ٻارن جون ٻاڪارون آهن،
پکن منجهه پڪارون آهن.
بک بيماري سردي پارو،
بهار، اونهارو، سرءُ ۽ سيارو.
هارين حال هيڻا قرض ٻيڻا،
ماڻهو ميڻ آواز جهيڻا.
جهوپا جاڳندا ڪوٽ ڪِرندا،
وانگي وطن ڏي ورندا.
بُک ويندي سُک مِلندا،
مارو ماڻهو ملندا کِلندا.
سُھڻا سُھڻا، پيارا پيارا،
ٻالڪ ننڍڙا، جيءَ جيارا.
موتين جا ڄڻُ داڻا آهن،
ٻالڪ خوب سياڻا آهن.
ٻاتا ٻاتا ٻول چون ٿا،
روز پڙهڻ اسڪول وڃن ٿا.
راند ورونهن رچائڻ وارا،
محفل خوب مچائڻ وارا.
کٽڙي- مٺڙي آهي- کٽاڻ،
سنڌ ۾ تنهنجي خوب سُڃاڻ.
ماهر- ماڻهو کٽاڻ ٺاهن،
لِيمان، انبڙيون ڇا ڇا آهن؟!!
کٽاڻ ۾ کَکڙيون،
کِٽيون مِٺيون انبڙيون.
گِدامڙيءَ جي کل،
انگوري سُرڪو پَيل.
خوشبوءِ ڀري اٿس رس،
چٽپٽي ڏئي ٿي چَس.
کائجي اڪثر آرهڙ ۾،
ڪاڇي- اُتر لاڙ ۾.
شڪارپور جو شاهي آچار،
ديس سڄي جو ناماچار.
کٽاڻ کپي ٿي ”ربن هٽ تي،“
گڏجي ٻارو، کائو کٽ تي،
چار آنن ۾ ملندي کُوڙ،
ٻالڪ گهڻو ڪيو نه گوڙ.
خيرل جي آ کٽاڻ سان دِل،
هٽ تان آندي ادي- عادل.
کٽاڻ کائي، آڳ کٽيو،
ٻارؤ! هاڻ نه چُپ، چَٽيو!!
ڳاڙهي چُنهنب ٽِيون ٽِيون ٻُولي،
وٽيءَ ۾ وِهنجي پرڙا کولي.
جُوئر، ٻاجهر چُهنب سان ميڙي،
پِڃريءَ ۾ ڀي کنڀ پکيڙي.
مِٺُو پُٽ جون وڻندڙ ٻوليون،
محبت جون ڏيندو لوليون.
مار نه هِن کي مومل راڻي،
پيئندو وٽيءَ جو مِٺڙو پاڻي.
ڳاڙهي چِهنب جهٽ- پٽ،
ميوو کائيندو، مِٺو پُٽ.
ساوا اَٿس کَنڀ ڀلا،
پيرن ۾ اٿس چانديءَ جا ڇلا!
هيڻا پنهنجا حال ڏسي وڃ،
گوشت بدران دال ڏسي وڃ.
ڪمزوري آ هيڻو ڪيو اڄ،
ڏاڙهون نه انب پال ڏسي وڃ.
گهوڙو ٽانگو نڪري ويو اڄ،
خالي ماڊل نال ڏسي وڃ.
ڳائڻ ۾ سُر ڪيڏو آ،
راڳي جو ته ڪمال ڏسي وڃ.
آس ”وفا“ کي آهي ملڻ جي،
يار سندس بس حال ڏسي وڃ.
وقت ڏاڍو قيمتي وقت نه وڃايو،
وقت جو قدر ڪريو وقت آ ٻڌايو.
وقت موٽي نه ايندو وقت جو اعلان آ،
وقت وڏو بادشاه آ وقت ئي خان آ،
وقت جن کان ويو وقت نه تن موٽايو.
وقت شيءِ بازار جي ناهي جو وڃي ملي،
وقت ڪنهن جو خاص ٻانهو ناهي جو اچي هلي،
وقت اهو گهوڙو آ جنهن ڪنڌ نه ورايو.
وقت بيحد بي بها وقت اعليٰ انمول آ،
وقت سان گڏ جي هلڻ ڪاميابي جو اصول آ،
وقت کان وڌ دنيا ۾ قيمتي نه ٻيو سرمايو.
وقت سان جن ڀي نڀاه ڪيو آ ٻارو،
وقت ”مهر فقير“ ان کي مان بخشيو آ ٻارو،
وقت سان هلڻ لاءِ وِک سو جلد وڌايو.
اڄ ته پارڪ گهمڻ هلون بابا،
ڏسون هلي اتي
ته
آهي ڇاڇا.
تازي هوا به ٿا کائي اچون،
سڀئي جنهن سان صحتمند ٿيون.
بيٽ
۽ بال به ٿا ساڻ کڻئون،
ڇڪا ڪي چوڪا هلي ٿا هڻئون.
جهولا به کائون مزي سان اتي،
کوڙ سارا ٻار هوندا هن جتي.
امڙ کي به چئو ته پارڪ هلي،
وقت سان گڏ جي هلڻ ڪاميابي جو اصول آ،
وقت کان وڌ دنيا ۾ قيمتي نه ٻيو سرمايو.
وقت سان جن ڀي نڀاه ڪيو آ ٻارو،
وقت ”مهر فقير“ ان کي مان بخشيو آ ٻارو،
وقت سان هلڻ لاءِ وِک سو جلد وڌايو.
آءٌ
برسات ۾ خوش ٿيان ٿو،
ڪڪر ڏسي جهومان نچان ٿو.
امڙ روڪي ٿي جهڙ ڦڙيء کان،
آء تڏهن به ته ڪين مڙان ٿو.
برسات مون کي به ڏاڍي وڻي ٿي،
ڪاغذ جي ٻيڙي ساڻ ڪڏان ٿو.
برسات جڏهن رڪجي وڃي ٿي،
آء به
ھڪدم اداس ٿيان ٿو.
رحمت رب جي آهي هي برسات،
پر ٻوڏ جي آفت کان ڊڄان ٿو.
گل گلابيءَ ۾، انساني سلوڪ جي هڪ اهم جُز سان حاضر
آهيان.
1. جيڪا شيءِ جتان کڻو، اُتي ئي واپس رکو.
جيڪڏهن غور ڪجي ته زندگي اصل ۾ ترتيب جو ٻيو نالو
آهي. رب پاڪ سدائين هلندڙ وقت کي به هڪ ترتيب سان
ئي رکيو آهي. صبح، منجهند، شام، سمهاڻي، ڪاري رات
۽ ان جا پهر، وري صبح... هر شيءِ هڪ ترتيب سان
آهي. انڊلٺ کِڙندي آهي ته رنگن جي ترتيب سدائين
هڪجهڙي هوندي آهي. ائين ڪڏهن ٿيو ناهي ته ڪنهن
رنگ، ڪڏهن پنهنجي جاءِ مٽائي هجي.
هاڻي رڳو اُهي ٻه مثال ئي ڪافي آهن. معنيٰ، اسان
کي اڻ سڌي طريقي سان ترتيب جو ڏَسُ ڏنو ويو آهي. ۽
جي اُن ڏس کي اسين هنئين سان هنڍايون ته انيڪ شين
۾ سولائي ٿي سگهي ٿي.
ٻارَ، وڏن کان وڌيڪ ذهين هوندا آهن. انهن جي ذهني
اوسر، ڇاڪاڻ ته تيز ترين مرحلن ۾ هوندي آهي، تنهن
ڪري هنن کي شيون به تڪڙيون سمجهه ۾ اينديون آهن ۽
وڌيڪ تعداد ۾ سمجهه ۾ اينديون آهن. تنهنڪري اهو هڪ
حد تائين ضروري به آهي ته ٻارن کي اهم عادتن بابت
سمجهاڻي ڏني وڃي.
اسان کي هڪ عام عادت اها هوندي آهي ته اسين، ڪابه
شئي، ڪٿان به کڻو ته پوءِ ڪم ۾ آڻڻ کان پوءِ، گهڻو
ڪري اُن کي پنهنجي اصلوڪي جاءِ تي واپس نه رکندا
آهيون. کڻي، استعمال ڪري، وري استعمال ٿيندڙ جاءِ
تي ئي، ذري گهٽ واپس اڇلائي، اسين ٻئي ڪم ۾ جنبي
ويندا آهيون. اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسين بيحد
مصروف هجون ۽ هڪدم ٻئي ڪم کي ڪرڻ به ضروري هجي، پر
اهو به سوچجي ته اُهي ننڍيون ننڍيون ’بي ترتيبيون‘
هڪ وڏي اسٽريس کي، دٻاءَ کي جنم ڏئي سگهن ٿيون.
اهو دٻاءُ، جيڪو اُن ساڳي شئي کي وري ڳولڻ ۾ ذهن
تي سوار ٿي سگهي ٿو. ۽ خاص طور تي اُن مهل چڙ اچي
ٿي جڏهن وقت گهٽ هجي ۽ اُن شئي جي گهرج ’اهم‘
هجي.
مثال طور: اسان کي ڪجهه پنن کي اسٽيپل ڪرڻو آهي.
اسٽيپل سمجهو ٿا نه... ننڍن پنن جي سيٽ واري مشين
’اسٽيپلر‘
سان پنن کي ڳنڍبو آهي ۽ اُهي جائيتا ٿي ويندا آهن
۽ سهڻي نموني سان هڪٻئي سان ڳنڍي، پيش ڪري سگهبا
آهن. هاڻي جي اُن اسٽيپلر جي اوهان جي ميز، ڪٻٽ يا
ڪنهن جاءِ تي ڪا مخصوص رکڻ جي جاءِ آهي ته اُن کي
استعمال مهل کڻي، استعمال ڪري، هڪدم پنهنجي جاءِ
تي رکجي. هاڻ ٿورو غور ڪريو. توهان کي تڪڙو نڪرڻو
آهي، پنا به اسٽيپل ڪري فائيل ڪرڻا آهن، تڙڪڙ ۾
اچو ٿا پر ڇاڪاڻ ته عادت ناهي، اُن ڪري پهرئين
ڀيري ڪتب آڻي يا اُن کان پهرئين ڪتب آڻي، اُها
اسٽيپلر اوهان الاهي ڪٿي رکي ڇڏي هئي جيڪا هاڻي هن
’هڻ وٺ‘ ۾ نٿي ملي. ڪاوڙ، تيسو، مُونجهه... آخر
اها ڪيڏانهن وئي؟... بيزار ٿي اُهي ڪاغذ فائيل ۾
وجهي ماڻهو روانو ٿئي ٿو. جيڪي ڪاغذ ڪٿي چٻا به ٿي
سگهن ٿا. صحي نموني ٿي سگهي ٿو ته پيش به نه ٿي
سگهن، اُنهن مان ڪو هڪڙو هيٺ مٿي به ٿي سگهي ٿو،
ترتيب بگڙجي به سگهي ٿي.
اهو هڪڙو ننڍڙو مثال عرض ڪيو اٿم. لاهينداسين بوٽ،
ته اڇلائي پري ڪبا.... جوراب الاهي ڪٿي ويندا...
ڪپڙا هينگر ڪونه ڪنداسين... يا صحيح نموني ڪِلي تي
ڪونه ٽنگينداسين.... اهي سڀ پريشان ڪندڙ عادتون
آهن.
مڃجي ٿو ته اهي سڀ شيون واپس پنهنجي جاءِ تي
پهچنديون آهن. گهر ۾ امڙ، ادي يا ڪو ڪم ڪرڻ وارو/
واري اُهي شيون ٿانئيڪو ڪري، واپس پنهنجي جاءِ تي
رکندو پر اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته اُنهن کي اُن
جاءِ جي خبر ئي نه هجي جيڪا اوهان پنهنجي سامان
لاءِ مخصوص ڪئي آهي.
ياد رکجو، جي شين کي پنهنجي جاءِ تي واپس رکڻ جي
عادت اختيار ڪندؤ ته اُهي اوهان جي غير موجودگيءَ
۾ به، رڳو هڪ فون ڪال تي به، اوهان جي ڪم اچي
وينديون ۽ اُهو دٻاءُ، اسٽريس، ڪاوڙ نه ٿيندا جيڪي
اجايا ٿي سگهن ٿا يعني اُنهن جو سبب هڪ اُها ئي
عادت هجي ٿي جنهن کي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.
سمجهان ٿو ته هيءَ تمام ننڍي ڳالهه آهي، پر اهو
امر به ڪڏهن نه وسارجي ته ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ٺهندو
آهي ۽ ننڍيون ننڍيون عادتون ئي شخصيت کي جنم
ڏينديون آهن ۽ اُن شخصيت لاءِ، زندگي گذارڻ ۾
سولائي پيدا ڪنديون آهن.
رب پاڪ جي امان ۾ هجو. (آمين) |