سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جنوري  2022ع

باب:

صفحو:3 

Text Box: مضمون

مسرت الياس جوکيو

سائنس

ويا زمانا ڏکن جا، هاڻي ته آئي سائنس،

هر ڪم ڪار ۾ آساني بنائي ٿي سائنس.

 

ٻُڌو محفل موسيقي هلائي ريڊيو  ٽيپ ريڪارڊ،

توڙي ٽي.وي ڏيکاري، دل وندرائي سائنس.

 

اونهاري جي گرم ڏينهن ۾ اگر ٿئي گرمي،

ايئرڪنڊيشن هلائي، گرمي ڀڄائي سائنس.

 

جنگ جي ميدان ۾ نه ڇُر، ڍال، ڪا توپ، تلوار،

آٽوميٽڪ اوزارن سان ڌم مچائي سائنس.

 

گڏهه گهوڙن بجاءِ ڪارون، موٽرون، لاريون،

اُڏائي هوائي جهاز سفر ۾، ڪئي سولائي سائنس.

 

مسرت اچو ته ڪا پيئون ٿڌي مِٺي ڪا مشروبات،

فرج ۾ بنائي رنگ برنگي قلفي ملائي سائنس.

 

 

ڊاڪٽر راجا سيلرو (شڪارپور)

ڪينسر (Cancer)

ڇا آهي؟

 سڀ کان اڳ اهو معلوم ڪريون ته ڪينسر ڇا آهي ۽ ڇو ٿي ٿئي، ان کان پوءِ اينداسون ڳچيءَ واري غدود جي باري ۾. ڪينسر کي سرطان به چوندا آهن.

جسم جي بناوت گهرڙن سان جُڙيل آهي. گهرڙي (Cells) کي حياتيءَ جو بنيادي يونٽ يا ايڪو چئبو آهي. انسان جي شروعات به هڪ گهرڙي کان ٿئي ٿي. اهڙو گهرڙو جنسي ميلاپ وقت نَر ۽ مادي جزن جي ڳڀجڻ (Fertilization) سان وجود ۾ ايندو آهي. هڪ گهرڙي مان گهڻا گهرڙا ٺهندا آهن، انهن مان جسم جا مختلف عضوا ۽ نظام وجود وٺندا آهن ۽ انساني جسم وجود ۾ اچي ويندو آهي.

جسم ۾ ڪيترائي نظام (Systems) آهن، جن جو ڪم الڳ الڳ آهي، پر سڀئي سسٽم هڪ ٻئي جا مددگار هوندا آهن. ڪي سسٽم ته سموري جسم تي ڪنٽرول ڪندا آهن. ڪنهن به هڪ سسٽم جي خرابي جو  اثر ٻئي سسٽم تي پوندو آهي، نتيجي ۾ سمورو جسم متاثر ٿيندو آهي.

جسم جي واڌ ويجهه (Growth) ڪنٽرول ۾ آهي، ته انسان جو جسم صحيح ڪم ڪري ٿو. هي عضون جي واڌويجهه هڪ حد تائين هوندي آهي، ان کان پوءِ انهن ۾ واڌ نه ٿيندي آهي. اهڙي نموني هر هڪ سيل يا گهرڙي جي واڌ جي حد آهي، جنهن کان پوءِ گهرڙو نه وڌندو آهي. جيڪڏهن جسم ۾ ڪن گهرڙن جي واڌ ڪنهن عضوي ۾ واڌ جي ڪنٽرول مان نڪري وڃي ۽ ڳوڙهي جي صورت اختيار ڪري ۽ پيدا ٿيندڙ جڳهه کان پکڙجي (Spread) جسم جي ٻين حصن کي به متاثر ڪري، ته اهڙي نوعيت جي واڌ کي ڪينسر (Cancer) چئبو آهي.

يعني جسم جي ڪنهن به حصي گوشت، هڏي، رت، چمڙي، دماغ، غدود، آنڊي

۾ واڌ ٿئي ۽ پکڙي ته ان کي ڪينسر چئبو آهي، جيڪا ڳوڙهن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. هن جا ٻه قسم آهن:

1. هلڪي ڳوڙهي (Benign)

2. خطرناڪ ڳوڙهي (Malignant)

1. هلڪي ڳوڙهي (Benign)

 هي ڳوڙهي جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته قابوءَ ۾ نه ايندڙ (Uncontrolled) واڌ جي نتيجي ۾ ٺهي ٿو، پر جنهن جڳهه تي پيدا ٿئي ٿو ته اتي ئي واڌ کائي ٿو ۽ جسم جي ٻين حصن ڏانهن نه پکڙبو آهي. ٻيو ته اهڙي ڳوڙهيءَ ۾ واڌ به آهستي آهستي ٿيندي آهي، نه وري ٻيو ڪو نقصان پهچائي ٿو. اهڙن ڳوڙهن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا:

چرٻيءَ جو ڳوڙهو (Lipoma)

ارهه جو هلڪو ڳوڙهو

(Fibroadenoma)

تنتن ۽ تاندورن جو ڳوڙهو

 (Nearo Fibroma)

هڏي جو ڳوڙهو (Osteoma)

ڪڏهن ڪڏهن وري هن بي ضرر ڳوڙهي ۾ گهڻي وقت کان پوءِ سرطاني (Carcinoma) تبديلي اچي سگهي ٿي. تنهن ڪري مشورو آهي ته ڪوبه جسماني ڳوڙهو ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي ڇڏي  ڏيڻ نه گهرجي، بلڪه ڪنهن ماهر سرجن سان مشوري ۾ اچڻ ضروري آهي، ته جيئن هو ان جي چڪاس ۽ ضروري تپاسون (Investigations) ڪرائي، ان جي نوعيت کان آگاهه ڪندو ته جيئن پوءِ وارن خطرن کان بچي سگهجي.

(2) خطرناڪ ڳوڙهو (Malignant)

هن ڳوڙهي کي سرطان (Cancer) به چئبو آهي ڇو ته اهو شروعات کان ئي خراب هوندو آهي، جنهن جون نشانيون هيٺ ڏجن ٿيون:

اهڙو ڳوڙهو Malignant جسم جي ڪنهن به عضوي ۾ مٿي کان وٺي پيرن تائين عضون ۾ ٿي سگهي ٿو، جنهن جا مختلف نالا آهن. مثلاً:

جيري جو ڪينسر (Liver Cancer)

ڦڦڙن جو ڪينسر (Lungs Cancer)

ارهه جو ڪينسر (Breast Cancer)

آنڊي جو ڪينسر (Intestinal Cancer)

معدي جو ڪينسر (Stomach Cancer)

مثاني جو ڪينسر

 (Urinary Bladder Cancer)

پتي جو ڪينسر (Gall Bladder Cancer)

دماغ جو ڪينسر (Cancer of Brain)

بڪيءَ جو ڪينسر (Cancer of Kidney)

چمڙيءَ جو ڪينسر (Cancer of Skin)

هڏي جو ڪينسر (Bone Cancer)

غدود جي ڪينسر کي غدود جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.

ڳلي جو ڪينسر (Thyroid Cancer)

ايڊرينل غدود جو ڪينسر

 (Adrenal Gland Cancer)

لبلبي جو ڪينسر

 (Cancer of Pancreas)

پيروٽڊ غدود جو ڪينسر

 (Cancer of Parotid Gland)

پيشاب جي غدود جو ڪينسر

 (Prostate Cancer)

ڪينسر جا سبب (Causes of Cancer)

ڪينسر کي سرطان به چوندا آهن، ڇو ته اها جتان اُڀري ٿي اتي به وڌي ٿي ۽ ان کان پوءِ رت ۾ شامل ٿي جسم جي ٻين حصن ۾ پڻ پکڙجي وڃي ٿي ۽ انهن عضون کي پڻ نقصان پهچائي ٿي. ڪينسر جا سبب ته معلوم نه آهن، پر ڪجهه نشانيون اهڙيون آهن جن مان اندازو آهي ته اهي ڪينسر جا سبب آهن ۽ ڪينسر پيدا ڪن ٿا.

(1) ماحولياتي اثر ۽ اندروني ناقص ڪارڪردگي

ٻاهريان ماحولياتي اثر جيئن سج جا ڪرڻا (Ultraviolet Rays) چمڙيءَ جو ڪينسر پيدا ڪن ٿا. نقصان واريون شيون واپرائڻ جيئن ٻيڙي ۽ سگريٽ جي استعمال سان ڦڦڙن ۽ مثاني جو ڪينسر ۽ نڙي ۽ وات جو ڪينسر ٿئي ٿو. اهڙي نموني ڀاڄيون ۽ ميوا گهٽ استعمال ڪرڻ سان وڏي آنڊي جو ڪينسر ٿئي ٿو. گهڻو شراب جو استعمال معدي ۽ جيري جو ڪينسر پيدا ڪري ٿو.

انساني جسم عجيب جهان آهي، هڪڙا جينياتي جُزا (Oncogenes) ڪينسر جو سبب ٿيندا آهن، ٻيا جزا وري ڪينسر کي پيدا ٿيڻ کان روڪين ٿا. انهن کي (Onco Suppressants) چئبو آهي. انهن جزن جي غير توازن (Unbalance) ٿيڻ جي ڪري ڪينسر ٿيڻ جو سبب هوندو آهي.

(2) تابڪاري اثر (Radiation)

تابڪاري عنصرن مان جيڪي شعاع نڪرن ٿا، ته اُهي ڪيترن ئي قسمن جا جسم ۾ ڪينسر پيدا ڪندا آهن. مثلاً ڳلي جو ڪينسر، چمڙي جو ڪينسر ۽ رت جو ڪينسر وغيره.

(3) وائرس (Viruses)

ڪائنات ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جيوڙا آهن، جن جي الڳ دنيا آهي، جيڪي انساني جسم ۾ داخل ٿي، ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ڪن ٿا. انهن مان Viruses به هڪ قسم جا جراثيم آهن، جيڪي ٻين بيمارين سان گڏ ڪينسر جا سبب آهن.

جيئن ڪامڻ جو جراثيم B.C، جيري جو ڪينسر Hepatic Cancer پيدا ڪندا آهن.

(4) ڪيميائي دوائون (Chemical Agents)

صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيئي ڪيميائي دوائون ۽ هوا ۾ ماحولياتي گدلاڻ ۽ ڪجهه ميڊيڪل علاج خاص طور ڪينسر جي علاج جون دوائون ۽ هارمونز پڻ ڪينسر پيدا ڪرڻ جا سبب هونديون آهن.

(5) متفرق ڪارڻ

گهڻي ٿُلهاڻ، آسائش ۽ ڪثرت (Exercise) نه ڪرڻ پڻ ڪينسر جا سبب ٿي سگهن ٿا.

ڪينسر ٿيڻ جا مٿيان ڪجهه سبب بيان ڪيا ويا آهن، ان جي تصديق لاءِ مريض کان حال احوال (History) ورتي ويندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org