اعجاز علي شاهه رضوي
حيدرآباد
قطعات
علم جي شمع کي روشن ڪريو ٻارو!
اونداهي مان نِڪري سَهائي ۾ اچو ٻارو!
وقف ڪريو زندگي علم جي خاطر ٻارو!
علم لاءِ جيئرا رهي علم کي پڙهو ٻارو!
علم آهي دولت ٻڌو ٻارو،
اها شمع هٿ ۾ کڻو ٻارو.
علم جي جهان کي اُجاگر ڪرڻ لئه،
وڌائي قدم کي هلو ٻارو.
ڪري لفظ موتِي ورهائي ڇڏيو،
۽ پنهنجا پراوا پڙهائي ڇڏيو.
سراپا علم آهي نُور ـ سحر،
خدارا هي ٻار پڙهائي ڇڏيو.
رونق جهان ۾ عِلم ساڻُ آهي،
علم ٻارو هِيرن سَندي کاڻ آهي.
علم سان روشن دنيا ٿئي ٿي،
علم آهي جنهن وٽ سو سڄاڻ آهي.
***
اسدالله ٿهيم
جيڪب آباد
امڙ جي خدمت
جنهن جي امڙ آ حيات وٺي دعائون ڏينهن رات،
تنهن کي ڏسڻ خوش رکڻ تنهن جي اجر ملاقات.
پيرين پوڻ هٿ چُمڻ راضي رکڻ ۾ ثواب،
ايئن ڪري ڌيان ڌري ماڻهو سوئي آ نواب.
پوءِ واڳ وري ڪرم ڪري ربُ ڏي ٿو محلات،
جيڪا پالي سُور جالي جنهن رکيو آ شاد.
ڏُک ڏيندو اهڙو ٿيندو ماڻهو صفا برباد،
وٺي معافي پوءِ آ ڪافي سولي ٿيندس سڪرات.
جنهن نڀايو تنهن ڪمايو سُکيو رهندو سوئي ساهه،
ڪنڌُ هيٺ ڪري نيٺ تنهن سان رکيو جنهن چاهه.
ڪندس مولا ٿيندس سولا سڀ تنهنجا حالات،
گهر ۾ آيو ڪري دير ڏٺئين جاڳيل هئي ڪير.
زال سُتي ڪونه اُٿي گهري امڙ ويٺي خير،
هي رمز وڏي سمجهه ربّ جنهن کي ڏي ڏات.
جنهن تي امڙ جو راز تنهن جو سُٺو آغاز،
ربّ رحيمَ جو”ٿهيم“جنهن
جي مٿان ٿي راز،
ٻئي راضي کٽ ماضي
”اسد“
اٿئي سوغات.
***
ياسين آرائين
ڦلجي اسٽيشن / دادو
نظم
ڪيڏي سُهڻي ننڍڙي آهي،
پارس مُنهنجي گُڏڙي آهي.
جَڏهن ٿڪجي گهر، اچان،
هُن جا ننڍڙا، ٽَهڪ ٻُڌان.
ڀائرن وچ ۾ ڪيڏو ٺَهي ٿي،
دَڙڪو، ڪنهن جو ڪين سَهي ٿي.
ٻاتا، ٻاتا، ٻول جنهن جا،
پيارا تنهن کي ٽول، پنهنجا.
پيار مان ڪيڏو کِلندي آهي،
جڏهن مهراڻ سان ملندي آهي.
امڙ جو به هن ۾ ساهه آهي،
’وفا‘،
جو به ساڻس چاهه آهي.
شفيق عاصم منگي
شڪارپور
گيت
بَرسِــــــــــي بُوندَ بـــــــــــهار،
اوســـاٿي،
بَرسِــــــــــي بُــــــــــوندَ
بَـــــــــــــهارَ.
ڪَـــــڻ ڪَـــــڻ ڪَڪرن گُل ڦُل ٽارِيُون،
ســونهن سُـڳنڌَ خوشـــــبُو مَهڪــــــــاريُون،
گُلـــــــشن ۾ چــــــــــــوڌار،
اوســــــــــاٿي،
بَرسِي بُوندَ بَهارَ.
گُــــلڙَن ۾ نَئــــون رَنــــــگُ رَتو آ،
ڀؤنــــــرَن تِــــــــن مــــــان واسُ
وَتـــــــو آ،
هــــــرهنڌ ٿِـــــي هُٻــــــڪار، اوســــــاٿي،
بَرسِي بُوندَ بَهارَ.
گُلشَــــــــــن گُلشَــــــــن بـــــلبل
ٻـــــــولَي،
پِـــــــــــرت مُنـــــــجهارا کَنـــــــڀڙا
کـــــولَي،
ڪوئِل ڪَــئي ڪُوڪـــــارَ، اوســـــــــاٿي،
بَرسِي بُوندَ بَهارَ.
ڌرتــــــــــيءَ پَهـــــــرِيو ســـــائو
ويـــــــسُ،
”عـــــــاصم“
پنهنــــــــجو پيــــــــارو ديــسُ،
بَــــــرپَٽ ٿِــــــيا گُــــــــلزار،
اوســـــــاٿي،
بَرسِي بُوندَ بَهارَ.
***
عزيز گوپانگ
سنڌي ٻار
سنڌي ٻار ماکي لار،
ڏسي تن کي اندر اُجار،
سنڌڙي جي محبت سان،
دلڙيون جن جو سنسار.
سي آهن سنڌي ٻار.
پيارو جن جو ديس سونهارو،
ماڳ جن جو آ ڀلارو،
تن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان،
ديس سان آهي جن جو پيار.
سي آهن سنڌي ٻار.
ڪين ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍن ٿا،
هر ويلي هي سچ چون ٿا،
ڪوڙ کي پاڙئون پٽن ٿا،
حق جو ٻولن حرفُ اُچار.
سي آهن سنڌي ٻار.
ساقي ابڙو
اچو ته علم پرايون
اَچو تَه عِلمُ پِرايُون ٻارو،
وَطن جو مانُ وَڌايُون ٻارو.
عِلمَ بِنا اِنسانُ اَڌُورو،
سَڀنِي کي سَمجهايُون ٻارو.
عِلمَ سان عَقل شَعُور وَڌي ٿو،
عِلمَ کي سِيني لايُون ٻارو.
عِلمُ اَدبُ تَرَقيءَ جو ضامِن،
تِنِ سان دِلّ لَڳايُون ٻارو.
اِنجنِيئرَ ۽ ڊاڪِٽرَ بَڻجِي،
روشَنُ نانءُ ڪَرايُون ٻارو.
اُوندَھِ ۾ ڪي اُجالا آڻي،
جَڳُ سارو جَرڪايُون ٻارو.
دُنيا اَڳتي نِڪرِي وَئِي آ،
پاڻَ به وِکّ وڌايُون ٻارو.
سائِين
”ساقِي“
سَچُ چَئي ٿو،
هِيئين ساڻُ هَنڊايُون ٻارو.
محمد سليم فراش
هالا نوان
گيت
’ادبي
بورڊ‘
جا آهن ملازم پيارا،
محنتي سڀئي ۽ محبت وارا،
رفيق جمالي، فرحان ڀٽي ۽ پنهل ڪاڪو،
صمد ٻٻر ۽ مرتضيٰ ۽ جاويد لاکو،
ڪمپوز ڪن ٿا ڪتاب سارا.
عمران، ڄام، اياز ۽ جبران زيب،
شڪيل، ڪڇي حيدر، ميرشاهه سڀ،
ٽائيم تي پهچن تو ۾ ادارا،
ڪتاب پڙهڻ ماڻهو لائبرري اچن ٿا،
علي محمد ۽ ضمير مهيسر ادب سان ملن ٿا،
ڪتاب پڙهي لاهين من جا مونجهارا.
لال جان، منير، مريد نوحاڻي،
’سليم
فراش‘
سڀئي سڃاڻي،
محنت ۾ رُڌل مالهي ويچارا.
***
مقبول
احمد بن منظور علي عباسي
چنهياڻي ڪنڊيارو
اصل ڪمال ماءُ جو آ!
حضرت خواجه معين الدين چشتي رح جڏهن
بغداد (شهر) جو دورو ڪيو، ته ان جي هٿ تي
70
لک ماڻهن گناهن کان توبهه ڪئي ۽
7
لک هندو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيا. جڏهن پنهنجي شهر
موٽي آيا ته ڏاڍو خوش نظر اچن پيا، ته ان جي ماءُ
خواجه معين الدين چشتيءَ کان پڇا ڪئي.
پٽ،
ڏاڍو خوش نظر اچين پيو؟
امڙ جيجل،
خوش انڪري آهيان جو الله تعاليٰ مون کي سعادت نصيب
ڪئي آ، جو منهنجي هٿ تي لکين ماڻهو توبهه تائب
ٿيا آهن ۽ ايترن سارن اسلام قبول ڪيو آهي (مسلمان
ٿيا آهن).
امڙ چيس ته پٽ،
اهو تنهنجو ڪمال ڪونهي، اهو ته منهنجو ڪمال آ.
خواجه صاحب:
امڙ جيجل ڳالهه ته بلڪل صحيح آ پر ٿورو سمجهايو ته
سَهي، ان ۾ توهان جو ڪمال ڪيئن آ؟
امڙ جيجل:
پُٽ منهنجو ڪمال ائين آهي جو جڏهن کان تون ڄائو
هُئين، مان اُن وقت کان اِها نيت ڪري ڇڏي هئي ته
مان ڪڏهن به توکي بغير وضوءَ جي کير نه پيئاريندس
۽ مان الحَمّدُلِلھ اُن وقت کان وٺي توکي ڪڏهن به
بغير وضوءَ جي کير نه پياريو، اِها ان جي برڪت
آهي، جو الله تعاليٰ تنهنجي هٿ تي لکين انسانن کي
توبهه تائب ٿيڻ ۽ ڪلمي پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
***
والدين جي تربيت
هندستان جو هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي (خواجه قطب
الدين بختيار ڪاڪيرح) جڏهن ڄائو ته ان
جي ماءُ ۽ پيءُ سوچيو ته پنهنجي پُٽ جي تربيت سُٺي
ڪجي، جيئن الله تعاليٰ جي محبت ننڍپڻ ۾ ئي ان جي
دل ۾ ويهي وڃي. ٻنهين مشورو ڪيو ته بلڪل صحيح آ،
پوءِ جڏهن اهو پُٽ ڪجهه وڏو ٿيو ۽ اسڪول وڃڻ لڳو،
ته ان جي ماءُ ان جي تربيت ڪرڻ شروع ڪئي.
اها هن طريقي سان ته پنهنجي پُٽ جي لاءِ کاڌو تيار
ڪري ۽ اُن کاڌي کي ڪمري ۾ لِڪائي ڇڏيائين. اُهو
ننڍڙو ٻار جڏهن اسڪول کان واپس موٽي آيو، ته
چيائين اَمان مون کي بُک لڳي آ ماني ڏيو.
امڙ چيس ته، پُٽڙا اسان کي به الله تعاليٰ ڏيندو
آهي ۽ توکي به الله تعاليٰ ئي ڏيندو، تون به اُن
کان گهُر. ننڍڙي ٻار چيو، مان الله سائين کان ڪيئن
گهُران؟
امڙ چيس: پُٽ مُصلو وڇائي قبلي جي طرف مُنهن ڪري
’التحيات‘
جي شڪل ۾ ويهي هٿ کڻي دعا گهُر. اُن ننڍڙي معصوم
هٿ کڻي دعا گهُري، اي منهنجا مٺڙا رب پاڪ مان
اسڪول کان آيو آهيان بُک به لڳي آهي، اُڃ به لڳي
آهي، ٿَڪِيَلُ به آهيان، مون کي ماني ڏي! پوءِ
پنهنجي معصوم زبان سان پُڇڻ لڳو ته امڙ جيجل هاڻي
ڇا ڪيان؟
ماءُ چيسُ، ته هاڻي ڪمري ۾ ماني ڳولهه، ضرور ڪاٿي
پئي هوندي، اُن ننڍڙي (قطب الدين رح)
ماني ڳولڻ شروع ڪئي، ته ٿوري ئي دير ۾ ان کي ماني
ملي وئي ۽ خوشيءَ سان کاڌائين. هاڻي اِهو هر روز
جو معمول بڻجي ويو، جڏهن اُن معصوم پُٽ کي روزانو
ان طرح سان کاڌو ملي پيو ته ان جي ذهن ۾ هڪ سوچ
پيدا ٿي، آهستي آهستي ان جي دل ۾ الله تعاليٰ جي
محبت وڌڻ لڳي. اهو ڪڏهن ماءُ کان پُڇي پيو ته
اَمان الله سائين انسانن کي به ڏئي ٿو ۽ حيوانن کي
به ڏئي ٿو، الله سائين ڪيڏو وڏو ۽ ٻاجهارو آهي؟ ان
جا خزانا ڪيڏا وڏا آهن؟
ننڍڙي ٻارَ جي ذهن ۾ اهي سوچون شروع ٿي ويون. ان
جي ماءُ خوش ٿيڻ لڳي ته منهنجي پُٽڙي جي ذهن ۽ دل
۾ الله سائين جي محبت وڌي رهي آهي.
امڙ جيجل اسان الله سائينءَ سان ڪڏهن ملنداسين ۽
اُها ذات ڪيتري خوبصورت آهي؟ ان جي ماءُ پنهنجي
معصوم پُٽ جي اهڙين ڳالهين تي خوش ٿي رهي هئي.
الله تعاليٰ جل شانُھ ڏسو! جو هڪ ڏينهن اُن معصوم
پُٽ جي ماءُ پاڙي ۾ مائٽن جي وِهانءَ تي هلي وئي ۽
ان کي ٽائيم جي ڪا خبر نه پئي، جڏهن ياد آيس ته
ڏاڍي دير ٿي وئي هئس، ان جي ٻار جو مدرسي مان موٽي
اچڻ جو ٽائيم به ٿي ويو هو. ان جي ماءُ اُن لاءِ
ماني به تيار ڪري نه رکي هئي، جڏهن ماءُ کي اهو
خيال آيو ته اکين مان ڳوڙها وَهي آيس، برقعو پائي
جلدي جلدي پنهنجي گهر رواني ٿي، رستي ۾ روئندي به
اچي پئي ۽ دعائون به گهرندي پئي اچي، ته منهنجا
مٺڙا الله مان پنهنجي ٻچي جو تنهنجي ذات جي باري ۾
مضبوط يقين بنائڻ جي لاءِ اهو طريقو سوچيو هئم.
جيڪڏهن اڄ منهنجي ٻچي جو يقين ٽُٽي پيو ته پوءِ
منهنجي محنت ضايع ٿي ويندي، اِها منهنجي سُستي هئي
جو مون وقت جو خيال نه ڪيو، جڏهن ماءُ روئندي ۽
سوچيندي سوچيندي گهر پهتي ڏٺائين ته پُٽڙو سُمهيو
پيو آ. ماءُ جلدي ۾ ماني تيار ڪئي ۽ ڪمري ۾ لِڪائي
ڇڏيائين. پوءِ پنهنجي اُن ٻچڙي وٽ آئي ۽ ان کي
پيار مان چُمي ڏئي اُٿاريائين ۽ سيني سان
لڳايائين. چوڻ لڳي پُٽڙا! اڄ ته توکي ڏاڍي بُک لڳي
هوندي؟ اهو ٻارڙو چوڻ لڳو امڙ جيجل مون کي ته بُک
ناهي لڳي. ماءُ چيس، ٻچڙا ائين وري ڪيئن؟
چوڻ لڳو اَمان جڏهن مان اسڪول کان موٽي آيس، توهان
گهر ۾ نه هيون، هر روز وانگر مُصلو وڇائي، الله
سائينءَ کان دعا گهُريم، اي منهنجا مٺڙا الله! آءٌ
ٿَڪِيَلُ آهيان، بُک به لڳي آهي، اڄ ته اَمان به
گهر ۾ ناهي، مون کي ماني ڏي، دعا گهري پوءِ ڪمري ۾
ويس ته مون کي هڪ جڳهه تي ماني رکيل نظر آئي، اُها
کڻي کاڌي. پر جيڪو مزو مون کي اڄ ماني کائڻ ۾ آيو
ان کان پهريان ڪڏهن به مون کي نه آيو. ان جي ماءُ
اِها ڳالهه ٻُڌي ڪري چيو ته الحَمّدُلِلھ الله
سائين منهنجي محنت جو رنگ لاتو.
پيارا ٻارؤ! اڳي امڙيون پنهنجي ننڍڙن ٻارڙن جو
الله تعاليٰ جي باري ۾ اهڙي طرح مضبوط يقين
بڻائينديون هيون، پوءِ اهي ٻارڙا وڏا ٿي ڪري، وقت
جا وڏا بزرگ، عالم ۽ وڏي مرتبي وارا انسان بڻجندا
هئا. اسان کي به گهرجي ته الله تعاليٰ جي بابرڪت
ذات جي باري ۾ صحيح ۽ مضبوط عقيدو رکون.
|