مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
تعليم ۽ تربيت لاءِ خاص نصيحتون
·ٻارن
کي رڳو سنڌي ڳالهائڻ نه پر سنڌي لکڻ پڙهڻ به
سيکاريو.
·ٻارن
جي نفسيات ۾ سنڌي پَڻُ پيدا ڪريو ڇو ته هو سنڌي
آهن.
·ٻارن
کي ماءُ، پيءُ اُستاد ۽ سڀني وڏن جي عزت ڪرڻ
سيکاريو.
·ٻارن
کان سندن عمر سارو ڪم ڪار به ضرور وٺو.
·ٻارن
کي صفائي سُٿِرائي سيکاريو.
·ٻارن
کي اسڪول تعليم سان گڏ گهرو تربيت نه ملندي ته
کَري پوندا.
·ٻارن
کي پاڻ سان گڏ گهمايو ڦيرايو.
·ٻارن
کي سُهڻيون ڪچهريون ڏيکاريو.
·ٻارن
کي اهو به سيکاريو ته ڪتاب ادب سان کڻن ادب سان
رکن.
·ٻارن
کي پنهنجو مذهب سمجهايو ۽ ان تي عمل ڪرڻ سيکاريو.
·ٻارن
کي هُنر ضرور سيکارڻ گهرجي.
·ٻارن
کي بُرين عادتن جي نتيجن کان واقف ڪندا رهو.
آخوند نوراحمد ڏهوٽ
ڦلجي اسٽيشن/دادو
مورڙو ميربحر
ڏاهپ ۽ سورهيائي جو اُهڃاڻ
سنڌ جي تاريخ مان خبر پئي، ته هن خطي جا مالڪ فقط
سنڌي آهن. ڪجهه تاريخدانن جو خيال آهي ته هن قصي
جو تعلق راجه دلوراءِ جي دؤر سان آهي. سنڌ جي وڏي
شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي سُر گهاتو ۾ چيو ته:
گهوريندي گهور پيا، اگهور گهوريائون،
مانگر ماريائون، ملاحن مونهن سنرا.
ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ گهڙي سونئي،
خبر ڪونه ڏئي، رڇ ڪڄاڙي رنڊيا.
اوڀايو مهاڻن جو چڱومڙس هو، هن کي ٻه زالون هيون،
هڪ زال مان
6
پُٽ ۽ ٻي گهرواريءَ مان هڪ ڌيءَ سيرئين ۽ مورڙو
هئا. اوڀائي سمنڊ ڪناري جي ڳوٺ جونالو ماءُ جي
نالي
’سون
مياڻي‘
پٺيان رکيو هو. مورڙي جي ڀائرن جي نالن تي ڪجهه
اختلاف آهي: (1)
پنيهر (2)
اڱار (3)
مانجهدو (4)
لالو (5)
سانئل (6)
هنجهه ڪراڙو.
مورڙي جي لفظي معنيٰ نئون ۽ تازو پن يا سَلو جيڪو
ندي جي ڪناري ملي ٿو. هڪ ڏينهن ڪلاچي (ڪراچي) جي
مشهور ڪُن جيڪو لياري نئين ڇوڙ واري علائقي ۾ هو.
مورڙي
جي ڀائرن رڇ وڌو ته خطرناڪ مڇ هنن ڇهن ڀائرن کي
ڳڙڪائي ويو، سندن هوڙها سمنڊ ڪناري مليا. مهاڻن ۾
خوف ڇانئجي ويو، ڳوٺ جا سوين مهاڻا ۽ اوڀايو اچي
گڏ ٿيا ۽ سوچڻ لڳا ته اهڙي مصيبت کان جان ڪيئن
ڇڏائجي؟ مورڙو هميشه گهر ۾ هوندو هو ۽ مهمانن جي
خدمت پيو ڪندو هو. جڏهن مورڙي کي اها خبر پئي ته
ڏاڍو پريشان ٿيو. هو معذور هو، کيس سمنڊ جو تجربو
نه هو پر ڏاهپ ۾ ڀَڙُ هو، بقول ڏاهن جي ته هو ان
وقت جي حڪمران راجه دلوراءِ وٽ مدد لاءِ ويو هو،
هن کي گهر ۾ ڀاڄاين جي طعنن ۽ مهڻن اهڙو ته بيزار
ڪيو جو هو آخر ڪلاچي جي ڪُن پهتو ۽ اهو عهد ڪيائين
ته مان مڇ کان وير ضرور وٺندس. تحقيق موجب اهو مڇ
وڏي شارڪ يا وهيل مڇي هئي.
مورڙي هڪ لوهي پڃرو ٺهرايو، جنهن ۾ تيز ڌات وارا
ڪات لڳرايائين ته جيئن مڇ ان کي کائڻ جي ڪوشش ڪري،
ته هو زخمي ٿي پئي. هن مهاڻن کي چيو ته مان پڃري ۾
ويهي سمنڊ ۾ لهندس، جڏهن رسن کي لوڏيان ته پڃري کي
ٻاهر ڇڪجو، ان کان سواءِ هن رسن کي ڇڪڻ لاءِ گهوڙا
پڻ بيهاريا هئا. هي پنهنجي منصوبي تحت سمنڊ ۾ لٿو،
جيئن مڇ پڃري کي کائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مورڙي خنجرن
جا وار ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو ۽ پڃرو سندس وات ۾
ڦاسي پيو. مورڙي ڏٺو ته هاڻي مڇ ڦاسي چڪو آهي. هن
رسن کي لوڏيو ته مهاڻن رسا ڇڪي مڇ کي ٻاهر ڪڍيو ته
مڇ پڃري سميت ٻاهر اچي ويو. مهاڻن مڇ جو پيٽ چيري
مورڙي جي ڀائرن جا لاش ڪڍيا. مورڙو ڪامياب ٿي واپس
’سون
مياڻي‘
ويو. مورڙي جي ڀائرن جون قبرون
’گل
بائي ڪراچي جي‘
علائقي ۾ آهن ۽ مورڙي جي قبر
’مسرور
بيس ڪئمپ‘
وٽ آهي. هي ڪراچيءَ جو قديم قبرستان آهي.
پيارا ٻارؤ! توهان هڪ معذور جي همٿ ۽ سورهيائي
ڏٺي! ته هن ڪيڏي بهادريءَ ۽ حڪمت سان خطرناڪ مڇ کي
شڪست ڏني ۽ ان جي پيٽ مان ڀائرن جا لاش پڻ ڪڍيا.
جنگ طاقت يا جذبات سان نه پر عقل، سورهيائي ۽
دليريءَ سان وڙهبي آهي.
ادارو
اسڪول جي پرنسپال جو والدين ڏانهن خط
سنگاپور ۾ امتحان کان پهرين هڪ اسڪول جي پرنسپال
ٻارن جي والدين کي خط موڪليو، جنهن جو مضمون ڪجهه
هن ريت هو.
محترم والدين! اوهان جي ٻارن جا امتحان عنقريب
شروع ٿيڻ وارا آهن. مان ڄاڻان ٿو ته اوهان سڀ ان
ڳالهه لاءِ گهڻا بي چين آهيو، ته اوهان جا ٻار
امتحانن ۾ سُٺي ڪارڪردگي ڏيکارين. پر ياد رکجو! هي
ٻار جيڪي امتحان ڏيڻ وارا آهن انهن ۾ (مستقبل جا)
آرٽسٽ به ويٺا آهن. جن کي رياضي سمجهڻ جي ضرورت نه
آهي. ان ۾ وڏين وڏين ڪمپنين جا ترجمان به هوندا،
جنهن کي انگلش، ادب ۽ تاريخ سمجهڻ جي ضرورت ناهي.
هنن ٻارن ۾ (مستقبل جا) موسيقار به ويٺا هوندا
جنهن لاءِ ڪيمسٽريءَ جي گهٽ مارڪس ڪابه معنيٰ نه
ٿا رکن. انهن سان هنن جي مستقبل تي ڪوبه اثر نه ٿو
پوي. هنن ٻارن ۾ ايٿليٽس به ٿي سگهن ٿا جنهن کي
فزڪس جي مارڪن کان وڌيڪ انهن جي فٽنس وڌيڪ اهم
آهي. ان لاءِ جي اوهان جو ٻار وڌيڪ مارڪون کڻي ٿو
ته بهتر پر جي گهٽ مارڪون کڻي ٿو ته خدارا ان جي
خود اعتمادي ۽ ان جي عظمت ان ٻار کان نه کسجو.
جيڪڏهن هو سُٺيون مارڪون نه کڻي سگهيو ته ان کي
حوصلو ڏجي ته ڪا ڳالهه ناهي هيءُ هڪ ننڍو امتحان
ئي هو، هو زندگيءَ ۾ هن کان به وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ لاءِ
ٺاهيو ويو آهي
اسان جي پاڙي ۾ مٺو نالي هڪ شخص رهندو آهي، اصل
نالو ته سهراب اٿس، پر پکين ۽ جانورن جون ٻوليون
خوب ڪندو آهي! خاص ڪري مَٺوءَ جي ٻولي هوبهو
ٻوليندو آهي، جنهن جي ڪري پاڙي جا سڀئي ٻار پيا
مان (ماما مِٺو) ڪري سڏيندا اٿس. ماما مِٺو سڀني
ٻارن سان تمام گهڻو پيار ڪندو آهي ۽ سڀني کي خوب
کِلائيندو آهي. پر سڀني کان وڌيڪ مون کي ۽ منهنجي
ڀيڻ اقراء کي گهڻو ڀائيندو آهي. بلڪ اسان کي
پنهنجي اولاد مثل سمجهندو آهي. اڪثر ڪري اسان سڀئي
ٻار شام جي وقت تي مامو مِٺوءَ سان گڏجي گلڻ جي
باغ ۾ راند روند ۽ ڪچهري ڪندا آهيون. ڪڏهن اک
ٻُوٽَ ته ڪڏهن ملهه واري راند ڪندا آهيون، جڏهن
راند روند مان فارغ ٿي ويندا آهيون ته ماما مِٺو
اسان کي بادشاهن، جانورن جون ڳالهيون ٻڌائيندو
آهي. ان کان علاوه ٻيون کوڙ ساريون نصيحت ڀريون
آکاڻيون ٻڌائيندو آهي. ماما مِٺو سان گڏ هڪ ننڍڙو
گُلُرُ به هوندو آهي، جنهن کي ماما پيار سان پاليو
آهي. ڇاڪاڻ ته ان گُلرَ جي ماءُ مري وئي هئي. ماما
مِٺو نه صرف اسان ٻارڙن سان پيار ڪندو آهي،
پر
جانورن توڙي پکين سان به بيحد پيار ڪندو آهي،
ماما مِٺوءَ کان اسان پڇيو ته ماما توهان ڀلا اسان
کي ايڏو پيار ڇو ڏيندا آهيو؟ ته اچانڪ ماما جي
اکين مان ڳوڙها وهي آيا ۽ چوڻ لڳو پُٽ، عرفان مون
شادي به ڪئي هئي، ڪافي وقت کانپوءِ مون کي ربّ
تعاليٰ جي مهربانيءَ سان توهان جهڙو ٻچڙو ڄائو،
جيڪو پنڌ ڪرڻ جهڙو به ٿيو هو، پر اوچتو اهڙو ته
بيمار ٿي پيو، جو مان ان کي بچائي نه سگهيس. ان
کانپوءِ منهنجي گهرواري به اڪثر بيمار رهڻ لڳي،
جيڪا ڪجهه وقت کانپوءِ گذاري وئي. اسان جڏهن ماما
جي اها دردناڪ ڪهاڻي ٻُڌي ته ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اسان
جي اکين مان به ڳوڙها وهي آيا ۽ اقراء ماما جي ڳلن
تان وهندڙ ڳوڙها اُگهيا. ايتري ۾ پپوءَ ماما کان
پڇيو ته ماما مٺو! ڇا توهان گهر ۾ اڪيلا ٿا رهو،
ماما مِٺو ٿڌو ساهه کڻندي چيو ته، نه، مون سان گڏ
هي ننڍڙو گُلرَ ۽ توهان سڀ جو آهيو، ماما جو ايترو
چوڻ اسان سڀئي ويجهو ٿي ماما کي ڀاڪر پاتا، ايتري
۾ ڪريم قلفين وارو، قلفين جو هوڪو ڏيندو باغ جي
ڀرسان لنگهيو، ماما ان کي سڏ ڪيو، ۽ اسان سڀني کي
قلفيون کارايون. جڏهن اسان سڀني قلفيون کائي
ڇڏيون، ته ماما اوچتو رَڙِ ڪئي، ته پيارا ٻارؤ!
توهان لاءِ هڪ خوشخبري آهي. اسان سڀني چيو ته ماما
اها وري ڪهڙي، ماما اقراء کان پڇيو ته پُٽ تون
ٻڌاءِ ته سڀاڻي ڇا جو ڏينهن آهي، اقراء ٻڌايو ته،
ماما سڀاڻي ته آچر جو ڏينهن آهي، ماما چيو ته،
معنيٰ سڀاڻي توهان جي اسڪول جي موڪل آهي، ته پوءِ
پيارا ٻارؤ! توهان اڪثر چوندا آهيو ته منڇر ڍنڍ جو
سير ڪرايو، سو سڀاڻي توهان سڀئي تيار رهجو ته
توهان کي منڇر ڍنڍ جو سير ڪرايان، ماما جو ايترو
چوڻ ۽ اسان سڀني جون تاڙيون وڄڻ شروع ٿي ويون.
اقراء ماما کان پڇيو ته، ماما منڇر ڍنڍ ڪٿي آهي.؟
ماما ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ بوبڪ شهر جي ڀرسان ئي آهي،
بوبڪ شهر آهي ته ننڍڙو پر تمام قديمي ۽ تاريخي شهر
آهي. پپوءَ ماما کان پڇيو ته، ماما هِتان کان ڀلا
منڇر ڍنڍ ڪيترو پري آهي. ماما ٻڌايو هِتان اسان جي
ڳوٺ کان اٽڪل ڏهه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. اسلم
جيڪو اسان جي پاڙي جو هڪ سُلڇڻو ڇوڪرو آهي، ان
ماما کان سوال ڪيو ته، ڇا پاڻ سڀئي پنڌ هلنداسين؟
ماما چيو، نه بابا پنڌ گهڻو آهي، تنهنڪري مان
توهان لاءِ سواريءَ جو به بندوبست ڪري ڇڏيو آهي،
پپوءَ پڇيو ته، ماما اهو وري ڪيئن؟
ماما چيو ته، بابا مون سليم رڪشي واري کي چئي ڇڏيو
آهي، جيڪو اسان کي صبح سوير کڻي منڇر ڍنڍ تي
پهچائيندو. پوءِ اسان سڀئي گلڻ واري باغ مان نڪري
ماما کان موڪلائي، پنهنجن گهرن ڏانهن هليا وياسين.
رات ٿي ته مون کي ۽ اقراء کي اصل ننڊ ئي نه پئي
اچي ته رڳو خيرن سان رات گذري، جڏهن صبح ٿيو ته
اسان به سڀئي ٻار تيار ٿي ماما سان گڏجي منڇر جو
سير ڪرڻ لاءِ سليم جي رڪشي ۾ ويٺاسين، ماما ۽ سليم
اڳئي اسان جي انتظار ۾ بيٺا هئا، سليم جي رڪشا تي
ڏاڍا سير ڪندا هلياسين، تان جو مُني ڪلاڪ ۾ منڇر
واري بند تي پهتاسين. سڀئي رڪشا تان لٿاسين ۽ ماما
اسان کي بند تان قديم شهر بوبڪ جو منظر به
ڏيکاريو، جيڪو هڪ وڏي مٿانهين تي ٻڌل شهر آهي.
پوءِ ماما اسان کي منڇر ڍنڍ ڏيکاريندي چيو ته،
پيارا ٻارؤ! هيءَ آهي اسان جي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي
ڍنڍ! پوءِ ته چؤطرف نظر ڦيرائيسين ته رڳو پاڻي جي
اڇاڻ ئي اڇاڻ نظر آئي! اسين ٿورو اڳڀرو هلياسين ته
هڪ ٻيڙيءَ وارو به بيٺو هو. ماما مِٺوءَ ان ٻيڙيءَ
واري کي سؤ جو نوٽ ڏيئي اسان کي ٻيڙيءَ ۾ ويهاريو،
پوءِ ٻيڙي آهستي آهستي هلڻ لڳي، ۽ اسان منڇر جا
خوبصورت ۽ دلفريب منظر ڏسندا هلياسين، ڪٿي ته وري
ٻيڙين ۾ ملاح رَڇن سان مڇي ماري رهيا هئا، ته ڪي
وري رَڇن کي ڇِڪي رهيا هئا ته ڪي وري ٻيڙين ۾ ٺهيل
گهر به نظر آيا. ٻيڙيءَ واري اسان کي ٻڌايو ته،
منڇر ۾ مڇين جا گهڻائي قسم آهن، پر ڪُرڙا، موراکا،
ڄَرِڪا، ڏنڀرا ۽ گندَڻ عام آهن. ماما به منڇر جي
منظرن بابت اسان کي ٻڌائيندو پئي هليو. ماما ٻڌايو
ته ڪُم ۽ لوڙهه به هتي عام جام ٿيندا آهن، پٻڻ به
جام ٿين ٿا، جنهن جي پاڙن ۾ بِهه ٿيندا آهن، جيڪي
اسين کائيندا آهيون. پپوءَ اوچتو رڙ ڪري چيو ته،
ماما هو پريان اڇا اڇا ڪهڙا گُل آهن، ماما ٻڌايو
ته، اهي ڪنول جا گُل آهن، ڏسو ٻارو انهن جون
قطارون ڪهڙيو نه سُهڻيون ٿيون لڳن! ماما وڌيڪ
ٻڌايو ته، هتي پري پري کان پکي به جام ايندا آهن،
پکين جا به وري ڪيترا قسم آهن، ڪي آڙي پکي ته ڪي
نيرڳي ته ڪنگ ۽ ڪانيرو به عام آهن. هتي مهاڻا پکين
جو به شڪار ڪندا آهن، جيڪي وري شهرن ۾ وڪڻندا آهن.
اسلم ماما کان پڇيو ته، ماما هي سامهون نظر ايندڙ
ڇا جو گاهه آهي؟ ماما ٻڌايو، انهيءَ کي ڏير چوندا
آهن، جنهن مان ٻوراني به ٺهندي آهي. اقرا چيو ماما
ٻورانيءَ جو نالو وٺي اسان جو ته وات ئي پاڻي ٿي
ويو!
وري پپوءَ ماما کان سوال ڪيو ته، ماما هي ايترو
پاڻي هتي ڪيئن گڏ ٿيندو آهي. ماما ٻڌايو، پُٽ جڏهن
برسات وسندي آهي ته جبلن تان مٿان پاڻي ڪِرندو
آهي، جيڪو وهي اچي هن ڍنڍ ۾ جمع ٿيندو آهي ۽ ٻيو
ته جڏهن سياري جي موسم ۾ برف باري جام پوندي آهي
ته اها برف اونهاري جي موسم ۾ جبلن تان رجندي آهي،
جيڪا پاڻيءَ جي صورت ۾ گڏ ٿيندي آهي. ماما کان وري
سڀني پڇيو ته، هن ڍنڍ کي ايشيا جي اونهي ڍنڍ ڇو ٿو
چيو وڃي، ماما ٻڌايو ته بابا ڇاڪاڻ ته اسان جي
ايشيا کنڊ جي هيءَ وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي، انهيءَ ڪري
هن کي وڏي ڍنڍ چيو وڃي ٿو. ها ماما برابر رڳو ڇرئي
ڇر، اک کٽي وڃي پاڻي نٿو کٽي! منٺار چيو، اقرا
ماما کان سوال ڪيو، ته ماما هي پاڻي ايترو سائو ڇو
آهي؟ ماما ٻڌايو ته، پُٽ اِهو انهيءَ ڪري جو
پاڻيءَ جو نيڪال تمام گهٽ آهي، جنهن جي ڪري
ڪيترائي سال پاڻي هڪ هنڌ هجڻ جي ڪري سائو ۽ ڪَڙو
ٿي ويو. نه ته اڳي جڏهن درياءَ بادشاهه چڙهندو هو،
ته هن جو به نيڪال ڪيو ويندو هو. پر هينئر هن جو
نيڪال تمام گهٽ ڪيو وڃي ٿو. ايتري ۾ منٺار رڙ ڪري
چيو ته هاڻي ماني ڪڍو ته کائون، ڏاڍي بُک لڳي آهي.
اسان پاڻ سان ماني به کنئي هئي، جيڪا ٻيڙيءَ ۾ ئي
کاڌيسين، ماني کائڻ کانپوءِ اقرا چيو ته، ماما
ٿورو پاڻي چکي ڏسان. ماما چيو، نه بابا هي پاڻي
زهر جي مثل ٿي ويو آهي. هن جي پيئڻ سان ڪافي پيٽ
جون بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون. وري اسلم سوال
ڪندي ماما کان پڇيو ته، ڇا هن پاڻيءَ تي فصل به
ٿئي ٿو. ماما ٻڌايو ته، هن پاڻي تي فصل ٿيڻ جي ته
پري جي ڳالهه آهي پر رهندو زمين کي ئي تباهه ڪري
ڇڏيو اٿس.
ٻارؤ! هاڻي اسان کي واپس موٽڻ گهرجي شام ٿيندي پئي
وڃي، ڳوٺ به وڃڻو آهي. ماما چيو، اسان سڀني به
هائوڪار ڪئي دل ته نه پئي چاهيو، پر ڳوٺ به پهچڻو
آهي. تان جو اچي بند جي ڪناري تي پهتاسين ۽ سڀئي
ٻيڙيءَ مان هيٺ لٿاسين ۽ ٻيڙيءَ واري جو شڪريو ادا
ڪيوسين. پوءِ منڇر کي الوداع چئي رڪشا ۾ ويٺاسين،
سج به اچي لهڻ تي هو ته اسان به اچي پنهنجي ڳوٺ
پهتاسين. رڪشا تان لهي سڀني ماما مِٺوءَ کي ڀاڪر
پائي سندس شڪريو ادا
ڪري، پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿياسين.
***
زين العابدين بن عبدالحميد عباسي
ڪنڊيارو
مهراڻ جا موتي
·مال
سان ڪتابَ ته خريد ڪري سگهجن ٿا پر علم نٿو خريد
ڪري سگهجي.
·مال
سان نرم ۽ گرم (بيڊ) بسترو ته خريد ڪري سگهجي ٿو
پر مِٺي ننڊ نٿي خريد ڪري سگهجي.
·مال
سان ظاهري خوشامد ته خريد ڪري سگهجي ٿي پر دلي
محبت خريد ڪري نٿي سگهجي.
·مال
سان زيورَ ته خريد ڪري سگهجن ٿا پر حُسنِ اخلاق
(سٺو اخلاق) نٿو خريد ڪري سگهجي.
·مال
سان دنيا جا ڪافي وڏا وڏا فائدا ته حاصل ڪري سگهجن
ٿا، پر هر مشڪل ۾ مال ڪم نٿو اچي.
·پيارا
ٻارؤ! اسان کي به گهرجي ته طالبِ مال جي بجاءِ
طالب عِلم بڻجي ڪري دنيا ۽ آخرت ۾ عزت ۽ سربلندي
ماڻيون.
***
تحرير: آصف محمود
سيد سڪندر علي شاهه
اسلام آباد ٺهڻ کان اڳ اُتي ڇا هو؟
ڇا اوهان کي معلوم آهي ته جتي هن وقت
پارليامينٽ واقع آهي، بلڪل انهيءَ هنڌ ڪنهن
وقت مائي الله رکي جي ٻڪرين جو واڙو هوندو هو! سال
1960ع
ڌاري تائين ته مائي الله رکي جيئري هئي ۽ انهيءَ
جي ٻڪرين جو واڙو موجود هو. اسلام آباد جو آغاز
ٿيو ته مائي الله رکي به وڻ جي ڪِريل پنن جيان،
جيڪي هوا لڳڻ سان ڇڙوڇڙ ٿي ويندا آهن ائين ئي وکري
وئي. ان کانپوءِ جي ڪهاڻي ته بابا دين محمد کي به
معلوم ڪونهي ته مائي الله رکي ڪيڏانهن وئي ۽
انهيءَ جي ٻڪرين جو ڇا ٿيو.!
پاسي کان هڪ برساتي نالو وهندو هو، برسات ۾ جڏهن
مارگله پهاڙن تي مينهن (برسات) جو وسڪارو ٿيندو هو
ته، انهيءَ ۾ سيلاب ايندو هو ۽ انهيءَ جي ڪناري تي
مائي الله رکي پنهنجو واڙو ٺاهيو هو. واڙي ۾ ڪجهه
ٻڪرين، هڪ اڌ ڍڳي ۽ حفاظت لاءِ ٻه ڪُتا به
رکيل هئا. مائي الله رکيءَ جي رهائش
”پارلياماني لاجز“
۾ هئي. سيڪٽر
G5
۾، سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ جي بلڪل سامهون ريڊزون
۾.
اهو مائي الله رکي جو ڳوٺ هو، سرسبز ۽ آباد ڳوٺ،
ڳوٺ جو نالو ڪٽاريان هو. نورپور
شاهان،
موچي موهڙا، سمبال ڪورڪ، ڀڙيال، مل پور، تيال،
لکهوال، راول، گهگهروٽ، چٺهه بختاور، ترامڙي
وغيره. سڀئي ڳوٺ هڪ هار وانگر ڪجهه ڪجهه فاصلي سان
پروئيل هئا. ڪٽاريان نالي جو ڳوٺ انهيءَ جڳهه تي
هو جتي پارليامينٽ سپريم ڪورٽ، وزيراعظم آفيس،
وفاقي شرعي عدالت، وزارت خارجه، سيرينا هوٽل وغيره
قائم آهن. سرينگر هاءِ.وي ۽ عطا ترڪ ايونيو جي وچ
وارو سڄو علائقو ڪٽاريان ڳوٺ جو علائقو هو. ايڪڙ
ٻيڪڙ گهر ٻي پاسي به هئا جتي هاڻ سفارتخانو قائم
آهي. سيڪٽر
G5-1
۽
G5-2
ڪٽاريان ڳوٺ ۾ آباد ڪرايا ويا.
ڪُري جو قديم مندر ڏسڻ لاءِ مان ۽ سجاد اظهر
نڪتاسين ته ڏسون ته مندر جي ڇِت تي ٻه ڇوڪرا ويٺل
هئا. انهن کان معلوم ڪيو ته هن ڳوٺ جو سڀني کان
وڏي عمر وارو بزرگ ماڻهو ڪير آهي ته انهن مان هڪ
چيو ته منهنجو ڏاڏو، پڇيوسين ته ڇا انهيءَ بزرگ
سان ملاقات ڪري سگهجي ٿي، ۽ ائين ٿورڙي دير ۾ اسان
هڪ گهر جي اڱڻ ۾ هڪڙي بزرگ سان وڃي ويجهو ٿي
ويٺاسين. عمر پڇا ڪئيسون ته چوڻ لڳو ته، اسان جي
زماني ۾ تاريخ پيدائش بس اندازي سان ڪيو ويندو هو
ته اوهان ائين اندازو لڳايو ته جڏهن پاڪستان جُڙي
رهيو هو، ته منهنجي ٻي نمبر ڌيءُ پيدا ٿي چڪي هئي.
سجاد اظهر جوڙ، ڪٽ ۽ ونڊ ڪري اعلان ڪيو ته بابا هڪ
صدي پوري ڪري چڪو آهي. جڏهن اسان ڪنهن سان ملاقات
يا ڪچهري ڪندا آهيون، سادگيءَ ۾ هڪڙو سوال ضرور
پڇندا آهيون ته ڪهڙا حال چال آهن. سئو سال جي بابا
مسڪرائيندي چيو ته پُٽ جوانيءَ جي بي احتياطي جي
ڪري هاڻي گوڏن ۾ ڪجهه سُور ٿئي ٿو ۽ ڪجهه مهينن
کان نماز لاءِ مسجد ۾ وڃڻ نه پيو ٿئي، باقي ته مان
اڃان جوان آهيان. بابا مالٽا به کائي رهيو هو ۽
اُس ۾ پاڻ کي سيڪي به رهيو هو، پر کيس کي هڪ ئي
فڪر هئو ته گهر آيل مهمانن جي خاطرتواضح ۽ خدمت ۾
ڪا گهٽتائي نه رهجي وڃي.
بابا دين محمد سان پهرين ملاقات پاڪستان جي قيام
ٿيڻ جي حالات ۽ واقعات سمجهڻ ۾ گذري وئي مگر ڪجهه
مهينن کانپوءِ ٻيهر آءٌ انهن وٽ پهتس. هن ڀيري
منهنجي دماغ ۾ صرف هڪ ئي سوال هو ته، هن اسلام
آباد کان پهرين هتي ڪهڙا ڪهڙا ڳوٺ آباد هئا. مان
اهو سمجهڻ پئي چاهيو ته، هن وقت جي سيڪٽر ۾ ڪهڙو
ڪهڙو ڳوٺ آباد هو. بابا غور سان سوال ٻُڌِي ۽ جواب
ڏنائين ته مون کي سڀ ڪجهه ياد آهي، جڏهن صدر ايوب
اسلام آباد وسايو ته منهنجي ڌيءُ جي شادي ٿي چڪي
هئي ۽ منهنجا ڪجهه دوست هتي ڪٽاريان ۾ رهندا هئا.
بابا دين محمد کان پڇيم ته ڪٽاريان ڪٿي هو؟ ته
پوءِ انهيءَ روان تبصرو شروع ڪيو، ڄڻ ته هٿن جون
لڪيرون پڙهي رهيو هجي، ڪُري ڳوٺ کان شروع ٿيو ۽
مارگله جي ڇانوَ ۾ ايندڙ اهڙن درجن کن ڳوٺن جا
نالا ڳڻيندي ڳڻيندي ٽيڪسلا جي پسگردائي ۾ ايندڙ
ڳوٺن ۽ آبادين تي وڃي پهتو، جيڪي اسلام آباد جي
نئين تهذيب جي دائري ۾ اچي صفحه هستيءَ کان غائب
ٿي چڪا هئا. منهنجي لاءِ اهو سڀڪجهه ڪنهن حيرانيءَ
کان گهٽ نه هو.
بابا دين محمد ٻڌايو ته سيرينا هوٽل جي سامهون مري
روڊ جي پاسي ۾ ڍوڪري ڳوٺ هو ۽ ان کان اڳيان گڏوگڏ
ڪٽاريان ڳوٺ هوندو هو، يعني وزارت خارجه جي عمارت
کان وٺي پارليامينٽ تائين اهو سڄو ڪٽاريان ڳوٺ جو
علائقو هو، اتفاق ڏسو ته اتان کان ٿورڙو اڳتي (PTV)
جي سامهون روڊ ساڻ اڄ به ڪجهه قبرون موجود آهن ته
ڇا اهي قبرون ڪٽاريان ڳوٺ جي رهواسين جون آهن؟ ۽
اتي انهيءَ ڳوٺ جا رهواسي مدفون ٿيل آهن ته باقي
قبرون ڪٿي آهن؟ ڇا اهي ايوانِ صدر جي هن پاسي يا
ڀر پاسي ۾ ڪٿي ڪو قبرستان به آهي؟
مان ڪڏهن اهو سوچيندو هئس ته اوائلي وقتن جو هڪ
ڳوٺ ايترو وڏو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ اهو سوال ذهن ۾
رکي آءٌ
CDA
کان ٿيندو پاڪستان آرڪائيز تائين وڃي پهتس. سال
1901ع
جي مردمشماريءَ جو ريڪارڊ ڏسڻ شروع ڪيم ته اهو
خيال آيو ته اها ته تمام پراڻي ڳالهه ٿي پوندي
تنهنڪري سال
1961ع
جي مردمشماري جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ شروع ڪيم. هي اهو
وقت هو جڏهن اسلام آباد پراجيڪٽ تي ڪم شروع ٿي چڪو
هو ۽ ڳوٺن کي حامل ڪري انهن ۾ تعميرات به شروع ٿي
چڪي هئي يعني انهيءَ وقت جا اعداد ۽ شمار وڌيڪ
ڪارگر ٿيا. انهيءَ رڪارڊ مطابق سال
1961ع
۾ ڪٽاريان ڳوٺ جو ڪل رقبو
1206
ايڪڙن تي مشتمل هو، ڳوٺ ۾
206
گهر هئا جنهن ۾ ڪل آبادي
480
فردن تي مشتمل هئي، مردن جو تعداد
249
۽ عورتن جو تعداد
231
هئو. انهن عورتن ۾ هڪ مائي الله رکي به هئي ۽ انهن
گهرن مان هڪ مائي الله رکي جو واڙو به هو، جيڪو
بلڪل انهيءَ جڳهه واقع
هو جتي هن وقت پارليامينٽ جي شاندار عمارت
موجود آهي. شاعر خالد صديقي مطابق ته،
هڪ ٻي ٻَني پڪي رستي ڳهي ڇڏيو،
هڪ ٻيو ڳوٺ شهر جي وصعت ۾ گم ٿي ويو.
مائي الله رکيءَ جي روح ڪڏهن پنهنجي ٻڪرين کي ڏسڻ
پارليامينٽ ۾ آئي هوندي ۽ اتي موجود سياسي قيادت
کي هڪ ٻئي سان وڙهندي، جهيڙو ڪندي، رڙيون ڪندي،
دانهون ڪندي ڏسندي هوندي ته منهنجو ڳوٺ ڊاهي،
منهنجي تهذيب جا نقش مٽائي منهنجي جهوپڙن کي
کنڊرائي جيڪڏهن انهن ماڻهن کي ايئن ڪرڻو هو ته
پوءِ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ٻڪرين جي واڙي کي ئي ڇڏي
ڏين ها. منهنجون ٻڪريون ته ڪنهن کي چڪ به نه
هڻنديون هيون ۽ نه ئي دانهون ڪوڪون ڪنديون هيون،
پر کير ته ڏينديون هيون. |