(A.I)
’مصنوعي
ذهانت‘
کان ورتل
مصنوعي ذهانت ڇا هوندي آهي ؟
مصنوعي ذهانت (Artificial
Intelligence)
ياA.I
هڪ اهڙي ٽيڪنالوجي آهي، جيڪا ڪمپيوٽر سسٽمز ۽
مشينن کي انساني ذهانت وانگي ڪم ڪرڻ جي صَلاحيت ڏي
ٿي. اِن ۾ مختلف ٽيڪنيڪون شامل آهن، جيڪي مشينن کي
سِکڻ، سمجهڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جي قابل ڪنديون آهن. هتي
ڪجهه اهم نُڪتا بيان ڪجن ٿا.
* لرننگ مشين:
هي
A.I
جي هڪ شاخ آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر کي وڏي مقدار ۾ ڊيٽا
فراهم ڪيو ويندو آهي. جيئن هو هن ڊيٽا مان سکي
سگهي ۽ مستقبل ۾ بهتر فيصلا ڪري سگهي.
* نيورل نيٽ ورڪس:
هي انساني دماغ جي نيورونز وانگي ڪم ڪندا آهن ۽
مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
* قدرتي زبان جي پروسيسنگ:
هيءَ ٽيڪنيڪ ڪمپيوٽرز کي انساني زبان کي سمجهڻ ۽
ان تي عمل ڪرڻ جي صلاحيت ڏي ٿي. جيئن ته
’چيٽ
بوٽس‘
۽ زبان ترجمون ڪندڙ سافٽ ويئر آهي.
* ڪمپيوٽر ويزن.
هن جي ذريعي ڪمپيوٽر تصويرن ۽ وڊيوز کي سمجهي سگهي
ٿي. ان ۾ موجود شيئن کي سُڃاڻي سگهي ٿي. خودڪار
نظام (A.I)
جي مدد سان خُود ڪار گاڏيون، ڊرونز ۽ ٻيون مَشينون
ٺاهيون وڃن ٿيون، جيڪي اڳتي هلي ڪم ڪري سگهنديون.
مصنوعي ذهانت جون هي تمام ٽيڪنيڪون ملي ڪري، مختلف
شُعبن ۾ انقلاب آڻي رهيون آهن. مِثال طور، صَحت،
تَعليم، تجارت، صنعتڪاري ۽ تفريح وغيره.
زمين ڪيئن ٺهي؟
زمين جي تشڪيل جو عمل تقريباً
4.5
ارب سال پهرين شروع ٿيو هو. ان عمل کي سمجھڻ لاءِ،
اسان کي ڪجهه اهم مرحلن تي غور ڪرڻو پوندو.
* بگ بينگ:
تقريباً
13.8
ارب سال پهرين
’بگ
بينگ‘
ٿيو. جنهن سان ڪائنات جي ابتدا ٿي. ان کان پوءِ
مختلف گئسن ۽ دز جي ڪڪرن گڏجي نيبولا ٺاهيا.
* نيبولا جو سُڪڙجڻ:
سج جي نظام جي تشڪيل هڪ نيبولا جي سُڪڙجڻ سان ٿي.
هي نيبولا هائيڊروجن، هيليم ۽ ٻين ڳرين شين تي
مشتمل هو.
* سج جي تشڪيل:
نيبولا جي مرڪز ۾ ماده جمع ٿي ڪري سج ٺهيو، جڏهن
ته باقي ماده گردشي ڊسڪ جي شڪل ۾ سج جي چئو طرف
ڦرڻ لڳو.
* سيارن جي تشڪيل:
گردشي ڊسڪ ۾ موجود ماده پاڻ ۾ ٽڪرائڻ ۽ جُڙڻ لڳا،
جنهن مان ننڍا ننڍا جسم ٺهيا. اهي جسم وڌيڪ ٽڪرائڻ
۽ جُڙڻ سان وڏا وڏا سياره ٺهي پيا.
* زمين جي تشڪيل:
زمين به انهيءَ عمل جي دوران ٺهي. شروع ۾ هي هڪ
گرم ۽ ڳريل حالت ۾ هئي، پر وقت سان گڏوگڏ هي ٿڌي ۽
ٺوس ٿي وئي.
* چنڊ جي تشڪيل:
هڪ وڏي جسم جي زمين سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ چنڊ
ٺهيو. ان ٽڪرائو سبب زمين جي سطع تي به تبديليون
آيون.
* پاڻي ۽ زندگي:
زمين جي سطع تي پاڻي جي موجودگي ۽ مناسب ماحول
زندگيءَ جي ابتدا لاءِ حالات فراهم ڪيا.
***
برسات ڪيئن ٺهي ٿي ۽ وسَي ٿِي؟
مينهن ٺهڻ ۽ وسڻ جو عمل تمام دلچسپ آهي، جيڪو
هيٺين ريت ٿيندو آهي.
* ٻاڦ جو ٺهڻ:
زمين تي موجود پاڻي، جهڙوڪ سمنڊ، دريا ۽ ڍنڍن مان
سِج جي حرارت جي ڪري ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.
* ڪَڪَر ۽ (جُهڙ) جي شڪل:
هي ٻاڦ هوا ۾ مٿي اُٿندا آهن. ٿڌي هوا سان ملي ڪري
ڪڪر ٺاهيندا آهن. ڪڪرن ۾ موجود پاڻيءَ جا ننڍا
ننڍا قطرا پاڻ ۾ ملي ڪري وڏا قطرا ٺاهيندا آهن.
* مينهن جو وسڻ:
جڏهن ڪڪرن ۾ پاڻيءَ جا قطرا ايڏا وڌيڪ وزني ٿي
ويندا آهن، جو اهي ڪڪر سنڀالي نه سگهن، ته پوءِ هي
قطرا زمين تي مينهن جي صورت ۾ وسندا آهن.
هيءُ عمل قدرتي طور تي ٿيندو آهي ۽ هِن ۾ مختلف
سبب شامل هوندا آهن، جيئن هوا جو گرمي پد. هوا ۾
نمي، ۽ هوا جي حرڪت .
* ڄاڻ جو
رستو:
ڪتاب تقريبن ڪنھن به موضوع تي علم جو هڪ وسيع
ذخيرو پيش ڪن ٿا. تاريخ، سائنس، فلسفو، يا نئين
مشغلن ۽ دلچسپين جي ڳولا ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
* اضافي لفظن
جو مجموعو:
باقاعدگي سان پڙھڻ توھان کي لفظن جي وسيع رينج
تائين
پھچائي ٿو، توھان جي رابطي (Communication)
جي صلاحيتن ۽ سمجهه کي بھتر ڪري ٿو.
* يادداشت ۾
بھتري:
مطالعي متعلق سائنسي طور ٻڌايو ويو آهي، ته پڙهڻ
توهان جي يادداشت ۽ علمي ڪارڪردگيءَ کي تيز ڪرڻ ۾
مدد ڪري سگھي ٿو، توهان جي دماغ کي فعال ۽ مصروف
رکي ٿو.
* ذهني دٻاءُ
جي گھٽتائي:
سُٺي ڪتاب سان پاڻ
کي جوڙي رکڻ، ذهني اذيت کان ڇوٽڪاري جو
سبب ٿي سگھي ٿو، روزاني پريشانين کان عارضي
ڇوٽڪارو ۽ آرام ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.
* توجهه ۽
ڌيان ڏيڻ ۾ بھتري:
اڄ جي تيز رفتار دنيا ۾ جيڪا پريشانين سان ڀريل
آهي، پڙهڻ توهان جي توجهه ڏيڻ ۽ گھڻي وقت تائين
ڌيان لڳائڻ جي صلاحيت کي مضبوط ڪري ٿو.
* همدردي ۽
نقطهء نظر:
افسانوي ڪردارن جي جُتين ۾ قدم رکڻ سان، اوهان جي
اندر همدردي پيدا ٿئي ٿي ۽ مختلف نقطهء
نظرن کي گَھَرائي سان سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي.
*
تخليقي
صلاحيتن ۾ واڌارو:
پڙهڻ توهان لاءِ نون خيالن ۽ سوچڻ جي نون طريقن کي
پيش ڪري ٿو، ممڪن طور تي توهان جي پنھنجي تخليقي ۽
مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيتن کي چمڪائي وڌائي ٿو.
* لکڻ جون ٺوس
صلاحيتون:
سُٺي نموني لکيل نثر پڙهڻ ۾، پاڻ کي مصروف رکڻ سان
توهان جي پنھنجي لکڻ جي انداز، جملي جي
جوڙجڪ، ۽ مجموعي رابطي
جي صلاحيت ۾ نمايان چِٽائي پيدا ٿي سگھي ٿي.
* معياري ننڊ ۾ بھتري:
بستري تي وڃڻ کان اڳ ۽ موبائل اسڪرين ۾ وقت ڏيڻ جي
عمل کي، ڪنھن سُٺي ڪتاب پڙهڻ جي عمل ۾ مٽايو. ڪتاب
پڙهڻ واري پرسُڪون فطرت، اوهان کي آرام ڏيڻ ۽ ٿڌي
ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، هڪ سُٺِي ۽ معياري ننڊَ مھيا
ڪري ٿي. سُٺا ڪتاب ۽ رسالا پڙهندا رهو.
رئيس رضوان علي نظاماڻي
ڳوٺ: منو نظاماڻي/مٽياري
اخلاقي تربيت
ڪوريا کان
’سان
فرانسسڪو‘
آمريڪا جو، ڏھن ڪلاڪن جو نان اسٽاپ ھوائي سفر آھي،
ھڪ عورت پنھنجي چئن مھينن جي ٻار سان گڏ سفر ڪري
رھي آھي، سفر شروع ٿيڻ سان ئي ھن عورت جهاز ۾
ويٺل
200
مسافرن ۾ ٽافيون، چاڪليٽ، چيگم، ايئر پلگس (گوڙ
سبب ڪنن کي بند ڪندڙ ٻُجيون) جون ٿيلهيون ورھايون.
جن ۾ ھڪ ڪاغذ به گڏ ھو.
جنھن ۾ لکيل ھو ته،
”ھيلو!
مان
’جان
وو‘
آھيان. منھنجي عمر چار مھينا آھي، پنهنجي ماءُ ۽
ڏاڏيءَ سان گڏ سفر ڪري رھيو آھيان، جهاز ۾ پهريون
ڀيرو سفر ڪرڻ سبب ڪجهه گهٻرايل آھيان، متان منهنجي
روئڻ جو گوڙ وڌي وڃي، مان توھان کان اڳواٽ معذرت
گهران ٿو، ۽ منهنجي طرفان ھي تحفو قبول ڪندا.“
ھي آھن دنيا جا مهذب انسان، جيڪي ٻين ماڻھن جي
تڪليف کي پنھنجو سمجھن ٿا. اسان وٽ گوڙ ڪري ماڻھن
کي تڪليف ۾ وجھڻ کي ڏوهه، ته پري جي ڳالهه!، پر
خراب به ناھي سمجهيو ويندو.
***
ولي بروهي
هالا نوان
صرف هڪ منٽ ۾!
*
مسلمان کي سلام ڪرڻ
هڪ روايت جي مطابق مڪمل سلام چوڻ سان ٽيهه نيڪيون
ملنديون آهن. سيدنا عمران بن حصين رضي الله عنھ
بيان ڪن ٿا، ته هڪ شخص نبي ڪريمﷺ وٽ آيو ۽ انهيءَ
السلام عليڪم چيو. پاڻ ڪريمﷺ انهيءَ کي سلام جو
جواب ڏنو. پوءِ اهو شخص ويهي رهيو، ته نبي ڪريمﷺ
جن فرمايو، هن کي ڏهه نيڪيون مليون آهن. پوءِ هڪ
ٻيو شخص آيو، انهيءَ السلام عليڪم و رحمة الله
چيو. پاڻ ڪريمﷺ انهيءَ کي سلام جو جواب ڏنو ۽ اهو
شخص ويهي رهيو. پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو، ته هن کي
ويهه نيڪيون مليون آهن. پوءِ هڪ ٽيون شخص آيو ۽
انهيءَ السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتھ چيو.
پاڻ ڪريمﷺ انهيءَ کي به سلام جو جواب ڏنو. پوءِ
اهو به ويهي رهيو. پاڻ ڪريمﷺ فرمايو هن کي ٽيهه
نيڪيون مليون آهن.
(سنن ابي دائود
5195
)
سيدنا ابو امامه رضي الله عنھ کان روايت آهي، ته
اسان جي نبي ڪريمﷺ اسان کي حڪم ڏنو، ته اسين سلام
کي عام ڪريون.
(سنن ابن ماجه
3693)
ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي
ڪراچي
پهاڪن جو اُستاد
هڪ ڏينهن صبح جو ظفر اسڪول وڃي رهيو هو، ته هڪ باغ
وٽان لنگهندي سندس نظر هڪ وڻ تي پئي، جنهن جي هڪ
ٽاريءَ تي نارنگي ڦُٽي بيٺي هئي. نارنگي ڏسي هن جو
وات پاڻي پاڻي ٿي رهيو هو.
”واهه
واهه اڄ ته مزو ٿي ويو. اها نارنگي ضرور کائبي.“
اهو سوچي هن پَٽَ تان ٻه ٽي پٿر کڻي نارنگيءَ کي
هنيا، پر هن جو نشانو ٺيڪ ڪونه هو، سو نارنگي هيٺ
ڪونه ڪِري.
اوچتو آواز آيو،
”جن
کي ميوو کائڻ جو شوق هوندو آهي، سي وڻ تي چڙهڻ کان
نه ڪيٻائيندا آهن.“
ان آواز ظفر کي ڇرڪائي ڇڏيو. جيئن ته هن نارنگي
کائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو، سو ٿيلهو پَٽَ تي
اُڇلائي مٿي وڻ تي چڙهڻ لڳو. هو نارنگي واري ٽار
تي چڙهي آيو ۽ ڏٺائين ته اها نارنگي نه، پر نارنگي
رنگ جو ننڍڙو ڦوڪڻو هيو!
ايتري ۾ هڪ طوطو ٽُپُ ڏئي اچي ظفر جي ڪُلهي تي
ويٺو ۽ چيائين،
”تون
صفا چريو ڇوڪرو آهين. ڀلا ڪڏهن ٽالهيءَ جي وڻ تي
به
نارنگيون ڦُٽيون آهن؟ ڪو به ڪم ڪرڻ کان اڳ چڱيءَ
طرح سوچبو ۽ ڏسبو وائسبو آهي. تون سادو سودو آهين
۽ نارنگي ڏسي هرکِجي پِئين...!“
ظفر شرمندو ٿيو ۽ سوچيائين، ته
”واقعي!
ٽالهيءَ جي وڻ تي نارنگيون ته ڪونه ڦُٽنديون آهن،
مون کان غلطي ٿي ويئي آهي، آئيندي ڪو به ڪم سوچي
ويچاري پوءِ ڪندس.“
هن کي چڙهڻ کان لهڻ وارو ڪم ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو.
آهستي آهستي پير رکندو، هُو گهڻو هيٺ لهي آيو.
اوچتو سندس هٿ مان ٽاري ڇڏائجي وئي ۽ هُو ڦهڪو ڏئي
هيٺ ڪريو. جيئن ته هيٺ پَٽَ تي گهاٽي ڇٻر ڦُٽل
هئي، تنهنڪري کيس ڪو ڌَڪُ ڪونه لڳو. هُو اُٿيو ۽
ٿيلهو کڻي اسڪول ڏانهن هلڻ لڳو. طوطو لامارو ڏئي
اچي سندس ڪُلهي تي ويٺو ۽ چيائين،
”جيڪي
نه چڙهندا آهن سي ڪِرندا به نه آهن.“
ظفر طوطي ڏانهن ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو ۽ تکو تکو
ڊوڙندو اسڪول وٽ آيو، پر دروازو بند ٿي چڪو هو. ڇو
جو ظفر پنج منٽ دير سان پهتو هو. اهو ڏسي طوطي
چيو،
”اخلاص
۽ نماڻائي بند ٿيل دروازا کولي ڇڏيندا آهن.“
ظفر کي طوطي جي ڳالهه دل سان لڳي ۽ هن هوريان
دروازو کڙڪايو. اندران پٽيوالو نڪري آيو. کيس ڏسي
ظفر نماڻائيءَ مان چيو، ادا! مُعاف
ڪجؤ. اڄ مون کي ڪجهه دير ٿي وئي آهي.
”ڪا
ڳالهه ناهي.... پر آئيندي دير نه ڪجانءِ.“
اهو چئي پٽيوالي کيس اندر وڃڻ ڏنو.
ڪلاس روم جي دروازي وٽ پهچي، هن چيو،
”مس!
مان اندر اچان؟“
”پر...
ظفر تون اڄ دير ڇو ڪئي آهي؟“
مس کانئس پڇيو.
”مس
ڪو خاص سبب نه آهي. بس! مون کي ائين ئي ٿوري دير
ٿي وئي آهي.“
ظفر جو ڪنڌُ جهڪيل هو. طوطي رڙ ڪندي چيو،
”ها
مس! هي سچ ٿو چوي پر هن کي خبر نه آهي، ته دير
نڀاڳ جي ماءُ آهي.“
طوطي واتان اها عقل واري ڳالهه ٻُڌي مس حيران ٿي
وئي ۽ ظفر کي ٻانهن کان وٺي بئنچ تي ويهاريائين.
پوءِ طوطي جي کنڀن تي هٿ ڦيرائيندي چيائين،
”تون
ته ڪو سياڻو طوطو ٿو ڏسجين.“
طوطي مُسڪرائيندي وراڻيو،
”مس
مان ايترو سياڻو ته نه آهيان، پر مون کي هڪ هزار
پهاڪا ياد آهن.“
مس وائڙي ٿي وئي ۽ چيائين،
”مون
کي خوشي ٿيندي، جو تون اسان جي ٻارڙن کي روزانو
پهاڪا سيکاريندين. پهاڪن ۾ ڏاهپ جا نڪتا هوندا
آهن، تنهنڪري ٻار اهي نُڪتا سِکي پنهنجي زندگي سٺي
نموني گذاري سگهندا.“
طوطي کي اها آڇ وڻي، هو پهاڪن جو اُستاد بڻجڻ تي
ڏاڍو خوش هو. پوءِ هو مس سان ٻئي ڏينهن اچڻ جو
واعدو ڪري دريءَ مان اُڏاڻو ۽ هليو ويو.
ياسر لطيف
ڄام شورو
ٻارن جو هڪ ٻئي سان مقابلو
عام طرح اهو ڏٺو ويو آهي، ته اسان پنهنجي ٻارن کي
چوندا آهيون، توکان وڌيڪ هوشيار ته تنهنجو دوست
آهي. تو کان وڌيڪ مارڪون ته تنهنجي سئوٽ جون آيون
آهن. تو کان وڌيڪ ڏاهو ٻار ته تنهنجو ماسات احمد
آهي. اُهو بلڪل غلط آهي. ڇو ته ڪڏهن به پنهنجي ٻار
جو ٻئي جي ٻار سان مقابلو نه ڪريو. اهو هڪ مرض
آهي، ۽ هڪ بيماري آهي. اسان کي ننڍپڻ کان ئي
مقابلو ڪرڻ سيکاريو ويندو آهي. جنهن ۾ اسان جا
ماءُ پيءُ ۽ اُستاد چون ٿا، ته تون هن شاگرد کي ڏس
ته ڪيڏو سُٺو ڪم ڪري ٿو، توکي ته ڪجهه به ڪونه ٿو
اچي. شروع ۾ ئي ٻارن جي ذهن ۾ اها ڳالهه وڌي ويندي
آهي، ته پنهنجو مقابلو ٻين سان ڪريو.
هيءَ هڪ غلط رَوش آهي. جيڪا توهان جي روح کي تباهه
ڪري ڇڏيندي آهي. هر ماڻهو ٻئي کان مختلف آهي. هر
ٻار ٻئي ٻار کان مختلف آهي. انهن جو هڪ جهڙو ٿيڻ
ممڪن ئي ڪونهي.
آءٌ صرف آءٌ آهيان ۽ توهان صرف توهان آهيو.
***
فقير شان سيوهاڻي
سيوهڻ
پڇتاءُ
اڄ ڪامران پنهنجي ڪلاس ۾ مايوس ۽ ڊنل نظر اچي رهيو
هو. هن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ياد اچي رهي هُئي، ته
آءٌ سائنس جي فيئر ڪاپي پوري ڪونه ڪري آيو آهيان.
اسيمبليءَ ۾ باقي پنج منٽ بچيا هئا. کيس هڪ پورو
باب لکڻو هو. جنهن ۾
10
سوال هئا. هو دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو، ته جيڪڏهن آءٌ
رات جو ٽيليويزن تي فلم ۽ ڊرامو نه ڏسان ها، ته
فيئر ڪاپي پوري ڪري اچان هان. هاڻ ته سڄي ڪلاس ۾
مون کي شرمندگي محسوس ٿيندي، ڇو جو ڪلاس جي سڀني
شاگردن اڳيان دڙڪا ملندا ۽ اُستاد پڇندو، ته
”ڪهڙي
ڪم جي ڪري فيئر ڪاپي پوري ڪونه ڪري آيو آهين؟“
۽ سندس ڪلاس وارا کيس مٿان ٽوڪ واري انداز ۾
کِلندا. اچتو اسيمبليءَ جي گهنٽي وڄي ٿي ۽ ڪامران
خيالن مان نڪري ڪلاس جي ڪمري مان ٻاهر اچي،
اسيمبلي جي قطار ۾ بيهي ٿو. سندس نظر ڪلاس ٽيچر
ڏانهن وڃي ٿي. ڪلاس ٽيچر جي چهري تي ڪي به آثار نه
آهن. پر جڏهن ڪامران ڪنڌ هيٺ ڪري ٿو، ته کيس
اُستاد جو چهرو غصي وارو محسوس ٿئي ٿو.
اسيمبلي ختم ٿيندي ئي سڀني ڪلاسن جا شاگرد، پنهنجن
پنهنجن ڪلاسن ڏانهن وڃن ٿا. ڪامران پنهنجي پنجين
ڪلاس جي ڪمري ڏانهن وڌي ٿو. ڪلاس ۾ پنهنجي بينچ تي
ويهي وري خيالن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. اوچتو اُستاد ڪلاس
۾ اچي ٿو ۽ سڀئي شاگرد ادب سان اُٿي بيهن ٿا.
اُستاد کين ويهڻ لاءِ چئي ٿو. سڀ شاگرد سنڌيءَ جو
ڪتاب کولين ٿا. اُستاد سبق ٻُڌي ٿو ۽ وڌيڪ سبق ڏئي
ٿو. ڪامران پنهنجي ڪلاس جو ذهين شاگرد سڏيو ويندو
هو. پر اهو اڄ سبق ٻُڌائڻ ۾ هٻڪي رهيو هو ۽ اُستاد
ڪامران ڏانهن عجيب نظرن سان ڏسي رهيو هو، شايد ان
لاءِ ته اڄ ڪامران گهٻرايل ڇو آهي. اُستاد کي تعجب
ٿي رهيو هو. اوچتو ٻئي پيرڊ جو گِهنڊ وڄي ٿو. هاڻ
سائنس جو پيرڊ شروع ٿي رهيو هو. پنجين ڪلاس جو
اُستاد سنڌي ۽ سائنس جا ٻئي پيرڊ وٺندو هو.
اُستاد:
”پيارا ٻارو! هاڻ سائنس جو پيرڊ شروع ٿي ويو آهي.
سڀ کان پهريان اوهان پنهنجون فيئر ڪاپيون
ڏيکاريو، ته آءٌ صحي ڪيان ۽ جيڪي شاگرد فيئر ڪاپي
نه لکي آيا آهن، اُهي اُٿي بيهن!؟“
شاگرد هڪ ٻئي کي ڏسندا رهن ٿا ۽ پنهنجون پنهنجون
فيئر ڪاپيون ڪڍي اچي ميز تي رکن ٿا. ڪلاس مان صرف
هڪ شاگرد اُٿي بيهي ٿو ۽ اهو ڪامران آهي. ڪامران
جي اُٿي بيهڻ تي ڪلاس جا سڀ شاگرد حيران ٿين ٿا ۽
ٽوڪ واري انداز ۾ کلن ٿا. اڄ ان شاگرد جي فيئر
ڪاپي پوري نه آهي، جيڪو شاگرد هوشيار ۽ ذهين هو.!
اُستاد ڪامران ڏانهن توجهه ڪري ٿو ۽ ڪامران کي پاڻ
وٽ اچڻ لاءِ اشارو ڪري ٿو. ڪامران پنهنجي بينچ تان
آهستي آهستي ڪنڌ هيٺ ڪري اُستاد ڏانهن وڌي ٿو.
ڪامران ويجهو اچي ٿو، ته اُستاد ڳالهائڻ شروع ڪري
ٿو.
اُستاد:
”ڪامران تون پنهنجي ڪلاس جو هوشيار شاگرد آهين ۽
اڄ تنهنجي فيئر ڪاپي پوري نه آهي؟“
ڪامران:
”سائين
در اصل ان لاءِ جو ........“
ڪامران چُپ ٿي وڃي ٿو.
اُستاد:
”ڇا ٿيو! ڇا توکي ننڊ کڄي وئي هُئي!؟“
اُستاد عجب سان پڇي ٿو.
ڪامران:
”نه
سائين آءٌ بلڪل سچ ڳالهائيندس. سائين رات مون ٽي
وي تي فلم ۽ ڊرامو ڏٺو، اُن کان پوءِ مون کي ننڊ
کڄي وئي. رات جو گهڻو ٽائيم ٿي ويو هو ۽ صبح جو به
دير سان اُٿيس ۽ جلدي جلدي اسڪول پهتس. سائين مون
کي هيءُ دفعو معاف ڪيو آئينده آءٌ فلمون ۽ ڊراما
ڪونه ڏسندس.
اُستاد:
”شاباس پُٽَ ڪامران تو سچ ڳالهايو“
اُستاد شاگردن سان مُخاطب ٿئي ٿو.
”پيارا
ٻارؤ! ٽي وي ضرور ڏسو، پر ان تي ٻاراڻا پروگرام،
سائنسي پروگرام، ادبي پروگرام ۽ دنيا جون خبرون
ضرور ڏسو ۽ ٻڌو، پر لکڻ پڙهڻ وقت انهن شين کان
پري ٿيو. ان ڪري جو توهان جي عمر پڙهڻ لکڻ جي ۽
اڳتي وڌڻ جي آهي.“
”ٺيڪ
آ ڪامران پُٽَ صبح جو تنهنجي فيئر ڪاپي پوري هجي.“
ڪامران پنهنجي بينچ ڏانهن وڌي ٿو، کيس هڪ
پڇتاءُ به آهي، ته دل ۾ پڪو ارادو به آهي، ته
آئينده ڪلاس جو ڪم پورو ڪري ايندو ۽ ڪڏهن به مون
مٿان ڪلاس جا شاگرد ساٿي ٽوڪ واري انداز ۾ نه
کلندا. بينچ تي ويهندي ڪامران اُستاد ڏانهن ڏسي
ٿو، جيڪو ڪامران ڏي ڏسي مسڪرائي ٿو ۽ چاڪ کڻي بورڊ
تي ٻوٽي جي تصوير ٺاهڻ لڳي ٿو. |