پرولي ته ڀڃ
*بلال الدين مٺواڻي ڏيپلو.
1- ڏسڻ ۾ سائي، سڏجي ڳاڙهي، گهر گهر ۾ گهمي ٿي. هٿ
چمي ٿي ۽ پيرين پوي ٿي.
*پريتم داس جيمسراڻي قمبر.
2- اٺ ٽنگون ٻه پير، پڇ پٺيءَ تي ٻڌايو ته ڪير
آهي.
*محمد شعبان سميجو ڪشمور.
3- اهو ڪهڙو ٽن اکرن وارو لفظ آهي، جنهن کي دنيا ۾
ڪوبه پسند نٿو ڪري ان جو پهريون اکر ڪاٽبو ته ڪنهن
هيري جي معنيٰ نڪرندي، ٻيو اکر ڪاٽبو ته پاڻي وجهڻ
واري شيءِ جو نالو بڻجي پوندي، ٽيون اکر ڪاٽبو ته
ڪنهن ڀوائتي هستي جو نالو بڻجي پوندو. ٻڌايو ته
اهو لفظ ڪهڙو آهي.
*گرڏنه لعل ڪنڌڪوٽ.
4- اڀري ته اوندهه لهي ته سوجهرو.
*محمد عثمان چاچڙ دادو.
5- نيري نيري ول، جنهن ۾ اڇا اڇا پتا، اکين ڏٺا
وات نه چکيا.
* سڪندر علي چانڊيو، ڳوٺ گل محمد چانڊيو.
6- گول گول اونهو سئو فوٽن تائين، ٻانهن کان لوڏو
ڏينس ته روئي وجهي.
7- چار پير اٿس، گهر گهر ۾ آهي پر جانور به نه
آهي.
*گرڌاري لعل ٽنڊو محمد خان.
8-اُس ڏسيو ظاهر ٿئي، ڇانءَ ڏسيو لڪيو وڃي.
*عبدالحق عبد دايو خانپور.
9- جيئن جيئن ڌڪي ڇڏيان تيئن تيئن موٽيو اچي.
ڀڃڻي
1- ميندي. 2-ساهمي. 3-جنگ. 4- ڪاوڙ. 5-آسمان، سج
چنڊ ۽ تارا. 6- نلڪو. 7-کٽ. 8-پگهر. 9- پينگهو.
سيف علي ولد ساجد علي
کل ته سهي
*ڪشور ڪمار آزاد، گمبٽ.
آچر (جمعي کي) ٻڌاءِ ته مرچن ۾ ڪهڙي وٽامن آهي؟
جمعو: وٽامن سي.
آچر: توکي ڪيئن خبر پيئي؟
جمعو: جڏهن ماڻهو مرچ کائيندا آهن، تڏهن سي سي
ڪندا آهن.
* عبدالفتاح ميمڻ، مورو.
هڪ ماڻهو سائيڪل هلائي رهيو هو ته اوچتو وڃي هڪ
پوڙهيءَ سان ٽڪر ٿيس. پوڙهيءَ خار مان چيس ته
گهنٽي به نٿو هڻين. تنهن تي سائيڪل سوار چيس ته
امان، مون ته سڄي سائيڪل هئين اٿمانءِ اڃا به چوين
ٿي ته گهنٽي هڻ ته به حاضر آهيان.
* گل حسن ”ناز“ چوهاڻ، دڙو.
هڪ دوست پنهنجي دوست کان پڇيو ته جڏهن نئون چنڊ
اُڀرندو آهي ته پراڻو چنڊ ڪيڏانهن ويندو آهي؟
دوست جواب ڏنس ته پراڻو چنڊ ڀڃي ان مان تارا
ٺاهيندا آهن.
*محمد موسيٰ پرياڻي، دادو.
هڪ ليڊر ڪنهن هال ۾ تقرير ڪري رهيو هو. آهستي
آهستي هال مان هڪ هڪ ماڻهو ٿي سڀئي نڪري ويا، باقي
هڪ ماڻهو بچيو سو ويٺو رهيو. ليڊر، ويٺل ماڻهو کي
چيو ته ”ادا مان توهان جو شڪرگذار آهيان جو توهان
منهنجي تقرير غور سان ٻڌو پيا. تنهن تي ويٺل ماڻهو
چيو ادا شڪر گذاري ڇاجي مان ته هن هال جو پٽيوالو
آهيان. مون سوچيو ته اوهان پنهنجي تقرير ختم ڪيو
ته مان هن هال جا دروازا بند ڪري گهر وڃان.
* رشيد احمد شيخ، مٽياري.
زال (مڙس کي) مون وٽ تيل آهي ته سرمون ڪونهي، ڪجل
آهي ته سُرکي ڪانهي.
مڙس: (اطمينان سان) مون وٽ به کيسو آهي پر پئسو
ڪونهي.
*اشوٿاما ڊي، لهاڻو، ٽنڊوباگو.
استاد(شاگرد کي) ٻڌاءِ ته چانهه ڪڏهن ۽ ڪٿي ٺهندي
آهي؟
شاگرد: سائين اسان جي گهر صبح ۽ شام جو.
*وريل داس ايل. تلريجا، ڪنڌڪوٽ.
هڪ بادشاهه کي سڪي پني پٽ ڄائو هن اعلان ڪيو ته
جيڪي به قيدي آهن، تن کي آزاد ڪيو وڃي.
هرڪو قيدي بادشاهه کي سلام ڪندو نڪرندو ويو. هڪ
ٻڍي قيدي به بادشاهه کي سلام ڪيو.
بادشاهه پڇيس ته توکي قيد ۾ گهڻا سال ٿيا آهن.
قيدي جواب ڏنو ته حضور مان ته اوهان جي پيءُ جي
وقت کان قيد ۾ پيو هوس. بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي
واپس قيد ۾ وڌو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو منهنجي پيءُ جو
يادگار آهي.
*رشيد احمد بلوچ، ميرپورخاص.
هڪ موالي روڊ تان وڃي رهيو هو ته سامهون هڪ ٽانگي
وارو ٽانگو ڪاهي اچي رهيو هو. جنهن موالي کي چيو
ته سائيڊ ڏي. موالي ڀرسان هڪ دروازي کي ٽيڪ ڏيئي
ويٺو ته ننڊ کڄي ويس. صبح جو دربان جڏهن دروازو
کوليو ته موالي وڃي ڦهڪو ڪيو، موالي کي ڪجهه به
سمجهه ۾ نه آيو ۽ چيائين مار! هيتري سائيڊ ڏني اٿم
تڏهن به اچي ٽڪر هنيائين.
*نجما سهڻي، کپرو.
هڪ ماستر صاحب ڇوڪرن کي تنگ ٿي ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو ته
”توهان جهڙن ڇوڪرن کي پاڳل خاني وڃڻ کپي“ هڪ ڇوڪر،
ماستر صاحب جي ڳالهه کي برو سمجهي ٻاهر وڃڻ لڳو.
ڇوڪري کي ٻاهر ويندو ڏسي ماستر صاحب هڪدم چيو:
”ايتري جلدي ڪانهي هي پيرڊ ختم ڪري هليو وڃجانءِ.“
هنن سان ملو
546- نالو: محمد علي پياسي ولد لعل محمد پنهور.
تعليم: ڏهون سائنس وندر: قلمي دوستي رکڻ. عمر: 15
سال: ائڊريس: ماروئڙا ريڊيو ۽ ٽيليفون سروس گهر،
اسپتال روڊ ميرپورخاص.
547- نالو: حسين بخش ولد محمد عثمان ميمڻ، پڙهندڙ
ڪلاس (ڏهون). عمر: 14 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.
548- نالو: محمد يونس ولد محمد يوسف پنهور.
پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون سنڌي، عمر: 16 سال. وندر:
اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس: مڊل اسڪول ميرپور
پراڻي.
549- نالو: سلما رضوي. پڙهندڙ ڪلاس ستون. عمر: 14
سال. وندر: گل ڦل ۾ نالا ڏيندڙ ڇوڪرين سان دوستي
رکڻ ۽ انهن کي ڪاوڙائڻ.
550- نالو: مشتاق احمد سومرو. پڙهندڙ ڪلاس ڏهون.
عمر: 15 سال. وندر: رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ ۽ مواد
لکڻ ۽ ڪرڪيٽ راند ڪرڻ. ائڊريس: معرفت مسلم ميڊيڪل
اسٽور ڪشمور.
551- نالو: شيخ وسيم الله ”گل“ عمر: 13 سال.
پڙهندڙ: ڪلاس نائون (اي). وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪورس
جا ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر
-2 شڪارپور.
552- نالو: مفتون احمد شيخ ولد طفيل احمد شيخ.
عمر: 13 سال. ڪلاس اٺون. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽
ٽي وي ڏسڻ. ائڊريس: مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ
اسڪول هالا نوان.
553- نالو: عبدالغني باريجو. عمر: 12 سال. وندر:
خطن جا جواب جلد ڏيڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ پرائمري اسڪول وارهه.
554- نالو: امر لعل ولد انندرام. پڙهندڙ : ڪلاس
اٺون، اي. عمر: 14 سال. وندر:مالڪ جو فرمان مڃڻ ۽
راند سان چاهه.ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ،
وارهه.
555- نالو: گل سومرو، پڙهندڙ؛ ڪلاس نائون اي(سائنس
گروپ) عمر: 13 سال. وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ، خطن جا
جواب ڏيڻ ۽ ادبي مضمون، ڪهاڻيون، شعر لکڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر.
556- نالو: اوم پرڪاش ولد پورڻ مل. پڙهندڙ: ڪلاس
ستون. عمر: 13 سال. وندر: ادب سان چاهه رکڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور تعلقو
ڪنڌڪوٽ.
557- نالو: روشن لعل ولد پورڻمل. پڙهندڙ: ڪلاس
چوٿون. عمر: 15 سال. وندر: پڙهائي سان شوق رکڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول غوثپور.تعلقو
ڪنڌڪوٽ.
558- نالو: فدا حسين مغيري، عمر: 10 سال، درجو
پنجون. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ، ائڊريس:
مولوي حبيب الله مسجد شهدادڪوٽ.
559- نالو: علي نواز شاهه ”اداسي“ پڙهندڙ: ڪلاس
ستون. عمر: 11 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.
560- نالو: ڀيشم ڪمار. پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون. عمر: 13
سال. وندر: رسالا پڙهڻ. ائڊريس: معرفت جهامنداس
آسومل ٻيڙي مرچنٽ، ٽنڊوباگو.
561- نالو: چنو” سوڍل سنڌي“ وندر: ڪهاڻيون لکڻ ۽
قلمي دوستي نڀائڻ. درجو: ڏهون (ب). عمر: 15 سال.
معرفت: ناز هيئر ڪٽنگ سيلون ڪربلا مسجد لکي در
شڪارپور.
562- نالو: اعجاز علي بلوچ، جاگيراڻي، عمر: 13
سال. وندر: خطن جا جواب ڏيڻ. پڙهندڙ: ڪلاس اٺون
”اي“. پتو: گهر نمبر 60/908 محلو دڙي لاڙڪاڻو.
563- نالو: جيوهر لعل(ايل) وندر: فلم ڏسڻ. عمر: 15
سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورماٿيلو.
564- نالو: سروانند، ڪلاس: ستون بي. وندر: قلمي
دوستي رکڻ. ائڊريس: يونائيٽيڊ ٽريڊنگ ڪمپني.
ڪنڌڪوٽ.
565- نالو: الهڏنو ڪانڌڙو. وندر: قلمي دوستي رکڻ.
پڙهندڙ: ڪلاس نائون. عمر:15 سال.پتو: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول دڙو.
566-نالو: ربو خاصخيلي. وندر: ملهه وڙهڻ. پڙهندڙ
ڪلاس ڇهون. عمر: 12 سال. پتو: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
دڙو.
567- نالو: محمد عثمان . عمر: 14 سال. ڪلاس:
نائون(سائنس گروپ) وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ جابر هاءِ اسڪول ڏيپلو.
568- نالو: فضل الرحمان. عمر: 13 سال. ڪلاس:
نائون. وندر: ڪرڪيٽ راند ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو.
569- نالو: جهامنداس واڌواڻي. پڙهندڙ: ڪلاس نائون
بي. عمر: 14 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ فوٽو گڏ
ڪرڻ. ائڊريس: جهامنداس واڌواڻي، معرفت ڀڄن لال
ڪلاٿ مرچنٽ رتوديرو.
570- نالو: مختيار احمد ”فقير“ عمر: 13 سال. ڪلاس:
ڏهون ”بي“، وندر: ٻاهرين ملڪن کان ڪتاب گهرائڻ،
قلمي دوستي ۽ تعليم ڏي ڌيان. ائڊريس: معرفت، ڊاڪٽر
يارمحمد”حيدري پارڪ“ رحمت پور روڊ لاڙڪاڻو.
571-نالو:علي خان زرداري بلوچ، ڪلاس:ڏهون. عمر: 15
سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ، فوٽ بال راند کيڏڻ ۽
خطن جا جواب ڏيڻ. ائڊريس: علي نواز زرداري، پڙهندڙ
ڪلاس ڏهون گورنمينٽ هاءِ اسڪول سرهاڙي.
572- نالو: مختيار احمد ملڪ ولد محمد رمضان ملڪ.
پڙهندڙ: ڪلاس ڏهون بي. عمر: 16 سال. وندر؛ ڪرڪيٽ،
فوٽ بال ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس:معرفت محمد
رمضان ملڪ ڪلاٿ مرچنٽ ڪنڌڪوٽ.
573- نالو: غلام مصطفيٰ ملڪ ولد شهزادو ملڪ.
پڙهندڙ ڪلاس ستون بي. عمر: 12 سال. وندر: ڪرڪيٽ ۽
گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: معرفت
شهزادو ملڪ فلور مل، ڪنڌڪوٽ.
574- نالو: محمد حنيف مير بحر ولد محمد عثمان
ميربحر. پڙهندڙ ڪلاس نائون. وندر: گل ڦل رسالو
پڙهڻ. عمر: 13 سال، ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ميرپوربٺورو.
575- نالو: محمد صالح مٺواڻي. ڪلاس: اٺون. عمر: 13
سال. ائڊريس: معرفت محمد اسحاق مٺواڻي، ڏيپلو.
576- نالو: رميش ڪمار. عمر: 14 سال. پڙهندڙ: ڪلاس
اٺون ڊي. وندر: رسالا پڙهڻ، ٽي وي ڏسڻ، خطن جا
جواب ڏيڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: رميش ڪمار
گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول، دادو.
577- نالو: غلام حسين ولد ٻڍو خان دايو. عمر 12
سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب جلد
ڏيڻ. پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون گورنمينٽ هاءِ اسڪول، دڙو،
ضلعو ٺٽو. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.
578- نالو: خليل الرحمان جوشيلو شيخ. عمر: 12 سال.
ڪلاس ستون. وندر: رسالا پڙهڻ، سوالن جا جواب ڏيڻ ۽
قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: خليل الرحمان جوشيلو،
ڪلاس ستون گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول، لاڙڪاڻو.
579- نالو: اي. ايم ٻگهيو. تعليم: مئٽرڪ. عمر: 16
سال. وندر: ادبي لکپڙهه، فلم ڏسڻ، نماز پڙهڻ ۽
قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: ادارو فلاح بهبود
خيرپورناٿن شاهه.
580- نالو: منصور احمد کتري. وندر: انعامي مقابلا
کٽڻ، سوالات پڇڻ ۽ ريڊيو ۽ رسالن تي ڌيان ڏيڻ.
پڙهندڙ ڪلاس اٺون. عمر: 14 سال. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول، ضلعو ٺٽو.
581- نالو: مس جبين ابڙو. وندر: ڀينرن ۽ ڀائرن جا
جواب ڏيڻ ۽ ٽڪليون گڏ ڪرڻ. عمر: 16 سال. پڙهندڙ:
نائون درجو. ائڊريس: معرفت گل ڦل پوسٽ باڪس 12
حيدرآباد.
582- نالو: عبدالله بلوچ. عمر: 14 سال. پڙهندڙ:
ڪلاس ڏهون. وندر: رسالا پڙهڻ، ٽي وي ڏسڻ ۽ قلمي
دوستي رکڻ. ائڊريس: معرفت سيف الحق ميمڻ اسٽامپ
وينڊر، ٽنڊوالهيار.
583- نالو: عبدالرزاق خاصخيلي ولد ڪريم بخش
خاصخيلي، پڙهندڙ: ڪلاس نائون اي. وندر: ”گل ڦل“
پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي،
ملير ڪراچي پوسٽ آفيس ڄام مراد علي، ملير سٽي
ڪراچي.
584- نالو: غلام شاهه نظاماڻي. پڙهندڙ: ڪلاس نائون.
وندر: ماچيس گڏ ڪرڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: پوسٽ
آفيس ٽنڊوقيصر، ضلعو حيدرآباد.
*لاڙڪاڻي کان ميمڻ عبدالغفور سنڌي لکن ٿا:
گهڻا ڏينهن ٿيا آهن جو ”گل ڦل“ لاءِ مواد نه موڪلي
سگهيو آهيان، جنهن جو سبب اهو هو جو گهر جي جاءِ
جي مرمت وغيره جي ڪري وِٿي پئجي ويئي اٿم. اُميد
ته آئينده باقاعدي مواد موڪليندو رهندس.
هن گڏ ٻه ننڍڙا مضمون بعنوان ”وکر سو وهاءِ، جو
پئي پراڻو نه ٿئي“، ”آهه غريبان قهر خدائي، دعا
درويشان رحم الاهي“ ۽ هڪ ننڍڙي لوڪ ڪهاڻي بعنوان
”ڇا! مان وري ڪو ويو به آهيان!!“ اوهان جي خدمت ۾
موڪلجن ٿا، اُميد ته اشاعت لاءِ قبول پوندا.
ٻيو خاص عرض اهو جو، نهايت افسوس سان لکڻو ٿو پوي
ته، هڪ مضمون ”لاڙڪاڻو“، جيڪو ”گل ڦل“ جي اڳوڻي
ايڊيٽر مسٽر شوڪت شوري صاحب لکرايو هو، جنهن لاءِ
کيس هڪ نونهال ميمڻ عبدالوحيد سنڌيءَ ”سلام ۽
سنيها“ ڪالم ۾
لکي پڇيو هو ته ”ڪڏهن شايع ڪندا؟“ جنهن جي جواب ڀاءُ شوري صاحب
ماهه نومبر 1974ع جي پرچي ۾ صفحي 46 تي اشاعت
متعلق هن ريت جواب ڏنو هو ته:
”لاڙڪاڻي بابت مضمون ويجهڙائيءَ ۾ شايع ڪبو.“
انهيءَ ويجهڙائي کي به تقريبن هڪ سال گذري ويو
آهي، پر ماهه آگسٽ 1975ع جي پرچي ۾ ”ناقابل
اِشاعت“ جواب موصول ٿيو. اوهان منهنجي عزيز
عاليجناب ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي سان به انهيءَ
مضمون جي اشاعت جو ذڪر ڪيو هو.
خير، انور صاحب اها ته اوهان جي مرضي آهي، ڇو جو
”گل ڦل“ توهان جي هٿ ۾ آهي.... مهرباني ڪري يا ته
پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪريو يا ٻيءَ صورت ۾
مهرباني سمجهندس جو اوهان اهو تحقيقي مضمون واپس
ڪندا.
(محترم ميمڻ صاحب، اوهان گل ڦل ۾ تڏهن کان لکڻ
شروع ڪيو آهي، جڏهن اوهين خود ٻار هئا، هاڻي ته
ماشاء الله اوهان سنڌ جا جوان ۽ سٺا ليکڪ آهيو.
اسان کي اوهان جي لکڻين سان پيار آهي. اوهان جو
مضمون ”وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي“ ته هن
ئي پرچي ۾ شايع ڪيو اٿئون. باقي ٻه ڪهاڻيون ته اڳ
ئي ڪيترا ڀيرا، ڪيترن ئي رسالن، لوڪ ڪهاڻي جي
ڪتابن ۽ خود گل ڦل ۾ به شايع ٿي چڪيون آهن. اسان
کي اوهان ۾ وڏيون اميدون آهن ته اوهان پنهنجي
تجربي جي روشنيءَ ۾ اهڙو مواد لکندا جو ٻارن جي
راهه لاءِ مشعل بڻجي سگهي. لاڙڪاڻي بابت، ٻه مضمون
پهتل هئا ۽ ٻنهي جو مواد هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ هو
۽ ڪن ڪن هنڌن تي تضاد پڻ هو. ان ڪري ئي اسان
پنهنجي دوست ڊاڪٽر مجيد صاحب کي مضمون نه شايع ڪرڻ
جو فيصلو ٻڌايو هو. اسين چاهيون ٿا ته اوهان گل ڦل
جي سالنامي لاءِ جيڪو جنوري 1976ع ۾ شايع ٿيندو،
ڪو اهڙو مواد موڪليو جو سنڌ جي سڀني ٻارن جي
معلومات ۾ واڌارو آڻي. اميد آهي ته اوهان صاحبن جو
تعاون، گل ڦل جي سينگارڻ لاءِ هر وقت جاري رهندو.)
* ڪنڌڪوٽ کان ڀيڻ خورشيد ناز لکي ٿي:
پيارا ڀاءُ، سيپٽمبر جو پرچو پڙهي ڏاڍو دل کي
وڻيو. هدايتن تي ڪجهه عمل ٿيو آهي ۽ اڃا وڌيڪ
ٿيندو. پياري رسالي کي اسان مرڪندڙ چهرو
بنائينداسون، پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن پاڻ ۾ ٻڌي ۽
ايڪو هوندو. قرآن پاڪ ۾ به فرمايل آهي ته ٻڌي ۽
ايڪو ڪريو. هونئن به وڏڙا ويچارا چئي ويا آهن ته
”ٻه ته ٻارهن“ پيارن ڀائرن کي گهرجي ته هو نقل ڪرڻ
کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي دماغ تي زور ڏيڻ گهرجين.
جيڪڏهن نقل ٿيل هوندو ته ان مان پڙهڻ ۾ مزو نه
ايندو. اميد ته ٻار نقل کان پاسو ڪندا ۽ پنهنجي
محنت ڪندا ته ڪاميابي حاصل ٿيندي. ادا، جواب کان
ڪيترا دفعا محروم رهي آهيان، هاڻي ته جواب ڏيندا.
معلومات موڪليان پئي اميد ته ضرور شايع ڪندا.
(ادي؛ توهان جو هي پهريون خط آهي، جيڪو شايع ڪري
رهيا آهيون. اسين سمجهون ٿا ته ٻارڙن ۾ هاڻي اهو
جذبو وڌندو وڃي ته نقل نه ڪجي ۽ اهو ئي جذبو آهي،
جنهن ڪري گل ڦل ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي).
*خيرپور ناٿن شاهه کان شيخ مسرور شهزادو لکي ٿو:
ادا سائين مان ايترا ته خط لکيا آهن، جو مون کي
خبر ڪانه آهي. ادا هاڻي مان ته خط لکي لکي ٿڪجي
پيو آهيان. يا وري ائين آهي ته توهان خيرپورناٿن
شاهه جي ڇوڪرن کي لفٽ ڪونه ٿا ڏيو ۽ انهن جا ليک
پڙهڻ بدران ردي ٽوڪريءَ ۾ شايع ڪيو ٿا، مان ته ڏاڍي سڪ منجهان رسالي ۾ شريڪ
ٿيڻ پيو چاهيان، پر منهنجي قسمت آهي ردي ٽوڪريءَ ۾
وڃڻ.
سو شڪايت ڪرڻ لاءِ هي خط لکان ٿو. (ادا، اسان کي
ياد نه آهي ته اوهان ڪي اهڙا خط به لکيا آهن، جن
جو جواب ضرور ڏيڻو هو. پر جي اهڙو ڪو خط هوندو به،
ته اسان کي ڪونه پهتو آهي. گل ڦل جا ٻار، اسان
لاءِ سڀ هڪجهڙا آهن. مواد سٺو هوندو ته ضرور شايع
ڪبو. اوهين گل ڦل پڙهو پيا، ان معيار مطابق مواد
موڪليو ته ضرور ڇاپينداسون).
*تلهار کان محمد اقبال بلوچ لکي ٿو:
گل ڦل اهو پهريون رسالو آهي، جنهن سنڌ جي، خاص ڪري
ڳوٺاڻي ٻارن ۾ سجاڳي آندي آهي. گل ڦل ۾ شهر توڙي
ٻهراڙيءَ جي ننڍن پيارن ٻارن کي هڪ جهڙي جاءِ ملي
ٿي. گل ڦل ۾ رڳو ٻارن جو مواد يعني انهن جي مرضيءَ
مطابق ۽ انهن جو ئي مواد شايع ڪيو ويندو آهي ۽ گل
ڦل اهو رسالو آهي، جيڪو هر مهيني دير سان پهچندو
آهي. ادا منهنجي رٿ آهي ته بحث مباحثي جو سلسلو
کوليو وڃي. انعامي مقابلو ٻارن جي دماغ کي تازي
ڪرڻ جو هڪ گل آهي، اهو بند نه ڪندا. (ادا، گل ڦل
جي ساراهه سان گڏ، اوهان دير سان شايع ڪرڻ جي جيڪا
پياري شڪايت ڪئي آهي اها بلڪل صحيح آهي. اسين
اوهان سان وعدو ٿا ڪريون ته نئين سال کان هڪ ئي
مقرر تاريخ تي گل ڦل شايع ٿيندو ۽ ان ۾ دير مدار
نه ٿيندي.)
*پاٽ شريف کان مقبول احمد ميڻ لکي ٿو:
سيپٽمبر جو پرچو پڙهيم. پڙهي دلي سڪون حاصل ٿيو.
ٻارڙن لاءِ جيڪو مواد هئڻ ضروري آهي، سو سچ پچ ”گل
ڦل“ ۾ اهو سڀ موجود آهي. اوهان جي اڻٿڪ محنت نيڪ
ڪوششن کي سلام!
ادا، آءُ پهريون ڀيرو هن پرچي لاءِ هڪ ڪهاڻي موڪلي
رهيو آهيان ۽ ان سان گڏ پنهنجي تصوير به رواني ڪري
رهيو آهيان. مهرباني فرمائي اها تصوير ڪهاڻيءَ جي
مٿان ”ڪهاڻي سان گڏ“ شايع ڪندا.
ادا، همت افزائي ڪندا ته آئينده به ڪجهه نه ڪجهه
مواد موڪليندس. (ادا، اوهان جي ڪهاڻي پهتي، اها
ڪهاڻي اسين سالنامي ۾ شايع ڪنداسين. جيڪو جنوري
1976ع ۾ شايع ٿيندو. اوهان جو فوٽو ته ڪونه پهتو
آهي، ان ڪري فوٽو ڏياري موڪليو.)
* هنن ادڙن جا خط گل ڦل سان ساٿ ڏيڻ جي وعدي سان پهتل آهن:
رشيد احمد شيخ مٽياري، علي محمد شر، ڳوٺ محمد حيات
شر. رميش ڪمار، دادو. گل سومرو، قمبر. عزيز الله
شيخ، قمبر. (ادا، دلي جي آتم ڪهاڻي ته ڪيترن ئي
درسي ڪتابن ۾ ڇپجي چڪي آهي، ان ڪري ٻي سٺي ڪهاڻي
موڪليو). ملڪ مختيار حسين، خيرپور ميرس. عبدالغفور
ميمڻ، دڙو. رفيق احمد ميمڻ، دڙو. عبدالرشيد ڏهر،
باڊهه. ممتاز حسين ميمڻ، مٽياري. امداد علي ميمڻ،
مورو. عبدالحق عبد دايو، خانپور. ڪفايت الله بلوچ،
ميرپورخاص. عزيز احمد جوڻيجو. جان محمد بلوچ،
ميرل، ڳوٺ گل محمد چانڊيو. ذوالفقار علي ميراڻي،
ڳڙهي ياسين. اي ايم ٻگهيو، خيرپور ناٿن شاهه.
لياقت علي بلوچ ڳوٺ عرض محمد بلوچ. راجا ٽيڪچند
پريمي، ٽنڊومحمد خان. |