سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري  2020ع

باب:

صفحو:5 

 

منهنجي اسڪول جو نالو ”نيو سينچري اسڪول“ آهي. هي اسڪول گلستانِ جوهر ۾ واقع آهي ۽ ڪراچيءَ جي تمام سٺن اسڪولن ۾ ليکيو وڃي ٿو. مون کي فخر آهي ته مان ان اسڪول جو شاگرد آهيان ۽ ٽئين درجي ۾ پڙهان ٿو. هن اسڪول جو قيام 1994ع ۾ آندو ويو. پنجويهن سالن جي عرصي ۾ هن اسڪول وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن. ان ڪري جو هتي تمام معياري تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ شاگردن جي شخصيت سازيءَ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو وڃي ٿو.

اسان جي اسڪول جي عمارت هڪ ڪشادي روڊ جي ڪناري ۽ پرسُڪون هنڌ تي واقع آهي. اسڪول جي مُهڙ ۾ ئي هڪ خوبصورت پارڪ آهي، جتي اسان نه رڳو رسيس دؤران راند روند ڪندا آهيون، پر مختلف نصابي سرگرميون جهڙوڪ: مصوري، آرٽ ۽ سائنس جا پروجيڪٽ ڪرڻ لاءِ به پارڪ جو استعمال ڪندا آهيون. ان پارڪ سان گڏ اسيمبلي ميدان به آهي، جتي روزانو صبح جو اسڪول جي اسيمبلي ٿيندي آهي.

هن اسڪول ۾ نرسريءَ کان وٺي مئٽرڪ تائين جا ٻار تعليم پرائيندا آهن. هر ڪلاس جا 2 سيڪشن هوندا آهن، يعني ڪلاس A ۽ ڪلاس B هر هڪ سيڪشن ۾ 35 ٻار پڙهندا آهن.

اسڪول جا سڀ ڪلاس روم بيحد ڪشادا ۽ هوادار آهن. انهن ۾ اهي سڀ سهولتون موجود آهن، جيڪي هڪ جديد ڪلاس روم ۾ هجڻ گهرجن.

هن اسڪول ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پڙهايو ويندو آهي. سڀ استاد بيحد محنتي ۽ پنهنجن پنهنجن مضمونن ۾ تمام گهڻا قابل ۽ ذهين آهن. اهي سڀ ٻارن تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندا آهن، تدريسي يا نصابي رهنمائيءَ کان سواءِ اهي ٻارن جي ڪردار ۽ هلت جي حوالي سان به بيحد سخت هوندا آهن.

نيو سينچري اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليبارٽري به آهي، جتي ٻار جديد سائنسي علم سکندا ۽ تجربا ڪندا آهن. انهن ليبارٽريز ۾ جديد سامان ۽ اوزار رکيل آهن، جن کي ٻار وڏي احتياط سان ڪتب آڻيندا آهن.

هن اسڪول ۾ ٻارن جي جسماني صحت ۽ واڌ ويجهه تي به خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي. ان ڏس ۾ هڪ وڏي ميدان تي ڪراٽي جا ڪلاس ورتا ويندا آهن. بليڪ بيلٽ حاصل ڪيل ڪراٽي جا 2 ماهر مختلف ڪلاسن کي ڪراٽو سيکاريندا آهن. ٻيو ته جسماني ورزش جا ڪلاس به ٿيندا آهن. ان کان علاوه هڪ وڏي سوئمنگ پول ۾ ٻارن کي تَرڻ سيکاريو ويندو آهي. اونهاري ۾ سوئمنگ پول ۾ ترڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. اسڪول پاران اسٽيڊي ٽوئر به رکيا ويندا آهن. ڪراچيءَ سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موجود تاريخي ماڳن جو سير ڪرايو ويندو آهي ته جيئن ٻار پنهنجي تاريخي ورثي بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن، گڏوگڏ تفريحي ماڳن، واٽر پارڪن ۽ فارم هائوسز تي به وڃڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي ته جيئن ٻارن جو ذهن تازو توانو رهي.

اسڪول ۾ نصابي سرگرمين کان علاوه غير نصابي سرگرمين تي به تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويندو آهي. انهن سرگرمين ۾ حصو وٺي ٻار پنهنجي اندر لڪل صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهندا آهن.

اسان جي اسڪول ۾ هڪ ٽڪ شاپ (Tuck Shop) به آهي، جتي کاڌي پيتي جون سڀ شيون موجود هونديون آهن ۽ جيڪي صحت جي اصولن مطابق ٺهيل هونديون آهن.

اسان کي پڙهڻ دؤران ڏاڍو لطف ۽ مزو ايندو آهي. رب پاڪ سڀني ٻارڙن جي اسڪولن کي آباد ۽ سهڻو ڪري. (آمين)

 

 

ٽي شيون

ٽي شيون زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو ملنديون آهن.

1. ماءُ پيءُ 2. حُسن 3. جواني

ندا ناصر علي پنهور، مهراڻ پبلڪ اسڪول ڄام شورو

مالڪ سان محبت

* ڌڻي ڏيندڙ آهي، وٺندڙ نه آهي. جيڪو شخص مالڪ جي مخلوقات سان، جنهن کي هو اکين سان ڏک ۾ مبتلا ڏسي ٿو، قرب نٿو ڪري سو اڻ ڏٺل مالڪ سان محبت ڪيئن ڪري سگهندو. (علامه آءِ آءِ قاضي)

چونڊ: امير بخش کهاوڙ، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄام شورو

* جيڪو ماڻهو مري مُقام داخل ٿيو، تنهن جو موٽڻ نه ٻڌوسون نه ڏٺو سون. اهڙيءَ ريت ويل وقت به وري هٿ نه ايندو. تنهن ڪري ماڻهوءَ کي گهرجي ته دنيا ۾ چڱا ڪم ڪري ۽ آخرت لاءِ نيڪين جو سامان ڪٺو ڪري، جيڪو کيس نيٺ ڪم ايندو.

حارث پرويز پنهور، ميرپورخاص

گهٽ ڳالهائڻ

گهٽ ڳالهائڻ حڪمت آهي.

گهٽ کائڻ صحت آهي.

گهٽ سمهڻ عبادت آهي.

اختر سمون- لاڙڪاڻو

 

منهنجي اسڪول جو نالو گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول قاسم آباد آهي، منهنجي اسڪول ۾ 6 کان 10 تائين ڪلاس آهن، جنهن جا الڳ الڳ سيڪشن به آهن. منهنجي اسڪول ۾ هڪ سائنس ليب، هڪ لائبريري ۽ ٻه اسٽاف روم آهن. منهنجي اسڪول جي هيڊمسٽريس تمام سُلڇڻي ۽ نيڪ آهي، هو اسان سڀني سان تمام گهڻو پيار ڪندي آهي منهنجي اسڪول جون سڀئي ٽيچرون تمام هوشيار آهن ۽ هو اسان کي تمام سٺو ۽ پيار سان پڙهائينديون آهن.

اسان جي اسڪول ۾ هر اهم ڏينهن تمام جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن، منهنجي اسڪول جا سڀئي شاگرد انهن ڏينهن جي پروگرامن ۾ حصو وٺندا آهن.

مون کي منهنجي اسڪول سان ڏاڍو پيار آهي ۽ منهنجي دعا آهي ته منهنجو اسڪول ۽ ان جا سڀئي استاد هميشه آباد رهن.

 

 

آئون وڏي ٿي ڊاڪٽر ٿينديس ۽ تمام ماڻهن کي انهن بيمارين کان بچائينديس، منهنجي ڊاڪٽر ٿيڻ جو مقصد صرف پئسو ڪمائڻ ناهي، بلڪ هن دنيا جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ انهن کي بيمارين کان بچائڻ آهي. جيئن ته غريب ماڻهو پئسا نه هئڻ ڪري پنهنجي بيماري جو علاج نه ڪرائي سگهندا آهن، آئون انهن ماڻهن جو مفت علاج ڪري، انهن کي بيمارين کان نجات ڏيارڻ چاهيان ٿي.

انشاءالله آئون پنهنجي محنت سان ضرور ڊاڪٽر ٿينديس. (آمين)

 

 

خداتعاليٰ جي ڏنل نعمتن مان ماءُ به هڪ وڏي نعمت آهي، ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي جنهن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ اسان جو فرض آهي اها ماءُ آهي جيڪا اسان جي ٻڌائڻ کان بغير اسان جي دل جي ڳالهه سمجهي ويندي آهي. اها ماءُ آهي جيڪا پنهنجي ٻار کي آڱر کان وٺي هلڻ، گهمڻ، اُٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ۽ وڏن جو احترام ڪرڻ سيکاري ٿي، اسان جي معاشري ۾ ماءُ کي وڏو مرتبو ۽ مقام حاصل آهي. ماءُ کان بغير گهر ويران لڳندو آهي، ماءُ جي ڪري گهر ۾ رونق هوندي آهي. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته ماءُ جي عزت ۽ احترام ڪيون ۽ ان کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچايون خدا تعاليٰ سڀني تي والدين جي ڇانوَ سدائين قائم و دائم رکي.

ٻارؤ! اُها ماءُ ئي آهي جنهن اسان کي ننڍپڻ ۾ راتيون جاڳي اسان جي پالنا ڪئي. پنهنجي وات جو گرهه به اسان کي کارايو. پنهنجي ننڊ ۽ آرام ڦٽايو. ان کان ڪڏهن مُنهن نه موڙيو. صرف ٿوري دير لاءِ سوچيون ته مٺڙي ماءُ، پياري ماءُ اسان لاءِ ڇا نه ڪيو ۽ اُن جي موٽ ۾ اسان ان جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي. اسان به ان آيل ماءُ جي اهڙي خدمت ڪريون جو هُن جي دل مان دعائون نڪرن ۽ ماءُ جي دعا ئي اسان جو دين ۽ دنيا سجايو ڪري سگهي ٿي.

رب پاڪ چيو: ماءُ منهنجي طرفان قيمتي ۽ ناياب تحفو آهي.

سمنڊ چيو: ماءُ هڪ سِپ آهي جيڪا اولاد جا لکين راز سيني ۾ لڪائيندي آهي.

اولاد چيو: ماءُ ممتا جو انمول داستان آهي جيڪو هر دل تي لهي ويندو آهي.

ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي.

ماءُ کي هڪ ڀيرو مُرڪي ڏسڻ سان حج جو ثواب ملي ٿو.

ماءُ کان سواءِ گهر ويران آهي.

 

هن دنيا ۾ جيڪو به شخص موجود آهي، اهو صرف هڪ ئي هستيءَ جي ڪري آهي جيڪا هستي ماءُ جي آهي. اُها ماءُ ئي آهي جنهن جي تربيت ۽ شفقت جي ڪري ٻار ڳالهائڻ، ويهڻ ۽ گهمڻ سکندو آهي. جيڪا ٻار کي صحيح طريقي سان وڌڻ ۽ زندگي گذارڻ سيکاريندي آهي. ماءُ پاڻ ته بُک تي رهي سگهي ٿي پر هو پنهنجي اولاد کي بُک تي نه ٿي ڏسي سگهي. هوءَ پنهنجي اولاد جي خوشيءَ لاءِ هر قسم جا سُور ۽ تڪليفون برداشت ڪري ٿي. پر پنهنجي اولاد جي اک ۾ هڪ ڳوڙهو به برداشت نه ڪري سگهندي آهي. ماءُ جو پيار ٻار لاءِ خدا جي هڪ وڏي رحمت آهي. ماءُ جو پيار ئي صرف سچو ۽ بنا ڪنهن مطلب جي هوندو آهي. ايتري تائين جو ماءُ پوڙهي ٿي ويندي آهي، پر هن جي پيار ۾ ڪا ڪمي نه ايندي آهي.جڏهن ٻار گهر اچڻ ۾ دير ڪندو آهي ته سندس ماءُ جي حالت ائين ٿيندي آهي جيئن هڪ مڇيءَ جي پاڻي جي بغير حالت ٿيندي آهي. هر شخص هر شيءِ وساري سگهي ٿو، پر هو ڪنهن به عمر ۾ پنهنجي ماءُ جو ڏنل پيار نه ٿو وساري سگهي. اُهي انسان خوش نصيب آهن جن جي ماءُ زندهه آهي. ڇاڪاڻ ته ٻارن جو مثال ان جسم وانگر هوندو آهي جنهن ۾ ساهه نه هوندو آهي. يا اهو مسافر جنهن کي منزل جي خبر نه هجي. ان لاءِ جيڪڏهن اسان کي پنهنجي منزل حاصل ڪرڻي آهي ته اسان کي ماءُ جو احترام ۽ قدر ڪرڻ گهرجي. ماءُ امن، پيار ۽ پِريت جي علامت هوندي آهي. رب پاڪ ۾ فرمايو آهي ته ”اسان انسان کي والدين جي شڪر گذاري جو حڪم ڏنو.“ ماءُ اُها هستي آهي جنهن جي خدمت، ادب، محبت ۽ اطاعت ۾ دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون سمايل آهن. ماءُ بابت مولانا محمد علي جوهر چيو آهي ته ”ماءُ کانسواءِ گهر قبرستان آهي“. شبلي چيو ته ”ماءُ کان وڌيڪ ڪو وڏو استاد نه آهي“. دنيا جا خوش نصيب ماڻهو اُهي آهن جيڪي پنهنجي ماءُ جا هٿ ۽ پير چُمي دعائون وٺن ٿا. ڪائنات جي سڀني رشتن کان ماءُ جو رشتو اعليٰ آهي. ان جي شفقت اولاد لاءِ هڪ همت آهي. عظيم ماڻهو اُهي هوندا آهن جيڪي پنهنجي ماءُ جي وڌ کان وڌ خدمت ڪندا آهن. اسان کي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته اسين پنهنجي مائرن جي عزت ڪرڻ سان گڏ انهن جو چيو مڃينداسين ۽ ڪڏهن به هنن جي نافرماني نه ڪنداسين. هميشه پنهنجن مائرن جون دعائون کٽنداسين. (آمين)

 

 

ماحول جو مطلب آهي ”وايو منڊل“. اسان جي آسپاس موجود سموريون شيون هڪ ماحول جوڙين ٿيون. هڪ ننڍڙي ٻار جو ماحول، سندس گهر هوندو آهي، جنهن ۾ هن جا والدين ۽ گهر ۾ موجود سموريون جاندار ۽ بي جان شيون اچي وڃن ٿيون. ٻار جڏهن وڏو ٿيندو آهي ته سندس ماحول ۾ واڌارو اچي ويندو آهي ۽ سندس ماحول گهر کان نڪري، گهٽي، پاڙون ۽ ڳوٺ بڻجي ويندو آهي، جيئن جيئن هو وڏو ٿيندو ويندو آهي ته سندس ماحول ۾ گهٽيون،مسجد، اسڪول، ٻنيون، وڻ، چوپايو مال ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو شامل ٿي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح شهري ٻار گهر، بازار، وارڊ، مسجد، اسڪول، اسپتال، دڪان، گاڏيون، موٽرون، راندين جا ميدان ۽ شهر وغيره سندس ماحول جو حصو بڻجي ويندا آهن. طبعي ماحول ان کان سواءِ قدرتي ماحول جيڪو قرت طرفان هر هنڌ موجود هوندو آهي. مثال طور هوا، پاڻي، گِهم، زمين، ٻنيون، ٻيلا، جهنگ،جبل، ڍنڍون، ڍورا، واهه، درياهه ميدان وغيره. ماحول جي گدلاڻ مان مراد ماحول جي هوا، پاڻي ۽ زمين ۾ اهڙن اڻ وڻندڙ آهي جنهن مان انسان ۽ حيوان جي زندگي ۽ رهائش وارين حالتن تي خراب اثر پوي ٿو. ڪيتريون ئي شيون اسان جي ماحول کي گدلو ڪن ٿيون. جن جا ذميوار اسين پاڻ ئي آهيون. مثال طور گند ڪچرو، ڪارخانن مان نڪرندڙ گندا مادا، موٽر گاڏين، ڪارخانن،سرن جي بٺن مان نڪرندڙ دونهون ۽ زهريلي گئس، ڪيميائي جا اثر، اهڙيون شيون آهن جيڪي اسان جي ماحول کي هر وقت گندو  ڪنديون رهن ٿيون.

پاڻي جي گدلاڻ

صاف پاڻي، رب پاڪ جي هڪ نعمت آهي. گندي پاڻي مان ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿين ٿيون، جتي مينهن جو پاڻي کڏن، تراين ۽ تلائن ۾ گڏ ڪري سڄو سال ڪم آڻبو آهي. انهن تلائن مان ماڻهو پاڻي ڀريندا آهن.

گوڙ ۽ شور جي گدلاڻ

اسان جي صحت تي گوڙ ۽ شور جا به ڪيترائي نقصانڪار اثر پون ٿا ان کي آواز جي گدلاڻ چئبو آهي.

ماءُ رب تعاليٰ طرفان ڏنل هڪ املهه تحفو آهي، هر رشتي کان مٿي ماءُ جو رشتو آهي، اسان کي پنهنجي ماءُ جو ادب ۽ احترام ڪرڻ گهرجي، ۽ ان جي هر ڳالهه ٻڌڻ ۽ سمجهڻ گهرجي، ماءُ جي هر ڳالهه ٻار لاءِ بهترين هوندي آهي جيڪا ماءُ ٻار کي پيدا ڪري ٿي ۽ ان جي بهترين نموني پرورش ڪري ٿي ۽ ڳالهائڻ کان وٺي هلڻ گهمڻ تائين ادب سيکاري ٿي، اُها آهي ماءُ اسان جي معاشري ۾ ماءُ جي وڏي اهميت آهي ان جي عزت ۽ احترام ڪيو ويندو آهي، اسان جي معاشري ۾ ماءُ کي وڏو مرتبو ۽ مقام حاصل آهي ڇو جو ماءُ جي پيرن هيٺيان جنت آهي.

ٻارؤ! اسان کي کپي ته اسين ماءُ جي خدمت ڪريون، ماءُ جي عزت ڪريون. جيڪڏهن ماءُ کي ناراض ڪنداسين ته زندگي ۾ ڪامياب نه ٿينداسين. ماءُ ڪڏهن نٿي چاهي ته منهنجو ٻچڙو ڪڏهن ڏکيو رهي. ماءُ جي دل جي دعا هوندي آهي ته منهنجو ٻچو هميشه خوش رهي، آباد رهي، ڪامياب رهي، هر دم شل سدا خوش رهي. اهو به سچ آهي ته ماءُ جي پيرن جي هيٺيان جنت آهي.

ڳالهه ٿا ڪن ته نادر هڪ غريب ريڍار جو پٽ هو، هڪ رات سندس ماءُ بيمار هئي، هن کان پاڻي گهريائين ۽ پاڻي گهُرندي هن کي ننڊ اچي وئي. ڇوڪرو سڄي رات پاڻيءَ جو وٽو جهليو بيٺو هو.، جڏهن صبح ٿيو ته ماڻس جون اکيون کليون ته ڏسي ته اڃا تائين ڇوڪرو وٽو جهليو بيٺو آهي. ان تي ماءُ پڇيو ته ابا تو مون کي پاڻي نه ڏنو هو. ڇوڪري جواب ڏنو. امان آءٌ تنهنجي لاءِ سڄي رات پاڻيءَ جو وٽو جهليو بيٺو هئس، پر توکي ننڊ هئي، ان ڪري مان بيٺو رهيس. ان تي ماءُ تمام خوش ٿي ۽ ڇوڪري کي دعا ڪيائين ته ابا خدا ڪندو ته تون هن ملڪ جو بادشاهه ٿيندين. ماءُ جي دعا اُگهامي ويئي ۽ اهو ڇوڪرو ملڪ جو بادشاهه ٿيو نادر شاهه جي نالي سان.ماءُ جو چيو مڃون دنيا ۾ ماءُ جهڙي دولت ڪابه ڪانهي.

مثال: جهرڪيءَ ڊگهي اُڏام کان پوءِ آکيري ۾ پهتي ته ٻچن پڇيو، امان! آسمان ڪيترو وڏو آهي؟ جهرڪيءَ چيو منهنجا ٻچڙا اهو منهنجي پَرن کان ننڍو آهي اهو سچ ته ناهي، پر بلڪل ائين ئي والدين جي ڇپر ۽ ڇانوَ کان وڏي ڪابه شيءِ ناهي پنهنجي والدين جو خيال رکندا ڪريو. مالڪ سائين اسان سڀني تي والدين جي ڇانوَ سدا قائم و دائم رکي. (آمين)

 

 

اسان جي اسڪول جو نالو گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول قاسم آباد حيدرآباد آهي. اسان جي اسڪول ۾ اچڻ جو وقت 8:00 وڳي ۽ وڃڻ جو وقت 2:00 وڳي آهي. اسان جي اسڪول جي اسيمبلي 8:00 وڳي ٿيندي آهي. اسان جي اسڪول ۾ 5 ڪلاس آهن. جيڪي سيڪشنن ۾ ورهايل آهن، اسان جي اسڪول ۾ 500 ٻار پڙهندا آهن، اسان جي اسڪول ۾ 51 ٽيچرس آهن. اسان جي اسڪول جون ٽيچرس ڏاڍي محنت ۽ پيار سان پڙهائينديون آهن، اسان جي هيڊ مسٽريس ڏاڍي سُٺي آهي.

اسان جي اسڪول جي عمارت وڏي ۽ مضبوط آهي. اسان جي اسڪول ۾ لائبريري آهي، ڊرائينگ هال، ڪمپيوٽر روم، ليب روم، آهن. اسان جي اسڪول ۾ هڪ وڏو هال آهي. جنهن ۾ اسان مختلف پروگرام ڪندا آهيون، اسان جي اسڪول ۾ هڪ هيڊ مسٽريس جي آفيس ۽ 2 اسٽاف روم آهن. اسان جي هيڊمسٽريس ڏاڍي مهربان ۽ رحمدل آهي. اسان جي اسڪول ۾ وڻ ۽ ٻوٽا پوکيل آهن، جيڪي ماحول کي سرسبز بڻائن ٿا، اسان جي اسڪول جي پڙهائي ڏاڍي سُٺي آهي هر سال اسان جي امتحانن جي رزلٽ تمام سُٺي ايندي آهي. شال رب پاڪ سائين اسان جي اسڪول کي اڃا به وڌيڪ ترقي ڏي. (آمين)

 

 

زندگيءَ ۾ اهڙو ڪم نه ڪجي جو ماڻهون مُنهن تي خوشامند ڪن ۽ پَرپُٺ پيا ڪات ڪهاڙا تکا ڪن، جيڪا دل ۾ هجي اها ٻاهر به هجي ڇو جو انسان جيڪو پوکيندو اهوئي لڻُندو. جيئن هڪ قول آهي ته (ڪنڊا پوکي گلن جي تمنا ناهي ڪبي)

اخلاق ۽ ايمانداريءَ سان هلبو ته موٽ به سُٺي ملندي عزت جي بدلي کيس عزت ملندي پر جيڪڏهن هو ٻين سان برائي، بداخلاقي، بي ايماني، مڪاري ۽ فريب وارو سلوڪ ڪندو ته نتيجو به کيس اهڙو ئي ملندو، ڇو ته خراب ڪم جو نتيجو به خراب ئي آهي.

سٺي نيت جو ڦل به مٺو ملندو ۽ صِلو به سٺو ملندو. دل ۾ سُٺيون ڳالهيون ۽ سُٺا خيال رکو، ڇو ته دلين جو مالڪ ربّ سائين آهي ڪير ڏسي نه ڏسي مالڪ سڀ ڪجهه ڏسندو آهي.

خراب نيت واري ماڻهوءَ جو انجام به خراب نڪرندو ان لاءِ ته چيو اٿن:

(نيت آهي نانگ کائيندي کوٽن کي)

 

انسان جو اخلاق ان جي سڃاڻپ آهي. سڃاڻپ، سيرت ۽ شخصيت کي جيترو ٺاهجي ايترو ٿورو آهي. انسان جا اخلاق جيترا سُٺا هوندا ته ان کي نيڪ سٺن جي فهرست ۾ لکيو ويندو ۽ جيڪڏهن اخلاق خراب هوندا ته ان کي خراب ماڻهن ۾ شمار ڪيو ويندو. اخلاق ۽ سيرت ۾ اسان لاءِ اعليٰ مثال اسان ڇو پيارو رسول اڪرم ﷺ جن آهن. اسان کي گهُرجي ته ڪنهن جي دل نه رنجايون، ڪنهن کي ڏک نه پهچايون. وڏن جو ادب احترام ڪريون والدين جا فرمانبردار ٿيون. مِٽن مائٽن سان سهڻو سلوڪ ڪريون، ٻارن سان پيار ڪريون. ۽ پاڙي وارن جي سار لهون. اِهي سڀئي ڳُڻ اسان جي سيرت، شخصيت ۽ سڃاڻپ جو حصو هجڻ گهرجن. جيڪڏهن اسان جا اخلاق سهڻا هوندا ته اسان مٽن مائٽن، پاڙي وارن، ٻارن ۽ دوستن جي نظر ۾ پنهنجي لاءِ عزت ٺاهينداسين خاص ڪري استادن جي نظر ۾ پسنديده شاگرد ٿينداسين ۽ هڪ ماڻهوءَ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿيندي! جو اهو پنهنجي سڀني وڏن کي پيارو ۽ عزيز هجي. اگر اسان جا اخلاق سُٺا هوندا ته زندگيءَ ۾ ڪجهه بڻجي سگهنداسين ۽ پنهنجو ڪو مقام ماڻي سگهنداسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org