ڪوثر سوز هالائي
هالا نوان
ٻاراڻو نظم
هڪڙي هڪڙي ٻار کي چُمي ڏني،
بيٺلَ سڄيءَ قطار کي چُمي ڏني.
سامهون آهي هوءَ
’مياڻي‘
ٿو ڏسان،
هوشوءَ جي ڪردار کي چُمي ڏني.
سُٺن نمبرن سان ٿيو آ پاس اڄ،
ماءُ ۽ پيءُ گلزار کي چُمي ڏني.
ٻيلي ۾ سڀ گڏ ٿيا ميلو متو،
هَرَڻ شينهن سردار کي چُمي ڏني.
پکين جون پُتلين جون تصويرون هيون،
ٻار کڻي اخبار کي چُمي ڏني.
عبدالقيوم جکراڻي
جيڪب آباد
نماز سان نينھن لائجي
نماز سان نينھن لائجي،
ڪڏھن بـه نـه گُـــسائجي.
ماءُ پيءُ جي پيرين پئي،
دعائـــــــن لاءِ ٻـــــاڏائجي.
راضي ڪري ربّ سائين کي،
سـجدن ســان مَـــڃائجي.
نياز ۽ نِوڙت سان ھيءَ،
زنــــــدگــــي نڀـــــــائجي.
اوڙي پاڙي وارن سان،
ڪـــڏھن نـــه ڦِٽائـــــجي.
بُرن جي سنگت کان،
پــــــاڻ کـــي بچائــــــجي.
ادب ۽ اخلاق کي پڻ،
ھـــــميـــشه اپنـــــــائجي.
”لا
تَقنَطُو مِن رَحمَةُ الله“
آســــــــرو نــــه لاھـــــجي.
ڪاوڙ مان ڪنھن سان به،
ٻــــاڙو نـــــه ڳــــــالھائجي.
ڪُوڙ ڪپت کان
’قيوم‘،
پـــــــاڻ کـــــي بــچائجي.
استاد گل دايو
لاڙڪاڻو
گهرُو ڪم
گهرو ڪم پنھنجو ڪجو دوستو،
گُهمڻ ڪِين وڃجو ھليا اوچتو.
سنڌيءَ جو گهرو ڪم ساري ڪجو،
سوشل، سائنس، رياضي سنڀاري ڪجو.
آ انگلش سان دِلڙي اوھان جي گهڻي،
جي پڙھندؤ ته ويندؤ سڀن کي وڻي.
ٿي روحاني راحت ڏئي اسلاميات،
سمايل آ جنھن ۾ دِيني ڪائنات.
آ مضمون اردوءَ جو ڏاڍو سُٺو،
اوھان کي اھو ڀي ته آھي مِٺو.
گهرو ڪم ڪري پوءِ ٽوئر ڪجو،
ڪري سير تفريح پوءِ موٽجو.
شفيق عاصم منگي
شڪارپور
عِلمُ
علـــــمَ لـــئه جاکوڙجي،
ڀَــل ته پــــاڻ ولـــوڙِجي.
علـــمَ جي پڻ جوت سان،
جــــيءُ پنهنجو جـــوڙجي.
جو ڪري غافل علم کان،
واســــطو ســــو ٽــــوڙجي.
علــــــم جــــي دريــاءَ ۾،
پــــاڻ ســــارو ٻـــــوڙجي.
علم اک سَــــڏجي پــــيو،
هر طــرف ســــا مـــوڙجي.
علم، عمل، ڪردار سان،
جهالــــت پـــڻ مَروڙِجي.
پيچرا ٻيا
’عاصم‘
ڇڏي،
علــــم دَڳَ تــــي ڊوڙجي.
اويس ساگر سومرو
سکر
ڪمپيوٽر
آفيس توڙي گهرَ ۾ آهي،
ننڍي وڏي شهرَ ۾ آهي.
ڪم ڪري ٿو فَرفَر فَر،
نالو هِنَ جو ڪمپيوٽر.
سائِنس جو آهي هي ڪمال،
حل ڪري ٿو ھر ھڪ سوال.
جوڙَ، ڪٽَ سارا حساب،
پڙهيل اٿَس سڀُ ڪتاب.
اسان جي دل وندرائي ٿو،
جڳَ جو سيرُ ڪرائي ٿو.
خليل عارف سومرو
جوهي/ دادو
خوش رهن ٻالڪ سدا
سُونهن آهن سنڌ جي، سنڌ جا هي ٻارڙا،
سانولا سڀ ٿا وڻن، ڀورا توڙي ڪارڙا.
اُڀ مٿي تارا جيئن،ڌرتيءَ تي هي گل لڳن،
دل اکين جو ٺار هي، ساهه کي ڏاڍا وڻن.
هي ڏسڻ ۾ ٿا اچن، سُهڻا سُهڻا چنڊ مِثل،
ماکي مصريءَ کان مِٺا، هي مِٺا وڌ کنڊ مثل.
رنگ ۽ رُوپ ۾ هي گُلن کان ڀيٽ وڌيڪ،
پوپٽن جا رنگ جيئن انڊلٺ جي ڪا ليڪ.
پنهنجي ٻولي آهي مِٺي، ديس پنهنجو آ مِٺو،
ٽوپي، اَجرڪ، پَڳ، سندو ديس پنهنجو آ سُٺو.
مُنهنجي
’عارف‘
آ دُعا ننڍڙا وڏڙا ديس جا،
خوش رهن ٻالڪ سدا خوش رهن ٻالڪ سدا.
***
حافظ بلاول بروهي
رهبر ڀٽائي
اسان جو توهان جو آ رهبر ڀٽائي،
سڄي سنڌ جو آهي سُرور ڀٽائي.
ڏسو سنڌ ۾ سندس فيض جاري،
منور ڪيو جنهن سان هر گهر ڀٽائي.
دعاڳو سڄڻ سنڌ جو آ هميشه،
ڪيو ساري عالم کي خوشتر ڀٽائي.
هو عشق قرآن سان بي حساب،
نشانبر اهو آهي دلبر ڀٽائي.
سندس بيت هر هڪ آ آيت مثال،
اثر آ رکيو ان ۾ بهتر ڀٽائي.
سندس شاعري آهي پيغام حق جو،
ادب جي فلڪ جو آ اختر ڀٽائي.
انهيءَ در جو خادم بروهي
’بلاول‘
آ،
جوسمجهي ٿو راحت جو آ درُ ڀٽائي.
***
مهر فقير/ڪراچي
مناظرو
}اُستاد ۽ شاگرد وچ ۾{
اول نانءُ الله سندو آ جو خلقڻهار،
باري سوئي بيشڪ ڏيهن جو ڏاتار.
سو قادر سو ڪريم سوئي بخشڻهار،
ٻاجهه ڪندو ٻاجهارو ڍڪيندو ڍڪڻهار.
رازق سوئي سڀ جو سو مالڪ هر وار،
آهيون پُر عيبن سان گناهن ۾ گرفتار.
رحم ڪندو راحمين مُهابي مُحمّدُﷺ سرڪار،
معافي ڏيندو مُحشر ۾ سو پاڪ پروردگار.
لکان ٿو هيءُ مناظرو ڪري الله توهار،
سو ڏيندو سگهه ستار محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شروعات
آهي مناظرو اسڪول ۾ اُستاد شاگرد جو،
اٽڪي پيا اوچتو ويس ٿي رستو ڏيو،
ڏنن ڏوهه هڪ ٻئي تي چڱو تو نه ڪيو،
ڏسون سو ڏوهي ڪير آ اوهان به ته ٻُڌو،
آ سربستو مون لکيو محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
اُستاد
پيارا شاگرد پيار مان پڙهايومانءِ سڄو سال،
پوءِ به ٿين ناپاس تون اهڙا ته هيءَ افعال،
ڀڳئي ٿي رڳو بئنچون هلين حرڪتاڻي چال،
وري دانهيئي در در اُستاد نه پڙهايو ڪنهن حال
مگر تو ته چاريو مال محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاگرد
سائين منهنجا سٻاجهڙا مون تي ڏي نه ميار،
ڪٿي پڙهايئي پيار مان ڏنئي بس رڳو مار،
اچي گهران غُصي ۾ ڪڍيئي ٿي هتي خار،
يا ويهي ڪُرسي تي پئي ڏياريئي زور هر وار،
وڃائي سال سڄو سرڪار محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
اُستاد
گستاخي نه ڪر گستاخ! ايڏو نه هڻ الزام،
مون توتي محنت ڪئي صبوح توڙي شام،
وقت نه ويٺس ڪلاس ۾ ڪرايم ڪم تمام،
سبق، کوڙا، صورتخطي ۽ ٻيو گهرو ڪم جام،
پوءِ به ڪرين ٿو بدنام محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاگرد
ايندو هئين اسيمبلي بعد ڪلاڪ ٻن جي دير سان،
اچي هُئين چوندو ايئن پڙهو پاڻ مان ٿڪل هان،
سيکاريئي نه ڪڏهن صورتخطي وري سبق کوڙا ڪٿان،
هٿيون ڪرايئي ڪم گهر جو سڄو ساروئي اسان کان،
آهن شڪايتون ٻيون به اڃان محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
اُستاد
ايڏا نه ڇنڊ ڇوهه مون تي، ڏس ڪجهه پاڻ ڏي،
پڙهين ڪِين پاڻ تون ٿو الزام هڻين مون تي،
حاضري سڄي حاضر آهي جي ڏينهن آئين هتي،
ڪڏهن گسايئي گوسڙُن جان ڪڏهن پرڻي مرڻي تي،
اڃان ٻيا به ٻُڌايانءِ ڪي محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاگرد
جي سائين پُڇين سچ ٿو ته آيس سال سڄوئي،
پر پاڻ رهين موڪلن تي چي فصل جي آ ڍوئي،
مسئلو ٿي پيو آ گهر ۾ ٻيو ڪير نه آهي ڪوئي،
کولاءِ پنهنجو حاضري بُڪ پتو پوندوءِ سڀوئي،
ٻُڌايان يا ڪافي آ اهوئي محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
اُستاد
ملڻ بعد موڪل جي پئي ڏٺئي ڊش وي سي آر،
چدن راند يا ڪرڪيٽ تي تون هوندو هئين هروار،
ڪڏهن گيم ويڊيو تي ڪڏهن ڪيرم بورڊ چوڌار،
ڪڏهن چاريئي مال ٿي ڪڏهن اُڏاريئي ٿي جهار،
پوءِ به مون تي ميار محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاگرد
اول ڏينهن کان ئي اسڪول ۾ ڏنئي ڏس اهو،
آهيان پڙهائيندو اوطاق تي توهان به اُت اچو،
ڳاڙهن ساون نوٽن کي سائين تو خوب ڪُٽيو،
پڙهائي لفظ ٻه چار ٿي وئين پئي گهر هليو،
مڃ کڻين هار ٺهيو محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
اُستاد
ٽيوشن ڏنيمانءِ ان ڪري ٿين وڌيڪ جيئن هوشيار،
ان لاءِ مون اوطاق تي شروع ڪئي اهڙي ڪار،
ته رلڻ کان جيئن بچين ۽ ڀٽڪين ڪين بيڪار،
پئسا ورتامانءِ پڙهائڻ جا جو هئس انهن جو حقدار،
ٻيو ڇا ٻُڌايانءِ ٻيهار محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاگرد
شروع ڪري ٽيوشن سائين ورهائي ڇڏيئي ٻار،
هڪڙا امير ٻيا غريب ڪيئي سو ڪاسائڪي ڪار،
ايئن نه جڳائي اوهان کي ڇو ته شاگرد ٻچن آڌار،
پر تو پئسي پويان پئي ڪِيرايو تعليم جو به معيار،
آهين سو وڏو گنهگار محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
اُستاد
ٽيوشن پڙهائي ڏوهه نه ڪيم، ڪيم فرض جو پورائو،
جو آيو تنهن کي پڙهايم توڙي پنهنجو يا پرائو،
اهو سوچي سدائين ته هرڪو رهي جيئن سائو،
چلڪي جيئن چمن ۾ ڄڻ ڪو چلڪي ڪائو،
هاڻي ته ڪر هائو محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاگرد
سال سڄو اسڪول ۾ رکيئي جاري يونين سازي،
اُٿندي ويهندي عهدي لاءِ صاحبن کي ڪيئي راضي،
جهاتي پائي جيءَ اندر ڏس تون پنهنجو ماضي،
هاڻ تارازي تو هٿ آ، پاڻ ئي ٿي تون قاضي،
مڃ ته هارايم بازي محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
اُستاد
يونين جوڙي اسڪول ۾ اُٿاريم تو لاءِ ئي آواز،
نه ڪي مفاد منهنجو نه ئي ٻي ڪا ساز باز،
فنڊ مِلن جيئن اسڪول کي بڻجي هو مايا ناز،
اٿئي اهي ئي ڳالهيون نه انهن ۾ ڪوئي راز،
يا اڃان رکين ٿو امتياز محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاگرد
اسان اڃان به پَٽ تي نه ڪا ڇتِ نه ڪا ڀتِ،
پر تون جلسن پويان واندو نه رهين ڪا وٿ،
ٻَڌي پٽيون ٻانهن تي احتجاج ڪيئي نوان نت،
خاص ڪري امتحانن ۾ هنيئي ڌرڻا ماري پلٿ،
اسان سُڪاسي هت محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
اُستاد
امتحانن جي ڏهاڙن ۾ ڪئيمانءِ مدد کوڙ،
ته جيئن پاس ٿئين ٿيئي نه ڪائي سوڙهه،
نه ٿي آيئي سوال جو سڏيئي ته پاتم ڊوڙ،
وسان نه گهٽايم پنهنجي ساٿ ڏنومانءِ هر موڙ،
ته پُڄين جيئن توڙ محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاگرد
امتحانن جي ڏهاڙن ۾ ڪرايئي پئسن تي نقل،
هيرايئي اهڙي حال تي وڃايئي اسان جو عقل،
ٿوريءَ گهڻيءَ محنت کان عاري بڻايئي اصل،
هر سال تو سائين وڌايو نقل سندو مُلهه،
ڪيئي ڪيڏو هاڃُو هل محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
اُستاد
نقل ڪرڻ پاڻ سکين اٿئي افعالن جو نتيجو،
منهن موڙي محنت کان سڄو سال رهين سُتو،
وٺي گائيڊ ور ۾ وجهي آئين امتحان حال ۾ يڪو،
جهليومانءِ تب نه مُڙين پئين ٿي اُن ويل وڙهيو،
دانهن نه ڪر آن پاڻ اڙيو محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي،
شاگرد
ڊيڄاريئي سدا امتحان ۾ ته پئسا ڏيو هيترا،
ڏيندوسانءِ موٽ منجهه نمبر پوءِ ئي ايترا،
ڊناسي پئي ڊپ مان تو ناپاس به ڪيا ڪيترا،
سو چيُئي جيئن ٿي ڏناسين ڏوڪڙ تيترا،
ياد هن ڪئي ظلم جيترا محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاعر ٻنهي کي ٺاهڻ لاءِ پهچي ٿو،
بس ڪيو گهڻو ٿيو مون ٻُڌو آ ٻنهي جو احوال،
ڪير ڏوهي ۽ بي ڏوهي ڏکيو نه ايڏو سوال،
جي توربو تارازي منجهه فرق نه ٿيندو مثقال،
آهيو ڏوهي هڪ جيترا آهي ذهن اوهان جو ڪنگال،
ڪيو اٿوَ پنهنجو زوال محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاعر اُستاد سان مخاطب ٿيندي:
هنيا جي الزام توتي شاگرد سنوان سڌا،
کولي ڪن پاڻ تو ٻنهين ساڻ ته ٻُڌا،
نٽائيندو رهين پڙهائڻ کان ساندھ تون سدا،
سو گُهر معافي خدا کان هاڻي جو هاڻ ادا،
ته پڙهائيندين ٻار ننڍا محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
شاعر وري شاگرد سان مخاطب ٿيندي:
هنيا جي الزام توتي اُستاد دل کولي جيڪي،
ٻُڌءِ پاڻ ڪنن سان سڀ جا سڀيئي سي،
رهين رُلندو سدائين ڏنئي پُٺي ڪتابن کي،
وقت جو ڪيئي زيان ٿي عمر ڀي وڃايئي پئي،
ڪر عهد پڙهندين اڳتي محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي.
ٻنهي کي سرچائڻ بعد:
شاعر اتان راهي ٿيو ڪري اُستاد شاگرد جو پرچاءُ،
سمجهائي کين سيبتو ته ڪندءُ محنت سان لڳاءُ،
وقت وڃائيندءُ ڪين ڪي نه ٿيندءُ ڪڏهن گمراهُه،
ڇو ته محنت بنا جڳ ۾ آهي قبر ڄڻ اونداهه،
سو پڙهو ڪلمو محبت ۾
’مهر
فقير‘
چئي. |