سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل فيبروري  2022ع

باب:

صفحو:5 

Text Box: مضمون

ڊاڪٽر رشيده ڀٽي

ڄام شورو

دوست هڪ نعمت آهي

دوست جي معنىٰ آهي همدرد. هڪ اهڙو انسان جيڪو ٻئي جي فطرت جي مطابق هم آهنگ ٿي، سچائيءَ سان هم خيال ٿي گذاري. اڄ جي نفسا نفسي دور ۾ سچي ساٿيءَ جو ملڻ ناممڪن آهي. پر جيڪڏهن ملي وڃي ته سمجهو ته ان کان  وڏي ڪا ٻي نعمت ڪانهي.

***

دوست

د       ڏک سک جو ساٿي

و       وفا ڪرڻ وارو

س     ساٿ ڏيڻ وارو ۽ ساٿ نڀائڻ وارو

ت      تڪليف ۾ ڪم اچڻ وارو

***

ڪتاب جي اهميت

ڪتاب جو لفظ هڪ پڙهيل لکيل انسان جي زندگيءَ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪتاب هڪ بهترين ۽ خاموشدوست آهي. انسان هي نڪتا ذهن ۾ رکي گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو.

***

ڪ             ڪفر کان روڪي ٿو.

ت              تحقيق ڪرڻ سيکاري ٿو.

ا                  اورچائيءَ جي راهه تي هلائي ٿو.

ب              بُرائي کان روڪي ٿو.

علم

ع      عقل عطا ڪري ٿو.

ل       لالچ کان باز رکي ٿو.

م      محنت ۽ همدرديءَ جو درس ڏئي ٿو.

       ·علم هڪ اهڙي لٺ آهي جيڪا بي سهارن جي لاءِ سهارو ثابت ٿيندي آهي.

       ·علم هڪ اهڙو هٿيار آهي، جنهن جي تيزي تلوار کان به وڌيڪ آهي.

       ·علم اهڙو موتي آهي، جنهن جي روشني ڪڏهن به نه گهٽبي آهي.

       ·علم ۾ اهڙي جلاوت آهي، جنهن تي سڀ لذت قربان ڪري سگهجي ٿي.

       ·علم اهڙي ڍال آهي، جيڪا جهالت جي خلاف حفاظت جو ڪم ڏئي ٿي.

       ·علم اها دولت آهي، جنهن کي ڪير به چوري نه ٿو ڪري سگهي.

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪراچي

 

اڻ پورا سپنا

امان! مان آئنده اسڪول نه ويندس. خالد ڪتابن جو ٿيلهو جاري ۾ رکندي چيو. پنهنجي سڪيلڌي ۽ اڪيلي پُٽ واتان اهي لفظ ٻڌي، هن جو ته ڄڻ ساهه ئي سُڪي ويو. خالد هن جو آخري سهارو، هن جي مرهيات مڙس جي آخري نشاني ۽ هن جي اڻ پوري خواهش، جنهن کي هوءَ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان پڙهائي رهي هئي ۽ جنهن جي روشن آئيندي جا هزارين سپنا ساڀيان ماڻڻ لاءِ، هن جي دماغ ۾ اُٿلي پُٿلي رهيا هئا، الائي جي ڇو اڄ هُو اسڪول وڃڻ کان انڪار ڪري رهيو هو. هن ڏکارو ٿيندي کانئس پڇيو، ڇو پُٽ.. ؟ تون اسڪول ڇو نه ويندين..؟ ڇا ڳالهه آهي؟ اهو چئي هن پنهنجون ٻانهون کوليون ۽ خالد ڏاڍي اڪيروچان هن جي هنج ۾ اچي ويهي رهيو ۽ چيائين ته امان! مون کي ڇوڪرا ٽوڪون ٿا ڪن.. چَون ٿا ته تون غريب جو ٻار آهين.. گندو ۽ گدلو آهين ۽ تنهنجا ڪپڙا به اسان کان گهٽ آهن. توکي ته اسڪول نه اچڻ گهرجي.

ماڻس چپ چاپ ڪيو اهو سڀ ڪجهه ٻڌندي رهي. پوءِ هن ماءُ جي چهري تي معصوم هٿڙا گهمائيندي پڇيو، امان! غريب ڪير ٿيندا آهن؟ ڇا انهن کي اسڪول ۾ پڙهڻ جو ڪو حق ڪونهي...؟!

اهو ٻڌي هوءَ ڏاڍو پريشان ۽ مايوس ٿي وئي. غريبيءَ جو احساس اڄ سندس ننڍڙي پُٽ کي به ٿيو هو. هن پنهنجي ٻچڙي کي هر طرح خوش رکڻ لاءِ پاڻ کي ڪم جي مشين بنائي ڇڏيو هو. ڪپڙا سُبي ۽ ڀرت ڀَري هن خالد جي دل ۾ ان خيال کي ڦٽڻ نه ٿي ڏنو ته هُو ڪو غريب جو ٻار آهي. ڏينهن رات پورهيو ڪري، هن پنهنجي ٻچڙي کي هڪ سُٺي انگلش ميڊيم اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو ۽ صاف سٿرو يونيفارم پڻ وٺي ڏنو هئائينس ته جيئن هو ٻين کي ڏسي مايوسي ۽ ڪمتريءَ جي احساس جو شڪار نه ٿئي. پر پوءِ به هوءَ انهن اميرن، وڏيرن ۽ سيٺين جي ٻارن سان مقابلو نه ٿي ڪري سگهي، جن جا ٻار روزانو نين گاڏين ۾ چڙهي اسڪول ايندا هئا. مهانگا ڪپڙا پاتل اميرن جا ٻار غريبن لاءِ دل ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪايو رکندا هئا ۽ اسڪول جي چارديواريءَ اندر هرهڪ کي پاڻ کان گهٽ سمجهندي هيڏانهن هوڏانهن گهمندا وتندا هئا.

اڄ ڪنهن ڇوڪري خالد کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هُو غريب آهي، ان ڪري کيس ان اسڪول ۾ نه پڙهڻ گهرجي. هن جا ڪپڙا به اڇا اُجرا هئا، پوءِ به اُن ڇوڪري کيس گندو ۽ گدلو چيو هو. خالد پڙهائيءَ ۾ ايترو ته هوشيار هيو جو ساڻس ڪو به مقابلو نه ڪري سگهندو هيو. ذهين ۽ يتيم سمجهندي، هَڙئي استاد کيس ڏاڍو پيار ڪندا هئا، پر اِهي انهن ڇوڪرن کي ڪجهه به نه چئي سگهندا هئا، جن کي دولت جي هنج ۾ پلجندي سڀ کان پهرين غريبن کان نفرت ڪرڻ سيکاري ويندي آهي. خالد جي پتڪڙي ذهن ۾ ان سوال جو ڪو جواب ڪو نه آيو ته غريب ڪير هوندا آهن؟ سندس ماءُ به ان سوال جو جواب ڏيڻ کان ڪيٻائي رهي هئي يا وري هن ڄاڻي واڻي کيس جواب ڏيڻ نه ٿي چاهيو. پوءِ هن جُهڪي خالد جي پيشانيءَ کي چُميو. پر خالد وري به پنهنجو سوال دُهرايو، امان! ٻڌاءِ نه! غريب ڪير ٿيندا آهن؟

جواب ڏيڻ بدران اُلٽو ماڻس سوال ڪيس، ڀلا! اڄ تنهنجو هوم ورڪ ڪيئن هيو؟ سبق ته پَڪو هيئي نه..؟“ ”ها هوم ورڪ ٺيڪ هيو. سڀ نوٽ بوڪ به پورا هئا. سبق به صحيح هيو. حساب به سمورا برابر هئا.. باقي گهڻن ڇوڪرن کي ته حساب آيا به ڪونه ٿي.. هن خوش ٿيندي ٻڌايو.

توسان اُستاد ته ڪو نه وڙهندا آهن نه..؟ ماڻس وري ٻيو سوال ڪيو. نه نه..! اهي ته سڀئي مون سان پيار ڪندا آهن. خالد وراڻيو، ماڻس کيس نصيحت ڪئي، پٽ! تون ڇوڪرن سان ڳالهائيندو ٻولهائيندو ئي نه ڪر.. موڪل ٿيندي ئي سڌو گهر هليو ايندو ڪر. تنهنجي اسڪول جا ڇوڪرا ڏاڍا ڏنگا آهن. پنهنجو خيال رکندو ڪر ٻچا. ننڍڙو خالد پنهنجو سوال وساري ماءَ جي نصيحت تي ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو.

چڱو ڀَلا! اُٿ ته ماني کارايانءِ، ائين چئي هن خالد کي کٽ تي ويهاريو ۽ پاڻ ماني کڻڻ اندر هلي وئي.

اڄ صبح کان ئي هن جي دل پريشان هئي. لڳو ٿي ته ڄڻ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه ٿيندي. هن خالد کي وهنجاري سهنجاري ڪپڙا پارايا ۽ نيرن ڪرائي اسڪول موڪليو. پر سندس دل هڪ اڻ ڄاتل خوف کان ڌڙڪي رهي هئي. هن مختلف خيالن سان پنهنجي دل کي وندرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪپڙن سُبڻ کي لڳي وئي.

منجهند ٿي، پر خالد اڄ الائجي ڇو دير ڪئي هئي؟ هو روزانو هن مهل واپس اچي ويندو هيو ۽ ماني کائي اسڪول جو ڪم ڪرڻ لڳندو هو. هوءَ سخت پريشان ٿي وئي. مختلف قسم جي خيالن، وهمن ۽ وسوسن هن کي صفا بي چين ڪري ڇڏيو هو. ان پريشانيءَ ۾ شام به ٿي وئي. اوچتو دروازي تي ايمبولينس جي آواز کيس ڏڪائي ڇڏيو. هن جي دل ٻُڏي وئي. پوءِ ايمبولينس جي دروازي کُلڻ ۽ وري بند ٿيڻ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو. ان کانپوءَ ڪنهن آهستي دروازو کڙڪايو. هن ڊوڙ پائي دروازو کوليو. ٽي چار ماڻهو ڪنڌ جهڪايو بيٺا هئا ۽ هڪ ماڻهو وري خالد جو بي جان جسم کنيو دروازي جي سامهون بيٺو هيو. ماڻس اُڀ ڏار رڙ ڪئي. انهن مان ڪنهن هڪ ماڻهوءَ ٻڌايو، اسڪول مان نڪرڻ مهل ڪنهن ٻار خالد کي روڊ طرف زوردار ڌِڪو ڏنو. هُو مغز ڀَر ڪري پيو. کيس دماغ ۾ ڏاڍو ڌَڪُ لڳو هيو. اسان کيس اسپتال پهچايو، پر.....

هوءَ فقط ايترو ئي ٻُڌي سگهي. هن جي اکين جو تارو، زندگيءَ جو سهارو، هن جي سپنن جي ساڀيان ۽ هن جي خاموش تمنائن جو مرڪز، هن کان گهڻو پَري وڃي چڪو هيو. هن جي منزل هن طبقاتي دنيا کان رُسي پري هلي وئي هئي. هن آخري ڀيرو وڏي رڙ ڪئي ۽ بي جان ٿي هيٺ پَٽ تي ڪِري پئي.

***

جواد علي دائودپوٽو

ڪوڙو دوست

هڪ دفعي ٻه دوست هئا علي ۽ مزمل، هنن ارادو ڪيو ته هو پوري دنيا گڏجي گُهمندا، هڪ ڏينهن هنن جهنگ ۾ وڃڻ جو سوچيو، جهنگ ايڏو ته گهاٽو هو جو هنن کي خبر هئي ته ڪڏهن به ڪجهه به هنن سان خطرو ٿي سگهي ٿو! ان ڪري هنن هڪ ٻئي سان واعدو ڪيو، جي ڪو به خطرو آيو ته به اهي ٻئي گڏ رهندا. اوچتو هنن زوردار گجگوڙ ٻڌي ۽ ڏٺو ته هڪ وڏو رڇ انهن جي طرف اچي رهيو آهي ۽ هو ڏڪي ويا، مزمل تيز ڊڪيو ۽ پاسي واري وڻ تي چڙهي ويو، علي کي پٺيان ڇڏي ويو. علي کي وڻ تي چڙهڻ ڪونه ايندو هو، هن مزمل کان پڇيو ته وڻ تي چڙهڻ ۾ منهنجي مدد ڪر نه ته مون کي رڇ کائي ويندو، منهنجي مدد ڪر پليز! مزمل چيو مان هيٺ نه ٿو اچي سگهان، رڇ به اچي رهيو آهي. هتي لڪڻ جي جڳهه به ڪونهي. تون لڪڻ لاءِ ٻي ڪا جڳهه ڳولهه. مزمل عليءَ جي مدد نه ڪئي. پر علي هڪ هوشيار ڇوڪرو هو، اسڪول ۾ هن مس کي چوندي ٻڌو هو، ته رڇ مئل ماڻهوءَ کي ڪونه کائيندو آهي، هاڻي هو پنهنجي سوچ سمجهه سان زمين تي بنا ساهه کڻڻ جي سُمهي پيو بلڪل مئل ماڻهوءَ وانگر نقل ڪندي. رڇ زمين تي پيل ماڻهو جي اڳيان آيو، هن ان جا ڪن سونگهيا ۽ آهستي پري هلي ويو، ڇو ته رڇ مئل ماڻهو کي ڪونه کائيندو آهي، رڇ جي وڃڻ کانپوءِ مزمل وڻ تان هيٺ لهي آيو ۽ عليءَ کي چيو ته رڇ تنهنجي ڪن ۾ ڇا چيو، علي چيو ته رڇ مون کي صلاح ڏني ته ڪوڙي دوست تي ڪڏهن به يقين نه ڪجان! جيڪو توکي خطري جي وقت ۾ ڇڏي وڃي ٿو.

سرمد عباسي                       (قسط: نائين)

خانواهڻ

چاڪليٽ

}ٻارڙن لاءِ وندرائيندڙ ناوليٽ{

اُھو ڀوائتو مُنھن ھڪ بُکايل گدڙ جو ھو. جيڪو قبرن جي پريان ڊڀن ۾ کوٽيل ھڪ ڏر ۾، ٻين گِدڙن سان گڏ رھندو ھو. سخت سيءَ جي ڪري ھنَ کي ڪو شڪار به ھٿ ڪو نه آيو. گِدڙ ۽ سندس ٽولو ٽِن ڏينھن کان بُکَ تي ھئا. گدڙ، قبرون ٽُپي چاڪليٽ کي ويجهو ٿي ويھي رھيو. ھنَ جي کُليل وات مان سندس ڊيڄاريندڙ ڏندَ ڏسڻ ۾ اچي رھيا ھئا. ھن جون ڳاڙھيون اکيون چاڪليٽ تي ٽِڪيلَ ھيون. گِدڙ سَھڪي به رھيو ھو. کيس ويجهو ايندي ڏسي، چاڪليٽ ھيبت وچان ڏڪي ويو ۽ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ وڌيڪ زور ڏيڻ لڳو.

اَاُوووو...! گِدڙ جي اُوناڙَ ٻڌي ڪجهه گهڙين لاءِ چاڪليٽ چُرڻ پُرڻ ئي بند ڪري ڇڏيو پر وري تڪڙ ۾ زورَ ڏيڻ لڳو. انھيءَ مھلَ ھڪ ٻئي گدڙ جي اُونائِڻَ جو آواز به آيو. اُنَ گِدڙَ، پڪ سان پھرين گِدڙ جي اُوناڙَ جو جواب ڏنو ھو. جلد ئي پھرين ِدڙ کان به ڊگهو ۽ بُت ۾ سَگهو گِدڙ به اچي پھتو.! وڌندڙ اوندهه ۾ ٻنهي گِدڙن جي اکين ۾ بکَ نظر آئي پئي. انھيءَ مھل ئي کِنوڻ جي چمڪاٽَ کان پوءِ گجگوڙ جو آواز به آيو، مينھن وسڻَ لاءِ تيار ھو. گجگوڙ جي آواز سان ئي ٻنهي گِدڙن آسمان ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ٻئي گڏجي چاڪليٽ ڏانھن وڌڻَ لڳا. گدڙن کي پاڻَ ڏانھن ايندو ڏسي چاڪليٽ ھڪ ڀيرو وري سموري سَگَهه سان رسيءَ کي ڇِڪڻَ لڳو.

ھنَ ڀيري چاڪليٽ ڪامياب ٿي ويو.ٺِڙڪ جو آواز آيو ۽ رَسي ڇِڄي پئي. رسي ڇڄندي ئي چاڪليٽ ڀڄڻَ ۾ دير نه ڪئي. ھو ان پاسي ڊُڪڻَ لڳو، جنھن پاسي مسرور، فراز ۽ اسرار ويا ھئا. ٻئي گِدڙ به ھن کي ڀڄندو ڏسي، سندس ڪڍِ ڊُڪڻ لڳا. ٻئي تيز ڊُڪندا چاڪليٽ جي صفا ويجهو پھچي ويا. انهن مان ھڪ گِدڙ جيئن ئي چاڪليٽ جي ڄنگهه ۾ چَڪُ وجهڻ جي ڪئي، چاڪليٽ خطري کي محسوس ڪندي ڀرسان ئي ھڪ وڻَ ڏانھن بُلُ ڏنو ۽ وڻَ جي ٿُڙَ تي اڳيون ڄنگهون رکي اُبتي بولاٽي کاڌي. ھُو ٻنهي گدڙن جي مٿان ڄڻُ ته اُڏامندو سندن پويان وڃي ھيٺ ڪِريو. ھيٺ ڪِرندي ئي چاڪليٽ پاڻَ کي سنڀاريو ۽ اڳتي وڌي ھڪ گدڙ کي ٺاھوڪو ٽڪر ھنيائين. گدڙ پاڻ کي ڪِرڻَ کان بچائڻَ جي ڪوشش ۾ ٻئي گدڙ کي لڳو ۽ ٻئي گدڙ ٿيڙ کائيندا ھِڪَ پاسي ٿي ويا. موقعو ڏسي چاڪليٽ ھڪ ڀيرو وري بُل ڏنو ۽ گدڙن جي وچَ مان گذرندو، تيز ڊُڪڻ لڳو. ھن جو مُنھن ٻاھر ويندڙ رستي ڏانھن ھو. گدڙَ به تڪڙ ۾ اُٿيا ۽ ھيبتناڪ آواز ڪڍندا ٻيھر چاڪليٽ جي ڪڍَ ڊڪڻَ لڳا. گدڙ جي اُونائڻَ جو آواز ٻڌي اُستاد محمد عامر جي ڳڻتي وڌي وئي.سائين، گِدڙ اچي ويا سائين. ڪرم الله جو ڏڪندڙ آواز ٻڌي استاد محمد عامر پٺتي نھاريو.

ڪرم الله تون منھنجي پويان ڇو پيو اچين؟ واپس وڃ. جلدي. اُستاد، ڇڙٻَ ڏيندي چيو. ان کان اڳ جو ڪرم الله ڪو جواب ڏئي ھا، گدڙَ جي اُونائڻ جو آواز ٻيھر آيو. واپس وڃ.اُستاد محمد عامر چيو ۽ ھيلميٽ سنڀاليندو، ٻَنَي تي اڳتي وڌڻ لڳو. اڃان ھو قبرستان کان چڱو پري ھو جو کيس چاڪليٽ ڏسڻَ ۾ آيو. چاڪليٽ تيزيءَ سان ڊڪندو قبرستان مان نڪتو ۽ ڳوٺ ڏانھن ڊُڪڻَ لڳو. سندس پويان ٻه گِدڙ ڏسي، اُستاد محمد عامر جي دل ڏڪي وئي. پوءِ به ھُو پوئتي موٽڻَ بدران اڳتي ھلندو رھيو. اُستاد کي چاڪليٽ به ٻين شاگردن جيان پيارو ھو. اُستاد کيس مصيبت ۾ اڪيلو نه پئي ڇڏي سگهيو. ھاڻي اُستاد محمد عامر به چاڪليٽ ڏانھن ڊُڪڻ شروع ڪيو. چاڪليٽ جيئن ئي اُستاد محمد عامر کي ڏٺو، ھو اڃان وڌيڪَ تيز ڊُڪڻ لڳو. گِدڙ اُستاد محمد عامر کي ڏسي گهڙي کن لاءِ ڍرا ٿيا، پوءِ وري ساڳئي نموني ڊُڪڻَ لڳا.

ھل...ھل... اُستاد محمد عامر، گدڙن کي ڊيڄارڻَ لاءِ رڙيون ڪيون، پر بُکايل گدڙن تي ڪو اثر نه ٿيو. ڊُڪندي ڊُڪندي اڳئين گدڙَ چاڪليٽ کي پٺيءَ تي پُڇَ وٽ چڪُ ھنيو ۽ پاڻَ ڏانھن گِهلڻَ لڳو. اھو ڏسي اُستاد محمد عامر ويتر ڏاڍيان دانھُون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ھٿَ ۾ جهليل ھيلمينٽ گدڙ ڏانھن اڇلايائين. پرَ ھيلمينٽ گِدڙ کي لڳڻَ بدران ٻَني تي ڪِريو ۽ ڪڻڪ جي فصلَ ۾ گم ٿي ويو. ايترو ضرور ٿيو جو گدڙ ڪجهه ڊڄي چاڪليٽ مان چَڪُ ڪڍيو ۽ اُتي ئي بيھي رھيو. چاڪليٽ جھڙي چُست ڇيلي لاءِ اھو موقعو کوڙ ھو. توڙي جو گِدڙ جي چَڪَ سبب کيس ڏاڍو سُور ٿي رھيو ھو، پر ھِنَ ٻيڪڻُ بند ڪري وري ڊڪڻُ شروع ڪيو. اُستاد محمد عامر به چاڪليٽ وٽ پھچي ويو. ھنَ تڪڙ ۾ چاڪليٽ کي کنيو ۽ واپس وڃڻَ لاءِ مُڙيو. پر اھو ڏسي کانئس ڇِرڪُ ڇڏائجي ويو، ته سندس آڏو ڪرم الله بيٺو ھو. ڪرم الله ھِيسِيلُ ڏسڻ ۾ اچي رھيو ھو. ھن جي اکين مان ڳوڙھا وھي رھيا ھئا. ھُو واپس وڃڻَ بدران اُستاد محمد عامر جي پٺيان ئي لڳو آيو ھو.ڀَڄُ ڪرم الله... اُستاد محمد عامر رَڙِ ڪري چيو.

سائين... سائين! مون کي ڊپُ ٿو ٿئي سائين.! ڪرم الله ڀَڄڻَ بدران روئڻھارڪو ٿيندي چيو ۽ گدڙن ڏانھن ڏسڻَ لڳو. اُستاد محمد عامر به ڪنڌ ورائي گِدڙن ڏانھن ڏٺو. گدڙ ھنن جي جان ڇڏڻَ لاءِ تيار نه ھئا. انھن جون نظرون استاد جي ھَنجَ ۾ ويٺل، چاڪليٽ تي ھيون. اُستاد محمد عامر، چاڪليٽ جي پيٽ ھيٺان پنھنجي ٻانھن ٽُپائي، ان کي ھڪ ٻانھن ۾ ھَٿيڪو ڪيو ۽ اڳتي وڌي ٻِي ٻانھن ۾ ڪرم الله کي کڻي سُڪَ ڪيو. ھڪ ڀيرو وري اُستاد محمد عامر ڳوٺ ڏانھن ڊُڪڻ شروع ڪيو. ايئن کيس ڊڪڻَ ۾ تڪليف ٿِي رھي ھئي، پرَ چاڪليٽ ۽ ڪرم الله کي گدڙن کان بچائڻ لاءِ ھن کي ھمٿ ڪرڻي ئي ھئي. گدڙَ، ڪُتن جيان آوازَ ڪندا، ٻيھر ھنن جي ڪڍَ اچڻَ لڳا.

ان وقت ڳوٺ جي مسجد ۾ سانجهيءَ جي آذان اچڻ لڳي. اوندهه به وڌي وئي ھئي. ويجهي شين کان سواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. ھڪ گِدڙ اُستاد محمد عامر تائين پھچي ويو ۽ اُستاد کي پائنچي وٽ چڪُ پاتو.! اُستاد کي چمڙي جو بوٽ پاتل ھئڻ جي ڪري گدڙَ جو چَڪُ کَل ۾ ته نه پيو پرَ اُستاد ٿاٻڙجِي ھيٺ وڃي ڪِريو. ڪِرندي به اُستاد اھو خيال ڪيو ته چاڪليٽ ۽ ڪرم الله کي ڌڪ نه  لڳي.ڀڄو... ڳوٺ ڏانھن ڀڄو. اُستاد محمد عامر ڏاڍيان چيو ۽ ڪِريلَ حالت ۾ ئي سِڌو ٿي ويو.

چاڪليٽ ته اُستاد جي ويجهي ئي بيٺو رھيو. پر ڪرم الله دانھون ڪندو ڳوٺ ڏانھن ڀَڄڻَ لڳو. ھاڻي ٻئي گِدڙَ اُستاد محمد عامر جي پيرن وٽ بيٺا ھئا. ھنن جي ڳاڙھن ٽانڊن جيان لڳندڙ اکيون چاڪليٽ ڏانھن ڏسي رھيون ھيون. ھڪ ڀيرو وري آسمان تي کِنوڻ روشن ٿي ۽ گجگوڙ جو ٺڪاءَ نموني آواز به ٿيو. اُستاد پنھنجي ٻنهي پاسن ڏانھن نھاريو پر کيس ڪا به اھڙي شيءِ ڏسڻَ ۾ نه آئي جيڪا ھو گِدڙن کي ڀڄائڻَ لاءِ کڻي ھا. ھُو لاچاريءَ وچان گِدڙن ڏانھن نھارڻَ لڳو. ھُئه...ھُئه... ھڪ گدڙ آواز ڪڍيو ۽ ھيٺ ڪريل اُستاد محمد عامر کان پري
ٿيندو، ٻَنَي کان لھي چاڪليٽ ڏانھن وڃڻَ لڳو.
ھل...ھل... اُستاد محمد عامر گِدڙ کي ھَڪلَ ڏني.

ٻي... ٻي... چاڪليٽ به پنھنجي اُستاد جو ساٿ ڏنو. اھي آواز ٻڌي اُستاد جي پيرن وٽ بيٺل گِدڙ چِڙي پيو. ھن اُستاد جي بُوٽ ۾ چڪ وڌو ۽ پاڻ ڏانھن ڇڪڻَ لڳو. اُستاد محمد عامر سٽَ ڏئي پنھنجو بوٽ ڇڏايو ۽ ٻي لت گدڙ کي منھن تي وھائي ڪڍي. گِدڙ ڪجهه پوئتي ته ٿيو، پر ڀَڳو ڪونه. اُتي ئي بيھي پنھنجا ڏندَ ڪڍي ڊيڄاريندڙ آواز ڪڍڻ لڳو. انھيءَ مھلَ ئي ھڪ عجب جھڙي ڳالهه به ٿي. اُستاد محمد عامر جي ساڄي پاسي ڪڻڪ ۾ چُرپُر ٿي ۽ ٽي پاڇا ڪڻڪ مان نڪري ٻَنَي تي اچي بيٺا. انهن مان ھڪ پاڇي جي ھٿ ۾ لٺ ھئي، جيڪا ھنَ چاڪليٽ ڏانھن ويندڙ گِدڙ جي چيلهه تي ھنئي. گدڙ ھڪ وڏي دانھن ڪندي ڪڻڪ ۾ ڪِريو ۽ پوءِ مُڙي قبرستان ڏانھن ڊوڙڻَ لڳو. اُستادَ جي پيرن وٽ بيٺل گدڙَ پھرين ته ڀَڄندڙ گدڙ ڏانھن ڏٺو، پوءِ وري انهن ٽِن پاڇن ڏانھن ڏسڻَ لڳو. لٺ واري پاڇي لٺ اُڀي ڪئي ۽ اُستاد محمد عامر جي پيرن وٽ بيٺل گدڙ ڏانھن وڌيو.

(هلندڙ......)


 

ڪرشن چندر                          (قسط: ڇهين)

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)

ماڻھن کي ڪجهه نظر ايندو ھجي، ڀلي نظر به ايندو ھجي پر آھي ته ڪاغذ تي نه، ان جو حقيقت سان ڪھڙو واسطو آھي. يوسف ھڪ ماڻھوءَ کي ٻانھن کان جھليو، جنھن جادوگر کان جوتو گھريو ھو، توکي جوتو مليو،  ماڻھو ڪاوڙ مان يوسف کي ڪاغذ ڏيکاريندي چيو، ھي ڏس مون کي جوتو مليو آهي. يوسف ڏٺو ته خالي ڪاغذ ھو، چيائين جوتو آھي ته پائي ڏيکار. ان ماڻھو ڪاغذ کي پنھنجي پير ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪاغذ انھي وقت ڦاٽِي پيو. جادوگر ڪاغذ ڦاٽڻ جو آواز ٻڌو، ته چيائين ھتي اسان جي جادو جي دنيا ۾ ڪھڙو حقيقت پسند گھڙي آيو آهي. ان کي جلدي ٻاھر ڪڍو، نه ته سڀ ڪجهه تباھ ڪري ڇڏيندو، اسان جو جادو به ختم ٿي ويندو. اھو ٻڌندي ئي علاءُالدين چراغ وارو، سليماني ٽوپي وارو ۽ جادو جي ڪاغذ وارو ۽ انھن جا واٺا، يوسف، موھن ۽ شھزاديءَ جي پٺيان ڀڄڻ لڳا. اھو ته ڀلو ٿيو، جو يوسف چالاڪي ڪئي، ھن يڪدم سليماني ٽوپين جي بنڊل مان ٽي ٽوپيون ڪڍي ورتيون ۽ پائي ماڻھن جي ميڙ مان نڪري ويا. نه ته ايڏا ماڻھو ھنن جا ھڏَ گُڏَ ڀڃي ڇڏين ھا. ھو سھڪندا جادو جي دنيا کان ٻاھر نڪري آيا، چاندي جو ديو چار آنن جي ٽڪيٽ وڪڻي رھيو ھو، ديو عاجزيءَ مان انھن کي چيو، توھان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه آھي، ٽن سؤ سالن کان بُکايل آھيان، منھنجي حال تي رحم ڪيو. يوسف، موھن ۽ شھزادي سليماني ٽوپيون ديو کي ڏيندي چيو، اھي ٽئي گڏ پائي ڇڏ، تنھنجا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. جادو جي دنيا ۾ ھنن کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه مليو ھو، انڪري ھي ٽيئي بُکايل ھئا، شھزاديءَ کي ته گھڻي بُک ھئي، ڇو ته رُئائڻ لاءِ بُکيو رکيو ويندو هو. انڪري ھي ٽئي جادو جي دنيا مان اچڻ شرط وڻ مان ميوو پٽي کائڻ لڳا. موھن شھزاديءَ کان پڇيو، تون ڪھڙي ملڪ جي شھزادي آھين، شھزاديءَ چيو آئون ته شھزادي ناھيان، آئون ته ڊبل روٽي وڪڻندڙ جي ڌيءُ آھيان. تون شھزادي ناھين، پر توکي وڪڻڻ وارو ته توکي شھزادي چئي رھيو ھو. ڳالهه اصل ۾ ھيئن آھي ته، شھزادي ٻڌائڻ لڳي، شھر ۾ منھنجي پيءُ جو ھڪ ننڍو دُڪان ھو، جتي ھو ڊبل روٽيون ٺاھيندو ھو، آئون منھنجي امان ۽ بابا ٽيئي اٽو ڳوھيندا ھئاسين، اٽي کي سانچي ۾ وجھي باهه تي پچائيندا ھئاسين، اھو ڏکيو ڪم ھوندو ھو، آئون ننڍي ھوندي ھئس، مونکي ته راند کيڏڻ جو شوق ھوندو ھو. پر مونکان ڪم ڪرايو ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن امان بيمار ٿي پئي ۽ اسان ٻن کي ڪم ڪرڻو پيو، مون کان ڪيتريون ئي روٽيون سڙي ويون، ان تي منھنجي پيءُ مونکي ڏاڍي مار ڏني ۽ دڪان مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين. آئون ٻاھر روڊ تي روئڻ لڳس، ان کان پوءِ مونکي خبر ناھي، ڇا ٿيو. مون صرف ايترو ڏٺو ھڪ پوڙھو منھنجي پيرن مان ڪجهه چونڊي رھيو آھي. پوڙھو اٿيو ۽ مونکي حيرت مان ڏسڻ لڳو، ٿوري دير کان پوءِ مونکي ھٿ کان وٺي دڪان تي آيو، پوڙھي منھنجي پيءُ کي چيو ھن ننڍڙي ڇوڪريءَ کي مارين ٿو، توکي شرم نٿو اچي. منھنجي پيءُ چيو، ھي منھنجي ڌيءَ آھي، منھنجي مرضي. ھن کي دڪان تي ڪم ڪرڻو پوندو، مون تي اڳئي گھڻو قرض آھي، اڄ ھن ڪيتريون ئي روٽيون ساڙي ڇڏيون آھن، اھو نقصان ڪير ڀريندو. آئون غريب آھيان، ھڪ وقت جي ماني به مشڪل سان کائي سگھندو آهيان. ۽ تون ھليو آھين ھن جي طرفداري ڪرڻ، مون اڄ ھن کي پھرين دفعو مار ڏني آھي. جيڪڏھن تون غريب آھين ته ھي ڇوڪري مونکي ڏي، آئون ھن کي سُٺا ڪپڙا پارائيندس، سٺو کاڌو کارائيندس، سُٺي تعليم ڏياريندس، پوڙھي چيو ڇوڪريءَ جي عيوض آئون توکي ايترا پئسا ڏيندس، تنھنجو قرض به لھي ويندو ۽ سڄي زندگي ويھي کائيندين. ايترو چئي، پوڙھي اشرفين سان ڀريل ٿيلهي منھنجي پيءُ کي ڏني، منھنجي پيءُ ٿيلهي ورتي ۽ منھنجو ھٿ پوڙھي جي ھٿ ۾ ڏنائين. ته پوءِ تون پنھنجي پيءُ کان الڳ ٿي وئينءَ؟ يوسف پڇيو. ھا، شھزاديءَ چيو، اھو پوڙھو امير جوھري ھيو، مونکي پنھنجي خوبصورت گاڏي ۾ ويھاري گھر وٺي ويو، رستي ۾ ھن مونکان پڇيو، ڇا تون ھر روز روئيندي آھين. مون چيو نه آئون ته ھر روز کلندي آھيان. پوڙھو سوچ ۾ گم ٿي ويو. پوڙھي مونکي پنھنجي گھر ۾ آرام سان رھايو، خوبصورت ڪپڙا وٺي ڏنائين ۽ گھمڻ لاءِ چار گھوڙن واري گاڏي وٺي ڏنائين، بس ھڪ ڳالهه کانسواءِ ٻي ڪنھن به شيءِ جي پرواهه نه ھئي. يوسف چيو ڪھڙي ڳالهه؟ پوڙھو روز رات جو ماني کارائڻ کانپوءِ مونکي مار ڏيندو ھو، آئون تمام گھڻي روئيندي ھيس ته ھو گرامافون وڄائي ڇڏيندو ھو، جيئن منھنجو آواز ٻاھر نه وڃي، اھو سلسلو ڪلاڪ ھلندو ھو. جيستائين آئون روئي روئي ٿڪي پوندي ھيس، پوءِ پوڙھو منھنجي اکين مان ڪرندڙ موتي کڻي دڪان تي سجائي رکندو هو، گراھڪ موتي ڏسي حيران ٿيندا هئا. اھڙا موتي ڪنھن به جوھري وٽ نه ھوندا ھئا. اھا خبر بادشاهه کي پئجي وئي. بادشاهه جوھري جي موتين کي ڏٺو، بادشاهه کي ھيرا، جواھر ۽ موتي گڏ ڪرڻ جو شوق ھو. ھر بادشاهه کي ڪو نه ڪو شوق ضرور ھوندو آھي، ڪو بادشاهه پٿر گڏ ڪندو آھي، ڪو ٽڪيٽون گڏ ڪندو آھي. خير موتين کي ڏسڻ کانپوءِ بادشاهه جوھري کي چيو، سچُ سچُ ٻڌاءِ ھي موتي ڪٿان آندا اٿئي؟ ڪوڙ ڳالھائيندين ته توکي ماري ڇڏيندس، بادشاهه جلاد کي به گھرائي ورتو. جوھري ڏڪندي چيو سائين جان جي امان ملي، ھي موتي سمنڊ جا نه آھن، ھي موتي ڊبل روٽي وڪڻندڙ ھڪ ڇوڪريءَ جا لڙڪ آھن. بادشاھ کي يقين نه آيو، پر جوھري جي بار بار چوڻ تي مڃيائين. بادشاھ جوھري کي ڇوڪري وٺي اچڻ جو حڪم ڏنو. ڇوڪريءَ کي بادشاهه جي اڳيان روئاريو ويو، بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، جڏھن ڏٺائين ته ڇوڪري جا لڙڪ پنبڻين مان نڪرندي ئي موتي بڻجي ٿي ويا. بادشاهه کي قيمتي ڀتر گڏ ڪرڻ جو شوق ھو، ھن جوھري کي مارائي ڇڏيو ۽ مونکي سخت پھري ھيٺ محل ۾ ويھاري ڇڏيائين. بادشاھ جي محل ۾ مونکي تمام گھڻو روئاريو ويندو ھو، ڇو ته بادشاهه کي ٻئي ملڪ تي قبضو ڪرڻو ھو، ان لاءِ کيس فوج جي سامان جي ضرورت ھئي، ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ منھنجا لڙڪ ڪم ۾ آيا. جڏھن بادشاهه جو خزانو موتين سان ڀرجي ويو، تڏھن ھن ٻئي ملڪ تي حملو ڪيو. اتفاق سان بادشاهه کي بُري شڪست ملي، ٻئي ملڪ وارن بادشاهه جي راڄ ۾ لُٽمار ڪئي، بادشاهه جي محل کي به لُٽيو ويو، آئون ھڪ سپاھيءَ جي قبضي ۾ اچي ويس، ھن مونکي ڏهه اشرفين عيوض ھڪ سوداگر وٽ وڪڻي ڇڏيو، جيڪو غلامن جو واپار ڪندو هو. اڳتي ڇا ٿيو،؟ اھا توھان کي خبر آهي. يوسف موھن کي چيو، ھاڻ اڳتي به وڌنڌؤ يا ھتي ويھي رڳو ڪھاڻيون ٻڌنڌؤ. يوسف، موھن ۽ شھزادي ٽيئي وڻ تي چڙھڻ لڳا، يوسف موھن کي چيو، آئون اڳيان ھلان ٿو، تون منھنجي پٺيان اچ ۽ مس ڊبل روٽي تون موھن کي چڙھڻ ۾ مدد ڪر، ھن ويچاري جو صرف ھڪ آڱوٺو آھي. شھزاديءَ کي ڊبل روٽي نالو ڏاڍو پسند آيو، ھو کِلڻ لڳي ۽ پوءِ چيائين موھن ويچارو به ڪيترو مجبور آھي. موھن ڪاوڙ ۾ چيو، آئون مجبور ناھيان، ھن وڻ تي چڙھندي چڙھندي منھنجي ھٿن ۾ خارش ٿيڻ لڳي آهي، مونکي لڳي ٿو ته آڱريون اندريان ٻيھر ڦُٽي رھيون آھن. موھن، يوسف ۽ ڊبل روٽي دير تائين وڻ تي چڙھندا رھيا، يوسف موھن جي ٽارچ جي مدد سان ھلندو ويو ۽ اڳتي وڌندو ويو. آخر ھڪڙي ھنڌ بيھي رھيو، وڻ جي ھڪ وڏي ٽار تي بورڊ لڳل ھو، جنھن تي وڏن اکرن سان لکيل ھو، خبردار اڳتي نه وڃجو، ھي نانگن جو شھر آھي. شھزاديءَ وڏي دانھن ڪندي چيو، مونکي نانگن کان ڊپ لڳندو آهي. آئون به ڊڄندو آھيان نانگن کان، موھن ٻڌايو. اڳتي ھلو اڳتي، موھن اڳتي ھلڻ لاءِ زور ڀريو. يوسف چيو نه اندر ٿا ھلون، ھي شھر به ڏسي اچون. وڻ جي ٽار تي ھلندي ھو شھر جي مک دروازي تي پھتا.

(هلندڙ......)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org