

[12]
وَٺِي وِجُهه وَکَرَ جا دَنگِيءَ ۾
داڻا
وِيرِ وَرَنديِئَه ويسَرا! ويهُه مَ ويڳاڻا
هِيءَ نِنڊر نه ڄاڻا، ڪَڏِهن هَڻَندِيَئِه ڪُنَ ۾.
سمجھاڻي:
تون پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ (وقت سر) سودي سامان جا سڀ
قسم وٺي گڏ ڪر (هن عمل جي دنيا ۾ وقت جو قدر ڪر).
جيڪڏهن تون سستي ڪري(بيپرواهه ٿي) ويهي رهئين ته
سمنڊ جي وِير پوئتي موٽي ويندي.(پاڻي لھي ويندو ۽
تون سڪيءَ تي ٻيڙي هاڪاري نه سگھندين). تون جنھن
(غفلت جي) ننڊ ۾ آهين، خبر ناهي اها توکي ڪڏهن ٿي
ڪُن ۾ هڻي (جتان پوءِ تنھنجو نڪرڻ محال ٿي ويندو.)
[13]
وَکَرُ وهائي لُونڙُ، رُنگَ کَٿُورِي گُهرين
ڀُنگو تُنهنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالهائين ڪُوڙُ
وِڃائين مَ مُوڙُ، کَٽئو تُنهِنجو گهورِئو.
سمجھاڻي:
تو پاڻ سان لوڻ (عام رواجي شيءِ) جھڙو وکر گڏ ڪري
کنيو آهي، پر اُميد ڪرين ٿو ته توکي کٿوريءَ جو
ملھه ملي ۽ ان جي مٿان وري رُنگ (سوائي) به ملي.
تنھنجي ڪکائين جھوپڙي اڳيئي ڪمزور ڪپر تي بيٺل
آهي(فاني دنيا جو ڪو اعتبار ڪونھي). پوءِ متان ڪوڙ
ڳالھائين (لوڻ کي کٿوري سمجھين)اهڙي صورت ۾ تنھنجو
نفعو ته هونئن ويندو، پر مورڳو مور به وڃائي
ويھندين.
[14]
شُهَرُ ڏسِي سَرَهو ٿئين، ڏِٺيَئي نه بازارِ
وَکَرُ وَکَارَنِ جو ڍُڪِئو ڪهڙيءَ ڍارِ
تَڻَ تَنِي سين گهارِ، ته لَهِين لَکَ لَطِيفُ
چئي.
سمجھاڻي:
تون شهر جو فقط ٻاهريون ڏيک ڏسي خوش ٿي ويو آهين.
تو اڃان ان جي بازار (جتي سامان جا سودا ٿين ٿا)
ڏٺي ئي ڪانھي. (تو اهو به معلوم نه ڪيو ته) اتي
وکر جو ڪاروبار ڪيئن ۽ ڪھڙي ريت پيو هلي. تون وڏن
واپارين سان صحبت ۾ ڪجھه دير گذار. عبداللطيف چوي
ٿو (توکي اهي راز انھن وٽان معلوم ٿيندا) تڏهن تون
لکين رپين ڪمائڻ جھڙو ٿي ويندين.
[15]
وَکَرُ وَڻِجَارا، پاڻَ پَرائو چاڙِهئو
اَچِي لَهرِيون لَڳِيُون ٻيڙيءَ ٻِپَارا
جاڳو جي جارا، ته تَڙِ تَوائِي نه ٿِيي.
سمجھاڻي:
وڻجارن ٻيڙيءَ ۾ ٻين جو مال به (منافعي خاطر)چاڙهي
ڇڏيو.(وچ سمنڊ ۾ پھچڻ کان پوءِ) جڏهن ٻيڙيءَ جي
ٻنھي پاسن کان زوردار لھرون لڳڻ شروع ٿي ويون ته
ٻيڙيءَ جو هلڻ مشڪل ٿي پيو. هاڻي به ٻيڙي وارا
خبردار ٿيو ۽ پاڻ سنڀالي پنھنجي پوري قوت ۽ سگھه
سان ٻيڙيءَ کي توائي ٿيڻ (اوجھڙ ۾ وڃڻ) کان بچائي
سڌو تڙ تي وٺي اچو.
شاهه جو رسالو
]سُر سري راڳ - داستان ٽئو. محقق: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ:
سنڌي ادبي بورڊ[

سلطانپور/پنو عاقل
مناجات
خدا منھنجي ڀاڳن ۾ عزت لکي ڇَڏِ،
تون منھنجي مقدر ۾ فرحت لکي ڇَڏِ.
خدا منھنجي دفتر ۾ تبديلي آڻج،
دنيوي ۽ ديني به دولت لِکي ڇَڏِ.
مرڻ تائين مالڪ مِٺا منھنجي مَن ۾،
مُحمّدﷺ مِٺي جي مُحبت لکي ڇَڏِ.
ڪُشادي ڏي روزِي ۽ گھر ڏي ڪُشادو،
خوشين ۾ سدائين تون وسعت لکي ڇَڏِ.
ابي ۽ امڙ جي به پارت آ توکي،
انھن لئه اڳوتر ۾ جنت لکي ڇَڏِ.
تون
’ياسين‘
جي رات جو التجا ٻُڌُ،
نصيبن ۾ رحمت ۽ برڪت لکِي ڇَڏِ.

غلام محمد ڀٽي
گھوٽڪي
نعت
مٺڙي
مديني مان وڃان وڃان،
آس
اندر ۾ آھي
اڃان اڃان،
وڃي مديني کي چُمان چُمان.
اُتڙي خوشبوءِ ھير وسي ٿي،
گھٽڙيون بار بار گُھمان گُھمان،
گناھن کي بخشرائڻ لاءِ مان.
راتيون ڏينھان روئان روئان،
محبتن جا اڏيل
مينار آھن،
ٻُھاري اُتڙي مان ڏيان ڏيان.
ڪٿي سڪون ڪونھي اڄ،
خوش مان اتي ٿيان ٿيان،
من مان مير ڪڍان
ھتڙي.
اندر سڄو ڌوئان ڌوئان،
خزانن ۾ ڪمي ناھي تو وٽ،
معافيون ٿو گُھران گُھران.
صدمن سھڻ جي طاقت نه آ،
عاجزيون نيازيون ڪيان ڪيان،
سڪ تنھنجي جو پياسو آھيان.
زم زم تڏھن ٿو مان پيان پيان،
’ڀٽي‘
تو در کڻندو رھندو
ھٿڙا،
سُور
تو سان ٿو سليان سليان.
امداد سروري
آراضي/سيوهڻ
اُستاد جي محنت
اُستاد جي محنت سوا ڏينهن به ڄڻ ڪا رات آ،
سوجهرو ڪونهي ڪٿي بس رڳو فڪرات آ.
اُستاد جي محنت سان سڀ اميدون پوريون ٿي وڃن،
اُستاد جي هر مار سختي ٻار جي لاءِ سوغات آ.
دل مان اچي آواز ٿو اُستاد زنده آباد،
ڪيڏا ٻُڌائي راز ٿو اُستاد زنده آباد.
ڪيئن فرش تان ٿو عرش تي پهچائي
’سروري‘،
ڪَرائي ٻار کي پرواز ٿو اُستاد زنده آباد.
اُستاد مون لاءِ محترم ۽ مهربان،
جن جي محنت سان هلي سارو جهان.
ڇا ٻُڌايان ڇا سُڻايان دوستو،
اُستاد جو هن دل مٿان آهي نشان.
قوم جو رهبر رهيو اُستاد آ،
قدر جنهن وٽ ناهي سو برباد آ.
جنهنجي لفظن ۾ آ طاقت قوم جي،
’امداد‘
سو دل ۾ سدا آباد آ.
عزير احمد علوي
شڪارپور
سنڌ
سنڌ سونھاري پياري آهي،
سھڻي ساوڪ واري آهي.
آڳاٽي آ، سنڌ اسان جي،
سنڌو ندي جت جاري آهي.
قسمين قسمين ميوا سنڌ ۾،
هرجا باغ بھاري آهي.
گُل ڦُل وڻ ٽڻ ساوا ٻوٽا،
هرجا ھت گلزاري آهي.
سنڌ ۾ اعلى گيس ذخيرا،
کاڻ ٿر ڪول نياري آهي.
پنھنجي ٻولي سنڌي پياري،
بلڪل سا ٻاجھاري آهي.
شھر جبل ٻيلا ڇا چئجن،
ڪينجھر پڻ موچاري آهي.
سنڌ جي ڇا ساراھه ڪيان مان،
بيشڪ ڀونءِ ڀلاري آهي.
ساري
’عزير‘
نصيبن واري،
منھنجي سنڌ سونھاري آهي.

مھر فقير
ڪراچي
بيت
ٻار اکين جا ٺار، نيڻن جو پڻ نور،
سدا ملي ساهه کي، سرتيون ٿو سرور،
فرمايو عربي حضور، پيار ڪيو پيارن سان .
ٻار اکين جا ٺار، ٻار ئي زيب زينت،
ٻول سندن ٻاتڙا، مُرڪي ڏِين محبت،
آهن معمار ۽ طاقت، مھر سدا ملڪ جي.
ٻار اکين جا ٺار، آهن روح سندِي راحت،
ازلئون اختر نواز چئي، آهن قلب لاءِ قرار،
سُونھن ۽ سينگار، وارث آهن وطن جا.
ٻار اکين جا ٺار، هٿن ۾ قلم ڪتاب،
اهي ئي آفتاب هن، اهي ئي هن مھتاب،
چوڏس گل گلاب، من من مھڪي
’مھر
چئي‘.
ٻار اکين جا ٺار، جن سان جُڙيل جيءُ،
نازڪ نفيس ڪومل، پيارن سان ڪجي پيار،
آهن قلب لاءِ قرار، محبتي مھر فقير چئي.
سُھڻا ٻول سُھڻن جا، سھڻو سندن سڀاءُ،
مرڪن مھڪ اچي، ساهن کي ملي ساءُ،
ڄاڻي ٿو الله، ٻار نسورو نينھن هن.
ٻار نسورو نينھن هن، مرڪ منجھه مِٺاس،
هر دل جا عزيز هن، جن سان خوشي خاص،
آهي الله کي التماس، هادِي رکج حفظ ۾.
هادي رکج حفظ ۾، ٻار ساھه سنوار،
کِلن کَيڏنِ مُرڪن، ساري سڀ ڄمار،
دوست مٺا دلدار، تئو نه ڏج تن کي.
تئو نه ڏج تن کي، هي جي گل گلاب،
علم پرائن اختر چئي، کنيون هلن ڪتاب،
قادر ڪج ڪامياب، سھارو آهن سنسار جو.
سھارو آهن سنسار جو، آهن اُميد آس،
اسڪول وڃن علم پرائن، ڪندا ختم اماس،
آ
’مھر
فقير‘
وشواس، خدمت ڪندا خلق جي.
***

غلام نبي اوٺو
ٿرپارڪر
غزل
ڌرتي سان ننگ نڀايو ٻارو،
پڙھڻ سان دلڙي لڳايو ٻارو.
ننڍڙن توڙي وڏڙن سان بس،
پيچ پريت جا پايو ٻارو.
قدرت محنت ڪو نه آ رکندي،
ٿيندو پورھيو سجايو ٻارو.
وقت آ بلڪل دولت جھڙو،
وقت نه ھرگز وڃايو ٻارو.
ياد رکو اسڪول وڃڻ کان،
ڪڏھن نه ھرگز نٽايو ٻارو.
شفيق عاصم منگي
شڪارپور
علم پرائي
عِلمَ پرائي جيڪو ٻارو،
منزل سوئي ماڻي ٿو.
ڀاڳن ڀَريُون سِر تي چائي،
اڳتي اڳتي وڌي ٿو.
سَبقُ پڙهي سارا اخلاقِي،
اکر اکر سو ڄاڻي ٿو.
سوچ، عقل ۽ ڏاهپ جا ڏس،
اُفق تان تارا آڻي ٿو.
غربت جا سڀ جبل جهاڳي،
خوشيون تن مان ڇاڻي ٿو.
جوش جذبا جوت بَڻائي،
عِلم فلڪ تي اُڏاڻي ٿو.
پنهنجو ساٿي سو آ
’عاصم‘
جو عِلمَ دڳُ سُڃاڻي ٿو.

شبانه عالماڻي
نظم
مزدورن جو ڏهاڙو
ٿالھه هٿن ۾ خواب اکين ۾،
صاحب ٿيندس آنءُ به پڙهندس،
ها پر عيبي گند غريبي،
بدنصيبي آس عجيبي،
ٻالڪ پيٽ ڀرڻ لئه نڪري،
گھر کان روز کڻي ٿو سپنا،
وڏي پيٽ وارو
سيٺيو،
هن کي روز ڪري ٿو قرضي،
بيسڻ آ تو ڪيئن بچايو؟
ڇو نه کپايئي ساريون لوليون؟
ڇو نه ڪيئي واپاري ٻوليون؟
اڄ تنهنجي مزدوري ناهي،
تنهنجي ڪوشش پوري ناهي،
ٿالھه کڻي وڃ لولين وارو،
ڇورا! تنهنجو ٿيو منهن ڪارو،
روز بچائي ايندو آهين،
مٺيون لوليون هل هل ٽر ٽر....!
سيٺ! اجايو رنج نه ٿيءُ تون،
آنءُ سڀاڻي وڪڻي ايندس،
جيڪو وٺندو مٺڙيون لوليون،
تنهن کي کوڙ دعائون ڏيندس،
ها پر اڄ ڪجھه پئسا گهرجن،
جيجل کي آ ڪينسر قاتل

رت جا گُرڙا روز ڪري ٿي،
پوءِ به لوليون پاڻ تري ٿي،
ربّ جي نالي تي ڏي ڏوڪڙ،
تنھنجو قرض ته لاهيندو هان،
بُک لڳندي آ توڙي مونکي،
لولي هڪ نه کائيندو هان،
سيٺ! مان چُلھه ۾ سارا سپنا،
ڪاٺين بدران ٻاري ايندس،
پيٽرول وانگي ڳوڙها ڪوسا،
تن تي پنهنجا هاري ايندس.
 |