سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل نومبر 1975ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

نومبر 1975ع

 ايڊيٽر: انور هالائي

گذارش

پيارا ٻارو!

اونهارو ويو ۽ سيارو آيو. اهڙيءَ طرح مندون مٽبيون رهنديون ۽ اهي سالن جي صورت اختيار ڪنديون وينديون. اوهان مندن جي بدلجڻ ۽ سالن جي واڌاري جي ڪري پنهنجي ٻاراڻي وهيءَ کان جواني ڏانهن وک وڌائيندا رهندا. مندون ڪنهن جي لاءِ به انتظار نه ڪنديون ۽ نه ويل وقت وري ايندو. پنهنجي هلندڙ دور ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ عمل جي ضرورت آهي. عمل لاءِ، علم جو سوجهرو ضروري آهي ۽ علم پرائڻ لاءِ شوق، حوصلو ۽ ارادي جي مضبوطي ضروري آهي. دنيا جي سڀني مذهبن علم جي هدايت سان گڏ، عمل، حوصلي ۽ همت جو سبق ڏنو آهي. اسلام جي اعليٰ اصولن ۾ به اهو ئي روح سمايل آهي.

هن ئي مهيني ۾ اسان جا هندو ڀائر ڏياري ملهائي رهيا آهن. ان موقعي تي اسين کين واڌايون ڏيون ٿا. اهو ڏينهن هنن لاءِ فتح ۽ خوشيءَ جو ڏينهن آهي. ڏياريءَ جو ڏينهن اهو ئي سبق ڏي ٿو ته نه فقط وَچن پارجي، قول کي پاڻي ڏجي، پر همت ۽ حوصلي سان ظلم ۽ بي انصافيءَ کي نابود ڪري ڇڏجي. ڏاڍ ۽ آپيشاهيءَ خلاف اهڙي جدوجهد ڪجي جا سچائي ۽ حقيقت جي منزل تي پهچائي.

ڏياري جا ڏِيا ٻاري، مٺايون ورهائي، دعوتون کائي، خوشيون ملهائڻ سان گڏ، پنهنجن مذهبي اڳواڻن جي ويرتا، سچائي ۽آدرش مان سبق وٺي زندگيءَ کي سينگارجي، اها ئي سچي خوشي آهي ۽ اها ئي سچي انسانيت آهي ۽ سڀني مذهبن جي هدايت ۽ سنئين واٽ پڻ. ان ڪري هن ڏينهن تي اهو قول ورجائڻ گهرجي ته سچائي، همت ۽ حوصلي کي هٿان نه ڇڏجي. بي انصافي، ڏاڍ ۽ ظلم خلاف جدوجهد جاري رکڻ سان ئي ڏياريءَ جي سچي خوشي حاصل ٿي سگهي ٿي.

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

· ذوالفقار سيال لاڙڪاڻو

لولي

 

مان سورهه تو تان گهور وڃان، شال وڏڙي جواني ماڻ،

هن ديس جي لاءِ پيدا ٿيو آ، مرجاءِ ديس جي ڪاڻ،

او پٽڙا! شال جواني ماڻ.

 

طوفانن ۾ توکي پاليم، ڇولين جي مان سيج وڇايم،

جان هي تنهنجي آ فولادي، سينو تنهنجو آ سانداڻ،

او پٽڙا! شال جواني ماڻ.

نيٺ تون ديس جو واهي ٿيندين، امرت جنهن جو پاڻي پيتئي،

ٿڃ جي لڄ تون رکجانءِ ٻچڙا، ڳاڙهو ڳڀرو ٿي سرواڻ،

او پٽڙا! شال جواني ماڻ.

 

ٻيا رانديڪن سان ريجهن ٿا،. هٿيارن سان تون راند ڪرين ٿو،

حق جي لئه ويڙهاند ڪجانءِ، ڪين ڪنهن جي ڪڍجان ڪاڻ،

او پٽڙا! شال جواني ماڻ.

 

تنهنجي امڙ هي آس لڳائي، پنهنجي عمر وڃائي ويٺي،

منهنجون اميدون تو  ۾ آهن، تون ٿيندين منهنجو اڳواڻ،

او پٽڙا! شال جواني ماڻ.

 

·  عبدالغني پنهور

سوني ڌرتي

 

وسيم نالي هڪ محنتي هاري کي سعيد ۽ رشيد نالي ٻه پٽ هئا، جيڪي ڏاڍا سست هئا. وسيم جڏهن زمين جو ڪم ڪري ٿڪجي پٽن کي ڪم لاءِ سڏيندو هو ته جواب ڏيندا هئس، بابا! هاڻ ته ڇڏ، اسان شرنائيءَ سان دل پيا وندرايون.

وسيم جڏهن پُٽن کي سمجهائي سمجهائي ٿڪو، پر هو ڪابه محنت ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا ته هن کي هڪ ترڪيب سمجهه ۾ آئي. هڪ ڏهاڙي هن پٽن کي چيو ته مون کي ڏيساور ڪنهن ڪم سانگي وڃڻو آهي. ٻه چار مهينا اتي لڳندا، تنهن ڪري مڙس ٿي پويان منهن ڏجو. ڇوڪرن چيس: بابا پويان اسان لاءِ ڇا ٿا ڇڏي وڃو. وسيم چيو: پٽڙا! مون اوهان لاءِ ٻنيءَ ۾ سون لڪائي رکيو آهي. اوهان ڪجهه محنت ڪري اهو سون هٿ ڪجو. ٻنهي پٽن گهڻي منٿ ميڙ ڪيس ته اهو هنڌ ٻڌاءِ جتي سون لڪل آهي پر هن نه ٻڌايو. اهو ئي چيائين ته پنهنجي ننڍڙيءَ ٻنيءَ ۾ هڪ هنڌ پوريل آهي، اوهان کوٽي ڪڍجو. وسيم سُتت ئي ڏيساور هليو ويو. هاڻي سعيد ۽ رشيد کي اچي لڳي ته ٻنيءَ مان اهو سون ڪڍون، سو شرنائي ڇڏي، ڪوڏرون کڻي اچي ٻنيءَ ۾ بيٺا ۽ ان کي کوٽڻ شروع ڪيائون. بس پوءِ ته سون جي آسري تي صبح کان سانجهيءَ تائين ٻنيءَ کي پيا کوٽيندا هئا. سڄي ٻنيءَ کي اٿلائي پٿلائي ڇڏيائون، پر سون هٿ نه آين. اونهارو اچي اڌ تي پهتو ته هنن به ٻارين جي وچ ۾ زمين کوٽي پوري ڪئي، پر ڪجهه ڪونه ورين. سعيد بيزار ٿي رشيد کي چيو ”ميان اسان کي ڪجهه پلئه ته ڪين ٿو پوي.“

رشيد جواب ڏنو: شايد اسان چڱيءَ طرح نه کوٽيو آهي. اچ ته وري کوٽڻ شروع ڪريون. هن ڀيري اونهو کوٽينداسين. ان وچ ۾ ٻارين جي پاسي کان بيٺل انگورن جون وليون به وڌنديون ويون. سرءُ اچي پهتو، هنن تڪڙو تڪڙو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، پر ڪجهه به هٿ ڪين آين. سعيد نيٺ هڪ ڏينهن ڪوڏر کي اڇليندي چيو:ڪٿي آهي سون؟ پر هنن کي ڪهڙي خبر ته سون سندن ئي ٻنيءَ جي ٻارين ۾ بيٺل انگورن جي پوک مان ظاهر ٿي چڪو آهي. ٻنيءَ جي اونهي کوٽائي ڪري انگورن جي پوک تمام ڀلي ۽ گهاٽي اڀري هئي. انهيءَ مهل هڪڙو انگورن جو سوداگر ٻنيءَ وٽ اچي بيٺو. پوک ڏي نهاري ڏاڍو خوش ٿيو. ٻنهي ڇوڪرن کي چيائين محنت تمام سٺي ڪئي اٿو. مبارڪون اٿو. فصل ڏاڍو ڀلو ٿيو آهي، سودو ڪندا؟ ٻئي ڄڻا پهرين ته ڏاڍا حيران ٿيا، پر پوءِ هن سان ويهي سودو ڪيائون. جڏهن واپاري سودو چڪائي هنن کي رپين سان ڀريل اٺ ڳوٿريون ڏيئي روانو ٿيو ته رشيد چيو : بابا ڏاڍو هوشيار نڪتو. تنهن تي سعيد ورندي ڏنس هائو، هاڻي اسان کي پروڙ پئي ته هي ڌرتي سڄي سوني آهي، ان ۾ محنت ڪرڻ سان وڏو خزانو هٿ اچي سگهي ٿو، ان ڪري بابا جو ڏسيل سون اسان جي محنت سان ڪمايل پوک ئي آهي. ان ڪري هاڻي دل لائي محنت ڪنداسين.

 

اوهان جون ڪهاڻيون

گل ڦل ۾ شايع ٿيڻ لاءِ اوهان وٽان جيڪي به ڪهاڻيون پهچن ٿيون، انهن مان گهڻيون نقل ٿيل آهن. سٺو ليکڪ بنجڻ لاءِ نقل ڪرڻ خراب ڳالهه آهي. جيڪڏهن اوهان کي پنهنجو نالو شايع ڪرڻ جو شوق آهي ته ان لاءِ گل ڦل ۾ ٻيا به ڪيترائي ڪالم آهن، جن ۾ حصو وٺي سگهو ٿا. ان ڪري ٻارن کي گهرجي ته نقل ڪرڻ کان پاسو ڪن.   -ادارو.

·  سنڌيڪار: ڀڳوانداس وارهه

هٿ جي وڍئي جو نه ويڄ نه طبيب

 

هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙا چار ٻٽاڪي دوست رهندا هئا، جيڪي سڄو ڏينهن ٻٽاڪون هڻندا هئا. هو ڪو خاص ڪم ڪار ڪونه ڪندا هئا، سڄي ڳوٺ جا ماڻهو هنن کي نفرت جي نظرن سان ڏسندا هئا.

هڪڙي ڏينهن ڪو مسافر اچي اتي نڪتو ۽ سراءِ ۾ اچي رهيو. اتفاق سان چارئي ٻٽاڪي دوست به اتان لانگهائو ٿيا. مسافر کي ڏسي چئني پاڻ ۾ صلاح ڪري ان پرديسيءَ وٽ اچي، کيس چيو ته جيڪڏهن تون چاهين ته پاڻ ۾ هڪ شرط رکون. مسافر چيو ته ڀلي آءٌ تيار آهيان، هي چارئي ڄڻا هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا. پوءِ هڪڙي ڄڻي مسافر کي چيو ته تون به پنهنجي ڪا ڳالهه ٻڌاءِ، اسين به ٻڌايون، پوءِ جيڪو به ڪنهن جي ڳالهه تي شڪ آڻي ته اهو پنهنجي سموري ملڪيت ڏي. مسافر اها ڳالهه قبول ڪئي. پوءِ وڃي ڳوٺ جي مکيءَ کي وٺي آيا. کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائون، مکي امين ٿيڻ قبول ڪئي. پهرئين نوجوان چيو ته دوستو هاڻي آءٌ پنهنجي ڳالهه شروع ڪريان ٿو. توهان ڌيان ڏيئي ٻڌو:

آءٌ اڃا ڄائوئي ڪونه هوس، جو منهنجي ماءُ منهنجي پيءُ کي چيو ته سامهون جيڪو صوفن جو وڻ بيٺو آهي، ان مان مون کي صوف ڇني آڻي ڏيو ته آءٌ کائينديس. منهنجي پيءُ انهيءَ کان انڪار ڪيو. پوءِ وري منهنجي ڀائرن کي چيائين، انهن به نه مڃيس، نيٺ مان آهستي آهستي ڪري مٿي وڻ تي چڙهي ويس ۽ صوف ڇني آڻي ٽيبل تي رکيا. گهر جا سڀئي ڀاتي حيرت مان مون ڏانهن نهارڻ لڳا. هاڻي اوهان فيصلو ڪريو ته منهنجي ڳالهه ۾ اوهان کي ڪو شڪ آهي؟

مسافر جهٽ جواب ڏنو ته نه ڪو شڪ ڪونهي، تون سچ ٿو چوين. وري ٻئي ڄڻي پنهنجو داستان هن طرح شروع ڪيو ته: مون کي اڃا ڄائي ست ڏينهن مس گذريا هئا، جو هڪڙي ڏينهن جهنگل گهمڻ ويس اتي هڪڙي وڏي کجي بيٺي هئي، جنهن ۾ مٺا ڏوڏا لڙڪي رهيا هئا، آءٌ کجيءَ تي چڙهي ويس، مون ڍؤ ڪري ڏوڏا کاڌا، جڏهن لهڻ جو ارادو ڪيم ۽ هيٺ نهاريم ته مون کي تمام گهڻي اوچائيءَ جو احساس ٿيو. نيٺ ڳوٺ ويس ۽ اتان وڃي هڪڙي ڊگهي ڏاڪڻ کڻي آيس پوءِ اها رکي مس مس وڻ تان هيٺ لٿس. دوستو توهان کي منهنجي ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبهو هجي ته ٻڌايو؟ مسافر جلدي ۾ چيو ته بيشڪ بيشڪ تو صحيح ڳالهه ڪئي آهي. ٽئين ڄڻي پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي ۽ چيائين ته آءٌ جڏهن ٽن ورهين جي عمر جو هوس ته جهنگل گهمڻ ويس، اتي مون هڪڙو سهو ڏٺو ۽ ڊوڙي وڃي ڪَن کان ورتومانس. پر ڏسان ته سهي جي بدران منهنجي اڳيان شينهن بيٺو هو، مون چيومانس ته شينهن، مون توکي ڀل ۾ پڪڙيو آهي، مون توکي سهو سمجهيو هو. تڏهن شينهن گجگوڙ ڪرڻ لڳو ۽ ٻوٿ بُڇڙو ڪرڻ لڳو. مون کي به آئي خار، سو ٺڪاءُ ڪرائيمانس چماٽ، چماٽ جو لڳڻ ڇا هو بس، هو ٻه ٽُڪر ٿي پيو، آءٌ به منهن ڀيلو ڪري هليو آيس. ڇا توهان کي منهنجي ڳالهه ۾ ڪو شڪ آهي؟ مسافر جواب ڏنو ته نه ڳالهه بلڪل سچي آهي. هاڻي چوٿين ڄڻي پنهنجي ڳالهه شروع ڪندي چيو ته ڀائرو، جڏهن منهنجي عمر پنجن ورهين کي رسي تڏهن مون کي شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو اچي شوق ٿيو. هڪڙي ڏينهن مڇين جي شڪار لاءِ هڪ ڍنڍ تي ويس، مون ٻه ٽي دفعا ڄار پاڻيءَ ۾ وڌي، پر ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو يعني هڪ مڇي به ڪانه ڦاٿي. نيٺ اتان جي ميربحرن کان سبب پڇيم، انهن جواب ڏنو ته يار اسان پاڻ هتي ٻن ورهين کان رهيا پيا آهيون، پر اڃا تائين ڪا مڇي ڪانه ڏٺي اٿئون.

اهو ٻڌي مون کي آئي خار سو اندر ڍنڍ ۾ گهڙي ڏٺم ته هڪ وڏي مڇي ننڍين مڇين کي وڃي ٿي ڳڙڪائيندي، مان وڏي مڇيءَ کان شڪار کسي پاڻ کائيندو پيو وڃان، نيٺ ڍؤ ڪري ٻاهر نڪري آيس.

هاڻي ٻڌايو ته منهنجي ڳالهه ۾ توهان کي ڪو شڪ آهي؟

سڀني چيو ته اسان کي ڪوبه شڪ ڪونهي. هاڻي مسافر ڏانهن ڏسڻ لڳا ڇاڪاڻ ته هاڻي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ مسافر جو وارو هو. مسافر پنهنجي ڳالهه هن ريت شروع ڪئي:

دوست، پنج- ڇهه ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي ته مون پنهنجي گهر ۾ هڪڙو عجيب و غريب قسم جو وڻ پوکيو هو، جڏهن اهو وڌي وڏو ٿيو ته ڦَر ڏيڻ جي قابل ٿيو ۽ پچي راس ٿيو ته ٻيا سڀ ڦر ڇڻي ويا، باقي وڃي هڪڙا چار داڻا بچيا. اهي جڏهن مون ڇِنا ته انهن مان نوجوان نڪري پيا، جيئن ته اهي منهنجي وڻ جي پيدائش هئا ۽ وڻ منهنجي ملڪيت هو، تنهن ڪري مون انهن نوجوانن کي پنهنجي ٻنيءَ جي ڪم ڪار ۽ سار سنڀال لهڻ لاءِ رکيو. پر اهي نوجوان ڏاڍا سست ۽ ڪاهل هوندا هئا. تنهن ڪري مان هنن کي گهٽ – وڌ ڳالهائيندو رهندو هوس. نيٺ هڪڙي ڏينهن اهي چارئي ڄڻا مون وٽان ڀڄي ويا، پوءِ مان انهن جي تلاش ۾ نڪتس. توهان منهنجا اهي گم ٿيل نوجوان آهيو، جيڪڏهن توهان کي منهنجي ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبهو آهي ته پنهنجي ملڪيت مون کي ڏيو ۽ جيڪڏهن توهان کي منهنجي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ۽ منهنجي ڳالهه سچي آهي ته مون سان گڏ هلو ۽ هلي منهنجي ٻنيءَ تي ڪمايو. هنن لاءِ ان ڳالهه کان سواءِ ٻيو چارو ئي ڪونه هو ته جيڪي به وٽن آهي، اهو مسافر کي ڏيئي پنهنجي جند ڇڏائين. سياڻن جو اهو چوڻ سچو آهي ته ”هٿ جي وڍئي جو نه ويڄ نه طبيب.“

عقل جو جواب

 

لقمان حڪيم کان پڇيائون ته ”تو ايترو عقل ڪنهن کان پرايو؟“ تنهن تي جواب ڏنائين ته ”بيوقوفن کان!“ پڇيائونس، ”سو وري ڪيئن؟“ جواب ڏنائين، ”جيڪي هو ڪندا هئا، سو مان نه ڪندو هوس، ۽ جيڪي نه ڪندا هئا، سو مان ڪندو هوس!“

 


 

·  سنڌيڪار: سعيد احمد قريشي دادو.

عقلمند چٻرو

 

هڪ ٻيلي ۾ هڪ جُهونو چٻرو رهندو هو، جو سڄو ڏينهن اکيون پوريو وڻ تي اونداهي پور ۾  ويٺو هوندو هو، درحقيقت اهو ننڊ  ۾ نه هوندو هو  پر ڍونگ ڪري اهو ظاهر ڪندو هو ڄڻ ته گهريءَ ننڊ ۾ آهي. جڏهن اهو ائين ويهندو هو ته تمام ڳنڀير ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ ٻيلي جا سڀ جانور ۽ پکي سوچيندا هئا ته هو وڏو عقلمند هوندو ۽ جڏهن اهي  پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندا هئا ته فيصلي لاءِ وٽس ئي ايندا هئا.

هڪڙي ڏينهن هڪ هاٿي ۽ ڀولڙو هن ڏانهن هڪڙي جهيڙي جو فيصلو ڪرائڻ آيا. هو چالاڪيءَ ۽ طاقت بابت وڙهي رهيا هئا.

هاٿيءَ چيو ”ڏس، مان ڪيڏو نه طاقتور آهيان. مان وڻ ڪيرائي سگهان ٿو.“ ”چُست ۽ چالاڪ هجڻ وڌيڪ بهتر آهي.“ ڀولڙي چيو. تون وڻ ڪيرائي سگهين ٿو ته آءٌ ان تي چڙهي سگهان ٿو  ائين تون نٿو ڪري سگهين. هاٿيءَ چيو، ”چست ۽ چالاڪ هئڻ کان وڏو ۽ طاقتور هئڻ وڌيڪ بهتر آهي“  چڱو ڀولڙي چيو، هل ته هلي ڄٻري کان فيصلو  ڪرايون ۽ هو گڏجي چٻري وٽ آيا ۽ کيس چيائون ته: او سياڻا چٻرا اسان متفق نٿا ٿي سگهون ۽ تو وٽ آيا آهيون ته ڪهڙو وڌيڪ بهتر آهي، چالاڪ ۽ چست ٿيڻ يا وڏو ۽ طاقتور هجڻ. چٻرو بند اکين سان خاموش ويٺو رهيو.

”هي سوچي پيو.“ ڀولڙي سُس  پُس ڪئي. هائو! ”اسان پنهنجي جواب جو انتظار ڪنداسين.“ هاٿيءَ وراڻيو:

آخرڪار هن اکيون کوليون ۽ پڇيائين توهان نديءَ جي ٻئي پاسي وڏو وڻ ڏسي سگهو ٿا. ”هائو“ ٻنهي جواب ڏنو. وڃو ۽ ان مان ڪجهه ميوا پٽي اچو. ڀولڙي ۽ هاٿيءَ هڪٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڀولڙي چيو ته هليو هل. بهتر آهي ته ائين ڪريون، جيئن چٻرو چوي ٿو. جڏهن هو نديءَ تي پهتا ته ڀولڙو دهلجي ويو ۽ چيائين ته: مان اهڙي ويڪري ۽ اُونهي ندي هرگز پار ڪري نه سگهندس. هاٿيءَ ٽهڪ ڏنو ۽ چيو: مون توکي نه چيو هو ته وڏو ۽ طاقتور هجڻ، چُست ۽ چالاڪ هئڻ کان وڌيڪ بهتر آهي. چڙهه منهنجي پٺيءَ تي ننڍڙا ڀولڙا مان توکي ضرور پار کڻي هلندس. ڀولڙي ان ۾ هتڪ به محسوس ڪئي، پر کيس پار وڃڻ لاءِ ائين ئي ڪرڻو پيو. اهڙيءَ طرح هو ٻيءَ ڪنڌيءَ تي وڃي پهتا وڻ تمام ڊگهو هو ۽ ميوو گهڻو مٿي هو ۽ پُهچ کان پري هو. هاٿيءَ پنهنجي سونڍ ان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيو. پوءِ ڀولڙي جي کِلڻ جو وارو هو. هن چيو: مون توکي نه چيو هو ته چُست ۽ چالاڪ هجڻ وڏي ۽ طاقتور هجڻ کان وڌيڪ بهتر آهي. هاڻي مون کي ڏس. هن وڻ تي ڇلانگ ڏني ۽ جلدي مٿي چوٽيءَ تي چڙهي پڪل ميوو ڇني هيٺ اُڇلايائين. هاٿيءَ اهو کڻي ورتو. هنن اڳي وانگر ٻيهر ندي پار ڪئي. جڏهن هو جهوني چٻري وٽ موٽي آيا ته هو تيئن ئي اکيون پوريون ويٺو هو، جيئن هن کي ڇڏي ويا هئا. ”جيئن تو چيو تيئن اسان ڪيو آهي.“ ڀولڙي چيو: ”مان ڀانيان ٿو ته ميوو سوالن جي جواب جو عيوضو ڪري گهريو آهي. اهو معاوضو توکي ادا ڪيوسين. هاڻي اسان کي تون ٻڌائيندين ته ڪهڙو بهتر آهي،. وڏو ۽ طاقتور هجڻ يا چُست ۽ چالاڪ هجڻ.“ جواب توهان کي پنهنجا پاڻ ملي ويا آهن. چٻري چيو. ”ڪيئن“ ٻنهي رڙ ڪئي. ”ندي ۾ ڪير تريو؟“ چٻري پڇيو. ”مان تريس“. هاٿيءَ جواب ڏنو. ”ميوو ڪنهن پٽيو؟“

”مون پٽيو“. ڀولڙي جواب ڏنو ته پوءِ توهان جي سوالن جو جواب اهو آهي ته طاقت ۽ چالاڪي ٻئي ضروري آهن. ڀولڙي جي چالاڪيءَ کان سواءِ ميوو تون حاصل ڪري نه سگهين ها. هاٿي جي طاقت کان سواءِ ندي تون پار ڪري نه سگهين ها. جدا جدا جانورن ۾ جدا جدا خاصيتون هونديون آهن، پر جيڪڏهن اهي گڏجي ڪم آڻجن ته ان مان ڪئين وڏا ڪارج سڌ ٿي سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اتفاق ۽ اتحاد، سٺي ۽ سچي زندگي گهارڻ لاءِ ضروري قرار ڏنا ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com