[8]
نَڪو سُکُ نَکَٽرين، نه ويساندِ نَئِين
جيڪا اَچي سَامُهين، ڀانئِين سَا سَئِين
مُوڙِي ڪوهُ مَئِين، جِئَن سَڄيُون راتِيُون
سُمَهِين.
سمجهاڻي:
آسمان ۾ جيڪي نکٽ (خاص تارن جا ميڙ) آهن، انهن کي
هڪ جاءِ ٽڪاءُ ڪونهي (پيا اُڀرن، هلن ۽ لهن.) ائين
(جبلن تان لهندڙ) نين جو پاڻي به ڪٿي بيهي نٿو رهي
(بنا ساهي ۽ دير جي تکو وهي وڃي ٿو.) تنهنجي
سامهون اهو سڀ ڪجهه پيو ٿئي، پر تون ان کي سولو ٿو
سمجهين (رؤنشو ڪري وٺين ٿو.) هڪ طرف تون سڄيون
راتيون (غفلت ۾) سُمهيو پيو آهين، ٻئي طرف مالدار
ٿيڻ جا خواب پيو لهين!
[9]
گَهڙِجِ گهاٽِي نِيھَ سِين، اَڳِئان ڪَپَرُ
ڪارُونڀارَ
اُڪَارِجِ آڌارَ، لَهِرينِ مان، لَطِيفُ چَئي.
سمجهاڻي:
توکي گهرجي ته دل ۾ گهڻي ۽ سچي محبت رکي (تياري
ڪري) پوءِ پاڻيءَ ۾ داخل ٿي ڇو ته اڳتي ڪنارو ڏاڍو
اونداهو آهي ۽ پاڻي تمام اونهو آهي. عبداللطيف چوي
ٿو، ته اي مالڪ، منهنجو آسرو ۽ اميد تون آهين ۽
تون ئي مون کي انهن لهرن مان اُڪاريندين (منزل تي
رسائيندين.)
[10]
جي ڀانئِين کارو کيڙِيان ته اُٿِي بُونبُ بَناءِ
”قُل
هُوَالرّحمٰنُ آمَنا بِھِ“
ساڄا سِڙهَه سباءِ
پَنجَ پَڳَهَه، ٽِرِيهَه اوليُون، لاڄُو سَڀ
لَڳاءِ
وَحدَہلاشَرِيڪَ لَھُ، کُوها خُوبُ کَڻاءِ
ته سامُونڊِري سَندِياءِ، سَچِي سَاکَ اُبَهي.
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته سمنڊ اندر (هن زندگيءَ جو
ڪامياب) سفر ڪريان ته پوءِ خاص ٻيڙو (ان مقصد
خاطر) تيار ڪر. (سڀ کان پهرين)
’چئو
ته اهو ئي رحمان آهي جنهن تي اسان ايمان آندو‘
(قرآن جي آيت.) ان لاءِ سُٺا صحيح سڙهه تيار
ڪراءِ. ان سان گڏ (ٻيڙيءَ جي لنگر لاءِ) پنج رسا
(معنوي لحاظ سان پنج نمازون،) ٽيهه چپا (ٻيڙيءَ کي
پاڻيءَ ۾ هلائڻ لاءِ خاص ٺهيل ڪاٺيون _ معنوي لحاظ
سان ٽيهه روزا) ۽ ٻيا سڀ لاڄو يعني جهنڊيون ۽ رسا
ٻڌ. (انهيءَ سان گڏ) وحدہلاشريڪ لھ (الله هڪ آهي
۽ ساڻس ٻيو شريڪ ناهي) جي پڪي ويساهه وارا کوها
مٿي سڌا اُڀا ڪر (الله توهار ڪر.) اي سامونڊي، فقط
تڏهن ئي تنهنجي ساک پت رهجي ايندي (تون هن زندگيءَ
جي سفر ۾ ڪامياب ٿيندين.)
شاهه جو رسالو
]سُر
سري راڳ - داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
عزير احمد
”عزير“علوي
شڪارپور
حمّد
قدرت ساڻ قائم قادر آ،
ھر هنڌ هرجاءِ حاضر آ.
پاڻ نه نظري ڪنهن کي،
هر شيءِ مالڪ ظاهر آ.
ربّ جو فرمان ڪُن فَيَڪُون ۾،
فرمان الاهِي برتر آ.
حڪم ربّي قرآن واضح،
انساني جيون آھر آ.
باب نبوّت بند آ ھاڻي،
پاڻ نبِيﷺ اُمت جو واهر آ.
خالق مالڪ مخلوق سندو،
رزق رسائيندڙ اڪثر آ.
مُنهن مُهانڊو الڳ ٿلڳ سارا،
اللهج اعلى ڪاريگر آ.
سُونهن نِرالِي خوشبوءِ عالي،
هر گُل سُھڻو ۽ بهتر آ.
حمّد
’عزير‘
خدا جو ڳائي،
جنهن ٺاهي ڪائنات سُندر آ.
***
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪوٽڏجي
نعت
بــي سهــارن جو سهارو مصطفىﷺ،
آھي بخشش جو ڪنارو مصطفىﷺ.
گُل گلابن ۾ به آ خـوشبو سـندس،
چنــڊ کان وڌ آ سُونهارو مصطفىﷺ.
شــان اعـلى آ ســڀين کان معتبر،
پاڪ مـــالڪ جو پـيارو مصطفىﷺ.
پنهنجي اُمت کي اچي بخشائيندو،
ڪيــترو آ ٻاجهه وارو مصطفىﷺ.
شمــس ۽ روشن قـمر گهٽ ٿا لهن،
سُونهــن ۾ آھي سوڀـارو مصطفىﷺ.
ويــو تـــرِي ٻيــڙو چوي
’ناشـاد‘
ٿو،
مــون پُڪــاريو آ ڀلارو مصطفىﷺ.
اعجاز علي شاهه رضوي
حيدرآباد
ديس لاءِ دعا
شل سُکي تون هجين، سنڌ منهنجي امان،
پل نه ڏکيو ڏسين، سنڌ منهنجي امان.
غير جي بد نظر کان ته اوجهل سدا،
با حفاظت رهين، سنڌ منهنجي امان.
هر گلِي گام ۾ گُل وفا جا ٽِڙن،
سبز سائِي بڻين، سنڌ منهنجي امان.
آجپي لئه جنين جنگ آ جوٽي رکي،
سوڀ تن جي پسين، سنڌ منهنجي امان.
انب، ڪيلا، چڪون، گل گلابن سندي،
مهڪ ۾ واسجين، سنڌ منهنجي امان.
”اعجاز“
سوڍا لکين ڀرجهلا ديس لئه،
پُٽ پيارا ڄڻين سنڌ منهنجي امان.
ارباب علي عادل چوهاڻ
شڪارپور
علم
ٻار اسڪول ۾ علم حاصل ڪيو،
پاڻ کي عالمن ۾ پوءِ شامل ڪيو.
علم ٻالڪ پڙهو، ڪونه پُٺتي رهو،
پاڻ کي فَن هُنر، ۾ به ڪامِل ڪيو.
علم جي روشنائي سان ٻالڪ سدا،
سنڌ ڌرتي کي بهرحال گُل ڦُل ڪيو.
جيئن ٽيچر ڪلاس ۾ پڙهائي سبق،
ان سمي ڪابه هرگز نه کيچل ڪيو.
شوق سان پاڻ سارا پڙهو ۽ لکو،
ان لئه پنهنجي رڳو دل کي قائل ڪيو.
روز اسڪول پنهنجي اچو چاهه مان،
پر گُسائڻ سَندي ڪانه اٽڪل ڪيو.
علم، ڏاهپ، عقل، سمجهه سان هر دفعي،
حل سمورا رسائل مسائل ڪيو.
جيئن پڙهائي لئه ٻالڪ توجهه ڏين،
علم لئه گڏ سگهارا دلائل ڪيو.
پنهنجي
’عادل‘
جي سهڻي صلاح کي مڃو،
دل پڙهائي لئه هر وقت مائل ڪيو.
***
امداد سروري
آراضي/سيوهڻ
استاد جي عظمت
اُستاد جي عظمت کي منهنجو سلام،
اُستاد جي محنت کي منهنجو سلام،
هي مانڊاڻ سارو ته ان جي ڪري آ،
اهڙي محنت ۽ همت کي منهنجو سلام.
اُستاد مون لاءِ دارسڪندر،
اُستاد ٻارن جو ٺاهي مقدر،
سڄي دنيا ڪري اُن جو احترام،
جي اُستاد گڏ آ، رهو بي فڪر.
چوان ٿو کڻي مان خدا جو قسم،
جو اُستاد جو رُتبو دل ۾ اٿَم،
مان اُن جي عظمت تي ڇاڇا لکان،
آڏو اُن جي مُحتاج منهنجو قلم.
اُستاد ئي امن جي زنجير آ،
اُستاد ئي هر ٻار جي تقدير آ،
ڇا ڪندس زرمال دولت کي ادا،
اُستاد ئي منهنجي وڏي جاگير آ.
علي محمد سولنگي
منهنجي مِسِ
منهنجي مِس آ سُونهن سوڀاري،
علم، عقل، ۽ ڏاهپ واري.
پيار سان هوءَ پڙهائيندي آ،
بورڊ جو استعمال ڪندي آ.
ڪاپيءَ تي به لکي ڏيندي آ،
هن جو لهجو نرمل نيارو.
هن جو رويو پيارو پيارو،
شاگردن سان پيار ڪري ٿي.
ڪِينَ ڪڏهن هوءَ مار ڪڍي ٿي،
محبت سان هوءَ پيش اچي ٿي.
شفقت سان هوءَ پيش اچي ٿي،
ڪاوڙ ڪِين ڪري هوءَ ڄاڻي.
مُرڪون ٽهڪ ونڊي هوءَ ڄاڻي،
سڀني جو هوءَ خيال رکي ٿي.
خيال سڄو ئي سال رکي ٿي.
خُوب پڙهائي خُوب لِکائي،
محنت سان هوم ورڪ ڪرائي.
اکر سندس موتيءَ جا داڻا،
يا چئجن تسبيح جا داڻا،
پاڻ به آهي ڏاڍي پياري،
منهنجي مِس آهي سُونهن سوڀاري.
***
غلام محمد غازي
شڪارپور
بُري عادت
بُرين عادتن کان بچو ساٿيو،
حَياتي اُنهن ۾ پوي ٿي جُهري.
بُرين عادتن ۾ ٿو جيڪو رهي،
وهائي ٿو ڄڻ پنهنجي ڪنڌ تي ڇُري.
اگر سچ پڇو جي بُرين عادتن ۾،
حياتي ڀتر جان پوي ٿي ڀُري.
نه عادت چڱي آهي سگريٽ جي،
کُلي ٿي انهيءَ سان ڏکن جي دري.
جُوا، ڪُوڙ، چوري، ٺَڳِي ۽ نشو،
انهن عادتن کان ويهو پري سُري.
اوهان کي انهن کان بچائي خدا،
نه ڪنهن ۾ ڏسون
’غازي‘
عادت بُري،
|