سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

ڏسو ڀائرو، انهن پنهنجي وطن جي مٽيءَ کي ايترو قيمتي سمجهيو. هونئن به ڀائرو، مٽي جنهن کي اسان بيڪار شئي سمجهون ٿا،هڪ وڏي قيمتي شئي آهي. اها مٽي ئي آهي، جنهن ۾ اسان ڄاوا، نپنا ۽ جوان ٿيا آهيون، ان ئي مٽيءَ مان اسان اَن ۽ ميوا  اُپايون ٿا، ان ئي مٽيءَ سان آخر اسان ملي وينداسون. ان ڪري وطن جي مٽيءَ سان پيار لازمي آهي. شاهه ڀٽائي فرمايو آهي:

”وطن جن وساريو، حيف تني کي هوءِ“

 

·  الطاف حسين جوکيو محرابپور

منهنجي ڀوري

 

ٻارو ڏسو هيءَ منهنجي ڀوري،

جنهن کي ٻڌي اٿم پٽ جي ڏوري

 

ڏسو ته ڪيئن نه ٿي وٺي چپا،

ڪڏهن ڪڏهن بک ڏيندو آهيانسن،

ڀت تي ڇڏيانس مٿي وهاري،

سڏ ڪيانس جڏهين ڏئي هڏي،

اچي منهنجي هٿ تي وهندي،

پاڻي پي پوءِ پاڻيءَ ۾ گهڙي،

پوءِ اڏي تي وهاريندو آهيانس،

ٺڪر جي هوندي آهي دکي،

ڍڪڻ ڇڏيانس ڏئي مٿان،

پوءِ دکي وڃي رکان لڪائي،

هڪ هٿ تان ٻئي تي ڏئي ٽپا.

پري بيهي پوءِ سڏيندو آهيانس.

پري کان ڇڏيانس ڪتل ڏيکاري،

ته جهٽ پٽ اُتاهون ايندي اڏي.

پٽي ڪتل جا ڳپل ڳهندي.

وهنجي ان ۾ کنڀ کنڊيڙي.

۽ رات جو اُتاهون کڻندو آهيانس.

ان ۾ ڇڏيانس اندر رکي.

ڪانه ڇڏيانس وٿي ڪٿان.

ته متان ڀوريءَ کي ڪا ڀلي کائي.

 

ٻارو ڏسو هيءَ منهنجي ڀوري،

جنهن کي ٻڌي اٿم پٽ جي ڏوري.

 

 

ٻاراڻا ٻول

·  شمس الدين بلبل ڪنڌڪوٽ.

اچان پيو واٽ تان، پئسو لڌم پٽ تان،

پئسي جو ورتم گاهه، گاهه ڏنم مينهن کي،

مينهن ڏنو کير، کير ڏنم امڙ کي،

امڙ ڏنو لولو، لولو ڏنم ڪانءَ کي،

ڪانءَ ڏنو کنڀ، کنڀ ڏنم راجا کي،

راجا ڏنو گهوڙو، چڙهي گهم، چڙهي گهم.

 


 

·  ميمڻ عبدالغفور سنڌي لاڙڪاڻو.           اخلاقي سبق

 

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي

 

دنيا جي مال ۽ دولت کي زوال جو انديشو آهي. دنيا ۽ مال متاع چوري ٿي سگهي ٿو ۽ سڙي به سگهي ٿو؛ زمين غير آباد ٿي سگهي ٿي، واپار ۾ وڏو نقصان پئجي سگهي ٿو. اهڙي طرح هڪ ماڻهو اڄ لکاپتي آهي، اهو ساڳيو ئي سڀاڻي ڪکا پتي به ٿي سگهي ٿو.

علم جي دولت کي ڪو لوڏو ئي ڪونهي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو تيئن تيئن انهيءَ دولت ۾ سٺو اضافو ٿيندو ويندو ته اُن کي چور کڻي سگهي ٿو، نه وري ان کي باهه ساڙي سگهي ٿي، ۽ نه ڪا دنيا جي ٻي ڪا طاقت ئي ان کي ڪو لهر لوڏو ڏيئي سگهي ٿي.

پيارا ٻارو! جيئن علم جهونو ٿئي، تيئن تيئن اهو تازو ۽ نئون ٿئي ٿو، يعني ڪڏهن به علم جو وڻ سُڪي نٿو؛ پوءِ جيئن جيئن ماڻهو ان جو ميوو کائي ٿو، تيئن تيئن اهو تازو ۽ سائو ٿئي ٿو. مطلب ته، هن قسم جي دولت کي ڪوبه خوف ڪونهي؛ نه وري خرچ ڪرڻ سان کُٽي ٿي. جيئن جيئن خرچ ڪبو تيئن تيئن اُن ۾ واڌارو ٿيندو رهندو.

پيارا ٻارو! اسان کي گهرجي ته، علم پرايون، جيڪا سچي دولت آهي. علم پرائڻ لاءِ ٻين کي همٿايون. دنيا جا مذهب به اها ئي تلقين ڪن ٿا. خاص طرح اسلام ته تمام زوردار نموني ۾ هدايت ڪئي آهي ته، ”پينگهي کان قبر تائين علم پرايو.“ (اُطلبو العلم من المهداليٰ الحد). اسلام به انهيءَ نظريي جو قائل آهي ته، سڄي حياتي علم پرائڻ گهرجي: نه فقط ايترو پر اسلام علم جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏورانهان ڏيهه ڀيٽڻ جي به تلقين ٿو ڪري. اطلبو العلم و لوکان باالصين.“ اهو ئي اسلام جي بانيءَ جو حڪم آهي، جنهن جو مطلب آهي ته، ”علم حاصل ڪريو، جيتوڻيڪ اهو چين ۾ هجي.“

پيارا ٻارو! علم بابت دنيا جي سڀني مذهبن جو نظريو هڪ ئي آهي ته، اسان علم پرايون ۽ ٻين کي به علم حاصل ڪرڻ لاءِ جاڳايون.

 

 

اوهان جو امتحان

 

گذريل مهيني پنج خال ڏنا ويا هئا، جن جا جواب هن ريت آهن: 1- اصلوڪي سنڌ جي تهذيب جو يادگار موهن جو دڙو آهي. 2- گهڻو عرصو اڳي سنڌو درياءَ عربي سمنڊ بدران اڄوڪي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. 3- حيدرآباد جو اصلوڪو نالو نيرون ڪوٽ آهي. 4- سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر آهي. 5- مينهن جي موسم ۾ پٽن ۽ پوٺن تي پيدا ٿيندڙ کنڀين جو ٻوڙ ڏاڍو سوادي ٿيندو آهي.

مٿين خالن ۾ خال نمبر 2 بابت ٻارن کي معلومات گهٽ آهي، ان ڪري گهڻن ٻارن ان جا جواب غلط ڏنا آهن، ان هوندي به اسين انهن ٻارن جا نالا هڪ غلطيءَ جي فهرست ۾ ڏيئي رهيا آهيون. خال نمبر 2  کانسواءِ جن به خالن جا جواب غلط آيا آهن، انهن کي سڄو غلط ليکيو ويو آهي. جن ٻارن پاڻ يا پڇا ڳاڇا ڪري به خال نمبر 2 جو جواب صحيح لکيو آهي، انهن کي اسين سندن شوق ۽ اورچائي تي مبارڪباد ڏيون ٿا. سمورو صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن جا نالا هن ريت هيٺ ڏجن ٿا:

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري کان: انعام علي ملاح. رتيديري کان: الهداد بروهي، ڳوٺ شاهه محمد شر کان: اليومل، محڪم الدين، تلوڪ چند ۽ عبدالواحد شر. ڳوٺ درٻيلي پراڻي کان: اعجاز حسين ميمڻ ۽ محمد سليم ميمڻ. ڳوٺ عبدالقادر چانگ کان: عبدالقادر چانگ. شڪارپور کان: وسيم الله گل ۽ طارق احمد منگي. جيمس آباد کان: دکي امير محمد ٿيٻو ۽ ريجهو مل. تلهار کان: محمد منير بلوچ. بوبڪ کان: نواب علي درشن ٻگهيو. هالا کان: سيما شاهين، پروين فيروز ميمڻ ۽ امير الدين ابڙو. ڳوٺ جروار کان: چندر لعل، عبدالله بلوچ ۽ مڪيش ڪمار. سانگهڙ کان: محمد شڪيل ميمڻ. ڳوٺ حاجي رمضان ڪالرو کان: عبدالغني ڪنڀر. ڏيپلو کان: انور الدين کتري. قمبر کان: اندر لال جيمسراڻي. ڳوٺ ٻيلو سجاول کان: عطاء الرحمان ميمڻ. گمبٽ کان: شبير احمد شيخ. ميرپورخاص پراڻيءَ کان: عبدالغني پنهور امر. ڳوٺ يار محمد ٽالپر کان: مظفر علي ٽالپر. ڇهن صحيح جوابن جي هيٺان نالو لکيل ڪونهي.

هڪ غلطيءَ وارا

لاڙڪاڻي کان: محمد علي پٺاڻ، غلام قادر ڀٽو، امام بخش هليو ۽ عبدالشڪور. رتيديري کان: مير حسن ۽ طفيل احمد سيلرو. موري کان: عبدالجبار سومرو. ٽنڊي قيصر کان: نور احمد آزاد نظاماڻي. شهدادڪوٽ کان: شير محمد شيخ ۽ منير احمد شيخ. روهڙي کان: امتياز بيگم شيخ ۽ ذونقي مل. سيوهڻ کان: ڌڻي بخش ابڙو ۽ غلام مصطفيٰ اوٺو. ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا هالا کان: مولا بخش ڳاهو ۽ شير خان ڳاهو. شڪارپور کان: سومرو نورالدين شاد. ڳوٺ ڪاڪيپوٽن کان: ظهير الدين ڪاڪيپوٽو. ڪنڌڪوٽ کان: گنيش ڪمار. ڪلوئي ڏيپلو کان: چنديرام. ٺل کان: خاوند بخش ڀٽي ۽ بشير احمد نوناري. ڳوٺ ڀٽ ڀائٽي کپري کان: عبدالستار عابد ۽ عبدالغني سمون. دڙي کان: الهه بخش سولنگي ، محمد سچل ميمڻ ۽ پروانو سليم رضا. ڳوٺ کهڙن خيرپور ميرس کان: حافظ عصمت الله، زاهد حسين ملاح ۽ اسد الله ميمڻ. نيو سعيد آباد کان: امتياز حسين ميمڻ، يوسف گل ميمڻ، قربان علي جمالي، محمد اسماعيل اوٺو، گل شير علي، قربان علي ۽ غلام رسول اوٺو. ڏيپلي کان: محمود گل، بلال الدين مٺواڻي ۽ غلام الله مٺواڻي. ڳوٺ سومار ڪنڊڻي ملير کان: رسول بخش خاصخيلي. (ڳوٺ جو نالو ڪونهي) نعمت الله قاضي. قمبر کان: شيخ سليم. گمبٽ کان: ممتاز علي قمر ۽ ڪشور ڪمار آزاد. ڳوٺ گل محمد چانڊيو کان: نعمت الله چانڊيو. هالا کان: پروين قمر ۽ مفتون احمد شيخ. ڳوٺ باغ يوسف کان: ممتاز احمد ڀٽي. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري کان: رياض احمد مٺواڻي. بدين کان: انور حسين ٽالپر. ميرپورماٿيلي کان: حبيب الرحمان لغاري. ڳوٺ گهنور خان زرداري کان: غلام حسين مشتاق زرداري. ڳوٺ عرض محمد بلوچ کان: شرف الدين بلوچ. ڳڙهي ياسين کان: ذوالفقار علي ميراڻي ۽ شنڪر لعل ڪي بٺيجا. (ڳوٺ جو نالو ڪونهي) شهزادو عزيز سنڌي. ڪشمور کان: پيربخش ڪلوڙ ۽ محمد شعبان سميجو. حيدرآباد کان: عنبرين آخوند، سميرا آخوند ۽ شازيه آخوند. نواب شاهه کان: منوهر لعل تنواڻي. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان: محمد رفيق پٺاڻ  ۽ محمد عرفان پٺاڻ. ڏهه خط اهڙا به آهن، جن جي هيٺان نالو لکيل ڪونهي. ٻارن کي گهرجي ته هن ڪالم ۾ ڪوپن سان گڏ پنهنجي جوابي پني تي به پنهنجو نالو لکن ۽ پني تي ٻيو ڪجهه به نه لکن.

امتحان نمبر 8

هڪ ماڻهو ڪجهه رقم کڻي بازار مان سامان وٺڻ لاءِ نڪتو. هڪ دڪان تي چاليهن رپين جو سودو ورتائين. وٽس باقي جيڪا رقم بچي، اوتري ٻي ان ۾ گڏي، ٻئي دڪان تان به چاليهن رپين جو سودو ورتائين. باقي جيڪا رقم بچيس، اوتري ٻي ان ۾ گڏي، ٽئين دڪان تان به چاليهن رپين جو سودو ورتائين ته وٽس ڪجهه به نه بچيو. ٻڌايو ته هو بازار وڃڻ مهل ڪيتري رقم کڻي نڪتو هو.

جواب موڪلڻ جي آخري تاريخ 20 ڊسمبر آهي. صحيح جواب ڏيندڙ جا نالا جنوري 1976ع جي پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا. جيڪو سالنامون پڻ هوندو. پنهنجي جواب سان گڏ، ڪوپن نمبر 8 موڪلڻ ضروري آهي.

 

ڪوپن- اوهان جو امتحان نمبر 8

نالو:

پورو پتو:

نوٽ: هي ڪوپن رسالي مان ڪٽي، جواب سان گڏ موڪليو. هٿ جو لکيل ڪوپن قبول نه ڪيو ويندو.

                                  -ادارو

 

 

* شفيع محمد سنديلو لاڙڪاڻو

1- جڏهن اوهان جو ٻار پيدا ٿئي ته کيس قدرتي نظارن ۾ ڇڏي ڏيو، پوءِ اهو ٻار قدرتي نظارن کي ڏسي حيران ٿي ويندو ۽ اوهان کان سوال پڇندو ته هيءَ شيءِ ڪيئن پيدا ٿي، ڪنهن پيدا ڪئي آهي، ڇو پيدا ٿي، ڪڏهن پيدا ٿي، ڀلا ڇاجي لاءِ پيدا ٿي. اهڙيءَ طرح سڄي عمر پڇندو، سِکندو، پڙهندو ۽ عمل ڪندو رهندو.

(روسو)

* جان محمد بلوچ ”ميرل“ ڳوٺ گل محمد چانڊيو

1- بدن پاڻيءَ سان پاڪ ٿئي ٿو، پر دل سچائي سان.

2- کلمک انسان ڀڳل دل جي دوا آهي.

3- نصيحت سچي خيرخواه آهي، جنهن کي اسين نٿا سمجهون، ليڪن خوشامند بدترين ڌوڪو آهي، جنهن تي اسين پورو توجهه ٿا ڏيون.

* ممتاز علي ”قمر“ گمبٽ

1- آزاديءَ جي راهه ۾ موت شهادت آهي.

2- حق اهڙي تلوار آهي، جا ڪڏهن به مڏي نٿي ٿئي.

3- گلن وانگر ٽڙجي ۽ مکڙين وانگر مرڪجي.

* منور عالم انصاري پاٽائي

حضرت علي ڪرم الله وجھ جن جو قول آهي ته:

1- جهالت هڪ بيماري آهي، جنهن کان وڌيڪ ڪابه بيماري ڪانهي.

2-بيوقوف دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.

3- ڳالهه کي ڏسو، ڳالهه ڪرڻ واري کي نه ڏسو.

4- غور ۽ فڪر ڪرڻ به هڪ عبادت آهي.

5- داناءُ اهو آهي جو گهٽ ڳالهائي ۽ گهڻو ٻڌي.

*عزيز احمد جوڻيجو ٽنڊوباگو

1- الله تعاليٰ جي اڳيان اهو شخص نزديڪ آهي، جيڪو پهريائين سلام ڪري ٿو. (حضور محمد صلعم)

* عبدالقادر ميمڻ ڏيپلو

1- الله پاڪ انهيءَ ٻانهي جي مدد ڪري ٿو، جيڪو ٻين انسانن جي مدد ڪري ٿو. (حديث)

2- انهن ماڻهن مان نه ٿي، جيڪي ظاهر ۾ شيطان تي لعنت ڪن ۽ اندر ۾ انهيءَ سان دوستي رکن ٿا. (حديث)

3-حلال کائڻ ۽ سچ ڳالهائڻ مردِ ڪامل جون نشانيون آهن. (حديث)

4- حسد، نيڪين کي اهڙيءَ طرح ساڙي ٿو، جهڙيءَ طرح باهه ڪاٺين کي ساڙي ڇڏيندي آهي.(حديث)

*حضور بخش سومرو، مورو

1- جيڪو ماڻهو پڪو ارادو ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي.  (ايمرسن)

2- هيءَ دنيا هڪ دلچسپ ڪتاب مثل آهي، جيڪو هن کي نٿو پڙهي ان لاءِ بي معنيٰ آهي. (گولڊ وني)

* امتياز علي يوسفاڻي کپرو.

1- پڙهڻ غم ۽ اداسي جو بهترين علاج آهي. (شيخ سعدي رحه)

2- سڀ کان سٺو پنڌ گهر کان مسجد جو آهي. (مولانا رومي رحه)

3- سڀ کان وڏو گناهه اهو آهي جو ڪرڻ واري کي ننڍو لڳي.

(حضرت علي رضه)

4- جيڪي محنت ڪن ٿا، انهن جو رتبو بادشاهن کان به وڌيڪ هوندو آهي.                               (ارسطو)

5- سڀ کان عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجي ڳالهه کي سٺيءَ طرح ثابت ڪري.          (عمر فاروق رضه)

*آغا ثناء الله سانگهڙ

1- خدا انهيءَ تي مهرباني ٿئي ٿو جيڪو ٻين تي مهربان آهي                                     (قرآن مجيد)

2- زندگي هڪ ديواني جو خواب آهي، ان ۾ اجائي شور ۽ گوڙ کانسواءِ ڪجهه نه آهي.             (شيڪسپيئر)

* محمد صالح سمون ميرپورخاص

1- خاموش نگاهون محبت جي زبان آهن

(حضرت سعدي رحه)

2- گهڻو کلڻ غفلت جو نشان آهن، ان سان انسان جي عزت ۾ فرق پوي ٿو ۽ عمر گهٽجھي ٿي. (حضرت عمر رضه)

3- غريبن تي کلندڙ ڄڻ پنهنجي خالق تي کلي ٿو.

(حضرت سليمان عليھ)

ڇا اوهان کي خبر آهي ته

*خورشيد ناز ڪنڌڪوٽ.

1- بٽروارٽس هڪڙو ٻوٽو آهي، جنهن جي گل تي جڏهن ماکيءَ جي مک رس چوسڻ لاءِ وهندي آهي تڏهن اُهو گل يڪدم بند ٿي ويندو آهي ۽ مک ڦٿڪي مري ويندي آهي.

2- ڪانگو جي ماٿريءَ ۾ هڪ اهڙو وڻ آهي، جنهن جي ويجهو ڪو پکي اچي ٿو ته ان وڻ جا پن کيس چوگرد وڪوڙيو وڃن ۽ تيستائين انهيءَ جو رت چوسيندا رهن ٿا، جيستائين اهو سڪي هڏن جو پڃرو نه بنجي وڃي.

*مصطفيٰ ڌاريجو لاڙڪاڻو.

1- ٿٻيٽ ۾ هڪ اهڙو فقير آهي، جنهن جو ڪِستو هڪ انساني کوپڙيءَ جو ٺهيل آهي.

2- آمريڪا ۾ هڪ اهڙي ڪڪڙ موجود آهي، جا 13 ورهين کان روزانو آنو  ڏيندي پئي اچي.

3- دنيا ۾ سڀ کان ٿلهي عورت شهر  ”ايمبيڪوڪي“ ۾ ”سگنوراڊي“ نالي آهي.

4- آسٽريليا ۾ هڪ اهڙي مڇي آهي، جا ماڻهن جيان هلندي آهي، هن جا پر اهڙي طرح مڙيل آهي، جو کيس اهي هلڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.

*نورالدين سومرو شاد شڪارپور.

1- دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ اُونهو سمنڊ، پئسفڪ آهي، جيڪو اڍائي ميل اونهو آهي.

2- دنيا جو سڀ کان وڏو بيابان ”دي گريٽ صحارا“ آفريڪا ۾ آهي جيڪو 2000،000 چورس ميل آهي.

3- دنيا جو سڀ کان وڏو باغ ”ييلو اسٽون نيشنل پارڪ“ آمريڪا ۾ آهي، جيڪو 3،350 چورس ميل آهي.

4- دنيا جي سڀ کان وڏي جاءِ ”سويٽ پئلس“ ماسڪو ۾ آهي.

5-دنيا جي سڀ کان وڏي نهر سئز ڪئنال آهي.

6- دنيا جي سڀ کان وڏي مسجد صوفيا، استنبول  ۾ آهي.

*محمد سليم چنا.

1- ”سرٿامس“ جنيوا جو رهندڙ هو، هو 70 ورهين تائين فوج ۾ رهيو ۽ 80 ورهين جي عمر ۾ هن انهيءَ بستري تي وفات ڪئي، جنهن تي هو پيدا ٿيو هو. سرٿامس پنهنجي زندگيءَ ۾ لاڳيتو ٽيهه سال ستو هو ۽ 15 ورهين تائين بلڪل سمهي نه سگهيو هو.

2- ”چارلس ورٿ“ مارچ 1929ع ۾ لنڊن ۾ پيدا ٿيو. چئن ورهين جي عمر ۾ هو. بالغ ٿي ويو. انهيءَ سال هن کي ڏاڙهي مڇون به اچي ويون. ستن ورهين جي عمر ۾ هن جا وار به اڇا ٿي ويا ۽ هو انهيءَ سال گذاري ويو.

3- ڪائونٽ رنجي ڊروف (1815ع کان 1860ع) پنهنجي مطالعي ۾ ايتريقدر ته محو هوندو هو جو کيس پنهنجي اوسي پاسي جي ڪابه خبر نه هوندي هئي. هڪ ڀيري هن جي دشمنن هڪ زهريلو نانگ هن جي مٿان اڇلايو. نانگ هن جي سڄي جسم تان ڦرندو پيرن تائين آيو ۽ پوءِ هڪ طرف ويو هليو، پر هو ڪتاب پڙهڻ ۾ اهڙو ته محو هو جو کيس ڪوبه پتو نه پيو.

* محمد افضل ميمڻ، نيو سعيد آباد.

1- روس جي گاديءَ جو هنڌ ماسڪو آهي.

2- يوگنڊا جو بادشاهه عيدي امين آهي.

*شاهد حسين ڪي. ميمڻ، حيدرآباد.

1- آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو ملڪ چين آهي.

2- بيلجم ۾ ماڻهو ڏيڏرن جون ٽنگون تمام گهڻي شوق سان کائين ٿا.

3- دنيا ۾ سڀ کان وڏي آبشار جو نالو نائگرافال آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com