[3]
سارِي راتِ سُبحَانُ، جاڳِي جَنِي ياد ڪِئو
اُن جِي عبَداللطِيفُ چَئي، مِٽيءَ لَڌو مَانُ
ڪوڙين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
سمجهاڻي:
(اهي ٻانها) جن سڄي رات جاڳي الله سبحانھ و تعالى
کي ياد (ان جو ذڪر) ڪيو، عبداللطيف چئي ٿو ته مرڻ
کان پوءِ انهن (جي قبر) جي مٽيءَ کي به عزت ملي
ٿي، (تڏهن ته) ڪيترائي ماڻهو انهن جي ماڳ تي اچي
سلام (عقيدت جو اظهار)ڪن ٿا.
[4]
ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نه وَڻجِئا
سِيهي جو سَيدُ چَئي، وَکَرُ وِهايومِ
اوچتو آيومِ، سَودو صَرافَنِ سِين.
سمجهاڻي:
مون ڪچي شيشي جهڙي گهٽ قيمت واري جنس جو واپار ڪيو
۽ (سچن) موتين جهڙي قيمتي شيءِ مون نه ورتي. سيد
عبداللطيف چوي ٿو ته مون شيهي (سستي ڌاتوءَ) جو
ويهي ڪاروبار ڪيو. هاڻي اوچتو صرافن (ماڻڪ موتين
پرکڻ وارن) سان اچي واسطو پيو اٿم ته پشيمان ٿي
ويو آهيان (تڏهن خبر پئي اٿم ته مون اجايو وقت
وڃايو.)
[5]
ڀَڳَمِ عَهدَ اَللهَ جا، ڪَچُ ڪَمَايُمِ ڪُوڙُ
پِڃرو جو پَاپَن جو ، سو چوٽيءَ تائين چُورُ
مَعلُومُ اَٿَئِي مُورُ، ڳُوڙهو اِنهِينءَ ڳالَهه
جو.
سمجهاڻي:
مون الله تعالى (پنهنجي مالڪ) سان ڪيل واعدن جي
ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ڪچا ڪم (ڏوهه گناهه) ڪيا اٿم. منهنجو
سڄو بدن ننهن کان چوٽيءَ تائين گناهن سان ڀريو پيو
آهي. (اي مالڪ) توکي منهنجي انهيءَ سڄي ڳالهه
(حالت) جي ذري پرزي جي خبر آهي، (بس تون ڍڪيندين).
[6]
وِتُ وِيمي جو جي
لَهِين ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرِين ڪا
سَا پَرُوڙِجِ ڳالَهڙِي وَڻِجَارَنِ وَٽا
موتِي جَنِ هَٿا، آندَءِ گَهڻي اَدَبَ سِين.
سمجهاڻي:
جيڪڏهن توکي صحيح خبر پوي ته جيڪر پوءِ تون ٻيو ڪو
ڪاروبار نه ڪرين. اها حقيقت توکي (اصلي)سوداگرن
(سالڪن) کان ئي معلوم ٿيندي، جن وٽان تون وڏيءَ
سوچ سان موتي وٺڻ ويندو آهين. (جيڪي انهيءَ سودي
جي صحيح سمجهه رکن ٿا.)
جيڪڏهن توکي اهڙي (محفوظ)ڪاروبار جي خبر رکڻي آهي،
جي پوءِ توکي ڪڏهن به نقصان نه ٿئي (هميشه منافعو
ڪمائين)، ته اها ڳالهه توکي وڏن وڻجارن وٽان معلوم
ٿيندي. انهن جي ادب سان ئي توکي صحيح موتي هٿ اچي
سگهن ٿا.
شاهه جو رسالو
]سُر سري راڳ- داستان پهريون. محقق: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
استاد گُل دايو
حمّد
اي آسمان جا مالڪ،
ساري جھان جا خالق.
تون ئي رحيم آھين،
تون ئي ڪريم آھين.
ھي چنڊ سج ستارا،
سڀ تو ئي ھن بڻايا.
دريا جبل ۽ ميدان،
حيوان توڙي انسان.
ڏينھن رات توکي سارين،
تو در ٿا سڀ پُڪارين.
تون انُ ٿو اُپائين،
موسم ڀي ٿو بدلائين.
تون روزي رزق ڏين ٿو،
ھر جاءِ تون وسين ٿو.
”استاد
گل“
جي دل ۾،
ھر وقت تون رھين ٿو.
عبدالحئي ڀٽو
گهوٽڪي
نعت
انسانيت جو سبق پڙهايو مُحمّدﷺ،
امنَ جو رستو ڏيکاريو مُحمّدﷺ.
اُن دِين کي پکيڙيو دنيا ۾،
سچ جو پيالو پياريو مُحمّدﷺ.
انهيءَ غريبن، اٻوجهن سان پيار ڪيو،
سڀني کي عِلم سيکاريو مُحمّدﷺ.
جنهن سُونهن جا رنگ ڏيکاريا سمورا،
سڄي ڪائنات کي سجايو مُحمّدﷺ.
هن نفرتن، جهيڙن کي ختم ڪيو،
’حئي‘
اسلام کي سنواريو مُحمّدﷺ.
مختيار سمون
لاڙڪاڻو
اڄ جو ٻار
ڇو ويهي ٺاهيون ڪاٺ جا گهرڙا،
ڪاغذ جون ٻيڙيون ڇو ٺاهيون؟
اڄڪلهه ائٽمي دور آ پيارا،
گڏجي ساڻس ڊوڙ پُڄايون.
ڇو ويهي گُڏين سان کيڏون،
ڇا لاءِ ڪاغذ جا گُل ٺاهيون.
جن مان جڳ جڳ خوشبوءِ ٿئي،
اچو ته اهڙا گُل اُپايون.
ٻي دنيا راڪيٽ اُڏائي،
اسان اڃا رانديڪا ٺاهيون!
اچو اچو اي پيارا ٻارو،
ترقيءَ ڏانهن اڄ قدم وڌايون.
***
ارباب علي
’عادل‘
چوهاڻ
شڪارپور
وڻڪار
وڻڪار ڪيو، وڻڪار ڪيو،
هِن ڌرتيءَ کي گلزار ڪيو.
ٻوٽا پوکي خوشبوءِ وارا،
هر جاءِ هاڻي هُٻڪار ڪيو.
روڊن جي ٻنهي پاسن کان،
وڻ ٽڻ پوکي ٿڌڪار ڪيو.
گهر، اوطاق ۽ اسڪولن کي،
خوب وڻن سان سينگار ڪيو.
ڳوٺ، شهر ۽ وسندي واهڻ،
وڻ ٽڻ تن جي چوڌار ڪيو.
ٻنين ٻارن ۽ رستن تي،
”عادل“
هر دم وڻڪار ڪيو.
جوهر بروهي
دادو
شاهه جو رسالو
ڀلاري ڀٽائي جو سهڻو رسالو،
مليو سنڌ کي زندگيءَ جو حوالو.
پڙهي حمّد حِڪمت ڀريو هُن ٻڌايو،
سڀن لاءِ ڪافي آ الله جو نالو.
نياڻين جي جذبن جو احساس سانڍيل،
ڀلي ڀُونءِ تي ڪونه ٿئي نيڻ آلو.
ٿجي صاف دل جو به صوفي و ليڪن،
حقن لئه ڪجي معرڪو ۽ ملهالو.
ملي هر اکر منجهه ڪلياڻ ڪافي،
اثر دل تي هروار ٿيندو نرالو.
ڏنو درس جاکوڙ جو ۽ عمل جو،
جو مقصد لئه ڪڍڻو پوي ٿو ڪشالو.
وفائن جا ميڙيون پيا رنگ
”جوهر“،
ٿيو روح راضي به پِي کير جو پيالو.
***
امداد سروري
آراضي(سيوهڻ)
سچائي ۽ ڀلائي
ٻارن شيءِ ورهائي آهي،
ڪيڏي نه ان ۾ ڀلائي آهي.
خير خيرات ۽ صدقي ٻارو،
هر ڪا مصيبت ڀڄائي آهي.
منزل تي سو پهچي ويندو،
جنهن جي دل ۾ سچائي آهي.
روشن تارا جي پيارن ٻارن،
لبن تي مُرڪ سجائي آهي.
ٻالڪ ڀُلجي متان چئين تون،
محنت منهنجي اجائي آهي.
محنت جو ڦل خدا آ ڏيندو،
جيڪا تنهنجي ڪمائي آهي.
اخلاق ادب ۾ اعليٰ جيڪو،
ان جي ساري خدائي آهي.
’صوبيه‘
سُريلي آواز ۾ ڪيڏي،
شاهه جي وائي ڳائي آهي.
دل جي حقيقت پيارا ٻارو،
’امداد
سروري‘
ٻڌائي آهي.
***
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪوٽڏجي
ٻارڙا
ٻارڙا گُلن جيان لڳن سنسار ۾،
ٿا کِلن ڄڻ گُل ٽِڙيا گُلزار ۾.
ٻاتِڙيون ٻوليون مِٺيون منَ کي لڳن،
گهر اڱڻ اڳيان ائين پيا ٿا گُهمن،
مور جيئن ٽِلندو گُهمي وسڪار ۾.
پوپٽن پويان ڊُڪن ڊوڙن پيا،
محنتن سان جَرڪن پيا،
پاڻ گڏجي ٿا گذارين پيار ۾.
وڻ لڳائن ٿا وڏن سان گڏ ملي،
روز پاڻي ٿا ڏِين تِن کي کِلي،
ٿيو واڌارو تن جي ڪري وڻڪار ۾.
|