عبدالجبار
’مسافر‘
ويسر
ٺري ميرواهه
اُستاد جي شفقت
پيارا ٻارؤ! زيب هڪ هوشيار ۽ با اخلاق ڇوڪرو هو.
زيب جو پيءُ ٻني ٻاري جو ڪم ڪري پنهنجي گهر جو
گاڏو هلائيندو هو. زيب پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ
جي سرڪاري اسڪول مان حاصل ڪئي. هو دل لڳائي اسڪول
۾ پڙهندو هو ۽ اسڪول کان گهر اچي پڙهائي ڪرڻ کان
سواءِ، پنهنجي والدين جي پڻ سندن ڪم ڪارين ۾ مدد
ڪندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي اڪثر ڪري
پرائمري پڙهائڻ بعد، کين اڳتي داخلا وٺي ڏيڻ بجاءِ
کين ٻني ٻاري ۽ گهر جي ڪم ڪارين ۾ لڳائي ڇڏيندا
هئا. پر زيب پرائمري پاس ڪرڻ بعد شهر جي سرڪاري
هاءِ اسڪول ۾ پڻ داخلا ورتي، اهو به زيب جي اُستاد
الله بخش جي ڪري، جنهن زيب جي پيءُ کي اڳتي به زيب
کي پڙهائڻ تي راضي ڪيو. سائين الله بخش زيب جي
محنت ۽ جذبي مان متاثر هو ۽ زيب کي سدائين
همٿائيندو رهندو هو.
پيارا ٻارؤ! زيب جي پيءُ کي ڪجهه ڳوٺ وارا اهو
چوندا هئا، ته
”ڇوڪري
کي اسڪول ۾ پڙهائي ڇا ڪندين؟ اجايو خرچ پيو
ڪرين..... ان کان ڀلو اٿئي، ته ٻني ٻاري جو ڪم
ڪرائينس وغيره.“
هڪ دفعي زيب اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي مهربان اُستاد
الله بخش کي ٻُڌايون. اُستاد کيس سمجهايو، ته
”پُٽَ
محنت ۾ عظمت آهي، تون دل نه لاهه... ربّ سائين
توکي محنت جو ڦل ضرور ڏيندو.“
پر سائين اسان ته غريب آهيون، اسان اڳتي پڙهي ڪونه
ٿا سگهون. زيب مايوسيءَ منجهان چيو.
”پُٽ
غريب اهو نه آهي، جنهن وٽ ملڪيت نه هجي. پر حقيقت
۾ غريب اهو آهي، جنهن وٽ علم ناهي.“
اُستاد کيس ٻاجهاري لهجي سان سمجهايو ۽ زيب کي
مايوس ٿيڻ بدران همٿ ڏيارڻ جي تلقين ڪندو رهيو.
زيب پنهنجي اُستاد جي اها ڳالهه دل سان لڳائي، اهو
عهد ڪيو ته آءٌ محنت ۽ همٿ سان دل و جان سان تعليم
حاصل ڪندس. زيب پنهنجي محنت سان اڳتي وکَ وڌائيندو
رهيو. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ نمايان نمبرن سان پاس
ٿيو.
ٻارؤ! هڪ ڏينهن زيب ربّ پاڪ جي فضل، ماءُ پيءُ،
اُستاد جي دعائن ۽ پنهنجي محنت سان سرڪاري اسڪول ۾
اُستاد مقرر ٿيو. زيب ربّ پاڪ جو شڪريو ادا ڪرڻ
سان گڏ پنهنجي اُستاد الله بخش جو به ٿورو مڃيو،
جنهن هن کي ڏکئي وقت ۾ همٿ افزائي ڏني.
اسڪول ۾ اچڻ بعد زيب سڀني ٻارن ۽ والدين کي تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪئي، ڳوٺاڻن پڻ زيب جي
محنت ۽ جدوجهد کي داد ڏنو ۽ ٻارڙن کي تعليم جهڙي
زيور سان نوازڻ جو وچن ڪيو. هاڻي ڳوٺ جا اڪثر ٻار
روزانو اسڪول ۽ ڪاليج وڃن ٿا ۽ واپس اچي گهر جي
ڪمن ڪارين ۾ پنهنجي والدين سان پڻ هٿ ونڊائين ٿا.
پيارا ٻارؤ! اسان کي به زيب جيان پُختي ارادي سان
محنت ڪري، منزل ڏانهن وڌڻ گُهرجي ۽ منزل تي پهچڻ
بعد قوم ۽ ملڪ جي سچيءَ دل سان خدمت ڪرڻ گهرجي.
محرم علي شيخ
لاڙڪاڻو
ماءُ
·ماءُ
جي پيرن جي هيٺان جنت آهي.
·ماءُ
کان سواءِ گهر قبرستان لڳندو آهي.
·ماءُ
محبت جو آئينو آهي.
·ماءُ
هڪ خوشبوءِ آهي، جنهن سان جهان کي مهڪائي سگهجي
ٿو.
·دنيا
جي حسين ترين شيءِ ماءُ آهي.
·ماءُ
خدا تعالى جو انمول تحفو آهي.
***
فيروز لاکو }ڪلاس اٺون{
هالا نوان
سُهڻا سُخن
·لفظ
ڏاڍا طاقتور هوندا آهن. لفظ دلين کي ڇُهي وٺندا
آهن ۽ لفظ دلين کي چِيري به ڇڏيندا آهن.
·خوشيءَ
کان سواءِ به زندگي گُذاري سگهجي
ٿي. عزت کان سواءِ زندگي گُذاري نٿي سگهجي.
انسان کي عزت وڌيڪ آهي.
·
دوستي ۽ رشتيداري پکِي وانگر هوندا
آهن. سختيءَ سان پڪڙيندا، ته مُرجهائجي
ويندا، نرميءَ سان پڪڙيندا، ته اُڏامي ويندا. مگر
محبت سان پڪڙيندا، ته سڄي عُمر گڏ ساٿ نڀائيندا.
***
سنڌيڪار: آذان ڀٽي
حيدرآباد
اڄ جي ڪهاڻي
هيءُ اسڪاٽ لينڊ جي هڪ غريب هاريءَ جي ڪهاڻي آهي.
هڪ ڏينهن جڏهن هو ٻنيءَ ڏانهن وڃي رهيو هو، ته
رستي ۾ هن هڪ طرف کان ڪنهن جي رڙ ٻڌي، فوراً ان
طرف هليو ويو. پوءِ هن ڏٺو، ته هڪ ٻار دلدل ۾ ٻُڏي
رهيو آهي. هاريءَ هن کي تسلي ڏئي، پُرسڪون ڪيو،
پوءِ هن وڻ جي هڪ شاخ ٽوڙي ٻار کي چيو، هي هٿ ۾
مضبوط رکو، مان توکي ڇڪي ٻاهر ڪڍندس. ڪجهه دير جي
ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ، ٻار ٻاهر نڪري آيو. هاريءَ ٻار
کي چيو منهنجي گهر هلو، مان تنهنجا ڪپڙا صاف
ڪرائيندس.
پر ٻار چيو، ته منهنجو پيءُ انتظار ڪندو هوندو ۽
ائين چئي ڀڄي ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو هاري اُٿيو ته
ڏٺائين، ته هڪ خوبصورت بگي سندس گهر جي ٻاهران
بيٺي آهي. پوءِ ان بگيءَ مان هڪ رعب دار شخص ظاهر
ٿيو. هن هاريءَ جو شڪريو ادا ڪندي چيو! مان توهان
کي ڪهڙو انعام ڏيان؟ ڇو ته تو منهنجي پُٽ جي جان
بچائي آهي.
غريب هاري چيو! توهان جي مهرباني،
جيڪڏهن ٻيو ڪو منهنجي جاءِ تي هجي ها، ته هو به
اهو ئي ڪري ها، مون کي ڪنهن انعام جي ضرورت ناهي!
رعب دار شخص ڏاڍو چيو، پر هاريءَ نه مڃيو، سو
ويندي ويندي هاريءَ جي پُٽ تي سندس نظر پئي اُن
ڏانهن ڏسندي چيائين! ڇا هي تنهنجو پٽ آهي؟ هاريءَ
پنهنجي پُٽ جي مٿي تي پيار مان هٿ ڦيريندي چيو،
”ها
سائين، هي منهنجو ئي پُٽ آهي. وڏي ماڻهوءَ چيو!
ٺيڪ آ هڪڙو ڪم ٿا ڪريون، ته مان هن کي پاڻ سان گڏ
لنڊن وٺي ٿو وڃان. هن کي پڙهايان ٿو. هاريءَ
پنهنجي پٽ جي محبت ۾ اها آڇ قبول ڪئي. سندس پٽ
لنڊن هليو ويو ۽ پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ ايترو ته
پڙهيو جو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو.
ڇا توهان کي
خبر آهي، ته دنيا کيس
”اليگزينڊر
فليمنگ“
جي نالي سان سڃاڻي ٿي. ها،
فليمنگ جنهن پينسلين ايجاد ڪئي. پينسلين، جنهن
لکين ماڻهن جون زندگيون بچايون
۽ جنهن عظيم هاريءَ رعب دار شخص جي پُٽ کي
دلدل مان ڪڍيو هو، اهو ئي پُٽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي
جنگ کان اڳ اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو
هو، ته وري فليمنگ جي پينسلين جي مدد سان سندس جان
بچائي وئي.
توهان کي خبر آهي، ته اهو امير ڪير هو؟ اهو روڊولف
چرچل هو ۽ سندس پُٽ ونسٽن چرچل هو، جيڪو ٻي جنگ
عظيم دوران برطانيه جو وزيراعظم هو ۽ هن چيو.
”چڱو
ڪريو، ڇو ته چڱائي واپس توھان ڏانھن موٽندي آھي.“
اهو بظاهر ته هاريءَ جي مهرباني جو هڪ ننڍڙو عمل
هو، پر سوچيو، ته هن کي ڪيترو فائدو ٿيو؟
ليو ٽالسٽاءِ
سنڌيڪار: اياز ڀٽو/جيڪب آباد
ماڪوڙي ۽ ڪبوتر
هڪ ماڪوڙي پنهنجي اُڃ اُجهائڻ جي لاءِ هڪ چشمي تي
آئي. هڪ لهر آئي ۽ ماڪوڙي کي لوڙهي وٺي وئي.
ماڪوڙي ٻُڏڻ واري هئي ته هڪ ڪبوتر ماڪوڙيءَ کي
ٻُڏندي ڏٺو. اهو پنهنجي چُهنب ۾ هڪ لام کڻي وڃي
رهيو هو، ان چشمي ۾ اها لام ائين رکي هئائين، جو
ماڪوڙي انهيءَ تي چڙهي وڃي، ۽ ٻُڏڻ کان بچي وڃي.
هڪ شڪاري پنهنجي ڄار کي ڪبوتر تي وجهڻ چاهي پيو،
ته ماڪوڙي اهو ڏٺو ۽ اڳتي وڌي ۽ ان جي پيرن کي
ڪٽي ڇڏيو. شڪاري درد جي ڪري چنگهڻ لڳو، ۽ ڄار سندس
هٿ کان نڪري ويو، ۽ ان سان گڏ ئي ڪبوتر پنهنجي پرن
کي ڦڙڪائيندي اُڏري ويو.
سبق:
پيارا ٻارؤ! هن ڪهاڻيءَ منجهان اهو سبق ملي ٿو، ته
جيڪڏهن توهان ڪنهن جي مدد ڪريو، ته انهيءَ
نيڪيءَ جي ڪري، توهان ان نيڪيءَ کان نڪري اچو ٿا،
ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو توهان جنهن جي مدد ڪئي
آهي، اهو ئي توهان جي ڪم ايندو آهي.
***
ڪرشن چندر
(قسط: آخري)
عبدالستار لغاري/ٽنڊوالهيار
اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)
جيڪڏھن ڪجهه منٽ اڃا بيھن ھا، ته شھزادي اکيون
ڇنڀي ھا پر خير ٿي ويو. ٿوري وقت کانپوءِ ڦاٽڪ
پاڻھي کُلي ويو ۽ پوءِ بند ٿي ويو. مينار جي اندر
ويا ته پوڙھي ھنن کي اشاري سان چيو، ھلندا ھلو،
پھرين سرد خاني ۾ ھلڻ گھرجي سج لھي رھيو آھي.
ڀڄندا ڀڄندا ھو ڏاڪڻيون چڙھندا ويا ۽ انھي وقت سج
لھي رھيو ھو، ھو ٽئي سرد خاني ۾ پھچي ويا ۽ پوڙھي
يوسف جي نرڙ تي لال رکي ڇڏيو. لال ڏنگ واري جاءِ
تان زھر چوسڻ لڳو، ان وقت ھڪ عجيب منظر ڏٺو ويو،
مينار جي روشني گھٽجندي وئي. ٿوري دير کانپوءِ
ڪنھن جي ڀڄڻ جا آواز اچڻ لڳا، اھي آواز سرد خاني
ڏانھن اچي رھيا ھئا. پوڙھي يڪدم سرد خاني جو در
بند ڪري ڇڏيو. زھر چوسڻ کانپوءِ لال جو رنگ سائو
ٿيندو ويو ۽ يوسف جي چھري تي زندگي ھڪ دفعو وري
ڊوڙڻ لڳي. لال پورو زھر چوسي ورتو، يوسف اکيون
کوليون، يوسف جي ھوش ۾ اچڻ سان ئي مينار ۾ اونداهي
ٿي وئي ۽ چئني طرفن نانگن جا خطرناڪ آواز اچڻ لڳا.
لال ڪٿي آھي، لال ڪٿي آھي، پوڙھو پريشاني وچان لال
ڳولڻ لڳو. منھنجي ھٿ ۾ آھي، يوسف رڙ ڪري چيو. لال
مان سائي رنگ جي روشني اچي رھي ھئي ۽ چئني طرفن
کان نانگن جا آواز وڌڻ لڳا ھئا.اھي تيزي سان سرد
خاني ڏانھن اچي رھيا ھئا. جلدي ڪيو، پوڙھي چيو،
لال کي ٽوڙيو. يوسف پوڙھي کان لٺ وٺي، لال کي ھڻي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. لال جا ٽڪرا ٿيندي ئي ھڪ
زوردار ڌماڪو ٿيو، ۽ بجلي اچي وئي. پوڙھي بجلي جي
روشني ۾ ڏٺو ته مينار ھيٺ کان مٿي تائين سڄو ڦاٽي
ويو آهي، ۽ ڪجهه ئي دير ۾ مينار ڌماڪي سان ڪري
پوندو. پوڙھي چيو جلدي ڀڄو ھتان. پوڙھي شھزاديءَ
کي کنيو، يوسف ۽ موھن کي لٺ تي سوار ڪري مينار مان
نڪري آيو. اھي جيئن ئي مينار مان نڪتا، مينار
ڌماڪي سان ھيٺ اچي ڪِريو. سڄو شھر لُڏِي ويو!
ڪيترائي گھر ڪِري پيا، ماڻھو رڙيون ڪندا گھرن کان
ٻاھر نڪري آيا، رستي ۾ انھن ڪيترائي مئل نانگ ڏٺا.
مينار وٽ انھن ھڪ عجيب تماشو ڏٺو. مينار وٽ ماڻھن
ڪيترائي خوفناڪ نانگ مئل ڏٺا،ھيرا جواھر ۽ ٻيو
قيمتي سامان ٽڙيو پکڙيو پيو ھو. انھي جي ويجھي
سائي رنگ جي جُبي سان ھڪ پوڙھو بيٺو هو، پوڙھي سان
گڏ ھڪ ڇوڪري ۽ ٻه ڇوڪرا گڏ بيٺا ھئا، اھي ٽيئي سڄو
منظر حيرت مان ڏسي رھيا ھئا. ماڻھو پوڙھي وٽ آيا ۽
سندس ٿورا مڃڻ لڳا. ڇو ته پوڙھي ھنن کي نانگن کان
نجات ڏياري ھئي. پوڙھي چيو، منھنجي مھرباني نه
مڃو، ھنن ٽن ٻارن جا ٿورا مڃيو، جن جي بھادريءَ
سان توھان کي ڇوٽڪارو مليو آهي. اڄ کانپوءِ توھان
کي ڪو به نانگ نه کائيندو، نانگن جي سرڪار هميشه
لاءِ ختم ٿي وئي آهي. ماڻھن خوشي مان ٽنھي ٻارن کي
پنھنجي ڪُلھي تي کڻي وڏي ڌام ڌوم سان پوري شھر ۾
گشت ڪرايو. ان رات ٽيئي ٻار پوڙھي جي تھخاني ۾
سُمھي رھيا. يوسف صبح جو اٿي پوڙھي جي مھرباني مڃي
۽ وڻ تي چڙھي، اڳتي وڌڻ جي اجازت گھري. پوڙھي ڪو
به جواب نه ڏنو، ۽ پنھنجي آرسي کي ٺاھڻ ۾ مصروف ٿي
ويو. يوسف پڇيو، بابا ھاڻي اسان وڃون. جادو واري
آرسي ڪم ڪرڻ لڳي، يوسف آرسي ۾ ڏٺو ته ھڪ جھوپڙيءَ
جي ٻاھران ڪيترائي ماڻھو بيٺا آهن، ۽ گوڙ ڪري رھيا
آھن، يوسف سڃاڻي ويو، ھي ته منھنجي جھوپڙي آھي.
پوڙھو خاموش رھيو. يوسف ڏٺو ته ڪيترائي سپاھي ھڪ
کٽ اندران کڻي ٻاھر اُڇلائي رھيا ھئا ۽ کٽ تي
پوڙھي سُتل ھئي، جيڪا گھڻي پريشان نظر اچي رھي ھئي
۽ چئي رھي ھئي، يوسف يوسف تون ڪٿي آهين؟ امان،
يوسف چيو. پوڙھي جواب ڏنو، تنھنجي ماءُ تڪليف ۾
آهي. ھان ھاھا، يوسف پريشاني ۾ چيو. پوڙھي آرسي جي
تار ڪڍندي چيو، ھلو. پوڙھي ٽنھي کي لٺ تي ويھاريو،
۽ اُبتي وڻ جي ٽارن کان ھيٺ وڃڻ لڳو، ھاڻي ھو يوسف
جي گھر وڃي رھيا ھئا. ڪيترائي ميل ھيٺ وڻ جا ٽار
پکڙيل ھئا ۽ ھو ٽارن تي ترندا پئي ويا. موھن پوڙھي
کان پڇيو، بابا ھي نانگن جو شھر، جنھن کي اسان
پويان ڇڏي آيا آھيون، ان شھر جا نانگ ڪٿي لڪل ھئا.
بابا چيو، پٽ اھي نانگ نه ھئا، ماڻھو ھئا ۽
ماڻھوءَ جو ويس ڪري ماڻھن سان گڏ رھندا ھئا، ۽
موقعو ملندئي ڏنگ ھڻندا ھئا، اھڙا ماڻھو نانگن کان
به وڌيڪ خطرناڪ ھوندا آھن. انھن ماڻھن جي ڪيئن
سڃاڻپ ڪجي؟ شھزاديءَ پڇيو. ڌيءُ انھن ماڻھن جي دل
۾ زھر ڀريل ھوندو آھي، جيڪڏهن تون انھن جي اکين ۾
غور سان ڏسندين ته تون سڃاڻي وٺندين. ھي اھي ئي
ماڻھو آھن، جيڪي ماڻھن کي ڦرين ٿا، جنگون ڪرائن
ٿا. لٺ تيزي سان اُڏري رھي ھئي، ھاڻي وڻ جو ٿڙ
ويجھو اچي ويو ھو، ۽ کڏي ۾ ٻاھر جي روشني به اچي
رھي ھئي. ٿوري دير کانپوءِ لٺ ٻاھر نڪري آئي. ھاڻي
ھو چارئي يوسف جي جھوپڙي ٻاھران باغيچي ۾ بيٺا
هئا، جتي ڪيترائي ماڻھو، ڳوٺ جو پٽيل، بادشاھ ۽
سپاھي بيٺا ھئا ۽ يوسف جي ماءُ روئي رھي ھئي. يوسف
رڙ ڪري چيو، امان. ماءُ حيران ٿي پنھنجي پُٽ ڏي
ڏٺائين پوءِ ڊوڙي اچي ڀاڪر پاتائين.۽ يوسف کي
چُميون ڏيندي ۽ روئيندي رهي. بادشاھ ڪاوڙ مان چيو،
ھن کي گرفتار ڪيو. بادشاھ جي سپاھين يوسف کي به
گرفتار ڪري ورتو. پوڙھي بادشاھ کان پڇيو، ھن غريب
ڇوڪري جو ڪھڙو قصور آھي؟ بادشاھ چيو، ھي ڀڳوڙو
آھي، منھنجي فوج ۾ شامل نه ٿو ٿئي. آئون پاسي واري
غار ۾ حملو ڪرڻ ٿو چاھيان، ھي منھنجي فوج ۾ ڀرتي
نه ٿو ٿئي.
پوڙھي چيو، تون ٻين ملڪن تي حملا ڇو ٿو ڪرين؟
مونکي دولت جي ضرورت آھي. توکي ڪيتري دولت گھرجي،
پوڙھي پڇيو ۽ پنھنجي جُبي ۾ ھٿ وجھي ھيرن، جواھرن
۽ لالن جي مُٺ ڀري زمين تي اُڇلي. بادشاهه ۽ سندس
سپاھي ھيرا، لال ۽ جواھر زمين تان ميڙڻ لڳا. پوڙھي
ٻي دفعا کيسي ۾ ھٿ وڌو ۽ ھيرن جواھرن ۽ لالن جي
مُٺِ ڀري اُبتي وڻ واري کڏي ۾ اُڇلي. ڪجهه سپاھين
کڏي ۾ ٽپ ڏنو. بادشاھ پوڙھي کي چيو، ھي تو ڇا ڪيو.
پوڙھي چيو، مون توھان کي رستو ڏيکاريو آھي. اسان
ھن کڏي مان آيا آھيون، کڏي ۾ ھيرن جواھرن ۽ لالن
جون کاڻيون آهن. اتي توھان کي تمام گهڻي دولت
ملندي. بادشاهه ۽ سندس لالچي ڌيءُ کڏي ۾ ٽپ ڏنو.
يوسف رڙ ڪري چيو، ترسو. پر پوڙھي يوسف کي چيو، ھنن
کي نه روڪ، ھي سڀ ڀلي کڏي ۾ وڃن. ھاڻي تون انھي
کڏي کي مٽي سان ڀري ڇڏ. يوسف بيٺو رھيو. پوڙھي
ڳوٺاڻن کي چيو، جيڪڏھن توھان بادشاھ کان هميشه
لاءِ ڇوٽڪارو چاھيو ٿا ته جلدي ۾ ھن کڏي کي مٽي
سان پوري ڇڏيو. ڪٿي بادشاھ واپس نه اچي وڃي. اھا
ڳالهه يوسف جي سمجهه ۾ اچي وئي. يوسف بيلچو کڻي کڏ
کي پورڻ لڳو. ان کانپوءِ ڳوٺاڻن به کڏي پورڻ ۾
يوسف جو ساٿ ڏنو. ٿوري دير کانپوءِ کڏو پورجي ويو.
جڏھن پورو کڏو پورجي زمين جي سطح جھڙو ٿي ويو،
تڏھن يوسف پوڙھي کي چيو بابا کڏي ۾ ته منھنجو وڻ
ھو. پوڙھي چيو وڻ ته ھاڻي به موجود آهي، انھي وڻ
تي چڙھي تو زندگيءَ جو تجربو حاصل ڪيو آهي. ھاڻي
ان تجربي مان ڳوٺاڻن کي به فائدو ڏي. ھن وڻ توکي
جيڪو سيکاريو آھي، تون اھو ماڻھن کي سيکار. پر
بابا مون ته ھن وڻ جي چوٽي به نه ڏٺي آهي، مونکي
وڻ جي چوٽي ڏسڻ جي خواھش ھئي. پوڙھي کلي چيو، پُٽ
ھي معمولي وڻ ناھي، ھي انسان جي ترقيءَ جو وڻ آھي،
ھن جي چوٽي اڄ ڏينھن تائين ڪنھن نه ڏٺي آهي. يوسف
کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، ھن وڏي احترام سان بابا
جي جُبي کي چُمي ڏيندي چيو، بابا توھان مونکي گھڻو
ڪجهه سيکاريو آهي، آئون توهان جو ٿورو ڪيئن ادا
ڪيان. بس ھڪڙو قرب ڪيو، اڄ کان ھي جھوپڙي توھان جي
آھي، توھان اسان سان گڏ رھو. ھتي موھن ۽ شھزادي به
رھندي. بابا شھزادي جي مٿي تي ھٿ رکندي چيو، يوسف،
سڀئي ننڍيون ڇوڪريون شھزاديون ھونديون آھن. تون
ھنن کي پاڻ سان گڏ رک، پنھنجي ماءُ جي خدمت ڪر ۽
پنھنجي علم ۽ تجربي سان ڳوٺ وارن کي فائدو ڏي،
ھاڻي آئون ھلان ٿو. ڇو بابا تون ترسين ڇو نٿو،
موھن چيو. مھرباني ڪري ترسي پئو، شھزادي بابا کي
ڀاڪر پائيندي چيو. بيھي نٿو سگھان ڌي، بابا
چيو، منھنجو ڪم بيھڻ ناھي، آئون ھلندو رھندو
آھيان، ڇو ته منھنجو نالو تاريخ آھي. اھو چئي بابا
اڏرندڙ لٺ کي ھٿ ۾ کنيو ۽ ھليو ويو، پري تائين
بابا کي ويندي شھزادي يوسف ۽ موھن ڏسندا رھيا، آخر
رستي ۾ ھڪ موڙ آيو ۽ بابا ھنن جي نظرن کان اوجھل
ٿي ويو. يوسف جي ماءُ ھنن کي پيار مان ڏسندي چيو،
بابا صحيح چوندو ھو. خير توھان جو گھر توھان لاءِ
آتو آهي. يوسف، موھن ۽ شھزاديءَ جو ھٿ جھليو ۽
ماءُ جي پٺيان جھوپڙي جي اندر ھليو ويو.
ختم ٿيو.
علي محمد پلهه
(قسط: آخري)
ڳوٺ: پلهه/سانگهڙ
هڪ ڏينهن جو بادشاهه
پوءِ دائي موٽي آئي. ابوالحسن اُٿي ويٺو ۽ چوڻ
لڳو، ته هاڻ ڏسون ڪهڙا گُل ٿا کِلن. دائي تمام
تکو پنڌ ڪري محلات ۾ آئي. راڻي چوڻ لڳي، ته مسرور
نمڪ حرام بلڪل ڪوڙو آهي. آءٌ پاڻ ڏسي آئي آهيان،
ته ابوالحسن مُئو پيو آهي ۽ سندس زال پئي روئي.
اُتي راڻي ڏاڍي خوش ٿي ۽ خليفي کي چيائين، ته
اوهان جي خوشامدي غلام ڪوڙ ڳالهايو آهي. دائي
ڪوٽوال ڏي مُنهن ڪري چيو، ته اي ميان مٺو! خليفي
کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي، تو وڏو گناهه ڪيو
آهي. روح راحت ته جيئري ويٺي آهي. ابوالحسن جو
جنازو دالان ۾ رکيو آهي. تو ايڏو وڏو ڪوڙ ڪيئن
هنيو؟ ڪوٽوال کي ڪاوڙ آئي ۽ چيائينس، ته ڪاري ڪٻر!
ڪوڙي تون آهين. آءٌ پاڻ روح راحت کي مُئل ڏسي آيو
هُوس. دائيءَ چيس، سُبحان الله! منهجو مُنهن ته ڏس
سچائي اُن مان ظاهر آهي. ڪوڙو فريبي آهين. جو
خليفي جي منهن تي به پيو ڪوڙ هڻين ۽ سچ نه ٿو
چئين. راڻيءَ اُتي خليفي کي چيو، ته ڏسو اوهان جو
غلام منهنجي دائيءَ کي گهٽ وڌ چئي رهيو آهي. اوهين
به کيس نه ٿا سمجهايو. ائين چئي راڻيءَ جي اکين ۾
پاڻي تري آيو. خليفي کڻي ماٺ ڪئي ۽ دل ۾ سوچيائين،
ته هاڻ ڇا ڪجي! اتي جيڪي ٻيا به حاضر هئا، سي به
حيرت ۾ پئجي ويا. ڳچ دير کان پوءِ خليفي چيو ته
راڻي! اسان سڀئي هڪ ٻئي جي اڳيان ڪوڙا ٿيا آهيون،
هاڻي اُن کان سواءِ چارو نه آهي جو پاڻ روبرو هلي
ڏسي پَڪ ڪريون ته پهريان ڪير مُئو آهي؟
اها صلاح سڀني کي وڻي ۽ روانا ٿيا. ابوالحسن جو
سڀني کي ايندو ڏٺو، سوچيائين ته هاڻ ته عزت ٿي
وڃي، پر خير فڪر نه آهي. زال کي سُمهاري اُن جي
مٿان اڇي چادر وجهي پاڻ به ان جي ڀر ۾ چادر تاڻي
سُمهي رهيو. ڄڻ ته ٻئي مُئا پيا آهن. راڻيءَ ۽
خليفي سميت سڀ ماڻهو دروازو کولي اندر داخل ٿيا.
ڇا ڏسن ته ٻئي مُئا پيا آهن ۽ ڪفن سندن مٿان پيو
آهي. سڀ ماٺ ٿي ويا. راڻيءَ خليفي کي چيو، ته هي
ڇا ٿي ويو؟ ٻئي ڄڻا مري ويا! راڻيءَ وري مسرور کي
چيو، ته توهان جي تڪرار ۽ سُس پُس جي ڪري هن کي هڪ
مڙس جو غم، ٻيو اوهان جي اچ وڃ سو ويچاريءَ جو
هِنيانءُ ڦاٽي پيو ۽ مري وئي آهي. خليفي چيس، ته
تنهنجي ڳالهه برابر آهي. اول روح راحت مُئي آهي،
ان ڪري تو هارايو ۽ مون تو وارو بنگلو کٽيو.
راڻيءَ چيس ته نه اول ابوالحسن مُئو آهي. اُن جي
شاهدي هاڻ منهنجي دائيءَ ڏني آهي. اهڙيءَ طرح وري
دائي ۽ مسرور پاڻ ۾جهيڙو ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته
انهن به پاڻ ۾ شرط رکي هُئي. آخر ڳچ وقت کان پوءِ
خليفي ٻنهي مُردن جي وچ ۾ بيهي اعلان ڪيو، ته جيڪو
به مون کي سچ ٻڌائيندو ته اول ڪير مُئو آهي ته اُن
کي هڪ هزار مهرون انعام ڏيندس.
ايتري ۾ ابوالحسن جي جنازي مان آواز آيو ته اول
آءٌ مُئو آهيان. اهي مهرون مون کي بخش ڪجو. ائين
چئي بُت تان ڪفن لاهي خليفي جي پيرن ۾ ڪِري پيو ۽
پوءِ روح راحت به ڪفن لاهي راڻيءَ جي پيرن تي ڪِري
پئي. اهو حال ڏسي زبيده ته ڊڄي وئي ۽ رڙ ڪري
چيائين ته ربّ! خير ڪجانءِ مُردا به ڪڏهن اُٿيا
آهن. جڏهن سڄي حال جي خبر پئي، تڏهن راڻي زبيده،
روح راحت کي ڏاڍي
’فٽ
لعنت‘
ڪئي، ته اڄ تنهنجي ڪري سڄو ڏينهن اسان جو پاڻ ۾
جهيڙو هليو آهي. خير شڪر آهي جو تون جيئري آهين.
اُن ڪري مون تنهنجو گناهه بخش ڪيو. ان طرح خليفي
کان به پهريائين ته ڇرڪ نڪري ويو، پر پوءِ
ابوالحسن جو آواز سُڃاڻي خليفي کان ٽهڪ نڪري ويو ۽
ٻنهي کي زنده ڏسي خوش ٿيو ۽ چيائينس ته ميان هي
ڪهڙو مڪر ڪيو اٿئي؟ ابوالحسن هَٿ ٻَڌي عرض ڪيو، ته
شاديءَ مهل ۽ پوءِ به ڏاڍو سُکيو گذاريندو هوس. پر
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ قرضي ٿي ويس. حضور جن ۽ زبيده
خاتون جيڪو مال ڏنو، سو کاڌ خوراڪ ۾ پورو ٿي ويو
هو. قرضدارن اچي قابو جهليو. اوهان کان گهرڻ به
ڦِڪائي پئي محسوس ٿي. ان ڪري لاچار هي طريقو
اختيار ڪرڻو پيو.
خليفو ۽ راڻي زبيده ابوالحسن جي سچ چوڻ تي گهڻو
خوش ٿيا ۽ ٻنهي کي پاڻ سان گڏ محلات ۾ وٺي ويا.
اُتي کين رکيل انعام هزار مهرون به ڏنائون.
ابوالحسن ۽ سندس زال انعام وٺي، گهر اچي پهتا ۽
سُکيا ڏينهن گذارڻ لڳا.
ختم ٿيو.
اشتياق احمد
(قسط: چوٿين)
سنڌيڪار: مير سردار چنڙ/دادو
اله دين جو چراغ
}ٻاراڻو ناول{
مان بدحواسيءَ واري حالت ۾ الماڙي طرف ڊوڙڻ لڳس ۽
ھڪ ئي لمحي ۾ الماڙي جو دروازو ھٿ سان کولي ڇڏيم.
الماڙي ۾ چراغ موجود ھو.
رات اسان خواب نه ڏٺو هو”
مان خوشيءَ مان وڏا ھوڪرا ڪيا. ھاڻ سڀ کان پھريان
ان تان لڳل ڪٽ لاھڻ کپي.“
بابا چيو
”ھن
وقت جيڪڏھن ان کي رڳڙينداسين
ته جن صاحب کي تڪليف ٿيندي.“
مان چيو.
”ڇو
نه ان کي وم (ٿانونءَ جي صابڻ) سان صاف ڪيو وڃي.
ان سان آھستي آھستي رڳڙڻ سان به ڪم ٿي ويندو. پاڻي
ڪوسو ڪيون ٿا.“
ادا تجويز پيش ڪئي.
”ھا
اھو درست رھندو.“
مان پھريون دفعو ڪچھري ۾ حصو ورتو.
”تون
وڃ ڪوسو پاڻي ڪري وٺ.“
بابا باجيءَ کي چيو. باجيءَ باهه ٻاري ۽ پاڻي ڪوسو
ڪرڻ لاءِ رکي ڇڏيو.
”گھر
۾ وِم آھي؟“
ادا پڇيو. خبر ناهي. ڪالهه ته دٻي ۾ ٿورڙو موجود
ھيو. ٿورو ڏسي آ ببلو. مان ٿانون جي خانن ۾ ھيڏي
ھوڏي ڏٺم. دٻو ھڪ ڪُنڊ مان لڌو. پر خالي ھو. ھي
ته خالي آھي.
”تون
ڊوڙندو وڃ. شھر مان ھڪ
ننڍڙو وِم وٺي آ.“
بابا چيو. پر بابا! منھنجي ھٿ ۾ ته چراغ آ، مان
ڪيئن ٿو وڃي سگھان.؟
”اھو
چراغ مون کي ڏي جھليان.“
ادا چيو.
جي نه! مان چراغ ڪنھن کي نه ڏيندس.
”نه
مان وِم سان ڌوئڻ جي تجويز ڏيان ھا، نه وري شھر
وڃڻو پوي ھا.“
نادر ڀيلو مُنھن ڪندي چيو ۽ پيسا وٺي ڊوڙندو ٻاھر
نڪري ويو.
”پاڻي
ڪوسو ٿي ويو.“
باجيءَ اعلان ڪيو. پر
”اڃا
وِم ناھي آئي.“
مان چيو.
”تون
جيسيتائين ڪپڙي جو ٽڪرو ڪوسي پاڻي ۾ پسائي چراغ کي
مل. ڪٽ نرم ٿي ويندي.“
بابا چيو.
”بابا
اوھان اڄ آفيس نه ويندوَ؟“
باجيءَ پڇيو. نه! اڄ منھنجي دل آفيس وڃڻ لاءِ نٿي
چوي.
”چراغ
جي ڪري؟“
ادا کِلندي چيو. ھا! مان ڏسڻ چاھيان ٿو، رات اسان
خواب ته ناھي ڏٺو! باجيءَ ڪپڙي جو ھڪ ٽڪرو کنيو ۽
ان کي ڪوسي پاڻي مان پُسائيندي چيو،
”ھليا
چراغ مونکي ڏي.“
”مان
توکي چراغ ڪونه ڏيندس.“
ڪپڙو کڻي آ، مان پاڻ صاف ڪندس.
”تنھنجو
خيال ڇاھي؟ مان چراغ کڻي ڀڄي وينديس؟“
باجيءَ کي ڪاوڙ اچي وئي. مان چراغ جي معاملي ۾
ڪنھن تي به اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناھيان.
”وٺ
بابا! بي اعتبار ڪٿي جا“
باجيءَ ڪپڙو منھنجي طرف اُڇلايو. مان اُن کي
نِپُوڙيو ۽ چراغ کي مَلَڻ لڳس. اڃا ٻه منٽ به نه
گذريا، ته نادر ٻاھران وِم جو دٻو کڻي اندر داخل
ٿيو. وٺو ادا! اُن کي کول!
”ڏسين
نه ٿو، منھنجا ٻئي ھٿ مصروف آھن.“
مان تيز لھجي ۾ چيو.
”جي
ڄاڻان ٿو.“
نادر چيو ۽ دٻو کوليو.
ان کان پوءِ وِم سان چراغ جي صفائيءَ جو ڪم شروع
ٿيو. گھر جا سڀ فرد جوش ۽ بي چينيءَ واري ڪيفيت ۾
مون کي صفائي ڪندي ڏسي رھيا ھئا. مان تمام نرميءَ
سان ڪم ڪري رھيو ھئس. متان جن صاحب کي تڪليف اچي.
”ابا
ھاڻ بس به ڪر! پندرنھن منٽ لڳي ويا اٿئي.“
بابا تنگ ٿيندي چيو.
جيڪڏھن مان تيزي سان ھٿ ھلايو، ته جن ڊوڙندو
ايندو. ته ڇا ٿي پيو! ھاڻ تون ان جو آقا جو آھين.
پر پوءِ به ڪنھن کي تڪليف ڏيڻ سُٺي ڳالهه ناھي.
مان چيو.
”عجيب
جن آ، چراغ جي صفائي ڪرڻ ۾ به اُن کي تڪليف ٿي
ٿئي!“
امان ڳُجھي انداز ۾ چيو.
”ٿي
سگھي ٿو، ان جو ساهه اِن چراغ ۾ ھجي.“
ادا پنھنجو خيال پيش ڪيو.
”اڄ
تائين جيتريون به جنن، پرين، ڀُوتن جون ڪھاڻيون
پڙھيون آھن. انھن سڀني ۾ پرين، جنن ڀُوتن جو ساهه
ڪنھن جاندار شيءِ ۾ ٻڌايو ويو آھي. پوءِ ڀلا ھن جو
ساهه چراغ ۾ ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟“
باجيءَ اعتراض واريو.
”جيڪڏھن
جن جو ساهه ھن چراغ ۾ ناھي، ته ان کي رڳڙڻ سان ان
کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي. اھو ڇو حاضر ٿئي ٿو؟ ان کي
ڪھڙي ضرورت؟ توھان جو خيال غلط آ، مونکي سؤ فيصد
يقين آھي. ھن جن جو ساهه ضرور ھن چراغ ۾ آھي.“
مان چيو.
خير!
”خير
ھيءَ ڳالهه اسان ان کان پڇنداسين“.
”ڇا
تو چراغ کي مڪمل طور تي صاف ڪري ڇڏيو آ.“
بابا پڇيو. جي بس ٿيڻ وارو ئي آھي. ڏسو اندران
ڪيئن نه چمڪدار نڪري آيو آ!
”بلڪل
سون جو لڳي پيو. ڇا خيا ل آ، وڪرو ڪرڻ جو ارادو آ
ڇا!“
ادا مسڪرائڻ لڳو. بلڪل نه! مان ته ان کي ھڪ لک ۾
به وڪرو نه ڪندس.
”اڇا!
ھاڻ ان کي رڳڙ. ته جيئن اسان کي خبر پوي، رات اسان
ڪو خواب ته نه ڏٺو ھو؟“
بابا چيو.
”رَوات
کڻي اچان؟“
نادر چيو. نادان ڪٿي جا! ڇا تون چاھين ٿو، ته جن
کي نيزو لڳندي محسوس ٿئي.
ھا! ھاڻ ھي صاف ٿي ويو آھي، صرف آڱوٺي جي رڳڙڻ سان
ئي ڪم ٿي ويندو.
”اڇا!
توھان سڀ جن صاحب لاءِ اڱڻ بلڪل خالي ڪريو.“
مان ھڪ آواز ۾ چيو.
”ھا!
ڪٿي ڪير جن جي پيرن ھيٺيان نه اچي وڃي؟“
نادر جي واتان گفتو نڪتو ۽ سڀ کلڻ لڳا. مان چراغ
کي رڳڙيان پيو. ھوشيار! خبردار ڊڄڻ جي ڪا ضرورت
ناھي! جن منھنجو غلام آھي. ائين چوندي ھن چراغ کي
رڳڙيو. پر چراغ آلو ھو، ھٿ ترڪِي ويو ۽ جن نه آيو.
اھو ڏسي، سڀني کي مايوسي ٿيڻ لڳي.
”مان
ته چوان پيو.....! اسان خواب ڏسي رھيان آھيون.“
بابا چيو.
”حد
ٿي وئي! اسان به ڪيڏا احمق آھيون! انھن بيوقوفن
وارين ڳالهين تي يقين ڪري ويٺاسين.“
ادا چيو.
ھُو ببلو جو پٽ هميشه سڀني جو وقت ضايع ڪندو آ.
اوهه!
”مونکي
ته آفيس به وڃڻو آ.“
بابا کي آفيس ياد اچي وئي ۽
”اسان
کي گھر جي ڳولا لاءِ وڃڻو آھي.“
ادا چيو.
توھان سڀ پنھنجون پنھنجون ٻڌائي وِيوَ، ڪير منھنجي
ڳالهه به ته ٻُڌي. اڃا چراغ کي رڳڙ ناھي لڳي. رڳڙ
ناھي لڳي ڇا مطلب؟ نادر رَڙِ ڪندي چيو.
”جي
ھا! چراغ آلو ھجڻ ڪري منھنجو آڱوٺو تِرڪي ويو..“
مان ٻڌايو.
”لعنت
آ! تنهنجي آڱوٺي تي... ٻيھر رڳڙينس...“
باجيءَ ڪاوڙ ۾ چيو.
”ٿورو
خشڪ ٿيڻ ته ڏيو“،
ٿِي ويندو خشڪ!
”تون
آڱوٺي کي تِرڪڻ ڇو ٿو ڏين؟“
ادا حيرانيءَ مان چيو.
اڇا! ڀلا رڳڙيان ٿو، مان اُٿيس ۽ ڪاوڙ واري ڪيفيت
۾ چراغ جي بتي واري حصي کي زور سان رڳڙيو. زور
سان رڳڙڻ جي ڪري زلزلو شروع ٿي ويو. اڙي! وري
زلزلو! نادر جي واتان نڪتو. جي ھا! ھي جن صاحب جي
آمد جو اعلان آھي..... مان ٻڌايو. بلڪل ان وقت
شعلا زمين تان اُڀرڻ لڳا. پوءِ جلد گم ٿي ويا.
پوءِ صرف ٺُلهه اڱڻ تي نظر ٿي آيا. اسان مٿي نظر
ڪئي، ته تقريبن ٽي منزل فليٽ جي ڊگھائي تي، جن
صاحب جو مُنھن مبارڪ نظر آيو. پوءِ اھڙو آواز آيو،
ڄڻ ڪڪر گَجندا ھجن. اسان ڪڪرن جي گَجڻ کان مُنھن
موڙي ڌيان ڪيو، ته جن صاحب جا لفظ ھئا. جن چئي
رهيو هو، ڇا حڪم آھي، منھنجا آقا.
”ھي
اڄ تنھنجو آواز ڇو بدليل آھي“
مان پڇيو. مونکي نزلو ٿي ويو آھي. اڙي! ھي نزلو
توکي ڪيئن ٿيو.
”خبر
پئي آ ته توھان چراغ کي ڌوتو آھي.“
ھن چيو.
ھا! ھا! تو ته چيو ھو، ان جي ڪٽ لاٿي وڃي. ليڪن
مان پاڻي سان ڪٽ لاھڻ لاءِ ڪڏھن چيو ھو. ته پوءِ!
ڪٽ ڪيئن لاھي سگھجي ٿي؟
(هلندڙ......)
محترمه ايڊيٽر صاحبه: السلام عليڪم، تمام تعريفون
اُن وحده لاشريڪ لھ منهنجي مِٺڙي ربّ سائين جي
لاءِ، جنهن توهان کي هيءُ پيارو ۽ مُفيد رسالو،
”گُل
ڦُل“
علم جي اُڃارن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي توفيق ۽ سعادت
نصيب فرمائي. هيءُ رسالو توهان جي ڏينهن رات جي
محنتن ڪوششن جو ثبوت آهي. ان جي تعريف ڪرڻ ڄڻ ته
سج کي بَتي ڏيئو ڏيکارڻ آهي. هن رسالي جو هڪ هڪ
حرف هيرن ۽ موتين کان وڌيڪ قيمتي آهي.
ڪافي ڏينهن کان سوچي رهيو هئس، ته
”گُل
ڦُل“
۾ ڪجهه نه ڪجهه لکان، پر ٽائيم نه ملڻ جي ڪري ڪجهه
نه لکِي سگهيس، هاڻي جيئن ئي ٽائيم مليو فورن لکڻ
شروع ڪيم.
پهريان به مان ڪجهه مواد اوهان جي خدمت م موڪليو
هيو، پر اُهي مضمونَ اڃان تائين شايع ناهن ٿيا.
باقي منهنجا سمورا خط شايع ٿيا آهن. ان لاءِ اوهان
جو بيحد شڪر گذار آهيان. ربّ سائين اوهان کي ايمان
۽ سلامتيءَ سان رکي.
(آمين)
محترمه ايڊيٽر صاحبه: هن دفعي به ڪجهه مواد
موڪلي رهيو آهيان. اُميد ته شايع ڪري حوصلو
وڌائيندا ۽ پراڻو مواد به شايع ڪندا. آخر ۾ سمورن
گُل ڦُل پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض آهي، ته فلسطين جي
مظلوم مسلمانن لاءِ دعا گهرن، ته ربّ سائين انهن
کي هر محاذ تي فتح ۽ ڪاميابي نصيب فرمائي .
(آمين)
جزاڪ الله خيرا.
مقبول احمد منظور علي عباسي
عثمانيه لائبريري چنيهاڻي ڪنڊيارو.
محترم جناب سب ايڊيٽر رفيق جمالي صاحب السلام
عليڪم، گُل ڦُل آگسٽ
2024ع
جو پڙهيو آهي. پراڻو ليکڪ اڪبر جسڪاڻيءَ جو تعارف
اسان کي ڏاڍو پسند آيو.
اسان جو عرض آهي، ته مضمون
’ماءُ‘،
کي گُل ڦُل رسالي ۾ ضرور شايع ڪندا. اُميد ته
مايوس نه ڪندا مهرباني.
محرم علي شيخ
محلو ليلا آباد لاڙڪاڻو
لطيفي لات جو نتيجو
سيپٽمبر
2024ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
سارنگ“
جي داستان چوٿين جو يارهون نمبر بيت آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
سانوڻ جي مينهن ڪِراڙ ڍنڍ جا اونها پاسا ته ڀري
ڇڏيا بلڪ ٿر جي وارياسي ۾ به خوب مينهن پيو. اُتر
جي ڪُنڊ واري کِنوَڻ چوماسي (چئن مهينن وارو مينهن
جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر) جو چڱو چوکو يعني
ججهو مينهن آڻي ڇڏيو. اهو برڪت ڀريو مينهن
’ماڪاڻيءَ‘
(ماڳ)، تان موٽ کائي
’پهيءَ‘
(ماڳ) جي طرف آيو. اپائڻهار
’چکيءَ‘
(ماڳ) جي ڀرپاسن تي
’چيهو
گاهه‘
تمام گهڻو ۽ جام پيدا ڪري ڇڏيو.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ڦل ڪاڪا.
*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ
باغ ڀٽي حيدرآباد.
*عادل جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
پاهڙ خان جمالي ضلعو مٽياري
*عبدالباقي ڀٽو: ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي
گهوٽڪي.
*عبدالمالڪ سهندڙو : ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول رستم ضلع شڪارپور.
*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*سليمان جمالي: ڪلاس ڇهون، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن
هاءِ اسڪول ڳوٺ جان محمد عرف (مٺياڻي) جمالي ضلع
مٽياري.
*عمار علي: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي
سيوهڻ.
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول
ڦلجي اسٽيشن دادو.
*ميرب زهره: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي
سيوهڻ.
*حجاب زهره: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي
سيوهڻ.
*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*شايان علي علوي: ڪلاس ٽيون، مخدوم خليق الزمان
پرائمري اسڪول هالا نوان.
*خليفو فيصل ڪاڪا: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ڦل ڪاڪا ضلع مٽياري.
*سعيده سهندڙو: ڳوٺ عظيم سهندڙو ضلع شڪارپور.
*فردوس علوي: ڪلاس پنجون، مخدوم خليق الزمان
پرائمري اسڪول هالا نوان.
*مريم جاويد لاکو: اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.
*صبغت الله ڏاهري: ڪلاس يارهون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*آزان علي خاصخيلي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول آراضي سيوهڻ.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
مريم جاويد لاکو جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي
بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.
|