حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جو اسڪيچ
علي رضا ابڙو، ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس حيدرآباد جو
شاگرد، جنهن پنهنجي اسڪول جي ڪاپي تي پينسل سان
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جو خوبصورت
اسڪيچ ٺاهيو.
آچر
هن ڏينھن جو نالو سنسڪرت لفظ آدتيه مان ورتل آهي
جنھن جو مطلب سج آهي، جيڪو اردو ۾ آدتيه وار مان
تبديل ٿيندو اتوار ٿي ويو آهي.
انگريزي ۾ ساڳيءَ نسبت سان سنڊي (سج جو ڏينھن)
آهي.
شيخ اياز پنهنجي ڪويتا ۾ آچر کي آڏيت پڻ ڪوٺيو
آهي.
سنڌي ماڻهو آچر نالو پڻ رکن ٿا.
سومر
هن ڏينهن جو نالو هندي لفظ سوم مان ورتو ويو آهي،
جنھن جو مطلب آهي ڀڳوان شيوَ.
هن ڏينھن جو ديوتا چنڊ آهي.
هندي ۾ پڻ ساڳي نسبت سومر کي سوموار چوندا آهن.
رومن هن کي چنڊ جي ديوتا جي نالي سان منسوب ڪن ٿا.
ان نسبت کيس منڊي
Monday
چيو ويندو آهي. سنڌي ماڻهو سومر ۽ سومار نالو پڻ
رکندا آهن.
اڱارو
هن ڏينھن جو نالو سنسڪرت لفظ انگارڪ مان ورتو ويو
آهي، جنهن جون ٻه معنائون آهن:
1.
مريخ گرهه
2.
چارڪول (charcoal)
يعني اهڙي شيءِ جيڪا بنا هوا يعني هوا جي غير
موجودگيءَ ۾ ساڙي وڃي.
هندن ۾ ڪن ھنڌن تي انگارڪ نالو ڇوڪرن تي رکيو وڃي
ٿو.
انگارڪ کي منگل ديوتا يعني ڀاڳ جو ديوتا پڻ چوندا
آھن، اردو ۾ پڻ ساڳئي نسبت منگل ۽ ھندي ۾ منگل
وار آھي.
اربع
هن ڏينهن جو نالو عربي لفظ
أربعة
مان ورتو ويو آهي، جنھن جي معنيٰ چار آهي.
هن حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جون هيٺيون چوڻيون مشھور
آهن:
اَربَع خَطا
ث. چار گناهه (شرع موجب ٽي گناهه معاف ڪيا ويندا
آهن). ڳري خطا. معاف نه ٿيڻ جھڙو ڏوهه.
اَربَع خطا ٿِيَڻُ
چوٿون ڀيرو گناهه ٿيڻ.
ناقابل معافي ڏوھ ٿيڻ.
عربن کان پھريان هن ڏينھن کي ٻڌر چوندا هئا، جيڪو
پڻ سنسڪرت لفظ ٻڌ مان ورتو ويو آهي، جنھن جي معنيٰ
عطارد گرهه آهي. اردو ۾ به هي ڏينھن ساڳي نسبت سان
بدهه سڏيو ويندو آهي.
۽ هنديءَ ۾ ساڳي طريقي سان بدهه وار چيو وڃي ٿو.
خميس
هن ڏينهن جو نالو عربي زبان جي لفظ خمس مان ورتو
ويو آهي. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ماڻهو خمس پڻ چوندا
آهن. هن جو مطلب پنج آهي. عربن کان پهرين هن ڏينهن
کي وسپت چيو ويندو هو. جيڪو ورسپتي يا بھرسپتي مان
ورتو ويو آهي، جنھن جي معنيٰ مشتري گرهه آهي.
جامع سنڌي لغت مطابق؛
وِسپَتِ
ث . هفتي جي ڏينهن جو نالو، خميس.
سنڌي ماڻهو خمسيو نالو پڻ رکندا آهن.
جمعو
هن ڏينھن جو نالو پڻ عربي زبان جي لفظ الجمعة مان
ورتو ويو آهي
جنھن جي معنيٰ گڏ ٿيڻ يا گڏجاڻي آهي.
اسلام ۾ هن کي ڏينھن جو سردار چيو ويو آهي. رومين
وٽ هن ڏينهن جي ديوي (شُڪر) وينس آهي، جيڪا پيار ۽
پيسي جي ديوي هئي. هن کي سنڌي زهره گرهه چيو ويندو
آهي.
هن ڏينهن رومن ان ديويءَ جي عبادت ڪندا هئا. هندي
۾ پڻ هن کي زهره ديوي جي مناسبت سان شُڪروار چوندا
آهن.
هن ڏينھن کي عربن کان پھرين ٿانوَرُ چوندا هئا.
سنڌي ماڻهو جمعو نالو پڻ رکن.
ڇنڇر
هن کي ڪٿي ڇنڇار به چوندا آهن.
هي لفظ سنڌي آهي پر، هن جو بنياد پڻ سنسڪرت لفظ
شنيهه مان ملي ٿو. شنيهه زحل گرهه ۽ ان جي ديوتا
ٻنهي کي چيو وڃي ٿو، جيڪو نحوست جو ڪارڻ سمجهيو
وڃي ٿو. جامع سنڌي لغت مطابق:
ڇنڇر
ذ. [سن. شَنِهه] هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن
جو نالو.
هڪ گرهه جو نالو. زُحل (جو عام طرح نَحسُ سمجهيو
ويندو آهي). نُحُوسَت، نڀاڳ، ڪمبختي.
ان لاءِ سنڌي چوڻيون پڻ هن ڳالهه سان نسبت رکن
ٿيون؛
ڇنڇر پيرن ۾ هُئڻ.
هڪ هنڌ ٽِڪاءُ نه هئڻ ، نَحُوست جو اثر هئڻ، چڪرن
۾ هئڻ.
ڇنڇرِي
ث. ڇنڇر گِرهه جي نُحُوسَت. نِڀاڳُ، بَدبَختي.
(اسم خاص). ٻانڀڻن جو هڪ گروهه (جي ڇنڇر گرهه جي
نحوست لاهين).
ڇنڇرِي لاهِڻ
نحوست لاهڻ. نڀاڳ ڪڍڻ. سخت سزا ڏيڻ. (اهو خيال آهي
ته ڇنڇر گرهه جو اثر پيل ماڻهو بَد مزاج ٿيندو
آهي).
ڏاڍي مارَ ڏيئي سڌو ڪرڻ.
مغرور جي دماغ مان غرور ڪڍڻ.
رقيه عرساڻي (حيدرآباد)
مڇ کجي
روهڙيءَ شهر پاسي مڇ کجيءَ نالي هڪڙو شخص رهندو
هو. اهو نالو هن تي ڪيئن پيو، اچو ته ٻڌايانوَ. هي
ماڻهو هو ڏاڍو سُست. اهڙو ته سُست هو، جو ڪو ڪم
ڪار پوندو هئس ته ڄڻ ٻرو چڙهي ويندو هئس. هڪڙي
ڏينهن ڪيڏانهن پرڀرو وڃڻو هئس، سو سنڀري اُٿي
هليو، اڃا ٻه چار قدم ئي ڪين ڀريائين ته اچي مُڙس
کي ٽنگ ۾ سور پيو. ڏينهن به البت تتل هو، سو دل ۾
خيال ڪيائين ته ڇو نه هنن کجين جي ٿڌيءَ ڇانوَ
هيٺان جيڪر ڪا گهڙي ننڊ ڪري وٺان! ائين چئي اُتي
ليٽي پيو. بس اک پورڻ شرط ننڊ کڻي ويس. ڪلاڪ ڏيڍ
کان پوءِ سجاڳ ٿيو، ڏسي ته سندس مُڇ تي هڪڙو کجيءَ
جو ڏونڪو ڪِريو
پيو آهي. دل ۾ گهڻي شوق ٿيس ته وات ۾ وجهان، پر
ايتري تڪليف نٿي پُڄيس جو ڄڀ سان ئي کڻي وات ۾
اندر ڪريس، اُتي ڳڻتيون کائيندي کائيندي هڪڙو
واٽهڙو لنگهندو ڏٺائين. ان کي منٿ ڪري چيائين ته
”ادا،
هيءَ کارڪ ته پير سان ئي سيري وات ۾ وجهه. مُڇ کجي
اهڙن ويٺلن کي چئبو آهي. اهڙن لاءِ دنيا ۾ ڌڪا ۽
ٿاٻا هوندا آهن. جيستائين ڌڪا ڌوما نه کائين ۽ لتن
هيٺ نه لتاڙجن تيستائين ماني ٽُڪر به نصيب ڪين
ٿئين.
رضوان ٻگهيو گچيرائي
دماغ
دماغ هڪ سخت حفاظتي هڏيءَ ۾ بند آهي، جنهن کي
کوپڙي (ڪرينيم) چئجي ٿو. دماغ هڪ نرم تنتي اوڄن
(ٽشوز) جو ٺهيل آهي ۽ گلابي اخروٽ جيان نظر اچي
ٿو. دماغ انساني جسم ۾ ضابطي جي مرڪز طور ڪم
سرانجام ڏئي ٿو. هي جسم جي سمورن حصن مان پيغام
وصول ڪري جسم ۾ ڪجهه سرگرمين کي ضابطي هيٺ هلائڻ
لاءِ احڪام ڏئي ٿو.
دماغ جا ٽي حصا آهن:
اڳيون مغز يا سيريبرم (Cerebrum)
وچون مغز (Mid
Brain)
پويون (Hind
Brain)
اڳيون مغز :
مغز جو هيءُ وڏو حصو ٻن اڌ گولن (Hemisphere)
۾ ورهايل آهي ساڄو اڌ گول جسم جي کاٻي حصي ۽ کاٻو
اڌ گول جسم جي ساڄي حصي کي ڪنٽرول رکي ٿو. اڳيون
مغز يا سيريبرم گھڻن عملن جهڙوڪ: سوچ (Thought)،
ڇُهڻ (To
touch)،
يادداشت (To
memoris)،
ٻُڌڻ (To
hair
) ڏسڻ (To
See)،
ڳالهائڻ (To
Speak)،
فيصلو ڪرڻ (Decision)
وغيره تي ضابطو رکي ٿو.
وچون
مغز
وچين مغز جو تعلق تنتي سرشتي جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ واري
حصي سان آهي هي مغز چار ننڍن جسمن تي مشتمل آهي هن
جو ڪم نظر جي عڪس، اکين جي چُرپُر ۽ ڪنن وارن
حرڪتن کي ضابطي ۾ رکڻ آهي.
پويون مغز
هن جا ٽي حصا آهن، جنهن ۾ميڊيولا آبلانگيٽا جنهن
جو ڪم هي آهي: دل جي ڌڙڪڻ، اعصابن جي حرڪت، ساهه
کڻڻ جي رفتار ۽ رت جي شريانين جي سُسڻ ۽ ڦُنڊڻ ۽
هن جو ٻيون حصو پونس آهي جنهن جو ڪم پنهنجا پيغام
ميڊيولا کان مغز جي مٿانهين حصن تائين پهچائيندو
آهي. ۽ هن جو ٽيون حصو سيريبلم آهي هي اکين جي
پويان هوندو آهي، هن جو ڪم اهو آهي ته جيڪي دماغ ۾
مشڪون هونديون آهن ان کي چُرپُر ۽ جسم کي توازن
رکڻ وارن ڪمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو
آهي.
]هي ڪلارڪ ڪير آهي...؟[
آئنسٽائن کي نه ڪاوڙ آئي هئي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر
ڪلائنر جي لفظن تي ڏُک ٿيو هو. اصل ۾ هو واقعي
پيٽنٽ آفيس ڇڏڻ ئي نه پيو چاهي. ڊاڪٽر ڪلائنر
پريشان ٿي زيورخ وارن کي اطلاع ڏنو. ان خالي جاءِ
تي ته ڪونه ڪو اچڻو ئي هو. نيٺ ويانا جي ڊاڪٽر
فريڊ رِچ آڊلر (Fredrich
Adler)
اهڙي نوڪري جو ٻيو اميدوار هو. هن کي جڏهن سڄي قصي
جي خبر پئجي وئي ته هن زيورخ يونيورسٽي وارن کي هڪ
خط لکيو، جنهن ۾ هن لکيو ته:
”مان
توهان جو بيحد شڪر گذار آهيان ته توهان منهنجي
مقرري ان عهدي لاءِ ڪيو ٿا، اها منهنجي همت افزائي
آهي. آئنسٽائن جون خدمتون ملي وڃن ته مان اهڙي
قابل انسان سان مقابلو ڪرڻ پسند نه ڪندس“.
ائين ئي زيورخ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جو عهدو
جيڪو هر ڪنهن کي ڪيترن سالن جي مسلسل محنت کان
پوءِ ئي نصيب ٿيندو هو اهو ساڳيو عهدو البرٽ
آئنسٽائن کي
30
سالن جي عمر کان به اڳ ۾ مليو.
]عجيب پروفيسر[
”امڙ!
ٿورو ڏس ته سهي، تنهنجو خاموش طبيعت وارو پُٽ
پروفيسر ٿيڻ وارو آ، ڇا تو کي اعتبار اچي ٿو.“
ماءُ ڏي خط لکندي آئنسٽائن، پنهنجي مقرريءَ جو ذڪر
ڪندي، ڀوڳن ۾ پنهنجي ماءُ کي لکي ٿو. لڳاتار
ناڪامين جي لانڍ کان پوءِ، هن کي اڄ اها خوشخبري
پنهنجي جيجل کي ٻُڌائيندي ڏاڍي سرهائي پئي ٿئي.
پر تنهن جي باوجود هن کي پنهنجي پروفيسر ٿيڻ تي
ڪابه وڏائي نه هئي. هن کي هاڻي ايتري پڪ ٿي وئي
هئي ته هن جي سڄي زندگي فزڪس جي تحقيق ۾ گذري
ويندي. هن وقت جيڪا به تحقيق ڪئي پئي، اهو هن جو
شوق هو، جنهن ۾ هن جو دل ۽ دماغ ٻئي رڌل پئي رهيا،
پر هاڻي هو پنهنجي پروفيشن جي قابل استادن ۽
سائنسدانن جي وچ ۾ وڃڻ وارو هو. ميليفا معمول
مطابق چُپ رهي، پر هن کي هن خوشگوار تبديلي جي
خوشي به ٿي هئي. ڇو جو
”برن“
۾ ته هن کي ڪڏهن سُک جي گهڙي نصيب نه ٿي هئي، پر
هن لاءِ هاڻي هڪ اُميد جو ڪرڻو اُڀريو هو، ته
زيورخ ۾ جتي هنن ٻنهي زال مڙسن جي شاگردي وارو دؤر
گذريو هو، اتي هاڻي هنن جي خوشيءَ جون بهارون ضرور
موٽنديون، پر تمام جلد آئنسٽائن ۽ ميليفا ٻنهي کي
پنهنجا جيون هڪ نئين سانچي ۾ سمائڻا پيا. پروفيسر
ٿيڻ سان گڏ البرٽ جون سماجي ذميواريون به وڌي
ويون. ڇو ته هن جو عهدو وڏو هو. ان ڪري هنن کي گهر
وڏو وٺڻو پيو. هنن جو خرچ وڌي ويو، پر هن جي پگهار
اها ئي ساڳي پيٽنٽ آفيس واري هئي. ان ڪري هنن کي
پنهنجي خرچ کي ضابطي ۾ رکڻو پيو.
انهن سڀني مسئلن جو آئنسٽائن تي ڪوبه فرق نه پيو،
ڇو ته تحقيق سان هن جو چاهه هو ۽ سائنس اڳيان ته
دنيا جو ڪوبه مسئلو بيڪار هو ۽ پنهنجي ننڍپڻ ۾
پنهنجي پڇيل سوالن جا جواب هٿ نه ڪري، هن کي جيڪا
بي آرامي ٿي هئي، هاڻي ان جاءِ تي هن کي اعتماد
ملي ويو هو. هن کي ڇا ڪرڻو هو ۽ هو ڇا ڪري رهيو
هو. هن کي پورو شعور هو. اهڙي سوچ هن کي روزاني جي
مسئلن ۽ پريشانين کان تمام مٿي ڪري ڇڏيو هو.
جنهن انسان جو اهڙو عظيم مقصد هجي ان کي ڀلا ڪٿي
ٿو محفلن ۾ ڪپڙن ۽ آدابن جو خيال پوي. اهڙن
فارملٽيز تي هن کي کِل ايندي هئي، جڏهن هن جي گهر
واري هن کي چوندي هئي ته
”مُئا!
هاڻي ته نئون وڳو وٺ، هاڻي ته تون پروفيسر ٿي ويو
آهين“.
ان تي آئنسٽائن کي کِل اچي ويندي هئي، اها واقعي
ڏاڍي عجيب ڳالهه چئبي، جيڪڏهن ٿيلهي ۾ رکيل گوشت
کان وڌيڪ ٿيلهي کي اهميت ڏني وڃي ۽ گوشت جي ڪابه
پرواهه نه ڪجي!
هن چيو
”سٺن
ڪپڙن سان منهنجو ڪم سٺو ته نه ٿي ويندو، نه چري!
مون کي منهنجي هن حال تي ئي ڇڏي ڏي، مون کي هنن
ڦاٽل ڪپڙن ۾ مزو ٿو اچي، سڪون ٿو ملي“.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن آئنسٽائن کي
احساس ٿيندو ويو ته جن شين جي هن کي اميد هئي، پر
اسسٽنٽ پروفيسر هئڻ جي باوجود هن کي، اهي شيون
اڃان به نه مليون.
هن جي وقت جو گهڻو حصو، ليڪچر ٺاهڻ، شاگردن کي
هدايتون ڪرڻ ۽ آفيس جي ڪمن کي اڪلائڻ ۾ گذري ويندو
هو. تحقيق لاءِ هن کي جيڪا خلوت / تنهائي جي کپت
هئي، هن لاءِ اوترائي موقعا گهٽ پئي ٿيندا ويا.
هتي ويتر آئنسٽائن جو اهو حال ٿي ويو هو، جو جڏهن
کان هن جو مضمون شايع ٿيو هو، هن جي دماغ ۾ اڃان
به نيون ڳالهيون جنم وٺڻ لڳيون هيون، جن تي هو
وڌيڪ ڪم ڪرڻ چاهي پيو، پر هن کي ان لاءِ ڪابه
واندڪائي ڪانه هئي.
هن وقت تائين هن جو فزڪس جي باري ۾ نظريو، هڪ نئين
اڏاوت جهڙي گهر جيان خالي پڃرو هو. مطلب ته
ابتدائي شڪل ته هو ڏيئي چڪو هو.هن جو نقشو به واضح
ٿي چڪو هو، پر نظرئي جي تڪميل ۾ اڃان ڪافي ڪم رهيل
هو. هاڻي هن کي برن جون پرسڪون راتيون ياد اينديون
رهيون. (هن ترجمي ڪرڻ دوران هتي مون کي سنڌ جي
ڀلوڙ شاعر محترم اياز گل صاحب جون سٽون ذهن تي تري
آيون:
يادگيريون سنڀال ڪم ايندي،
ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندي.
(اياز گل)
هن کي اهو به ياد اچڻ لڳو ته ڏينهن جو پيٽنٽ آفيس
۾ ڪيڏي نه فرصت هوندي هئي ۽ هن جي ڪم ۾ ڪو به خلل
نه وجهندو هو ۽ راتيون وري معمولي فرنيچر سان
سينگاريل چوٿين ماڙ جي هڪ گهر ۾ سهڻيون گذري
وينديون هيون، هو ڪيڏو نه مطمئن هو ان ڪم کان.
آئنسٽائن ڏاڍو سادو ماڻهو هو. هو بس ايترو چاهي
پيو ته هن کي پنهنجي ڪم ڪرڻ لاءِ تنها ڇڏيو وڃي،
پر هن جا ڪارناما لڪڻ وارا ڪٿي هئا. جهنگل جي باهه
جيان، هن جي شهرت سائنسدانن ۾ پکڙجي وئي هئي. سڄو
يورپ هن جي ڪم تي خوش هو ۽ هن کي ڪيتريون ئي
سائنسي تنظيمون ليڪچر ڏيڻ لاءِ دعوت ڏيئي چڪيون
هيون. آئنسٽائن فقط ٿورڙين تنظيمن جي دعوت قبول
ڪئي هئي. ڇو ته هو پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي، طويل سفرن ۾
پنهنجو وقت وڃائڻ نه پيو چاهي. هو جتي به ليڪچر
ڏيڻ ويندو هو ته هن جي ليڪچر ٻُڌڻ لاءِ دنيا جا
مشهور سائنسدان اتي پهچي ويندا هئا. پيرس ۾
”ميڊم
ميري ڪيوري“
(Mari
Curi)
پنهنجو تجربيگاهه ڇڏي زيورخ جي نئين پروفيسر جو
ليڪچر ٻڌڻ آئي هئي، جڏهن هن برسلز (Brussels)
۾ تقرير ڪئي، ته ان وقت پنهنجي دؤر جو عظيم ماهر
فزڪس
”ماڪس
پلانڪ“
به موجود هو. ليڪچر ختم ٿيڻ کان پوءِ پروفيسر
پلانڪ ۽ البرٽ ڪافي دير تائين هڪٻئي سان بحث ڪندا
رهيا. هڪ طرف جرمنيءَ جو معتبر رئيس اعليٰ ڪپڙن ۾
هو ته ٻي طرف وکريل وارن وارو نوجوان سادي وڳي ۾
ويٺل هو، پر انهن جي ڪچهري ٻنهي لاءِ فائديمند
نڪتي. ائين پئي لڳو ته اهي ٻئي ماڻهو ذهني طرح سان
هڪٻئي جا ڀائر آهن.
(هلندڙ)
|