه هو جو وکر وٺي اچي.
اڪثر ڏٺو ويو آهي، ته ٻار مائٽن جو چَيو نٿا مڃين
۽ ڪنھن ڪم ڪار لاءِ چئجين ٿو، ته
انڪار ٿا ڪن. باقي خوامخواهه رُلندا ٿا وتن. پر
گھر جو ڪم ڪار ناهن ڪندا.

سوچڻ گھرجي ته ابو امان ڪو ڪم ڪار چوي ته انڪار نه
ڪرڻ گھرجي. اڪثر ڪري ڪي ٻار ته اهڙا به هوندا آهن،
جو وڏڙا ڪم چوندا آهن، ته خوشيءَ سان ڪندا آهن. پر
ڪي اهڙا بي چيا به هوندا آهن. صرف اها سوچ رکڻ
گھرجي، ته جيڪڏهن ٻار ڪم نه ڪندو، ته عورت ته دڪان
تي نه ويندي. گھر ۾ ڀيڻ پنھنجي ڀاءُ کي ڪم لاءِ
چوندي آهي، ته ڀاءُ انڪار ڪندو آهي.
”ته
مان واندو نه آهيان.“
ڪڏهن ڪڏهن پوڙهو پيءُ پنھنجي اولاد کي ڪنھن گھر جي
ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ چوندو آهي، ته به اهو اولاد
انڪار ڪندو ۽ چوندو آهي، ته
”مون
کي ته ڪنھن ڪم سانگي ٻِاهر وڃڻو آهي.“
سوچڻ گھرجي ته پيءُ ڪوبه ڪم ڪندو ته گھر جي سُڌاري
لاءِ ڪري ٿو، ته آخر ۾ اهو وري اولاد جو ڀلو
ٿيندو. بيشڪ هر انسان هڪ ڊيوٽي ٿو ڪري. اسان جا
وڏڙا جو ڪجھه ڪري ويا، اهو اسان جي ڀلي لاءِ ڪري
ويا ۽ اسان وري پنھنجي اولاد لاءِ پيا ڪريون، جن ۾
انھن جو ڀلو آهي. هڪ انسان اها سوچ رکي گھرٺاهي
ٿو، ته ان ۾ سندس ٻچا رهندا. هو پاڻ سان ته ڪونه
کڻي ويندو. اڄوڪي دؤر ۾ گھر ٺاھڻ به ڏُکي ڳالھه
آهي. توهان ڏسندؤ ته هڪ پيءُ کي چار پُٽ آهن. انھن
جي شادي به پاڻ ٿو ڪرائي، تعليم به پاڻ ٿو ڏيارائي
۽ گھر به ٺھرائي ڏئي ٿو. بس! اها اُميد رکي ٿو، ته
اهو اولاد منھنجي پوڙهائپ جو سھارو آهي. پر ائين
نٿو ٿئي اڄوڪي دؤر ۾ ماءُ پيءُ کي بوجھه سمجھيو
وڃي ٿو ۽ اولاد ائين سمجھندو آهي، ته بابو مرندو
ته فلاڻي شيءِ ته مان کڻندس.
اڄ تون ماءُ پيءُ جي خدمت ڪندين، ته سڀاڻي تنھنجو
اولاد تنھنجي خدمت ڪندو. جيڪڏھن تون بي چيو
ٿيندين، ته آخر ۾ تنھنجو اولاد به بي چيو ٿيندو.
ان ڪري ڪڏهن به پنھنجي ماءُ پيءُ کي ڪو ڏُک نه
ڏيو. اهي توهان سان محبت ڪن ٿا. احساس ڪن ٿا ۽ اها
فطرت ماءُ پيءُ ۾ قدرت طرفان سمايل آهي.
پيارا ٻارؤ! ائين هرگز نه ڪرڻ گھرجي. اچو ته عھد
ڪريون، ته سُٺا ٻار ٿينداسين ۽ بي چيا نه
ٿينداسين.
***
مقبول احمد عباسي
چنيھاڻي/ ڪنڊيارو
سَچي سَردار مُحمّدُ صَلي الله عَليه وَسَلَم جا
سخن
·
جنھن علم فخر ڪرڻ لاءِ حاصل ڪيو، ان کي الله تعالى
جھنم ۾ داخل ڪندو.
·
جنھن نڪاح ڪيو، ان اڌ ايمان مڪمل ڪيو.
(طبراني)
·
جنھن ٽپهريءَ جي نماز ڄاڻي واڻي نه پڙهي، انجا سڀ
عمل چَٽُ ٿي ويا.
(مسند احمد)
·
جنھن منھنجي سنت کي لازم ڪيو، (ان تي عمل ڪيو) اهو
جنت ۾ داخل ٿيندو.
(دار قطني)
·
جنھن ڄاڻي واڻي مون تي ڪُوڙ هنيو، اهو پنھنجي جاءِ
جھنم ۾ ٺھرائيندو.
(بخاري)
·
جنھن کائڻ پيئڻ ۾ گھڻي کائڻ جي عادت ڌاري، ان جي
دل سخت ٿيندي.
(فردوس ديلمي)
·
جنھن تير اندازي سِکي ڪري، ڇڏي ڏني، ان هڪ وڏي
نعمت جو انڪار ڪيو.
(طبراني)
·
جنھن ڪنھن قوم سان مشابھت رکي (ان جھڙو ٿيو) اهو
انھن مان آهي.
(ابو دائود)
***
سرمد عباسي
(قسط: ڇھين)
خانواهڻ/نوشھروفيروز
سپِي، سارنگ ۽ مَتارو
}ٻاراڻو ناول{
اھو نوجوان ڇوڪرو سيٺ رميش جو پٽُ آڪاش ھو. ھُو
پوليس کاتي ۾ اي. ايس. آئي. (اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر)
ھو.
”بابا،اوھان
ٺيڪ آھيو؟“
آڪاش پنھنجي پيءُ کان پڇيو.
”ھا
پٽ. ڀَلائي ٿي وئي. جو اڄ تون ماني کائڻ لاءِ اچي
وئين.نه ته شينھن اسان سڀني کي ماري وجهي ھا.“
سيٺ رميش سَھڪندي وراڻيو.
”ادا
آڪاش.“
سپيءَ ڳڻتيءَ مان چيو. متاري کي ڀوائتي انداز ۾
پاڻَ ڏانھن ايندو ڏسي، ھوءَ ڏاڍو ڊِڄي وئي ھئي.
”اُلڪو
نه ڪر سپي. منھنجي ھنيلَ گولين کان پوءِ شينھن جو
بچڻ مشڪل آھي. وڌيڪ مان جھنگ جي سارَ سنڀارَ ڪرڻَ
واري کاتي جي ھڪ دوست فاريسٽ آفيسر فھيم کي فون
ڪيان ٿو. تون نه ڊِڄ.“
آڪاش مُرڪندي وراڻيو ۽ جيڪيٽ مٿان پاتل برساتي
جُبي جي کيسي مان موبائل ڪڍي پنھنجي دوست، فھيم کي
فون ڪرڻ لڳو.
”ادا
آڪاش، شينھن تي اوھان جي گولين جو ڪو به اثر ڪونه
ٿيندو.“
سپيءَ،آڪاش جو ھٿُ پڪڙي چيو. آڪاش مُرڪي سپيءَ
ڏانھن ڏٺو ۽ پنھنجي دوست فھيم سان ڳالھائڻ لڳو.
سپي ڏانھنس نھارڻ لڳي. آڪاش، فھيم کي حال احوال
ڏئي موبائل جيڪيٽ جي کيسي ۾ رکيو ۽ سپيءَ آڏو گوڏن
ڀَر ويھي رھيو.
”ڇو
گُڏڙي؟ شينھن لوھه جو ٺھيل آھي ڇا؟ جو گولين سان
نه مرندو.“
آڪاش پڇيو. ھُو ھڪ بي ڊپو (بھادر) پوليس آفيسر ھو.
پوليس کاتي ۾ سندس ڏاڍي ھاڪَ ھئي. سپيءَ جي پيءُ
ھالار سان به ھنَ جي سُٺي دوستي ھئي.
سپيءَ جي ورندي ڏيڻَ کان پھرين ئي ھڪ ڌماڪي جو
آواز ٿيو. ڄڻ ڪا ڳَري شيءِ ھوٽل جي شَٽرَ سان لڳي
ھجي. شٽر چِٻو به ٿِي ويو. ڌماڪي کان پوءِ شِينھن
جي گجگوڙ جو به آواز آيو.
سڀئي ڇِرڪجي پيا. شِينھن،سچَ ۾ جيئرو ھو.
آڪاش،نِراڙ تي گُھنجَ آڻي شَٽرَ ڏانھن ڏسڻَ لڳو.
ھوٽل کان ٿورو ئي پري ٽرڪ ۾ فواد، نويد، شفيق ۽
شعيب ويٺا ھئا. شينھن کي گوليون کائي، روڊَ تي
ڪِرندي ھنن به ڏٺو ھو.
”لڳي
ٿو ته ھوٽل ۾ انسپيڪٽر آڪاش به آھي. بندوقَ جو
آواز مون سڃاتو آھي. اھا سرڪاري بندوق آھي.“
فواد، ھوٽل ڏانھن ڏسندي چيو.
”ھاڻي
ڇا ڪجي؟ موقعو ته سُٺو آھي.“
شعيب، جوشَ وچان چيو.
”ھا،
موقعو ڀلو آھي. شينھن کي گوليون لڳل آھن. ھُو وڙھي
ڪو نه سگھندو. ھوٽل وارا ماڻھو، شِينھن جي ڀَوَ
کان ٻاھر ڪونه ايندا. پاڻَ سولائيءَ سان شينھن کي
ھَٿيڪو ڪري سگھون ٿا.“
فواد به جوش وچان چيو. ٽنھي ڄڻن مٿا لوڏي ھا ڪئي.
”سڀ
پنھنجا ھٿيار به سنڀاليو. شفيق تون گاڏي شينھن وٽ
ڪاھي ھَل. نويد ۽ شعيب توھان ٻئي پِڃري ۽ ڪِرين
ڏانھن ھلو. مان شينھن کي ڏسان ٿو.“
فواد تڪڙ ۾ چيو ۽ پنھنجو ھٿيار ۽ ڀوائتن جانورن کي
بيھوش ڪرڻ واري گن به کڻي ورتائين.
”دوستو،
ھمت ڪجو. اسان کي ڪم تڪڙ ۾ پورو ڪرڻو آھي. جي
شينھن، گھڻو رت وھڻ جي ڪري مري ويو ته پوءِ پاڻ کي
ھڪ رپيو به ڪونه ملندو.“
فواد، ٻيھر چيو ۽ ٽرڪ جو درُ کولي، لھڻَ جي
ڪيائين. انَ مھلَ ئي ھنن شينھن کي اُٿندي ڏٺو.
سڀئي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي سُڪَ ٿي ويا. فواد به
تڪڙ ۾ ٽرڪ جو درُ بند ڪري ڇڏيو. ھُو ڊپَ ۽ اچرج
وچان شينھن ڏانھن ڏسڻَ لڳا. شينھن گجگوڙ جو آواز
ڪڍيو ۽ ڪنھن ڏاندَ جيان شٽر کي ٽڪر ھنيائين.
”شينھن
ته ڏاڍو سگھارو آھي. ٽي گوليون لڳڻَ کان پوءِ به
جيئرو آھي.“
نويد جي ڳالھائڻ ۾ ڊپ ھو.
”چئين
ته سچ ٿو نويد.پرَ ڳڻتي ڪرڻ جي ڪا به ڳالھه
ناھي.بيھوشيءَ واري سُئي لڳندي ئي، ھنَ جي سموري
سگھه ختم ٿي ويندي.“
فواد وراڻيو ۽ ٽرڪ جي درَ جو شيشو ايترو ھيٺ ڪري
ڇڏيائين، جو ھُو سولائيءَ سان شِينھن جو نِشانو
وٺي سگھي.توڙي جو ھُو ھڪ بي ڊپو انسان ھو، پر
گوليون کاڌل شينھن کي اُٿندو ڏسي، سندس دل ڪَنبي
وئي ھئي. شينھن ھاڻي شٽرَ وٽ اچي بيھي رھيو ھو.
فوادَ بيھوشيءَ واري گن سان، شِينھن جو نشانو
چِٽيو ۽ سُئي فائر ڪري ڏنائين. سُئي، شينھن جي
اڳين ٽَنگَ جي مٿانھين حصي وٽ وڃي لڳي. شينھن ٽپُ
ڏيندي گجگوڙ ڪئي ۽ سُئي لڳڻَ واري جاءِ تي چڪُ
وجھڻ جي جاکوڙ ۾ ڦيراٽيون پائڻَ لڳو. ڪجھه گھڙين
کان پوءِ ھُو ٿيڙَ کائيندو روڊَ ڏانھن آيو ۽ ھڪ
ڀيرو وري ھيٺ ڪِري پيو.
”تڪڙ
۾ پنھنجو پنھنجو ڪم سنڀاليو. شينھن پندرھن منٽن
کان پوءِ ھوشَ ۾ اچي ويندو.“
فواد، ٽرڪ مان لھندي چيو.
فواد جي لھندي ئي،شفيق سُرندو سندس جاءِ تي ويٺو ۽
ٽرڪ شينھن ڏانھن وڌائڻَ لڳو. شعيب به ٽرڪ ۾ رکيل
پڃري مٿان سُڪَ ٿيل ڪرين تي چڙھي ويو. جڏھن ته
فواد ۽ نويد بندوقون کڻي ٽرڪ جي پُٺيان ھلڻ لڳا.
شفيق ٽرڪ، بيھوش پيل شينھن جي ڀرسان بيھاري ڇڏي.
ٽرڪ جي بيھندي ئي ڪرين تي ويٺل شعيب، لوھي راڊ ۾
لڳل نئين قسم جي لوھي پَنجوڙَ کي حرڪت ۾ آندو ۽ ان
کي شينھن مٿان آڻي ھيٺ آندو ۽ ڏاڍي ڌيان سان شينھن
کي سوگھو ڪري مٿي کڻي ورتو. شينھن جي روڊَ تان مٿي
ٿيندي ئي شعيبَ لوھي راڊ ڦِيرائيندي ٽرڪ جي پوئين
ڀاڱي ڏانھن آندي ۽ پڃري مٿان بيھاري ڇڏي.
فوادَ، نويد کي اشارو ڪيو. اشارو ملندي ئي نويد
ڀولي وانگر پڃري تي چڙھي ويو ۽ پڃري جي ڇت کي ٻنھي
ھٿن سان ڇِڪڻ لڳو. پڃري جي ڇت ڏاڍي سولائيءَ سان
ٻن ڀاڱن ۾ کُلي وئي. شعيب، ڪرين جي راڊ کي ھيٺ ڪيو
۽ لوھي پنجوڙ کي ڍَرو ڪري ڇڏيو. شينھن پنجوڙ
کُلندي ئي ھيٺ پڃري ۾ اچي ڪِريو. شينھن جي ڪِرڻَ
سان سڄي ٽرڪ ايئن لُڏي وئي، ڄڻ زلزلي جو لوڏو آيو
ھجي. شينھن کي پڃري ۾ ڏسي، نويد تڪڙ ۾ پڃري جا ٻئي
ڀاڱا پاڻ ۾ گڏائي، در بند ڪري ڇڏيو ۽ پاسي ۾
ڦاٿلَ، نيري رنگ جي ريگزين واري چادر سان سموري
پڃري کي ڍَڪي ڇڏيو.ھاڻي ڪنھن کي به اھا ڄاڻَ نه
پئي ھا ته ڪو پڃري ۾ ھڪ شينھن واڙيل آھي. جلدي ٽرڪ
۾ ويھو ته نڪري ھلون. جي پوليس کي کُڙڪَ به پئي ته
اسان سڀ گرفتار ٿي وينداسين. فواد ٽرڪ جي دروازي
ڏانھن وڌندي چيو. شعيب ۽ نويد به پڃري تان لھي،
ٽرڪ ۾ اچي ويٺا. سڀني جي ويھندي ئي شفيقَ ٽرڪ
مُوڙي ۽ ھُو سڀ ٻيھر سنڌو ڪالونيءَ واري پاسي وڌڻَ
لڳا.
جڏھن ته پڃري ۾ ڪارٽون ببر شينھن متارو، بيھوش پيل
ھو. چڱي دير گذري وئي. ڪجھه ماڻھن جي ڀُڻ ڀُڻ ۽
ڪنھن گاڏيءَ جي ھلڻ جا ڪي آواز ٿيا ھئا ۽ پوءِ
يڪِي ماٺِ پکڙجي وئي ھئي. لڳي ٿو ته شينھن ھليو
ويو. آڪاش، پنھنجو ڪنُ شٽر سان لڳائيندي چيو.
”ھُو
وري موٽي ايندو ادا.“سپيءَ
وراڻيو.
”اھو
تون ڪيئن پئي چئين سپي؟“
سيٺ رميش پڇيو.
ان ڪري جو سارنگ ھتي ئي آھي. سپيءَ چيو. سارنگ!!!
سارنگ ڪير؟ آڪاش عجب مان پڇيو.
”سارنگ...سارنگ
ٻاھر اچ.“
سپيءَ، ھوٽل جي دخلَ ڏانھن مُنھن ڪري سڏيو. سپيءَ
جي سڏڻ تي، سارنگ دخل پٺيان نڪري سڀني جي آڏو اچي
ويو. ھُو اڃان به ڊِنل لڳي رھيو ھو. سپيءَ جي
ڀرسان بيھي، ھو معصوميت وچان سڀني ڏانھن نھارڻ
لڳو. سيٺ رميش،آڪاش ۽ ھوٽل ۾ ڪم ڪرڻ وارا ٻئي ڄڻا
به چتائي سارنگ کي ڏسي رھيا ھئا.
”انَ
جو مطلب آھي ته شينھن، ھنَ ھرڻَ جي ٻچي جي ڪري ھتي
آيو آھي.“
آڪاش، ڪجھه سوچيندي چيو.
”متارو
ته سدائين منھنجي ڪڍَ ھوندو آھي.“
سارنگ، آڪاش ڏانھن ڏسندي چيو.
ھرڻَ جي ٻچي کي ماڻھن وانگر ڳالھائيندو ڏسي، سڀئي
عجبَ ۾ وٺجي ويا. ھنن کي پڪَ ئي ڪونه پئي ٿئي، ته
ڪو ھرڻ، ماڻھن جي ٻولي به ڳالھائي سگھي ٿو.
ھيءُ... ھيءُ ته اسان وانگر ڳالھائي پيو. ھوٽل ۾
ڪم ڪندڙ فيروز دوڏا ڦاڙيندي چيو.
”لڳي
ٿو، ته ھرڻَ جي رُوپَ ۾ ڪو جنُ آھي.“
ٻئي ڄڻي ڪريم چيو.
”نه...نه
ھيءُ ڪو جنُ ڪونھي پرَ... پرَ ھيءُ ھرڻ به ناھي.“
سپيءَ چيو.
(هلندڙ.....) |