اوهان جا فوٽا
اوهان جا فوٽا برابر اسان کي پهچندا رهن ٿا پر
فوٽن موڪلڻ مهل ڪن ٻارن کي فوٽي جي پٺيان نالو لکڻ
رهجيو وڃي، ان ڪري اهي فوٽا شايع ٿيڻ کان رهجيو
وڃن. ان کانسواءِ سورهن ورهين کان وڌيڪ عمر وارن
ٻارن جا فوٽا شايع ڪونه ڪري سگهبا. اهو خاص خيال
ڪرڻ گهرجي. -ادارو.
·
اعجاز محمد اسماعيل عرساڻي
(سلسليوار باتصوير ڪهاڻي)
(قسط-6)
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ
ٻيلي جي ڀرسان ڳوٺ ۾ اهو معلوم ڪرڻ ويندو هوس ته
اتي ڇا پيو وهي واپري. بهار جي مند جي شروعات ۾
هڪڙي سٺي ڏينهن، ڳوٺ جي ڀرسان پهچڻ تي ماڻهن جي
گوڙ کي ڏسي مون کي حيرت لڳي. اهي سڀ ماڻهو تمام
سٺا ڪپڙا پهريل هئا.
آءٌ
تڪڙو هلي اوڏانهن ويس ته جيئن معلوم ڪري سگهان ته
ڇا ڳالهه هئي. هر ڪو تمام خوش ۽ خورم نظر اچي رهيو
هو ۽ سڀني ڀر وارن ڳوٺن جا ماڻهو به اتي آيا هئا.
انهن ماڻهن مان گهڻن پنهنجا پنهنجا گڏهه پاڻ سان
گڏ آندا هئا، جيڪي تمام ٿلها متارا هئا. انهن مان
ڪجهه گڏهن کي ڳچين ۾ يا ڪنن جي وچ ۾ هار پيل هئا ۽
تمام خوش نظر اچي رهيا هئا. پر ڪنهن تي به سنج پيل
ڪونه هئا. جڏهن مون ڏٺو ته انهن سڀني گڏهن جو ڪيڏو
خيال رکيو وڃي ٿو، پر منهنجي سنڀال ڪرڻ وارو ڪوبه
ڪونهي ۽ آءٌ
انهيءَ ڪري سنهڙو ۽ گدلو ٿي ويو هئس. مون کي ڏاڍو
صدمو پهتو. مون اهو معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو ته اهي سڀ
گڏهه هتي ڇو اچي گڏ ٿيا هئا، تنهن ڪري آءٌ انهن ڏانهن وڌيس.
جيئن ئي آءٌ
ويجهو پهتس ته هڪڙي ڇوڪري رڙ ڪري چيو ”اڙي هيڏانهن
ڏسو! ريس جي لاءِ ڪهڙو نه سٺو گڏهه آهي“ ۽ پوءِ هو
سڀ کلڻ لڳا.
”ٺيڪ آهي، جيڪڏهن هي انهيءَ لاءِ آيو آهي“ ٽئين
چيو ته ”انعام کٽڻ لاءِ هن جي بلڪل اميد ڪونهي.“ ۽
پوءِ هو سڀ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا.
هنن چَٿرن جي ڪري مون کي ڏاڍي تڪليف محسوس ٿي،
ڇاڪاڻ جو مون کي خبر هئي ته آءٌ
ڏاڍو گدلو ۽ سنهڙو ٿي ويو هئس. ”پرواهه نه ڪر“ مون
پنهنجو پاڻ کي چيو ”مون کي پڪ آهي ته آءٌ
انهن ٿلهن گڏهن کان وڌيڪ سٺي نموني سان ريس ۾ ڊوڙي
سگهان ٿو“ تنهن ڪري اهو ڏسڻ لاءِ ته ڇا ٿيڻ وارو
آهي، ترسي پيس.
آءٌ
ڏاڍي خيال سان ٻُڌي رهيو هئس، پر ظاهر ائين ڪري
رهيو هوس ڄڻ منهنجو خيال انهيءَ طرف ڏانهن بلڪل
ڪونهي.
”ريس ڪڏهن شروع ٿيندي“ هڪ جوان ماڻهوءَ پڇيو: ”مون
کي خبر نه آهي“ هن جي دوست وراڻيو. ”آءٌ
سمجهان ٿو ته هو ڳوٺ جي وڏي زميندار جو انتظار ڪري
رهيا آهن.“
”گڏهه ڪهڙي هنڌ ڊوڙندا؟“ هڪ پوڙهي عورت جيڪا
انهيءَ وقت اتي پهتي هئي، ٻيءَ کان جيڪا اڳ اتي
بيٺي هئي،
پڇيو.
”ڪارخاني جي پٺيان وڏي ميدان ۾“ پوڙهي ڊيم ايونس
جواب ڏنو.
”ڪل ڪيترا گڏهه آهن؟“ هڪ نئين آيل پڇيو، جنهن جو
نالو مسز گڊمئن هو. ”سورهن، آءٌ
سمجهان ٿي“ ايونس جواب ڏنو. ”جيڪو پهرين منزل تي
پهچندو، ان کي هڪ پئسن جو ٻٽون ۽ هڪ چانديءَ جي
واچ ملندي.“
”ڪاش! مون وٽ هڪ گڏهه هجي ها“ مسز گڊمئن چيو. ”ته
مون کي واچ کٽي ڏي ها، ڇاڪاڻ جو مون پنهنجي
زندگيءَ ۾ ڪڏهن به واچ نه ورتي آهي.“
آءٌ
سڄو وقت اهي ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هئس ۽ مون
شوق مان مسز گڊمئن ڏانهن نهاريو. هوءَ ڏاڍي مهربان
نظر اچي رهي هئي ۽ هن جو کِل مُک مهانڊو مون کي
ڏاڍو وڻيو، تنهن ڪري مون کي هڪدم خيال آيو ته آءٌ
هن جي لاءِ انعام کٽيان.
جيڪي مهينا مون ٻيلي ۾ گذاريا هئا، انهن دوران پاڻ
کي گرم ۽ تندرست رکڻ لاءِ گهڻو ڪري ڊوڙون پائيندو
هئس. پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ آءٌ گهوڙي وانگر تيز ۽ گهڻي وقت تائين ڊوڙڻ جي صلاحيت جي قابل مڃيو
ويندو هئس. حقيقت ۾ آءٌ
پنهنجي انهيءَ صلاحيت تي ناز ڪندو هوس.
”ها“ مون پاڻ کي چيو ”آءٌ
هن ريس ۾ حصو وٺندس“ جيڪڏهن مون نه کٽيو ته مون کي
ڪوبه نقصان نه آهي ۽ جيڪڏهن آءٌ
هنن سڀني کي ماري ويس ته آءٌ
مسز گڊ مئن لاءِ واچ کٽي ويندس، جنهن کي واچ وٺڻ
جو ڏاڍو شوق آهي.“
تنهن ڪري آءٌ
تڪڙو هلندو، انهيءَ جڳهه وٽ پهتس جتي ٻيا به بيٺا
هئا ۽ آخري گڏهه جي ڀرسان ريس ۾ ڊوڙڻ لاءِ بيهي
رهيس. توجهه ڇڪائڻ لاءِ آءٌ زور سان هينگون ڏيڻ لڳس.
”اڙي“ جيڪ نالي هڪ ماڻهوءَ رڙ ڪئي. ”اها ميوزڪ تون
وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ ڪر. هتان هڪدم هليو وڃ. تنهنجو
مالڪ ڪٿي آهي؟ آءٌ
سمجهان ٿو ته تنهنجو ڪوبه مالڪ ڪونهي ۽ توکي هن
ريس ۾ ڊوڙڻ نه ڏنو ويندو. ڇاڪاڻ جو ڪو به تنهنجو
مالڪ ناهي.“
مان چُپ ڪري بيهي رهيس ۽ پنهنجي جڳهه تان بلڪل نه
چريس. اتي بيٺلن مان ڪجهه کِلڻ لڳا ۽ ڪجهه وري مون
کي ڪاوڙ ۾ ڳالهائڻ لڳا.
”جيڪڏهن هن گڏهه جو مالڪ ڪوبه نه آهي ته مان هن جي
مالڪياڻي ٿينديس“ مسز گڊمئن چيو. ”مان هاڻي هن کي
سڃاتو آهي، هي ته غريب نيپ آهي، جيڪو ميورل جي
ننڍي گاڏي گهليندو هو. آءٌ سمجهان ٿي ته باهه واري واقعي کانپوءِ انهن هن کي ڪڍي ڇڏيو.
منهنجي اندازي موجب هن سڄو سيارو ٻيلي ۾ گذاريو
آهي، ڇاڪاڻ جو ان واقعي کانپوءِ هن کي ڪنهن به
ڪونه ڏٺو آهي. چڱو، هي گڏهه اڄ لاءِ منهنجو آهي ۽
هي ڊوڙ ۾ منهنجي طرفان حصو وٺندو.“
”ٺيڪ آهي“ ڀرسان بيٺلن مان هڪ چيو. ”مون نيپ جي
باري ۾ ٻڌو آهي، هي ڪافي مشهور گڏهه آهي.“
”پر مسز گڊمئن جيڪڏهن هي تنهنجي طرفان ڊوڙندو ته
توکي داخلا في ڏيڻي پوندي“ ٻئي چيو.
”ٺيڪ آهي“ هن چيو، مان سڀني وانگر ڇهه پينس ڀرڻ
لاءِ تيار آهيان“ ۽ پنهنجي کيسي مان رومال ڪڍي ان
جي ڪُنڊ کان هڪ ڳنڍ کولي هڪ سڪو ڳوٿريءَ ۾ وڌو،
جيڪا ڳوٺ جي وڏي زميندار جو نوڪر جهليو بيٺو هو.
اهڙي طرح ان پوڙهي عورت مون کي انهيءَ ڏينهن لاءِ
پنهنجو گڏهه ڪري رکيو ۽ مون کي ريس ۾ حصو وٺڻ جي
اجازت ڏني ويئي.
ريس ۾ سواريءَ کانسواءِ ڊوڙڻو هو. هر گڏهه کي منزل
تائين پهچڻ لاءِ سولي ۾ سولو رستو ڳولڻو هو.
جلديءَ ۾ هر تياري مڪمل ڪئي ويئي، سڀني کي قطار ۾
بيهاريو ويو، سڀني جون زينون لاٿيون ويون ۽ پوءِ
ڳوٺ جي وڏي زميندار رڙ ڪري چيو ”هڪ، ٻه، ٽي ۽
ڊوڙو!“
ڇوڪرن جن گڏهن کي هڪ ڪن کان جهلي رکيو هو، تن انهن
کي آخري چهبڪ هڻي ڇڏي ڏنو ۽ سڀ تيزيءَ سان هيڏانهن
هوڏانهن ڊوڙڻ لڳا.
مون کي قطار ۾ بيهارڻ لاءِ ڪوبه ڪونه هو، تنهن ڪري
آءٌ تڪڙو هلندو ٻين جي ٿورو پٺيان اچي ماٺ ڪري بيهي رهيس، تنهن
ڪري جڏهن ڊوڙڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو ته ٻيا مون کان
ٿورو اڳتي هئا.
اڃا اسان مشڪل سان سئو قدم طئه ڪيا هئا ته مان
سڀني کان اڳتي پهچي ويس. ماڻهن هڪدم رڙيون ڪيون ۽
پنهنجا پنهنجا چهبڪ ڦيرايا ته جيئن هو پنهنجن
پنهنجن گڏهن کي وڌيڪ تڪڙو ڊوڙائي سگهن، پر ان جو
ڪو سٺو نتيجو ڪونه نڪتو. جيئن ته مان ٻين کان چڱو
اڳتي هئس، تنهن ڪري مون کي پٺيان مڙي ڏسڻ لاءِ
گهڻو ڪري وقت مليو پئي. مون کي اهو ڏسي کل پئي آئي
ته هو ڪيترا ڇتا ۽ جهنگلي ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا ۽ هو
مون تائين پهچڻ لاءِ ڪيتريون ڪوششون ڪري رهيا هئا.
ريس ۾ حصو وٺندڙ منهنجا ساٿي مون جهڙي هڪ غريب ۽
سنهڙي گڏهه کان شڪست کائڻ جي خيال کان ايترا ته
ڪاوڙيل هئا جو هو مون کان اڳيان نڪرڻ لاءِ سرٽوڙ
ڪوششون ڪري رهيا هئا ۽ انهن اهو ڪونه ٿي ڏٺو ته هو
ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. نتيجو اهو نڪتو جو انهن مان
گهڻا هڪٻئي مٿان اونڌا ٿي وڃي ڪريا.
جيڪ جو گڏهه ٻه دفعا مون تائين پهچي ويو، پر ٻئي
ڀيرا مان وري هن کان اڳيان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.
ٻئي ڀيري جيئن ئي آءٌ
ريس جي آخري مرحلي ۾ پهتس ته هن منهنجو پُڇ پنهنجي
وات سان جهلي زور سان چڪ هنيو. ان جو سور ايڏو ته
هو جو آءٌ
ذري گهٽ ٿاٻڙجي
ڪريس ٿي، پر هنن سڀني کان کٽڻ جي عزت، مون ۾ همت
پيدا ڪئي ۽ اوچتي جهٽڪي سان مون پنهنجو پُڇ هن جي
ڏندن مان ڇڪي ڪڍيو، حالانڪه منهنجي کل جو ڪجهه حصو
هن جي وات ۾ رهجي ويو.
هاڻي مون پاڻ ۾ اڳي کان به وڌيڪ ريس کٽڻ جو پڪو
ارادو محسوس ڪيو ۽ باقي رستو مون ڄڻ ته اڏامي طئه
ڪيو، ڄڻ مون کي پَر هئا. مون رستو ايڏو ته ڦڙتيءَ
سان طئه ڪيو، جو آءٌ
منزل تي نه رڳو سڀني کان پهرين پهتس، پر پنهنجن
حريفن کي تمام گهڻو پٺتي ڇڏي ڏنم
مون پنهنجو پاڻ تي ڪيڏو ته فخر محسوس ڪيو، جڏهن
مون ماڻهن کي جيڪي اها ريس ڏسي رهيا هئا، خوشيءَ ۾
رڙيون ڪندي ٻڌو. آءٌ
انهيءَ ميڙ ڏانهن هڪ جنگ کانپوءِ موٽندڙ فاتح
وانگر هلڻ لڳس، جتي وڏو زميندار انعام رکي ڏيڻ
لاءِ تيار ويٺو هو.
مسز گڊمئن منهنجي ڪاميابيءَ تي بي انتها خوش ٿي
مون وٽ آئي، هُن مون کي ٺپريو ۽ مون کي جَوَن جي
سُٺي خوراڪ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ پوءِ هوءَ مون کي
ڳچيءَ جي وارن کان جهلي انعام وٺڻ لاءِ اڳتي وڌي.
جيئن ئي هُن وڏي زميندار ڏانهن هٿ وڌايو ته جيڪ
پنهنجن دوستن سان ڊوڙندو آيو ۽ رڙيون ڪري چيائين
”نه، نه ! اها بلڪل واجبي نه آهي، سائين. هي هڪ
رولو گڏهه آهي ۽ هن جو مسز گڊمئن سان ڪوبه واسطو
ڪونهي. اهو منهنجو ۽ ٽام جو گڏهه هو، جيڪي پهرين
پهتا، توهان کي انعام اسان ٻنهي ۾ ورهائڻ گهرجي.“
”پر مسز گڊمئن داخلا في ادا ڪئي آهي؟“ وڏي زميندار
چيو،
”توهان کي انهيءَ وقت اعتراض ڪرڻ گهربو هو نه ڪي
هاڻي. جيڪڏهن هي گڏهه نه کٽي ها ته توهان گوڙ نه
ڪريو ها.“
وڏي زميندار کي اهو چوندي ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي
ٿي، پر مون محسوس ڪيو ته هو ڪجهه منجهيل نظر اچي
رهيو هو، تنهن ڪري اهو ڏيکارڻ لاءِ ته آءٌ ڪيترو سمجهو هئس، مون پنهنجي وات سان واچ ۽ پئسن جي ٿيلهي جيڪا
ميز تي پيئي هئي، کڻي مسز گڊمئن جي هٿ ۾ ڏني.
منهنجي هن شرارت تي ماڻهن کان ٽهڪ نڪري ويا.
”ڏسو“ وڏي زميندار مشڪندي چيو، ”هن گڏهه هن مسئلي
جو پاڻهي فيصلو ڪري ڇڏيو.“
”وڏو زميندار زنده باد“ ماڻهن خوشيءَ کان رڙيون
ڪيون ۽ جيڪ ۽ ٽام کان سواءِ سڀ زور زور سان کلڻ
لڳا، جيڪي مون کي ٺونشا ڏيکاريندا، تمام خراب مزاج
ظاهر ڪندا هليا ويا.
پر انهيءَ وقت مون ڇا محسوس ڪيو؟ آءٌ
بلڪل مطمئن نه ٿيو هئس، ڇاڪاڻ جو منهنجي خودداريءَ
کي ڌڪ لڳو هو. مون محسوس ڪيو ته وڏي زميندار جو
ورتاءُ ڏاڍو رکو هو. حقيقت ۾ هُن هُنن ٻنهي بيوقوف
ماڻهن کي ۽ هڪ ذهين گڏهه کي ساڳيو درجو ڏنو هو.
(باقي ٻئي مهيني ۾)
·
عبدالعزيز رنگريز
(سوانح)
شمس العلماءَ دائود پوٽو
سنڌ جي سر زمين سوين املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، جن
جي جوت اڃا تائين جڳ کي روشن ڪري رهي آهي. هن سر
زمين کي قدرت ڪڏهن ڪڏهن اهڙا سپوت عطا ڪندي آهي جن
تي بني نوع انسان کي بجا طور تي فخر ۽ ناز هوندو
آهي. قدرت جو به عجيب دستور آهي، جو املهه ماڻڪن
کي اهڙن گهرن ۾ جنم ڏنو اٿس جي غربت ۽ افلاس جي
ڪري سدائين اونداها هئا.
تاريخ شاهد آهي ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو آهي،
جڏهن اهي اونداها گهر روشنيءَ جو مينار بڻيا آهن
۽ انهن جي روشنيءَ ۾ ڪيئي مسافر زندگيءَ جي
اونداهين راهن تي سفر ڪندي منزلن تائين پهچندا
آهن. اڄ کان ڇاهٺ- اٺهٺ سال اڳ دادو ضلعي جي ٽلٽي
نالي ڳوٺ ۾ ميان محمد کي هڪ فرزند ڄائو، جنهن جي
علمي جوت ساري جڳ کي جرڪايو. اهو سپوت نائين شوال
تيرهن سئو تيرهين هجري مطابق پنجويهين مارچ ارڙهن
سئو ڇهانوي ۾ تولد ٿيو. هو هڪ اهڙي خاندان ۾ پيدا
ٿيو، جنهن جي ڌياڻي جنڊ پيهندي هئي ۽ خاوند هَر
ڪاهي گذران ڪندو هو. الڪاسب حبيب الله (حديث) ان
سعيد فرزند کي ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس امان هڪ
ٽڪو هٿ ۾ ڏيئي اسڪول روانو ڪيو، جڏهن ماستر في جي
گهر ڪئي، تڏهن اهو ٽَڪو ان کي ڏيئي اچي اوڇنگارن ۾
پيو، جنهن تي ماستر ڪهل آڻي کيس ٽَڪو موٽائي ڏنو ۽
هميشھ لاءِ في معاف ڪري ڇڏيائينس. هن مسڪين ٻار
تڪليفون سهندي ڏک ڏاکڙا ڏسندي، ابتدائي ۽ ثانوي
تعليم جا چار درجا پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول ۾
پاس ڪيا. جنهن کانپوءِ پنجون درجو لاڙڪاڻي مدرسي ۾
پڙهيائين، جتان پنجون درجو پاس ڪري، نوشهروفيروز ۾
وڃي ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو. ڪجهه وقت رهي سنڌ
مدرستھ الاسلام ڪراچيءَ ۾ وڃي داخلا ورتائين، جتان
مئٽرڪ جو امتحان وڏي اعزاز سان پاس ڪيائين. مئٽرڪ
پاس ڪرڻ کانپوءِ ويهين جون اوڻيهه سئو سترهن تي
سنڌ جي جهوني ۾ جهوني درسگاهه ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ
ڪاليج“ ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي شان سان ايم.ا ي.
پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ولايت ويو، جتي ٽي سال
رهيو ۽ ”عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر“ جي
موضوع تي ڪتاب لکي، ڊاڪٽريءَ جي سَنَد حاصل
ڪيائين. ولايت مان واپس اچڻ تي کيس سنڌ مدرسي جو
پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتي تعريف جوڳيون تعليمي
خدمتون سرانجام ڏنائين. هن علمي آفتاب جي علميت
کان متاثر ٿيندي سرڪار کيس جو گيشوري ڪاليج
(بمبئي) ۾ عربيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو. جتي نه رڳو
پاڙهڻ ذريعي عربي تعليم کي ترقي وٺايائين، پر
”مرشد المبتدي“ جا ٻه حصا عربي سکڻ لاءِ، ۽ ٻيا
ڪتاب لکيائين. علامه دائود پوٽي جي علمي مَهارت ۽
قابليت جي ڪري سنڌ گورنمينٽ کيس سنڌ جو ڊائريڪٽر
آف پبلڪ انسٽرڪشن مقرر ڪيو، جنهن عهدي تي يارهن
سال کن رهي سنڌ واسين جون وڏيون خدمتون ڪيائين. هن
صاحب جو اهو ڪارنامو ايڏو ته عظيم آهي، جنهن کي
ڪڏهن به ڀُلائي نٿو سگهجي. سرڪاري ملازمت مان فارغ
ٿيڻ بعد رسالي ”مهراڻ“ جي ادارت ڪيائين، سندس برپا
ڪيل سنڌي ادبي سوسائٽي ماتحت به ڪيترائي ڪتاب شايع
ٿيا آهن، سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڏنل ”شاهه جي
رسالي“ کي تقريباً مڪمل ڪيو هئائين.
علامه مرحوم جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه
آهي، موجوده وقت جي هر هڪ پڙهيل لکيل علم ۽ ادب
سان سينگاريل سنڌيءَ تي علامه صاحب جا سڌي ۽
اڻسڌيءَ طرح ڪيئي احسان آهن. علامه صاحب جو هر هڪ
شاگرد اڄ به علامه صاحب جي اسم گرامي وٺڻ بعد عزت
و احترام سان گردن جهڪائي عقيدتمنديءَ جا ڳوڙها
وهائي ٿو. علامه دائود پوٽي ڪڏهن به بخل کان ڪم نه
ورتو ۽ هر هڪ علم جي طالب کي علم ۽ ادب جي ماڻڪن
جون مُٺيون ڀري ڏيندو هو.
علامه صاحب جا ڪيترائي روحاني پٽ ۽ نياڻيون
پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن. آءٌ
علامه صاحب جي تعليمي ۽ علمي خدمتن جو ذڪر ڪندي
فقط هيءُ عرض رکندس ته علامه صاحب نه صرف گهڻين
تصنيفن جو مالڪ هو. پر علامه صاحب پنهنجي زندگيءَ
۾ ڪيترن ئي علمي و ادبي ڪانفرنس جي صدارت جا فرائض
پڻ بجا آندا آهن.
ان سلسلي جي آخري ڪڙي حيدرآباد واري ”آل پاڪستان
عربي ڪانفرنس“ هئي، جنهن جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ ستت
ئي رحلت فرمايائون. اناالله و انااليھ راجعون
ننگر ۽ ناريون، پڳهه کڻي پنڌ پيا،
بندر ۽ بازاريون، سڃا سامونڊين ري.
سهڻي صلاح
”سچ“ جڏهن به ۽ جتي به تنهنجي اڳيان پيش
ٿئي، ته توکي گهرجي ته اجايو بحث ڇڏي، ان کي
قبول ڪر، ڇو ته سون جيڪڏهن گپ ۾ ٿڦيل هوندو
ته ان جي قدر و قيمت ۽ خاصيت ۾ ڪوبه ڦيرو
ڪونه ايندو.
-لقمان حڪيم |
·
رضا محمد خاصخيلي محرابپور
الله هر هنڌ حاضر آهي
هڪ ڀيري حضرت شيخ بهاؤ الدين رحه، امير گِلال
رحمتھ الله عليھ جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته
حضور مون کي ڪو فيض ملي ۽ الله جو علم کپي. بزرگ
صاحب گفتگوءَ ۾ هئا ته ڪو ماڻهو ڪجهه تتر کڻي آيو
۽ بزرگ وٽ نذر رکيائين. حضرت امير گلال رحه انهن
مان چار تتر کڻي، چئن ڄڻن کي ڏنا ۽ فرمايائون ته
”هي تتر اُن جاءِ تي ڪُهي اچو، جتي اوهان کي ڪوبه
نه ڏسي،“ جن ۾ شيخ بهاؤ الدين به هو.
هيءُ حڪم ٻڌي چار ئي اٿي کڙا ٿيا. هرڪو پنهنجو تتر
کڻي ڪو ڪيڏانهن ويو ته ڪو ڪيڏانهن. جڏهن گهڻو پنڌ
ڪري، ڪنهن ڏورانهين پٽ تي سهڙيا، تڏهن ڀانيائون ته
هتي اسان کي ڪوبه ماڻهو ڇيڻو نٿو ڏسي، سو چاڪون
ڪڍي تترن کي ذبح ڪيائون. پوءِ تتر کڻي اچي بزرگ کي
ڏنائون پر حضرت شيخ بهاؤ الدين رح پنهنجو تتر واپس
کڻي آيو ۽ بزرگ کي ڏيئي چيائين ته: يا حضرتا!
اوهان فرمايو هو ته تتر اتي ڪهج جتي تو کي ڪوبه نه
ڏسي. مون ڪافي ڳولا ڪئي ته من اهڙي ڪا جاءِ ملي
وڃي جتي ڪوبه نه هجي. آخر رُلندي رُلندي هڪ ماڳ تي
پهتس، ڀانيم ته هتي ڪوبه بني بشر نه آهي، سو تتر
کي ڪُهڻ تي هئس ته دل ۾ خيال آيو ته جيتوڻيڪ هتي
ڪوبه ماڻهو موجود نه آهي پر الله ته آهي جيڪو هر
جاءِ تي حاضر ناظر آهي ۽ هو اسان کي ساهه جي رڳ
کان به وڌيڪ ويجهو آهي، سو ته ضرور ڏسندو. ان ڪري
تتر واپس کڻي آيو آهيان.
حضرت شيخ امير گلال رحه اهو ٻڌي گهڻو خوش ٿيو ۽
چيائين ته ”بيشڪ اُهي انسان دنيا توڙي آخرت ۾
ڪامياب ٿيا، جن الله کي هر هنڌ حاضر ناظر ڪري
سمجهيو. هاڻي تون فيض ۽ علم پرائڻ جي لائق آهين.“
·
مرحوم عبدالعزيز سومرو، قمبر
کچڻي
(عبدالعزيز سومرو، سنڌڙيءَ جو ننڍڙو ليکڪ
20-9-1975ع تي پنهنجي ننڍڙي ڄمار ۾ گذاري ويو. هن
پهريون ڀيرو 28 آگسٽ تي مٿئين عنوان تي هڪ مزاحيه
ڪهاڻي شايع ڪرڻ لاءِ موڪلي هئي ۽ سندس دلي تمنا
هئي ته اها سيپٽمبر جي پرچي ۾ شايع ٿئي، پر سندس
دلي تمنا پوري نه ٿي سگهي ۽ هو وڃي خالق حقيقيءَ
سان مليو. اسان هن معصوم جي اوچتي موت تي سندس
والدين سان شريڪ غم آهيون. جيئن ته گل ڦل جو مواد
ٻه مهينا اڳ تيار ٿئي ٿو، ان ڪري اسان پنهنجي
مرحوم ادي جي تمنا مهل سر ته پوري ڪري ڪونه
سگهياسون، پر سندس ان آخري تمنا کي گل ڦل جي هن
پرچي سان سينگاري رهيا آهيون. ڪاش! هو جواني ماڻي
ها. سندس مائٽن کي گذارش آهي ته مرحوم جو فوٽو
ڏياري موڪلين ته گل ڦل ۾ شايع ڪريون. -ايڊيٽر)
هڪ ڀيري هڪ مريض ڊاڪٽر وٽ ويو، ڊاڪٽر هن کي جلاب
ڏنو ۽ چيائين جڏهن جلاب ڇوڙئي ته ان کان پوءِ کچڻي
کائجانءِ. هن ويچاري کان کچڻيءَ جو نالو وسري ويو
۽ رستي تا چوندو ويو ”کائو چڻي کائو چڻي“ هوڏانهن
هڪ هاري به ڪو سڄو ڏينهن جهار هڪلي هڪلي ٿڪجي پيو
هو، تنهن چيو هيءُ ته ڪو نڀاڳو آهي، مان جهار هڪلي
هڪلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ هي وري چوندو اچي ته ”کائو
چڻي کائو چڻي“ هاريءَ کي لڳي ڪاوڙ سو هن کي ٻه چار
ٿڦون هڻي ڪڍيائين ۽ چيائين ته ائين چوندو وڃ ته
”هڪ به نه اچي، هڪ به نه اچي“ هي ويچارو چوندو ويو
”هڪ به نه اچي هڪ به نه اچي.“ ڪجهه اڳتي هليو ته
ڪو شڪاري شڪار ڦاسائي رهيو هو، ۽ گهڻي وقت کان
شڪار جي انتظار ۾ بيٺو هو ته ڪو شڪار لڳي، پر
ويچاري کي شڪار نه پيو لڳي وري جو هن کي چوندي
ٻڌائين ته هڪ به نه اچي. سو تپي باهه ٿي ويو ۽ اٺ
ڏهه چهبڪ هن کي هڻي ڪڍيائين ۽ چيائين ته ائين نه
چؤ ۽ چؤ ته ”هڪ اچي ٻيو وڃي، هڪ اچي ٻيو وڃي“ وري
اڳتي هليو ته اڳيان ڪو لاش کنيو پيا اچن، هيڏانهن
هي به چوندو پيو وڃي، ”هڪ اچي ٻيو وڃي هڪ اچي ٻيو
وڃي.“ هنن چيو : هيءُ وري ڪهڙو نڀاڳو منهن پيو
آهي، پوءِ ته وري هنن به هن کي سنهي بُهه مان ڪڍي
ڇڏيو ۽ هن کي چيائون ائين نه چؤ ۽ چؤ ته ”شل ائين
ڪنهن سان به نه ٿئي. شل ائين ڪنهن سان به نه ٿئي.“
هي ويچارو چوندو ويو ”شل ائين ڪنهن سان به نه ٿئي،
شل ائين ڪنهن سان به نه ٿئي“ ٿورو اڳتي هليو ته
اڳيان گهوٽ ۽ ڪنوار پيا اچن ۽ هيڏانهن هي چوندو
وڃي، ”شل ائين ڪنهن سان به نه ٿئي، شل ائين ڪنهن
سان به نه ٿئي.“ پوءِ ته گهوٽ ۽ ڪنوار جي مائٽن هن
کي ايترو ماريو، جو سڃاڻپ کان ئي ٻاهر نڪري ويو.
چيائونس ته تون ڪو ترڙ نڀاڳو آهين ۽ هن کي چيائون
ته ائين نه چؤ ۽ چؤ ته ”شل ائين سڀ ڪنهن سان ٿئي،
شل ائين سڀ ڪنهن سان ٿئي.“ ايترن موچڙن ملڻ
کانپوءِ هو پوئتي موٽيو ۽ وڃي ڊاڪٽر کي چيائين کڻ
پنهنجي دوا. تنهنجي دوا پيئڻي ٿي يا سڄو ڏينهن
موچڙا کائڻا ٿيا.
روشن تارا
جنوري 1976ع جي پرچي کان، جيڪو سالنامو پڻ
هوندو اسان هي نئون عنوان مقرر ڪيو آهي.
اوهان پنهنجي ڳوٺ يا شهر جي ڪنهن اڀرندڙ ٻار
ليکڪ کان سندس شوق ۽ لکڻين بابت انٽرويو وٺي
موڪليو، جيڪو گل ڦل جي ٻن صفحن کان وڌيڪ نه
هجي. اسين هر مهيني، هن ڪالم ۾ انٽرويو
وٺندڙن ۽ ڏيندڙن جي فوٽن سان، اهي انٽرويو
ڇپينداسون. اڄ ئي کان اوهان ڪوششون شروع
ڪريو. اوهان جي ساٿ جو اسان کي اوسيئڙو
رهندو.-ايڊيٽر |
·
پير بخش ڪلوڙ ڪشمور
عظيم بدلو
”نه ويندين..........“ احمد هڪ غليظ گار ڏيندي
پنهنجي ٻن ساٿين سميت سليم ڏانهن وڌيو. سليم ڪنڌ
ورائي ڏٺو ته احمد کي پاڻ ڏانهن ڊوڙندو ڏٺائين ۽
ڊڄي ڪتاب ڪڇ ۾ ڪري اٿي ڀڳو ۽ سڌو اچي گهر پهتو.
سليم ۽ احمد ٻئي اٺين ڪلاس ۾ پڙهندا هئا. سليم هڪ
غريب هاريءَ جو پٽ هو ۽ سندس ماءُ پيءُ کيس دل سان
پڙهائيندا هئا. سليم خود به محنتي شاگرد هو ۽ هر
سال ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو. پر احمد ڳوٺ جي
وڏيري جو لاڏلو پٽ هو ۽ گهڻي لاڏ ۽ پيار جي ڪري هو
خراب ٿي پيو هو. هڪ ڏينهن احمد، سليم کان ڪو نوٽ
بڪ گهريو، سليم انڪار ڪيو. ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻندو هو
ته احمد جنهن جو به بُڪ کڻي ويندو آهي ته وري
موٽائيندو نه آهي ۽ ان ڏينهن کان احمد سليم جو
دشمن ٿي پيو. هر روز اسڪول کان موڪل ٿيڻ تي هو
گاريون ڏيندو سليم جي پويان لڳندو هو، پر سليم
ويچارو لڪي ڀڄي جان ڇڏرائيندو هو.
وقت گذرندو ويو. ٻئي مئٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺا. احمد
ڪاپي ڪندي پڪڙيو ويو ۽ رسٽيڪيٽ ٿي ويو ۽ سليم
پنهنجي محنت جو ڦل پاتو ۽ فرسٽ ڊويزن ۾ مئٽرڪ پاس
ڪيائين ۽ اسڪالر شپ حاصل ڪيائين. غريب هوندي به هو
ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ڪجهه پئسا هن کي گهران ملندا
هئا ۽ ڪجهه هو ٻين جا ٻار پڙهائي ۽ ڪتابن جا جلد
ٻڌي حاصل ڪندو هو. اهڙي طرح محنت ڪندي ڪندي هن
ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪري ورتو ۽ سليم بدران
ڊاڪٽر سليم سڏجڻ لڳو. هوڏانهن احمد جو پيءُ گذاري
ويو هن وڃي پيءُ جي ملڪيت سنڀاري.
هڪ ڏينهن سليم اسپتال ۾ آيو ته کيس اطلاع مليو ته
ايڪسيڊنٽ جي هڪ زخميءَ کي اسپتال آندو ويو آهي.
سليم جڏهن زخميءَ وٽ پهتو ته هو حيران ٿي ويو،
زخمي شخص وڏيرو احمد هو. ”احمد کان بدلو وٺڻ جو
سٺو موقعو آهي“ سليم دل ۾ سوچيو. ”ليڪن ڊاڪٽر جو
ڪم مريض کي مارڻ نه پر هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ
آهي.“ ”بدلو وٺجي“ ”نه هي ڊاڪٽري جهڙي عظيم پيشي
جي توهين آهي.“ ”بدلو وٺجي“ ”نه وٺجي“. سليم ڇڪتاڻ
۾ پئجي ٿي ويو. پر آخر هن پنهنجي ضمير جو فيصلو
قبول ڪيو.
احمد جو رت ڪافي وهي چڪو هو. رت لاءِ ڪافي ڊڪ ڊوڙ
ڪئي ويئي پر احمد جي گروپ جو رت ڪٿان ڪونه مليو.
آخر سليم پنهنجو رت ٽيسٽ ڪرايو ته اتفاق سان اهو
گروپ احمد جي گروپ سان ملي ويو ۽ پوءِ سليم پنهنجو
رت ڏيئي احمد کي بچائي ورتو.
جيستائين احمد پوري طرح ٺيڪ نه ٿيو، سليم سندس
منهن نه چڙهيو. جڏهن احمد کي اسپتال مان خارج ڪيو
پئي ويو ته هن سوچيو ته پنهنجي محسن ڊاڪٽر سان
ملجي جنهن رت ڏيئي منهنجي جان بچائي آهي، هو ڊاڪٽر
جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ جيئن ئي هن جي نظر ڊاڪٽر تي
پيئي ته هن جو وات ئي پٽجي ويو. سليم اطمينان سان
ڪرسي تي ويٺو هو. احمد کي سوچن ۾ غرق ڏسي هو اٿيو
۽ اچي سندس ڪلهي تي هٿ رکيائين.
احمد سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو ته ”دوست،
مون کي معاف ڪر. تون مون جهڙي ذليل انسان کان بدلو
وٺڻ بدران منهنجي جان بچائي آهي. مان پنهنجي گذريل
رويي تي شرمندو آهيان. دوست تون هڪ عظيم انسان
آهين.“ سليم سوچيو ته منهنجي قربانيءَ رنگ لاتو
آهي. هن احمد کي اُٿاري ڀاڪر پاتو ۽ هو سوچي رهيو
هو ته هن واقعي هڪ عظيم بدلو ورتو آهي.
·
محمد صالح مٺواڻي ڏيپلو
بيوقوف بگهڙ
هڪ ڀيري هڪ بُکايل بگهڙ ٻيلي ۾ رُلي رهيو هو.
اوچتو هن هڪ گڏهه ڏٺو. بگهڙ گڏهه کي چيو: ”اي گڏهه
مان توکي کائيندس.“ ”ڀائو اهڙيون ڳالهيون بيوقوف
ڪندا آهن. اها ڳالهه توکي نٿي جڳائي.“ گڏهه وڌيڪ
چيو ته ”ڇا توکي اها خبر ڪانهي ته گڏهه جو گوشت
رڳو صبح جو کائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن تون اهو نٿو
چاهين ته تون سڄو زهر ٿي وڃين ۽ مون کي کائڻ
کانپوءِ مري وڃين ته پوءِ ترس مان تنهنجي لاءِ
بسترو کڻي اچان ٿو. جتي تون آرام سان ويهجانءِ ۽
مون کي ڏينهن ڏٺي جو کائجانءِ.
بگهڙ چيو: اهو هڪ سٺو خيال آهي. وڃ ۽ بسترو کڻي
اچ. مان انتظار ڪندس. گڏهه ڀڄي ويو ۽ وري واپس نه
موٽيو. بگهڙ رات جو دير تائين انتظار ڪيو ۽ پوءِ
کيس اها سمجهه آئي ته هن کي بيوقوف بڻايو ويو آهي.
ٻئي ڀيري به هو ڏاڍو بُکايل هو ته کيس واٽ تي هڪ
ڇيلو مليو. ”هيڏانهن اچ ڇيلڙا“ بگهڙ چيو ”مان توکي
کائيندس“ ننڍڙي ڇيلي چيو ”مان تنهنجي رحم ۽ ڪرم تي
آهيان پر ٿوم ۽ چٽڻيءَ کانسواءِ مون کي کائڻ ۾
توکي ڪهڙو مزو ايندو. ڇڏ ته آءٌ
تنهنجي لاءِ ڪجهه کڻي اچان.“
”اهو هڪ سٺو خيال آهي“ بگهڙ راضي ٿي ويو. هن چيو
ته تون ئي اها ڳالهه بهتر سمجهي سگهين ٿو. وڃ ۽
جهٽ موٽي اچجانءِ. بگهڙ گهڻو انتظار ڪيو پر اجايو!
ننڍڙو ڇيلو وري نه موٽيو. هن کي بک ۾ وٽ کائڻ تي
ايتري ئي ڪاوڙ آئي جيتري ڇيلي طرفان کيس بيوقوف
بڻائڻ تي آئي ۽ اهو به کيس ڪنهن بيوقوف بڻايو، هڪ
ننڍڙي ڇيلي. ساڳئي وقت کيس بک به پاهه ڪيو هو.
اوچتو ئي اوچتو هن جي نظر ٻنيءَ ۾ چرندڙ هڪ گهوڙي
تي پئجي ويئي. ”هيڏانهن اچ.... تون مون کان ڀڄي
نٿو سگهين.“
پيارا بگهڙ، گهوڙي آزي نيازي ڪندي چيو : تون مون
کي کائي سگهين ٿو، پر منهنجو هڪ آخري عرض آهي،
ظالم نه ٿي، مون کي پنهنجي پيءُ جي خواهش پوري ڪرڻ
ڏي بگهڙ (ڪيڪون ڪندي پڇيو)؛
”تنهنجي خواهش ڪهڙي آهي“ گهوڙي چيو ته منهنجي پيءُ
مون کي نصيحت ڪئي هئي ته مان پنهنجي ڄمار ڄاڻڻ
کانسواءِ نه مران. منهنجي ڄمڻ جو مهينو ۽ سال پوين
ڄنگهن جي کرن تي لکيل آهي اهو پڙهه. بگهڙ چيو ته
پوءِ مون کي پنهنجا کر ڏيکار. گهوڙي پوين ٽنگن سان
لتون ئي ٻه وهائي ڪڍيون، جنهن ڪري بگهڙ اتي جو اتي
مري ويو.
·
مرلي ڌر مٽلاڻي سکر
وطن جي مٽي
گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن ملڪ تي هڪ
بادشاهه حڪومت ڪندو هو. هڪ ڀيرو ان ملڪ جي پاڙيسري
ملڪ مان ڪي خاص مهمان اهو ملڪ گهمڻ آيا. بادشاهه
سندن ڏاڍو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کين پنهنجو ملڪ
گهمايائين. مهينو رهڻ کانپوءِ انهن بادشاهه کان
موڪلايو. بادشاهه کين موتي، هيرا جواهر ۽ ٻيون
قيمتي شيون تحفي طور ڏنيون ۽ ساڻن گڏ ٻه وزير
بندرگاهه تي ڇڏڻ لاءِ ڏنا. جڏهن اهي ماڻهو وزيرن
سان گڏ بندرگاهه تي پهتا ته وزيرن کين عرض ڪيو ته
پنهنجا بوٽ لاهي ڏيو ته ڇنڊي صاف ڪري ڏيون. مهمان
ملڪ جي ماڻهن ائين ڪيو، پر حيرت مان ان جو سبب
پڇيو. تنهن تي وزيرن وراڻيو: توهان کي اسان قيمتي
جواهر هيرا ۽ ٻيون شيون سوکڙيءَ طور ڏنيون آهن، ان
کان وڌيڪ به توهان چاهيو ته اسان ٻيو به گهڻو ئي
ڏئي سگهون ٿا، پر اسان پنهنجي وطن جي مٽي اوهان کي
ڪنهن به قيمت تي ڏيئي نٿا سگهون. اهو ئي سبب هو جو
اوهان جي بوٽن تان لڳل مٽي ڇنڊيسون. |