1
لُڇان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِي لَهان نه حَدُ،
سُپيريان جِي سُونھَ جو نَڪو قَدُ نه مَدُ،
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، هُتِ پِرينِ پَرواهِ ناهِه
ڪا.
سمجهاڻي:
آءٌ هن (محبوب) جي جستجو (طلب) ۾ حد کان وڌيڪ
بيتاب آهيان، پر انهيءَ هادي (مالڪ) جي ڪنهن
هڪڙيءَ حد (صفت) کي به ڄاڻي نه سگهيو آهيان. (ڇو
ته هو ذات مطلق آهي). انهيءَ محبوب جي حُسن (صفات)
جو قد ڪاٺ (ڊيگهه ويڪر) نه آهي (ڇو ته هو بي صورت
آهي). جيئن عاشقن جي سڪ ۽ محبت حساب کان ٻاهر آهي،
تيئن اُهو محبوب بيپرواهه ۽ بي نياز آهي.(هر قسم
جي احتياج کان پاڪ آهي).
2
ڪا جا پَرَ پرِيَنِ، نه سا سُئِي نه ٻُڌِي،
مَتيُون سَڀِ مُنجهَن، اِهَڙي ڏِٺي قَضِيي.
سمجهاڻي:
منهنجي محبوب جي اهڙي عجيب عادت توڻي دستور آهي،
جيڪو (عام طور) ڪنهن نه اڳ ۾ ڏٺو آهي ۽ نه ڪنهن ان
بابت ٻين کان ٻڌو آهي، بلڪه اهڙي واقعي کي ڏسي سڀ
هوش حواس گم ٿي وڃن ٿا. (هن جي حڪمت عام انساني
سمجهه ۽ سوچ کان ٻاهر آهي، عام انسان جي سوچ توڻي
عقل محدود آهي. صرف عارف ڪامل ئي اهڙن رازن کي
سمجهي سگهن ٿا).
]پيارا
ٻارؤ! جنوري 2020ع نئين سال کان گُل ڦُل رسالي ۾
سلسليوار
]شاهه
جو پيغام[
لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيت سنڌي ادبي بورڊ
پاران ڇپرايل ”شاهه جو رسالو“ محقق ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، سمجهاڻي - مفهوم ۽ شارح ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو تان ڏنا ويا آهن. ان ڪري آئينده بورڊ جي
ڇپرايل هن مستند رسالي مان بيت ڏنا ويندا.
ٻارڙن کي گذارش آهي، ته آئينده
”لطيفي لات“ جو نتيجو موڪلڻو آهي ته هن بورڊ طرفان
ڇپرايل رسالي ”شاهه جو رسالو“ مان ئي موڪليو وڃي.[
(ادارو)
پيارا ٻارؤ!
السلام عليڪم! اوهان جا ڪهڙا حال
آهن؟
توهان سڀني کي نئين سال جون
واڌايون.
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ٻارن جي هٿ ۾
موبائيل فون آهي انٽرنيٽ ۽ ٽيليويزن جي پروگرامن
ڏانهن ٻارن جو گهڻو ڌيان هوندو آهي. سندن گهڻو
ڌيان درسي ڪتابن کان وڌيڪ غير نصابي سرگرمين ۾
آهي. ان سان ٻار جي وقت جو وڏو نقصان ٿئي پيو. هن
وقت ٻارن کي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
اسان جي ديس جا ڪيترائي ٻار آهن جيڪي سٺي تعليم ۽
سٺن اسڪولن کان وانجهيل آهن، پر اسان وٽ ڪجهه طبقو
اهڙو به آهي، جن کي بهترين اسڪول ۽ بهترين تعليم
ميسر آهي جيڪي به حالات هجن پر پنهنجي تعليم کي هر
حالت ۾ جاري رکو. پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ پنهنجي
ٻوليءَ ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ پنهنجي ٻولي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ
تمام ضروري آهي.
توهان جو مواد برابر اسان کي پهچي
رهيو آهي. توهان جي تعاون جي ضرورت هئي / ۽ آهي.
اسان جو هيءُ پرچو اوهان کي ڪيئن
لڳو؟ پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.
توهان جي مواد، خطن ۽ راءِ جو
اوسيئڙو رهندو.
ساٿ سلامت
توهان جي ڀيڻ
نجمه پنهور
سڀئي حمد وارو ٿا ڳائن ترانو،
هو بي مثل آ ٻاجهه وارو يگانو.
ثنا ۾ رڌل چنڊ چوڏهين جو آهي،
ڪري حمد ٿو سونهن جو پائي ڳانو.
چپن جي چمبيلي ۾ وحدت جي وائي،
سمائي سدائين ٿو سارو زمانو.
ڀنوَر ويٺا ڀُڻ ڀُڻ ۾ ان کي پُڪارن،
پَسائي ٿو تن کي هو منظر سُهانو.
سرءُ سانوڻي کي ٿو سينگار ارپي،
امر ان جي سان ٿو لُڏي ڪانوَ ڪانو.
بهارن جي مندُن کي مُرڪون ٿو بخشي،
هلائي ٿو حيران ڪُن ڪارخانو.
سڄي خلق کائي ٿي ’غازي جمالي‘،
کُٽڻ جو نه آهي خدا جو خزانو.
ٻنھي جھانن جا او سردار.
اسان جي اکين جا او ٺار.
قبر
توڙي
محشر ۾ سدائين.
تون لهين ڏکين گھڙين ۾ ڪا سار.
تنھنجي ئي آسري آھيون اسان.
مِٺي مديني جا او سرڪار.
سھڻو اسان جو پيغمبر آھي.
تنھنجي ئي آھيون ھتڙي
آڌار.
’سومرو‘ جون
سڀ
ٻُڌ صدائون.
ختم ڪرمصيبتون ۽ سڀ آزار.
اسان جي حال تي هردم
سٻاجها ٻاجهه پنهنجي ڪر
ڀلارا ڀال پنهنجي سان
اسان جو پاند پالهو ڀر
چڱائي ۾ مندائيءَ جي
سچي ساڃهه سائين ڏي
ڀلو ۽ بهتري جنهن ۾
سدا سا شال پاريون ڀر
پڙهون جيڪي ڌريون دل تي
عمل ٿي علم سان شامل
نئين سر چاهه پيدا ٿي
فضيلت ۽ ادب خاطر
ڪَچيءَ کان ڪر اثر پيدا
اسان ۾ خير خواهيءَ جو
دنيا ۾ خلق خدمت کان
نه ڀانيون بندگي بهتر
اسان جي حال تي هردم
سٻاجها ٻاجهه پنهنجي ڪر.
ساجهر سمجهي ساجهر اُٿجي،
هر دم نانءُ مالڪ جو وٺجي.
مڪتب وڃجي پڙهجي لکجي،
هِت هُت ڪين اجايو رُلجي.
پاڻ ۾ هر دم سچ ئي چئجي،
ڪوڙ جو پاسو ڪينڪي کڻجي.
پاڻ وڏن جو ادب ضروري،
ننڍڙن سان شفقت سان هلجي.
ڪنوار به ٻاتي - گهوٽ به ٻاتو.
پيچُ ٻنهي آ پيار جو پاتو.
گهوٽ کي آئي ڪنڌ تي ڪاتي،
ڪنوار به ان جي نِڪتي ٻاتي،
ڪاٺ ۾ ان جي ٿي وئي حياتي،
رازُ نه گهوٽ سو اڳ ۾ ڄاتو.
ڪنوار نه منهنجي ٻاتي هوندي،
ڪنوار ته ڪجهه به نه ڄاتو هوندو،
نِينهن ڀريو ڪو ناتو هوندو،
ٻاتن جو آ کُليو کاتو.
گهوٽ ٿو شرمائي اڄ ڏاڍو،
ڪنوار به پڇتائي اڄ ڏاڍو،
ڪنوار به ٻاتي - گهوٽُ به ٻاتو.
جهيڙو ڇا جو جهڳڙو ڇا جو؟
ڪنوار به آجي، گهوٽ به آجو،
فيصلو جيڪو وڏڙن جو،
ٻنهي آ قسمت کي سڃاتو.
گهر جا ڀاتي ٽهڪن مُرڪن،
سَسُ ۽ سهرو خوش ٿين ٻهڪن،
ربَ جي رضا ”ياسين“ ٿا سمجهن،
اهڙو جوڙو ڏٺو آ، ڇا تو؟
سنڌ سان پنهنجو آهي چاهُه،
سنڌ اسان جي آهي ماءُ.
سنڌ جو سچل، سنڌ جو سامي،
سنڌ جو آهي سهڻو شاهُه.
جيئي سنڌ ۽ جيئي سدائين،
سنڌڙيءَ ۾ آ پنهنجو ساهه.
اَمنُ اَمان هجي هت قائم،
ڀاءُ جو نه ويري ٿئي ڪو ڀاءُ.
جيڪو آ هِنَ ديس جو دشمن،
ان جو ڪونه ٿيندو ٻيڙو پار.
مولا رکي خوش سڀ کي ”مسافر“،
لڳي نه ڪوسو ڪنهن کي واءُ.
|