تعليمي ادارن کي اھميت ڏيڻ کانسواءِ
ڪا به قوم ترقي جي آسمان کي ڇُھي
نه ٿي سگھي.
تعليمي ادارن کي اھميت ڏيڻ کانسواءِ
ڪا به قوم ترقي جي آسمان کي ڇُھي
نه ٿي سگھي.
اسڪول ھڪ اھڙو ادارو ۽ درسگاھه آھي جتي شاگرد
مختلف مضمونن ۾ علمي اڃ اُجھائين ٿا.
اسان جي اسڪول جو نالو گورنمينٽ ھاء اسڪول نمبر ون
آھي جيڪو تمام پراڻو ۽ تاريخي اسڪول آھي ۽ سول
اسپتال جي سامھون واقع آھي.اسان جي اسڪول
جو
ھينئر
ھيڊماستر سيد محمد شاھه آھي ۽ ايف اي اشفاق احمد
سومرو آھي.
اسان جي اسڪول ۾ ھن وقت 62 استاد شاگردن کي مختلف
مضمون پڙھائي رھيا آھن ۽ تقريباً
1800 شاگرد تعليم جي زيور سان مالامال ٿي رھيا
آھن.اسان جي اسڪول ۾ ڪل 22 ڪلاس ھن ريت آھن
1.ڇھين درجي جا پنج ڪلاس سيڪشن اَي
کان اِي
تائين
2.ستين درجي جا پنج ڪلاس سيڪشن اي کان اي تائين
3.اٺين درجي جا چار ڪلاس اي کان ڊي تائين
4.نائين درجي جا چارڪلاس اي کان ڊي تائين
5.ڏھين درجي جا چارڪلاس اي کان ڊي تائين
اسان جي اسڪول ۾ ھڪ وڏو سائنس حال آھي جتي نائين ۽
ڏھين درجي جي شاگردن کي مختلف تجربا ڪرايا ويندا
آھن.
اسان جي اسڪول ۾ ھڪ وڏي لائبريري آھي جتي مختلف
موضوعن تي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آھي.
مون کي ٻڌائيندي فخر محسوس ٿو ٿئي ته اسڪول ۾ ھڪ
خوبصورت باغ آھي جنھن ۾ مختلف ميويدار وڻ به لڳل
آھن ۽ چوڌاري گل و گلزاري اسان جي اسڪول کي سونھن
بخشي ٿي.
اسان جي اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب به آھي جتي شاگردن کي
ڪمپيوٽر جي سکيا به ڏني ويندي آھي.
اسان جي اسڪول ۾ ھڪ وڏو راند جو ميدان آھي، جتي صبح جو نه فقط اسيمبلي ٿيندي آھي ۽ شاگرد مختلف موضوعن تي
تقريرون به ڪندا رھندا آھن
۽
رسيس ۾ شاگرد رانديون به کيڏندا آھن.ھن ميدان تي
مختلف راندين جا مقابلا به ٿيندا رھندا آھن.
اسان جي اسڪول جا استاد اسان کي درسي ڪتاب پڙھائڻ
سان گڏوگڏ اخلاق ۽ ڪردار جي بُلندي
۽ تعمير جي به تربيت ڏيندا آھن.
اسان جي اسڪول
۾
مختلف ڏينھن ملھائڻ لاءِ ۽ ھم نصابي سرگرمين جي سلسلي ۾
تقريبون به منعقد ٿينديون آھن.
شل رب پاڪ اسان جي اسڪول کي اڃا به بھتري ڏانھن
وٺي وڃي!
بهار جي موسم ۾
باغ ۾
لنگهي وڃبو
ته اتي جو عجيب نظارو ڏسي، روح کي راحت ۽ دل کي
ڏاڍي فرحت محسوس ٿيندي آهي. ڌڻيءَ
جي ساراهه دل
تي
تري ايندي آهي.
وڻ،
ٻوٽا ۽ گل ڦل جيڪي ڪالهه ڪومائل ۽ سُڪل
بيٺا هئا،
سي بهار جي موسم جي ڪري وري تازا نظر پيا اچن، نه
رڳو سهڻو پر باغ جو هر هڪ وڻ
مطلب ته باغ ۾ جيڪي ڪجهه پوکيل آهي،
سهڻو
پيو نظر ايندو آهي. پکين جون ٻوليون ۽ تنوارون هڪ
سهڻو منظر پيش ڪن ٿيون. انهن جو آواز ٻڌي روح کي
فرحت ملندي آهي،
جڏهن باغ تي نظر پوندي آهي ته هر طرف گل نظر ايندا
آهن ۽ انهن جي خوشبو روح کي راحت ڏيندي آهي.
مطلب ته ڌڻي سڳوري
اسان انسانن لاءِ
بهار جي موسم به واهه جي نعمت خلقي آهي.
اسان جو ڳوٺ سهتا شريف ضلعي شڪارپور ۾ واقع آهي ۽
هي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. هي ڳوٺ سنڌ واهه جي ڪناري تي
آباد آهي. اوڀر پاسي سنڌ واهه، ڏکڻ ۽ اُتر ۾
زمينون ۽ اولهه ۾ ڇتن شاهه بخاريءَ جو قبرستان
موجود آهي. چوڌاري زمينن ۽ سنڌ واهه جي ڪري هي ڳوٺ
نهايت وڻندڙ ۽ سهڻو آهي.
هن ڳوٺ جي قدامت جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪونه ٿي ملي، پر
ڳوٺ جا وڏڙا ٻُڌائين ٿا ته هي هڪ قديم ڳوٺ آهي،
جنهن کي سهتا ذات جي ماڻهن صديون اڳ آباد ڪيو هو.
نالي واري تاريخدان مرحوم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌيءَ ماهوار نئين زندگي جي 1988ع جي ڪنهن پرچي ۾
”سنڌ جا رڻ ڄاتا ۽ رڻ ڳاتا ماڳ“ نالي هڪ تحقيقي
مضمون لکيو هو، جنهن ۾ پاڻ موئن جي دڙي ۽ هڙاپا کي
ملائيندڙ هڪ رستي جي نشاندهي ڪئي اٿائين. اهو رستو
هن ڳوٺ وٽان
گذري ٿو ۽ شڪارپور شهر وٽ ختم ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته
پراڻي زماني ۾ اهو رستو شڪارپور کان ٿيندو وڃي
هڙاپا تي دنگ ڪندو هوندو. ذوالفقار علي ڀٽي شهيد
جي وزارت عظميٰ واري دؤر ۾ سنڌ واهه مان هڪ ٻيو
ننڍڙو واهه هن ڳوٺ وٽان کوٽيو ويو. ان رستي وٽان
جڏهن کوٽائي ڪئي وئي ته پراڻي دؤر جا ڪافي تعداد ۾
ٺڪر جا ٿانوَ مليا، جن جي بناوت موئن جي دڙي مان
لڌل ٿانون جهڙي هئي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته ان رستي تان اچ وڃ گهڻي ٿيندي هئي. ممڪن آهي ته
هتي موئن جي دڙي جا ماڻهو ترسندا هجن.
ڳوٺ سهتا شريف پنجونجاهه گهرن تي مشتمل آهي ۽ انهن
گهرن ۾ لڳ ڀڳ ٽي سؤ کن ماڻهو رهن ٿا. هن ڳوٺ ۾
جيڪي ذاتيون رهن ٿيون، تن ۾ سيد، سولنگي، هڪڙا،
ڀنڀرا ۽ ڪنبوهه شامل آهن. اهي سڀ ذاتيون صدين کان
گڏ رهن پيون ۽ هڪٻئي جي ڏک سُک ۾ ڪم اچن. ڳوٺ جا
اڪثر ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل ۽ نوڪرين وارا آهن. ڪي
ماڻهو وري زراعت سان به واڳيل آهن ۽ ٻني ٻارو ڪري
پنهنجي گذر سفر جو انتظام ڪن. بيحد محنتي ماڻهو
هجڻ ڪري اهي خوشحال زندگي گذارين.
هن ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول آهي، جنهن ۾ ڳوٺ جا
ٻارڙا تعليم حاصل ڪندا آهن. پرائمريءَ کان پوءِ
اهي ٻار ڀر واري وڏي ڳوٺ ”نوشهري ابڙي“ جي مڊل
اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويندا آهن.
ڳوٺ ۾ ”المصطفيٰ لائبريري“ نالي هڪ وڏو ڪتب خانو
به موجود آهي، جيڪو منهنجي والد صاحب ڊاڪٽر غلام
مصطفيٰ سولنگي پنهنجي پرائمري واري ڏينهن ۾ قائم
ڪيو هو. هن وقت ان ڪتب خاني ۾ پنج هزار ڪتاب موجود
آهن. شايد ضلعي شڪارپور جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ايڏو وڏو
ڪتب خانو نه هوندو. هن ڪتب خاني جو انتظام اسان جو
پڦاٽ شڪيل احمد سولنگي هلائيندو آهي. هن ڪتب خاني
۾ هر موضوع تي ڪتاب رکيا ويا آهن. رسالا به وڏي
انگ ۾ موجود آهن. ڳوٺ جا شاگرد هن ڪتب خاني مان
تمام گهڻو فائدو وٺي رهيا آهن. هن ڪتب خاني جي ڪري
ڳوٺ ۽ آسپاس جي ٻين ڳوٺن جي ٻارن ۾ لکڻ، پڙهڻ، علم
۽ ادب جو وڏو شوق پيدا ٿيو آهي.
هن ڳوٺ جي تاريخي ۽ قديم عمارت سيد ڇتن شاهه
بخاريءَ جو مقبرو آهي، جيڪو ڳوٺ کان اولهه طرف سڏ
پنڌ تي واقع آهي. هي مقبرو هڪ صدي اڳ هتان جي
مشهور رازي محمد ابراهيم سولنگيءَ ٺاهيو هو. اڏاوت
جي لحاظ کان هي مقبرو بيحد موهيندڙ ۽ حيران ڪندڙ
آهي. گول گُنبذ پري کان نظر ايندو آهي ۽ بيحد
پُراسرار لڳندو آهي.
سيد ڇتن شاهه بخاريءَ جو مقبرو هڪ وڏي قبرستان جي
وچ تي موجود آهي. هي قبرستان 2 هزار ايڪڙن جي
ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ کٻڙن جا وڻ هزارن
جي تعداد ۾ آهن. انهن وڻن ۾ جون جي مهيني ۾ پيرُون
ڦُٽندا آهن. پيروُن ڏاڍا مزيدار ۽ رنگ برنگي هوندا
آهن. هن ئي قبرستان ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم
محمد علي جناح جو هڪ ذاتي ملازم به دفن ٿيل آهي،
جنهن جو نالو ”الاهي بخش“ هو. پاڻ بمبئيءَ جو
رهاڪو هو، 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ
سندس خاندان وڳوڙن جي ڪري پاڪستان هجرت ڪرڻ دؤران
ڪٿي مارجي ويو هو. هي پنهنجي خاندان جي ڳولا ۾ هن
ڳوٺ ۾ اچي پهتو. هن ڳوٺ ۾ رهڻ دؤران هن ڪافي وقت
سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجي خاندان جي ڳولا ڪئي،
پر پوءِ کيس معلوم ٿيو ته سندس خاندان پنجاب جي
ڪنهن علائقي ۾ سکن هٿان مارجي ويو آهي. ان کان
پوءِ هو ڳوٺ سهتا شريف ۾ رهڻ لڳو. سندس وفات 1973ع
۾ ٿي. هڪ نيڪ شخص ۽ قائداعظم جي ملازم هجڻ جي
حيثيت سان ڳوٺ جا سڀ ماڻهو سندس تمام گهڻو ادب
ڪندا آهن ۽ قبر تي دعاءِ مغفرت پڙهي ايندا آهن.
سيد ڇتن شاهه بخاريءَ جي مزار تي پراڻي زماني
۾”ڳاهيجن جون ڏانئڻيون“ به اينديون هيون. ڳاهيجن
جو ڳوٺ ضلعي شڪارپور جي وڏن ڳوٺن ۾ ڳڻيو ويندو
آهي. هي ڳوٺ لکي غلام شاهه ۽ نئين ديري جي وچ تي
سکر- لاڙڪاڻي مين روڊ جي ڪناري تي واقع آهي. ان
ڳوٺ مان ڏانئڻين جي هڪ وڏي ٽولي هر اسلامي مهيني
جي پهرين تاريخ تي سيد ڇتن شاهه بخاريءَ جي مزار
تي ايندي هئي. اهي ڏانئڻيون سڄو ڏينهن هُل هنگاما
۽ ساٺ سَنوڻ ڪري شام جو واپس پنهنجي ڳاهيجا ڳوٺ
هليون وينديون هيون. پاڪستان جي اڳوڻي صدر محمد
ايوب خان جي دؤر ۾ آخري ڏانئڻ جي مرڻ کان پوءِ اهو
سلسلو ختم ٿي ويو.
سهتا شريف جي وچ ۾ هڪ تاريخي مسجد به موجود آهي،
جيڪا خليفي جعفر ٺهرائي هئي. پاڻ سنڌ جي تمام وڏي
ديني عالم ۽ انقلابي شخصيت مولانا تاج محمود
امروٽي رحه جو خاص خليفو هو. مولانا صاحب ساڻس ملڻ
ايندو هو ته پاڻ ان ئي مسجد ۾ ويهي ڪچهري ڪندا
هئا. ڳوٺ جا وڏا ٻڌائين ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن مولانا
تاج محمود امروٽي رحه سان گڏ مولانا عبيدالله سنڌي
به خليفي جعفر سان ملڻ ايندو هو. مطلب ته هن ننڍڙي
ڳوٺ ۾ اهڙين وڏين هستين، پنهنجا ڀاڳوند قدم رکيا.
سهتا شريف جي ڏکڻ ۾ زمينن سان گڏ کير ٿر ڪئنال به
وهي ٿو. هي تمام وڏو ڪئنال آهي،جيڪو 1923ع ۾ کوٽيو
ويو هو. سکر بئراج کان نڪرندڙ هي ڪئنال بلوچستان
جي خضدار ضلعي ۾ ختم ٿئي ٿو.
اونهاري جي موڪلن جي ٻن مهينن مان هڪ مهينو اسان
پنهنجي ڳوٺ سهتا شريف ۾ گذاريندا آهيون. سنڌ واهه
۾ وهنجي ۽ ڪناري تي وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي انب کائڻ
جو مزو ڪڏهن به وسرندو ناهي.
اسان کي پنهنجي ڳوٺ سان بيحد محبت آهي، ان ڪري جو
ڳوٺ اسان جي سڃاڻپ جو بنيادي حوالو آهي.
ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي، جنهن جي ممتا هن ڌرتي تي
ٻئي ڪنهن به رشتي ۾ اوهان کي ماءُ جي ممتا جو ملڻ
ته پري پر ايتري ممتا، اوهان کي محسوس به ڪونه
ٿيندي.
مطلب ته خدا طرفان بڻايل سڀني رشتن جي پنهنجي
پنهنجي حد ۽ اهميت هوندي آهي، پر انهن سڀن رشتن ۾
ماءُ جو رشتو بلڪل الڳ ۽ مٿاڇري تي ترندڙ ڪنول جي
گل وانگر نظر ايندو آهي پوءِ ڀلي اُهو صاف پاڻيءَ
۾ گل هجي يا گندي پاڻيءَ ۾، پر اها ماءُ پنهنجي
ماحول جي ڪابه پرواهه نه ڪندي. ڪنول جي گل وانگر
سڀني کي هڪجهڙي ۽ ٻين رشتن کان انمول ۽ الڳ خوشبو
(ممتا پيار) مُهيا ڪندي آهي ته جيئن هي رشتو هميشه
ٻين رشتن کان اونچو ۽ مقبول رهي ۽ اهڙيءَ طرح اسان
هن رشتي سان تشبيهه پنهنجي ڌرتيءَ کي ان ڪري ڏيندا
آهيون. ڇاڪاڻ ته اها ڌرتي به هڪ ماتا جيئان پنهنجو
فرض نڀائي ٿي.
جهڙيءَ طرح نَوَ مهينا اسان پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾
گذاريندا آهيون، بنهه ان وقت اسان کي ڪنهن به شيءِ
جي پرواهه ڪونه هوندي آهي. جهڙي طرح ننڍي هوندي
اسان پنهنجي امڙ جو کير پيئندا آهيون.
اهڙيءَ طرح ڌرتي تي اسان سنڌو درياءَ جو پاڻيءَ
پيئندا آهيون ته جيئن اسان وڌيڪ تندرست ۽ وڌيڪ
جيئرا رهي سگهون.
حقيقت ۾ انهن ٻنهي مائرن ۾ هڪ وٿي جو به فرق
ڪونهي، ڇاڪاڻ ته جنم ڏيندڙ ماءُ اسان کي پالي
نپائي وڏو ڪري اسان کي جنم ڀومي ڌرتيءَ تي ڇڏيندي
آهي. ڇو ته وڏي ٿيڻ کان پوءِ اسان اُن ماتا جي
نگراني کان چڙهي ويندا آهيون.
ته پوءِ ڀلا ايتري احسان ۽ قرضن هوندي اسان پنهنجي
سنڌ کي ماءُ جو درجو ڏيڻ ۾ ڇو شرمايون. |