احمد خان
’احمد‘
بلور
اچو ته کيڏيون راند بلور،
کيڏيون راند بلو.
وقت شام جو آيو آهي،
ڪم اسڪول جو اچو لاهي.
پوءِ لڳايون بازي زور،
ٻارو کيڏيون راند بلور.
راند کيڏڻ جو وارو آيو،
ڪريون تنهن جو ٻارو سايو.
لاهيون هيئن جي هور،
ٻارو کيڏيون راند بلور.
رنگ جنهن جو سونو تيزابي،
ڳاڙهو سائو نيرو گلابي،
ماند جنهن جو ناهي مور،
ٻارو کيڏيون راند بلور.
بلور سهڻو منهنجو آهي،
اهڙو ڪنهن جو ناهي،
پيارا پيارا تنهنجا پورَ،
ٻارو کيڏيون راند بلور.
جمالا
(ماڊل اسڪول مجنوڀيل جي شاگردياڻي)
آءُ ته گڏي راند کيڏيون
ٽنڊڻي ٽنڊڻي اسين تنهنجا ماڻهو،
چٻينداسين ڏاڙهون،
هي ککر ڪهڙي ستن ڀائرن جهڙي،
ست ئي ڀائرن تڙ تي،
ٻيڙي آئي تڙ تي،
ٻيڙي وارا آيا،
ڇٻ ڇٻيتا آيا هڪ ڇٻي ۾،
موتي ڇٽي پنهنجي پوتي،
ادل کي چئجان،
مامن کي چئجان،
گُڏو گُڏي آڻجان،
سون ۾ تورائجان،
چانديءَ ۾ چمڪائجان،
روپين ۾ تورائجان،
بنگلي ۾ ويهارجان،
آءُ گڏي راند کيڏيون.
اسحاق انصاري
سنڌ
سنڌ اسان جي پياري پياري،
جيڪا آهي جڳ ۾ نياري.
سنڌ اسان جي ساوڪ واري،
جنهن ۾ رهن ٿا هاري ناري.
هاري ئي ٿو انّ اُپائي،
جنهن کي ٻڍو ۽ ٻار ٿو کائي.
تنهنجا هيمو هوشو شيدي،
جنهن کان ڊڄن ٿا سڀ گيدي.
سنڌ اسان جي پياري پياري،
جيڪا آهي جڳ ۾ نياري.
گلشن سنڌو
ضدي ٻار
ضد نه ڪندا ڪريو ضدي ٻار،
ضد جا آهن نقصان اڪيچار.
ماءُ پيءُ به ڏس تنگ ٿين ٿا،
مائٽ به ڪين پسند ڪن ٿا.
استاد به ماري ضدي ٻار کي،
سو ٻار نه وڻي ٿو سنسار کي.
ضديرا هميشه پريشان هوندا،
ميار وري هِن، هُن کي پيا ڏيندا.
ضد جي عادت کي ڪين اپنايو،
معاشري ۾ پنهنجو مقام بنايو.
ضد جي عادت ته آهي خراب،
جنهن سان ٿئي ٿو جيئڻ عذاب.
ضد ئي غصي کي جنم ڏيئي ٿو،
غصي سان ئي ٻار مريض ٿئي ٿو.
ضد کان سدائين پاسو ڪيو پيا،
ڏسو پوءِ سماج ۾ ڪيڏا ٺهو ٿا.
ارباب علي
”عادل“
چوهاڻ (شڪارپور)
ٻالڪ
سنڌ جا سهڻا سارا ٻالڪ،
پوپٽ وانگر پيارا ٻالڪ.
جڳ مڳ جڳ مڳ سنڌ جرڪائن،
روشن روشن تارا ٻالڪ.
علم هنر جي منزل ماڻي،
خوب ٿين سوڀارا ٻالڪ.
من جا اجرا موتي ماڻڪ،
خوشين جا پڻ کارا ٻالڪ.
روح جي راحت چاهه جا پتلا،
جانب جيءَ جيارا ٻالڪ.
ماءُ پيءُ لاءِ هڪجهڙا سارا،
سهڻا توڙي ڪارا ٻالڪ.
هر جا واٽ سنئين تي هلندا،
”عادل“
امرت ڌارا ٻالڪ.
زاحا علوي
امڙ ٻُڌايون آکاڻيون
ديوَ پريون جن راڻا راڻيون ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون سي آکاڻيون ياد پيون.
پوريو هر ڪنهن ڀت ۾ ڀانڊارو،
هاءِ جواني سي ٻاراڻيون ياد پيون.
وسندي مينهن ۾ اڱڻ ۾ ڪيڏا ٿانوَ رکيل،
سانوڻ رُت سان لنوَ لڳائڻ ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون سي آکاڻيون ياد پيون.
ڏاڏي جي سا چاڏي رکيل پچٽيءَ جي،
تنهن ڏي کڄندڙ اکيون نماڻيون ياد پيون،
امڙ ٻڌايون جي آکاڻيون ياد پيون.
پهتو پهو پراڙ پٿاري پئجي وئي،
گهر ڀاتي ۽ رليون پراڻيون ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون جي آکاڻيون ياد پيون.
ڇرڪي جهرڪيون اُڏري ويون جيئن ڪانوَ لٿا،
ننڍڙو آڳر ننڍيون ڪهاڻيون ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون جي آکاڻيون ياد پيون.
راند روند ۾ روا وڏا ٿي تنجيا ويا،
وري نه ڏٺيون سکيون سياڻيون ياد پيون،
اڱڻ سڳوري مٺڙا ماڻهو ايندا هئا.
خوشبوءِ هاڻيون رَس رهاڻيون ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون جي آکاڻيون ياد پيون،
ٿڌي گهڙي جيئن من پيو آڪاش ٺري.
هيرون جيڪي هنجهه جون راڻيون ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون جي آکاڻيون ياد پيون.
مينا بلوچ
سٺي زندگي
پيار جي کوٽ آهي جهان ۾،
محبت هڪ ٻئي سان وڌائيندا هلو.
ڪتابن کي لڳائي سيني ساڻ،
علم جي اُڃ اُجهائيندا هلو.
وڏن جي عزت ننڍن ساڻ پيار،
اُهو قول سڀني کي ٻُڌائيندا هلو.
بُرائي کان پاسو چڱائي ڏانهن ڏاڪو،
ڏاڪا ڀلائي جا چڙهندا هلو.
غريبن سان پيار آهي جن کي،
محبت جو اُهو ڏيئو ٻاريندا هلو.
|