نظير حيدري (بدين)
خراب سنگت
جيئن ٽڪيٽ وٺي گاڏي ۾ سوار ٿيس ته منهنجي نظر
سامهون ويٺل چوڏهن سالن جي هڪ خوبصورت ٻار تي پئي،
جيڪو ڪافي پريشان ۽ هيسل نظر اچي رهيو هو. مون
سمجهيو ته شايد پريان ويٺل ٻه پيرسن ئي ساٿي يا
مائٽ اٿس. تنهنڪري آءٌ هڪ ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف ٿي
ويس. مون کي بچايو... بچايو... خدا جي واسطي مون
کي ڇڏيو. مون جلدي جلدي پنهنجي چئني طرف ڏٺو. آواز
پريان گاڏي جي دروازي کان اچي رهيو هو ۽ ٽرين هڪ
ننڍڙي اسٽيشن تي بيٺل هئي. مان تڪڙو اتي پهتس، ٻه
ڪاري رنگ جا ماڻهو جيڪي ڏاڍا خوفناڪ نظر اچي رهيا
هئا. اُهي ٻار کي ڇڪي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا
هئا ۽ ٻارڙو دروازي جي لوهن ۾ هٿ ڦاسائي رڙيون ڪري
رهيو هو، مون هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائي پر ڪو
ماڻهو انهيءَ طرف ڪونه هو. هونئن به هن لوڪل
گاڏيءَ ۾ عام طرح رش گهٽ هوندي آهي.
مون انهن ٻنهي شخصن کان پڇيو، ڇا ڳالهه آهي؟ انهن
مان هڪڙي شوخ نموني سان خوفائتيون اکيون ڪري مون
کي ڇڙٻ ڏني، ايتري ۾ ٽرين آهستي آهستي هلڻ لڳي،
مون انهن تي اوچتو حملو ڪري ڏنو، سامهون بيٺل ان
شخص کي ڇڪي لت هڻي ڪڍيم، جيڪو ٿاٻڙجندو وڃي پري
ڪريو. ٽرين ڪافي تيز ٿي چُڪي هئي، اهو ٻيو شخص
اڃان ٻارڙي سان چنبڙيو پيو هو، مون ان کي هڪ زور
واري مُڪ هنئي، ٻئي طرف انهيءَ ٻار به هن کي هٿ ۾
چڪ هنيو، جنهن ڪري هو ٻيهر اسان تائين ڪونه پهچي
سگهيو، هيٺ ئي رڙيون ڪندو رهيو. مون ٻارڙي کي
سهارو ڏئي مٿي ڪيو، هو ويچارو ڪافي ڊنل ۽ پريشان
هو. منهنجي همدردي ڏسي روئڻ لڳو. مون هن کي تسلي
ڏني ته هو سڏڪڻ لڳو، ڪافي دير کان پوءِ چُپ ٿي
ويو. مون کان پڇڻ لڳو، ادا هاڻ ته هو نه ايندا.
نه ... نه! ادا هاڻ اُهي ڪونه ايندا، پر تون اڪيلو
ڪيئن نڪتو آهين. هڪ دفعو وري روئڻ لڳو، ٻيهر مون
هِن کي چپ ڪرائي منهنجي سمجهائڻ تي هن مون کي
ٻڌايو ته آئون گهران ڀڄي نڪتو آهيان. اهي ٻئي شودا
اتان منهنجي پويان لڳا آهن. مون کي دلاسا ڏيڻ لڳا،
مون کي ڪجهه شئي کائڻ لاءِ ڏنائون، جيڪا مون لڪي
هيٺ ڪيرائي ڇڏي. ڀر ۾ ٻه پوڙها ويٺل هئا تنهنڪري
مون کي ڪجهه چئي نه سگهيا.
جڏهن اُهي لهي ويا ته پوءِ مون کي ڇڪڻ لڳا ۽ مار
به ڏنائون ۽ پوءِ... پوءِ... هو سڏڪڻ لڳو. مون وري
به هن کي دِلاسو ڏنو، پوءِ ادا اوهان ئي مون کي
بچائي ورتو.
مون وڌيڪ هِن کي پريشان ڪرڻ نٿي چاهيو، گاڏي اڳئين
اسٽيشن تي بيٺي، جتي مون کي لهڻو هو، ڇاڪاڻ ته مان
ان شهر جي ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ۽ ڪاليج هاسٽل ۾
رهندو هئس. مان هن کي پاڻ سان وٺي آيس، هاڻي هو
ڪافي خوش هو. رات جي ماني تي مون هاسٽل ۾ رهندڙ
ٻين دوستن کي به اهو قصوٻڌايو، جيڪي منهنجي
ڪارنامي تي گهڻو خوش ٿيا. اها ڳالهه جڏهن اسان جي
پرنسپال تائين پهتي، جيڪو به اسان سان هاسٽل ۾
رهندو هو، سو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي دلاسو ڏنائين.
اسان رات جو ٻارڙي کان وڌيڪ پُڇا ڪرڻ لڳاسين. هن
پنهنجو احوال هن طرح بيان ڪيو.
منهنجو نالو حامد آهي، ۽ والد روينيو آفيسر آهي،
مان جيئن ته خراب صحبت ۾ اچي ويو هئس، تنهنڪري
پڙهڻ جي طرف منهنجو ڌيان ئي ڪونه هو. هفتن جا هفتا
اسڪول کان غائب رهڻ منهنجو معمول هو. جڏهن اها خبر
بابا تائين پهتي ته هن مون کي مار ڏني، مون کي
اسڪول پڙهڻ تي مجبور ڪيائين.
اها ڳالهه جڏهن مون پنهنجي دوستن سان ڪئي ته انهن
مون کي گهر مان ڀڄي وڃڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو مون
بنا سوچڻ جي قبول ڪري ورتو. گهران ڀڄي نڪتس ۽ پوءِ
هو خاموش ٿي ويو.
پر هاڻي آءٌ ائين ڪونه ڪندس، واپس وڃي مان دل
لڳائي پڙهندس.
اسان جي سمجهائڻ تي حامد اسان سان واعدو ڪيو ته
هاڻ هو خراب سنگت کان پري رهندو ۽ دل لڳائي محنت
ڪندو ۽ پڙهندو. پوءِ اسان ٽيليفون جي ذريعي حامد
جي والدين کي اطلاع ڏنو، جيڪي پڻ ڪافي پريشان هئا
۽ رات جو ئي ڪار وسيلي اُتي پهتا، اسان جي گهڻي
زور ڀرڻ تي هو رات جو هاسٽل ۾ رهيا.
حامد کي صبح جو مان ۽ منهنجي دوستن ۽ پرنسپال صاحب
تحفا ڏنا ۽ دعائن سان خدا حافظ ڪيو. هاڻي حامد
مئٽرڪ جو هوشيار شاگرد آهي ۽ منهنجو ننڍڙو ۽
بهترين دوست آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي خط لکي ياد
ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته خدارا پنهنجي مائٽن کان
بيزار نه ٿيو ۽ انهن جي دڙڪن کان پريشان نه ٿيو.
ڇو ته مائٽ وري به مائٽ آهن. اسان جا خيرخواهه آهن
نه ڪي دشمن آهن. ٻاهر جي دنيا ڏاڍي خراب آهي، جيڪو
ٻار گهر کان بي گهر ٿيو ڄڻ اُهو دربدر ٿيو.
بشير احمد ميمڻ (شڪارپور)
خالد هليو سائيڪل سکڻ!
گامڻ وانگر اڄ خالد کي به سائيڪل سکڻ جو شوق ٿيو ۽
سڌو منهنجي گهر جو در کڙڪايائين، ڪجهه دير کان
پوءِ هن کي جواب مليو ته آءٌ گهر ۾ ڪونه آهيان، سو
هي نواب ڪاوڙجي هليو ويو.
جڏهن شام جو مان هن سان مليس ته هي مڙس ڳالهائي ئي
ڪونه، گهڻا ئي ايلاز منٿون ڪيائين، پوءِ ڪاوڙ جي
جواب ڏنائين. اسان توهان جي گهر اچون ته صاحب ملن
ئي ڪونه ٿا. مان چيومانس ڊاڪٽر انجيڪشن هنئي اٿئي
ڇا؟ جواب ڏنائين ته يار ڇڏ انهن ڳالهين کي، هل ته
هلون مان چيومانس ڪيڏانهن هلون، چيائين يار مون کي
اڄ سائيڪل سکڻ جو شوق ٿيو آهي.
مون چيومانس ته اهي اجايون ڳالهيون نه ڪر، پوءِ
مون کي گهڻائي ايلاز ڪيائين، ايتري قدر جو روئڻ
هارڪو ٿي ويو.
مون کِلي چيومانس هل ته سائيڪل کڻون. اُهي لفظ ٻڌي
گلاب جي گُل وانگر ٽڙي پيو ۽ کلڻ شروع ڪيائين.
چيومانس ايترو نه کِل! پوءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي
سائيڪل جي دڪان وٽ پهتاسين.
سائيڪل کڻي سڌو شاهي باغ ڏانهن رُخ ڪيوسين. ٿوري
دير کانپوءِ شاهي باغ پهتاسين، هن ٿوري سائيڪل مس
سکي ته مون چيومانس مون کي اُڃ لڳي آهي. مان جلدي
پاڻي پي ٿو اچان. هي سائيڪل وٽ بيٺو.
مان پاڻي پي آيس، ڏسان ته خالد! روئي پيو.
پڇيومانس ته ڇا ٿيو اٿئي؟
جواب ڏنائين ته يار هوڏي ڏس! مان ڏسان ته سائيڪل
پاڻي ۾ پئي آهي. مون پڇيومانس سائيڪل پاڻي ۾ ڪيئن
ڪِري آهي. مان ڪاوڙ مان هن کي اهڙي چماٽ هنئي جو
هي وڌيڪ رُنو...! ۽ چوي پيو امان... او ... امان
سائيڪل پاڻي ۾ ڪِري پئي.
مون چيومانس، اُٿ ته ڪڍون ٿا، يڪدم سائيڪل ڪڍيسين،
ڏسون ته سائيڪل جي گهنٽي ۽ پيڊل ڀڳو پيو آهي.
سائيڪل کي گهليندا اچي سائيڪل جي دڪان تي پهتاسين.
خالد مون کي چيو ادا هن کي پئسا ڏي ته هلون. مان
سائيڪل جي دڪان واري کي پئسا ڏنا ۽ پوءِ خالد کي
چيم جيڪڏهن سائيڪل جو نالو ورتو اٿئي ته پوءِ
سمجهين ٿو. پاڻ ڊبل پئسا وٺندوسانءِ، پوءِ ته خالد
ڪڏهن به سائيڪل سکڻ جو نالو نه ورتو.
سنڌيڪار:
خالد ڀٽي (شڪارپور)
چڱي ڪم جي خواهش
پيٽر هڪ امير گھر جو ٻار هو، جنهن جي زندگي نهايت
عيش ۽ آرام سان گذري رهي هئي. زندگيءَ جو سڀ سُک
کيس نصيب هو. هو دنيا جي اهنجن ۽ سختين کان گھڻو
ڏور هو. هڪ ڏينهن هو فلم ڏسڻ ويو. انهيءَ فلم کي
ڪيترن ئي ماڻهن ڏسڻ پئي گھريو. هو به فلم ڏسڻ
”فلم
گھر“
ٿوري دير سان پهتو. ان وقت فلم جي آخري ٽڪيٽ هڪ
نهايت ئي غريب ٻار ورتي هئي. اهو ٻار ڪيترن ئي
هفتن کان انهيءَ فلم جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ واسطي پئسا
گڏ ڪري رهيو هو. جڏهن پيٽر کي خبر پئي ته آخري
ٽڪيٽ هڪ غريب ٻار ورتي آهي ۽ هن لاءِ ٽڪيٽ ناهي
بچي ته، پيٽر ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. رڙيون ڪري
چوڻ لڳو ته
”اها
آخري ٽڪيٽ کيس ڏني وڃي.“
غريب ٻار چيو
”مان
توکي پنهنجي ٽڪيٽ ڇو ڏيان؟ مان توکان اڳ ۾ ٽڪيٽ
وٺڻ لاءِ آيو هئس ۽ مون ٽڪيٽ جا پئسا به ڏنا آهن،
جيڪي مون هوريان هوريان گڏ ڪيا هئا.“
پيٽر چيو
”جيئن
ته مان توکان وڌيڪ اهم آهيان. مون کي ڏس، مان امير
آهيان ۽ تون غريب. ڇا توکي فرق نظر نٿو اچي؟!“
تنهن مهل هڪ ماڻهوءَ اچي پيٽر کي چيو
”هيءَ
ٽڪيٽ تون وٺ، انهيءَ ٽڪيٽ تي هن غريب ٻار کان وڌيڪ
تنهنجو حق آهي.“
همراهه اها ٽڪيٽ غريب ٻار جي هٿ مان کسي پيٽر کي
ڏني، جيڪو آڪڙ ۽ وڏائيءَ سان هلندو، ان غريب ٻار
جي ڀرسان لنگھي وڃي فلم گھر ۾ داخل ٿيو. پيٽر جڏهن
اندر آيو ته هن کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي تي ته هال ۾
سندس جھڙا ٻيا به امير ٻار موجود هئا. پيٽر پنهنجي
جاءِ تي وڃي ويهي رهيو.
پر هي ڇا؟! هو پنهنجي ڪرسيءَ کان
”فلم
هال“
جي اسڪرين يعني پردي تي پهچي ويو ۽ فلم جي هڪ
ڪردار ۾ تبديل ٿي ويو. فلم ۾ کيس هڪ انتهائي
بدنصيب ڇوڪر جو ڪردار مليل هو. ڪڏهن سندس ماءُ
پيءُ وڇڙي ٿي ويا، ڪڏهن پنهنجو گھر ڪونه ٿي مليو ۽
ڪڏهن سمورا پئسا گم ٿي ويا ٿي. ڪڏهن هن کي ڪنهن
ملڪ ۾ وڃڻو ٿي پيو، جتان جي ٻوليءَ کان هو اڻ
سونهون هو ۽ اتي کيس محنت مزوري ڪرڻي ٿي پئي ته
جيئن پنهنجي ننڍي ڀيڻ ۽ ڀائرن جي مدد ڪري سگھي.
انهيءَ فلمي زندگيءَ ۾ ماڻهو هن سان خراب ورتاءُ
رکن ٿا، ڄڻ ته هن جا ڪي جذبا ئي ناهن ۽ هو جذبن
کان خالي لاش ٿي لڳو. انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ پيٽر کي
ڏاڍين مشڪلاتن سان منهن ڏيندڙ ڏيکاريو ويو ۽ زندگي
گذارڻ جي لاءِ کيس تمام گھڻي محنت ڪندي ڏيکاريو
ويو. فلم ۾ ڪيترائي ڪردار هئا، جن مان پيٽر کي
اهڙا ماڻهو به ملن ٿا، جيڪي اميد ۽ آبرو نه لاهڻ
لاءِ اتساهه ڏياريندي ڏيکاريا ويا آهن ۽ کيس حوصلو
ڏيارين ٿا. اهڙي هر ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي وڻندڙ ٿئي ٿي
۽ هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ امير ماڻهو واهر ڪري ٿو.
جڏهن فلم ختم ٿي ته پيٽر ڪرسيءَ تي موجود هو. هو
ڏاڍو حيران هو. کيس حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو احساس
ٿيو ته پنهنجي حقيقي زندگيءَ ۾ هو ڪيڏو ڀاڳن ڀريو
آهي، هن ڪڏهن به ڪنهن جي مدد ڪونه ڪئي هئي جو سندس
زندگيءَ جي مسئلن جي هڪ چڱي ۽ سهڻي پڄاڻي ٿئي. هو
پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو خراب لڳو. هو پنهنجي جاءِ تي
ويهي گھڻي دير تائين روئندو رهيو. پوءِ سندس منهن
تي مرڪ آئي ۽ هو فلم هال کان هليو آيو. هو خوش هيو
…
هينئر پيٽر کي ڄاڻ ٿي ته کيس پنهنجي زندگيءَ ۾
ڇاهي ڪرڻو. کيس انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻي هئي جيڪي
ڏکارا هئا، جيڪي مسئلن جو شڪار هئا. کيس اهڙو
انسان بڻجڻو هو، جيڪو ماڻهن جي مشڪلاتن کي سهڻي
نموني انجام تي رسائي سگھي. گھر ويندي هن کي اهو
ماڻهو مليو، جنهن کيس فلم جي ٽڪيٽ ڏني هئي ۽ وري
کيس ياد آيو ته هيءُ ته اهوئي ماڻهو آهي، جيڪو فلم
جي هر ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ آيو ٿي ۽ ماڻهن جي زندگيءَ
کي سنهنجو ۽ آسان ٿي بڻايو.
گل
ڦل سنڌي
ٻاراڻي ادب جو هڪ نهايت ئي شاندار ۽ مانائتو نالو
آهي، جنهن جون ڪاوشون ۽ ڪوششون ٻارن جي ذهني ۽
اخلاقي اوسر ۽ ادب جي واڌ ويجھه ۾ نهايت اهم ڪردار
ادا ڪيو آهي، ۽ ٻارن جي ذهني گلستان کي سچيتائي
سان سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گھٽايو
آهي، جنهن جي جيتري به واکاڻ ڪجي، اها ٿوري ٿيندي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، انهي گلستان ۾ جيڪي
ٻوٽا پنهنجي خوشبوءِ سان ادبي باغ کي هُٻڪاري رهيا
آهن، انهن جي آبياريءَ ۾ نجمه پنهور جون تمام
گھڻيون محنتون شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ بورڊ جي
مانائتن ميمبرن ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي
شوق ۽ اسد جمال پلي جي لائق سهڪار به وساري نه ٿو
سگھجي، جن جي سٿ سان گل ڦل ترقي جون منزلون طئي
ڪندي، ادبي معيار جي اونچائين کي ڇُهي رهيو آهي،
جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجي سا ٿوري ٿيندي.
نومبر
2021ع
جو تازو شمارو شايع ٿي ويو آهي، اها هڪ سٺي روايت
آهي، جو نومبر جو شمارو نومبر ۾ ئي ڇپجي ويو آهي،
جڏهن ته گل ڦل هميشه دير سان ايندو رهيو هو، هن
شماري جي جلدي اچڻ سان اها ڳالهه واضح ٿي رهي آهي
ته، گل ڦل جو ادارتي عملو محنت ۽ جفا ڪشي ۾ يقين
رکي ٿو ۽ عملي طور پڻ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
نومبر جي شماري ۾ نجمه پنهور ٻارن جي حق جي باري ۾
لکي ٿي ته،
”ٻارن
جي پالنا ۽ تعليم تي وڌيڪ توجهه ڏنو وڃي. جيئن
اسان جي ملڪ جا ٻار هڪ صحتمند سماج جي ٻارن جيان
زندگي گذاري سگھن.“
هن شماري ۾ پروفيسر رشيده ڀٽي
”منقه“
يعني ڊاک جي خاصيتن بابت سهڻي ۽ دلچسپ ڄاڻ ڏني آهي
۽ انهن جي طبي فائدن جي باري ۾ معلومات ڏني آهي.
اهو تمام سٺو عمل آهي، انهيءَ سان ٻارن جي عام
معلومات ۾ واڌارو ٿيندو ۽ سندن ذهني صلاحيت پڻ
وڌندي.
مسلم دنيا جي عظيم سائنسدان محمد بن ذڪريا الرازي
جي باري ۾ محمد عثمان عباسي نهايت ڪارائتيون
ڳالهيون ٻُڌايون آهن. ذڪريا الرازي طبي دنيا ۾
جيڪي ڪارگزاريون ڪيون، تن جي سهڻي نموني اپٽار ڪئي
آهي. اميد آهي ته محمد عثمان مسلم دنيا جي ٻين
کوجنائي ۽ سائنسي شخصيتن جي علمي ڪارنامن بابت
مستقل طور تي لکندو رهندو.
جاويد اسلم سمون سماجي بُرائي گِلا بابت پنهنجن
خيالن کي لفظن جو روپ ڏيئي ٻارن کي گِلا ۽ غيبت جي
نقصانن کان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
گِلا خور انسان يا ٻار کي ڪوبه پسند نه ڪندو آهي.
اسان کي به گھرجي ته ڪنهن جي گلا نه ڪريون ۽ نه ئي
چُغلي هڻي، پاڻ کي خوار خراب ۽ جڳ ۾ ڏِٺو ڪريون.
بابو جوڻيجو گل ڦل جي اڳوڻي ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻيءَ
جي شخصيت کي ياد ڪيو آهي، ۽ سندس جيون ۾ جھاتي
پائي، وسريل ورق کي اجاگر ڪيو آهي. جنهن لاءِ هو
شاباسيءَ جو حقدار آهي.
ٻين مضمومن ۾ البرٽ آئنسٽائن جي سوانح حيات، سنڌ
ديس جون رانديون، ۽ شڪارپور جي گورنمينٽ پرائمري
اسڪول هاٿيدر جي شاگردن جا انٽرويو ۽ تصويرون، سيد
اظهر گيلاني جي ياد ۾، مِٽيءَ جي آتم ڪهاڻي پڻ
شامل آهن.
ڪهاڻين ۾ خالد ڀٽي جي ڪهاڻي
”پنج
ڏوهاري پنج ڪهاڻيون“
مواد جي لحاظ کان سُٺي آهي ۽ سماجي برائي کي پڻ
واضح ڪري رهي آهي.
آپا پروين موسى ميمڻ جي ڪهاڻي
”ڪر
ڀلو ته ٿئي ڀلو“
به همدرديءَ جي جذبي تي آڌاريل آهي، اسان جي سماج
۾ اهڙن گڻن جي اڻاٺ ٿي وئي آهي. آپا کي جَسُ هجي
جو قلمي جهاد ڪري رهي آهي.
عابده گھانگھرو جي ڪهاڻي مون کي ذاتي طور تي تمام
بهترين لڳي، ڇاڪاڻ جو سندس ڪهاڻي سنڌي ٻاراڻي نظم
تي آڌاريل آهي ۽ تمام خوبصورت انداز ۾ ان بيت جي
نثري صورت ۾ تشريح ڪئي آهي، جيڪا نهايت دل
لڀائيندڙ آهي، ڪهاڻي پڙهندي ڏاڍو لطف آيو.
الطاف جوکيو جي ڪهاڻي به لوڪ ادب جو هڪ دلچسپ ورق
لڳي. ڪهاڻي پنهنجي پيرايي ۾ ڏاڍي سولي ۽ دلچسپ
انداز ۾ لکيل آهي. سندس ڪهاڻيءَ ۾ وندر جو سڄو
سامان موجود آهي الطاف جوکيو بنيادي طور تي ٻوليءَ
جو ماهر آهي، سندس.ٻاراڻي ادب ڏانهن واپسي سٺو
سنوڻ آهي.
امر ادريس درس جي ڪهاڻي
”سدا
بهار ڳوٺ“
به سٺين ڪهاڻين ۾ ڳڻي سگھجي ٿي. جيڪڏهن اسان جي
سماج ۾ رهندڙ فردن ۾ اها سوچ
پيدا ٿي وڃي ته اسان جو سماج دنيا جي سڌريل سماجن
۾ ڳڻجي سگھجي ٿو.
انهن ڪهاڻين کان سواءِ مختيار احمد (ڪاٺير)،
عبدالرشيد سولنگي (جھالت سان جنگ)، اويس ڀٽو (پوپٽ
شينهن)، ۽ ٻين سرجڻهارن جون تخليقون شامل آهن.
شاعريءَ جي حصي ۾ سنڌ جي ناليوارن شخصيتن مخدوم
محمد زمان طالب المولى، اسرار شام، ثنا الله عتيق
چنجڻي، ياسين ڪنڀر، عبدالجبار ويسر، زيب نظاماڻي،
ارباب علي
”عادل“
چوهاڻ، سرور نواز ٻگهيو، منظور ابڙو، بابو جوڻيجو،
غلام محمد ڀٽي، آغا تاج محمد ۽ منصور ويراڳي جون
تخليقون شامل آهن.
انهيءَ کان علاوه رپورٽون، شاهه لطيف ڪوئيز شاهه
شناسي، لطيفا ۽ خط به گل ڦل جي زينت بڻيل آهن.
علي محمد پلهه
مهراڻ جا موتي
ست شيون قبول ڪريو
1.
ڀاءُ جو عذر چاهي دل نه مڃي.
2.
نصيحت جي ڳالهه چاهي ڪڙي هجي.
3.
دوست جو هديو چاهي گهٽ هجي.
4.
پنهنجي غلطي چاهي ذلت هجي.
5.
غريب جي دعوت چاهي تڪليف هجي.
6.
ماءُ پيءُ جو حڪم چاهي ناگوار هجي.
7.
پنهنجي زال سان مڙس جي محبت چاهي ڪهڙي به هجي.
ماءُ کان ڪنهن پڇيو ته: ماءُ تنهنجي قدمن مان جنت
کسي وڃي ۽ تو کان پڇيو وڃي ته ڪجهه ٻيو گهر ته
پوءِ خدا کان ڇا گهرندئين.
ماءُ تمام خوبصورت جواب ڏنو ته مان پنهنجي اولاد
جو نصيب پنهنجي هٿ سان لکڻ جو حق گهُرنديس. ڇو ته
ان جي خوشيءَ جي اڳيان منهنجي لاءِ جنت ننڍي آهي.
ماءُ تنهنجي وفا کي سلام!
ڪلثوم
اختر (ٽنڊو محمد خان)
سچائيءَ جو انعام
”سيما!
منهنجي ننڍڙي ادي سيما هيڏانهن ته نهار، هي ڏس مون
ڪهڙو ته سٺو گهر ٺاهيو آهي.“
”نه
آءٌ نه ڏسنديس اهو گهر. تو مون کي سلميٰ جي گڏيءَ
جهڙي گڏي نه وٺي ڏني آهي. تنهنڪري مان تو سان نه
ڳالهائيندس.“
”منهنجي
ننڍڙي ڀيڻ بابا مون کي خرچي ڏيندو ته مان توکي
اهڙي گُڏيءَ آڻي ڏيندس. هاڻ ته تون هي گهر ڏس.“
”سچي
ادا!“
سيما ۽ فاروق پاڻ ۾ ٻه ڀاءُ ڀيڻ هئا. فاروق سيما
کان پنج سال وڏو هو. هِن جي پيءَ هڪ دڪان کوليو
هو، جنهن مان هو گذر سفر ڪندو هو. فاروق ڇهين ڪلاس
۾ پڙهندو هو. سلميٰ هڪ زميندار جي ڌيءَ هئي. هن جي
پيءَ هن کي هڪ وڏي گُڏي آڻي ڏني هئي. جڏهن سيما ان
گُڏي کي ڏٺو ته هوءَ به ضد ڪرڻ لڳي ته آءٌ به اهڙي
گُڏي وٺنديس. هن فاروق کي چيو ته مون کي اهڙي
گُڏي وٺي ڏي. فاروق سوچيو آءٌ پنهنجي خرچي گڏ ڪري
سيما کي ضرور اهڙي گُڏي وٺي ڏيندس.
هن کي روز ڏهه رپيا خرچي ملندي هئي، جيڪي هو روز
رکي ڇڏيندو هو. اڄ هُن پئسا ڳڻيا ته هڪ سؤ رپيا
جمع ٿي ويو هو. هن سوچيو ته شام جو سيما کي گُڏي
وٺي ڏيندس ته هوءَ ڪيڏو نه خوش ٿيندي. انهي خيال ۾
وڃي رهيو هو ته هن ڏٺو ته هڪ يتيم ڇوڪرو بيٺو هو.
هو اڳتي وڌيو ۽ ان ڇوڪري کان پڇيو. ان ڇوڪري چيو
ته منهنجو نالو محمود آهي. مون کي پڙهڻ جو گهڻو
شوق آهي، پر مون وٽ ڪتاب ۽ سليٽ نه آهي؟ هن سوچيو
مون وٽ هڪ سؤ رپيا آهن. آءٌ ڇو نه هن کي ڪتاب وٺي
ڏيان، گهر آيو پئسا کڻي ان ڇوڪري کي ڪتاب، سليٽ ۽
پينون وٺي ڏنائين. هن سيما سان واعدو ڪيو هو ته اڄ
هن کي گُڏي ضرور وٺي ڏيندو. هن سيما جي دل کي ٽوڙڻ
به نٿي چاهيو، سو گهر کان ٻاهر آيو ۽ سوچيائين ته
هاڻي ڇا ڪريان. ان سوچ ۾ هلڻ لڳو. اوچتو هن ڏٺو ته
سامهون پنجاهه رپين جو نوٽ پيو هو. هن اهو نوٽ
کنيو، هن جي دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه هِن مان ڀيڻ
جي گڏي وٺي وڃان. پوءِ وري سوچيائين ته الائي ڪنهن
غريب جا پئسا آهن. سو مون کي واپس ڪرڻ گهرجن، هو
هلڻ لڳو ۽ اتان گڏين واري دڪان وٽان لنگهيو پئي ته
هِن ڏٺو اها گُڏي پئي هئي، وري هن سوچيو ته ڀيڻ
لاءِ گُڏي وٺي وڃان. پر ذهن مان اهو خيال ڪڍي
ڇڏيائين. اُتي هڪ ماڻهو آيو ۽ ماڻهن کان پڇڻ لڳو
ته توهان منهنجا پنجاهه رپيا ته نه ڏنا آهن. ايتري
دير ۾ هي اڳتي وڌيو ۽ ان ماڻهوءَ کي ان جا پنجاهه
رپيا ڏنائين ۽ اُهو به ٻڌايائين ته اُهي مون ڪٿان
لڌا هئا. اُهو ماڻهو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ کيسي مان
ڪجهه پئسا ڪڍي ڏنائينس ته هي تنهنجو انعام آهي، پر
هن اهي پئسا نه ورتا. هن ماڻهوءَ چيس ته تون هِن
دڪان مان ڪجهه وٺ، هِن جو هٿ بي اختيار گُڏي کي
وڃي لڳو. ان ماڻهوءَ گُڏي وٺي ڏنس. هو گُڏيءَ وٺي
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڊوڙي اچي سيما کي گُڏي ڏنائين، ۽
گُڏي ملڻ کان پوءِ سيما ڏاڍو خوش ٿي. ان وقت کان
پوءِ محمود ۽ فاروق گڏجي پڙهندا هئا ۽ محمود جي
ڪتابن جو خرچ، فاروق جي پيءَ پاڻ تي کنيو.
پروفيسر رشيده ڀٽي (ڄام شورو)
اُملهه ماڻڪ
حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه جن جو قول مبارڪ آهي
ته:
* انسان اُن دولت تي ايترو تڪبر ڇو ڪري ٿو؟ جيڪڏهن
”حلال“
جي ڪمايل آهي ته
”حساب“
ڏيڻو پوي ۽ جيڪڏهن
”حرام“
جي آهي ته پوءِ عذاب سهڻو پوندو!
* ڪتابن کان خالي ڪمرو، بلڪل ائين هوندو آهي، جيئن
ڪو انساني جسم، روح کان بغير هجي.
“A room without book is like a body without a
soul.”
*
پنهنجي ضمير جو محاصرو پاڻ ڪري وٺو، ان کان اڳ جو
توهان جو محاصرو ڪيو وڃي.
* اهو ائين ئي آهي جيئن چيو ويندو آهي ته نماز
پڙهي وٺو، ان کان اڳ جو توهان جي نماز پڙهي وڃي،
محبت ڪڏهن به مري نٿي سگهي، محبت ماري ڇڏيندي
آهي.!
* شفيق استاد ۽ مخلص دوست، خدا جي وڏي نعمت هوندا
آهن.
* لفظن جو غلط استعمال تمام وڏو گناهه آهي.
(سقراط)
* هڪ همراهه شاهي بازار ۾ وڏو پٽڪو ٻڌي لنگهي رهيو
هو ته هڪ همراهه هِن کي خط ڏيندي پڙهڻ لاءِ چيو.
هن ماڻهو خط ڏسي چيو ته مان پڙهيل ناهيان. تنهن تي
پهرئين همراهه چيس ته هيڏو وڏو پٽڪو ٻڌو اٿئي، تو
کي پڙهڻ ڪونه ٿو اچي.
هن همراهه پٽڪو لاهي، ٻئي همراهه جي مٿي تي رکي
چيو ته جي پٽڪي ٻڌڻ سان پڙهي سگهجي ته پوءِ تون
پڙهه.
(امان الله چانڊيو، ڪوٽڙي)
* پُٽ (ماءُ کي): امان! جي آئون پاس ٿيان ته مون
کي ڇا ملندو؟
ماءُ: اَبا، مٺائي.
پُٽ: جيڪڏهن ناپاس ٿيان ته پوءِ ڇا ملندو؟
ماءُ: ته پوءِ جوتا ملندءِ، ٻيو ڇا ملندءِ.
پٽ: امان تڏهن آءٌ ضرور ناپاس ٿيندس. ڇو ته منهنجا
جوتا ڦاٽي پيا آهن ۽ مون کي نوان ملندا.
(الطاف حسين ڪاتيار، ميرپور بٺورو)
* هڪ همراه هڪ ڊگهي وڻ تي چڙهي ويو، پر لهي ڪونه
ٿي سگهيو، تنهنڪري ياد ڪيائين پنهنجي مرشد کي
”مرشد
سائين! مون کي هيٺ لاهه، مان پنجن رپين جي مٺائي
ورهائيندس.“
ان کان پوءِ جڏهن همراهه اڌ وڻ تان ڪجهه هيٺ لٿو
ته چيائين:
”مرشد
سائين، هاڻي اڍائي رپين جي مٺائي ورهائيندس.“
۽ جڏهن اڃا ٿورو هيٺ لٿو ته چيائين
”مرشد!
هاڻ سوا رپئي جي مٺائي ورهائيندس.“
۽ جڏهن بلڪل هيٺ لهي آيو ته چيائين
”مرشد
سائين! جيڪي وڻ تي چڙهن سي مٺايون ورهائين.“
(زمان علي جوکيو، ڪوٽڙي)
* راندين جو ماستر: ليگ بريڪس بال ڇا کي چئبو آهي؟
احمد: سائين اُهو بال جنهن مان ڄنگهه جو نشانو
اهڙو وٺجي جو بيٽنگ واري جي ڄنگهه ڀڄي پوي.
(جروار حسين خاصخيلي، محراب پور)
* هڪڙا ٻه بيوقوف رات جو هڪ رستي تان وڃي رهيا
هئا، ته هڪ چيو:
”جيڪڏهن
مان ٽارچ جي روشني آسمان ڏانهن سڌي ڪريان ته ڇا
تون ان تي چڙهي ويندين؟“
ٻئي بيوقوف چيو:
”چڙهي
ته ويندس، پر جيڪڏهن تون اوچتو ٽارچ کي وسائي ڇڏين
ته پوءِ مان ڌو اچي زمين تي ڪرندس.“
(آغا عرفان الله، حيدرآباد)
مانائتي ايڊيٽر صاحبه
مان گُل ڦُل جو پراڻو پڙهندڙ ۽ لکندڙ آهيان.
پنهنجي تجربي جي بنياد تي گُل ڦُل جي مواد کي وڌيڪ
سڦلو بڻائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪيان ٿو.
ڪجهه تجويزون:
* شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ نون شاعرن خاص ڪري ٻالڪ شاعرن
کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي.
* اسان کان وڇڙي ويل شاعرن ۽ شاعرائن جي جنمن ۽
وفات جون تاريخون ڏنگين ۾ ڏجن.
* گهٽ ۾ گهٽ هڪ شعر سائنسي موضوع ۽ هڪ شعر ٻارن جي
مسئلن ۽ سندن حل جي حوالي سان هجڻ گهرجي.
* عالمي ڏهاڙن ۽ قومي ڏينهن جي باري ۾ سندن موقعي
تي خصوصي شاعري شامل ٿيڻ گهرجي.
شاعريءَ سان گڏ ڪارٽونن/ تصويرن جي چونڊ شعرن جي
مفهوم کي چٽو ڪندڙ ٻارن جي نفسيات مطابق هجڻ
گهرجي.
اوهان جو پنهنجو
حسين سارنگ
سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، ڄام شورو
محترمه ايڊيٽر صاحبه
آئون پنهنجو هڪ غزل موڪلي رهيو آهيان، اميد ته
شايع ڪندا.
نوشاد ڀٽي
ايڇ. ايس. ٽي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد
خان
محترمه ايڊيٽر صاحبه
السلام عليڪم! اميد ته گُل ڦُل سَٿ خيريت سان
هوندي.
سنڌي ادبي بورڊ کي جَس هجي جنهن ٻاراڻي ادب جي
واڌاري ۽ ٻارن جي شعوري سگهه وڌائڻ لاءِ شاندار
رسالي جو اُجراءُ ڪيو آهي، جيڪو مسلسل ڇپجي رهيو
آهي. هاڻي ته مخدوم سعيد الزمان
”عاطف“
صاحب چيئرمين ۽ اوهان جي نگرانيءَ ۾ وڌيڪ بهتر ۽
وقت سر شايع ٿئي ٿو. آئون لطيفي لات جو نتيجو ۽
ڪجهه سهڻا سخن موڪلي رهيو آهيان، اميد ته شايع
ڪنديون.
ذيشان جمالي
گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول بکر جمالي، مٽياري
ڊسمبر
2021ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
سامونڊي“
جي داستان ٻئي جو چوڏهون نمبر بيت آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
هو جيڪي سمنڊ جو سفر ڪن ٿا (ڏينهن رات ان ۾ هلن
ٿا)، اهي ئي منهنجا پيارا پرين آهن. آءٌ کڻي ڪيترو
به رئان پر اهي ذري برابر ترسڻ لاءِ تيار ناهن.
آءٌ کين ڪيترو به روڪيان پر اهي هرگز رڪجڻ وارا
ناهن. سندن جدائي ۽ وڇوڙي وارا سور مون لاءِ نسورو
ناسور آهن.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
* عبدالجبار
”مسافر“
ويسر: سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊوڄام.
* جاويد احمد ويسر: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺري
ميرواهه.
* حسان نوشاد
ڀٽي: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* عزيز الرحمٰن مگسي: ڪلاس ڇهون،
گورنمينٽ
بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* حسنين علي: ڪلاس ڏهون،
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* محمد يوسف ڀٽي: ڪلاس ڏهون،
گورنمينٽ
بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* فرحان شاهه: ڪلاس ڏهون،
گورنمينٽ
بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* دليپ هيمراج: ڪلاس ڏهون،
گورنمينٽ
بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* هريش ڪمار: ڪلاس ڏهون،
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* راهول ٺاڪر: ڪلاس ڏهون،
گورنمينٽ
بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* آذان ڀٽي: گورنمينٽ مرزا قليچ بيگ بوائز هائير
سيڪنڊري اسڪول، حيدرآباد.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان حسنين علي
جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل
ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |