سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :4

اسان سڀئي جهڪي ان ڀت طرف هلياسون جت اهو چور هو. هن وقت ڀت تي ويهي وڻ جي ٽاري کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اسان هڪ منٽ اندر اندر ڀت جي ويجهو پهچي وياسون. پوءِ جيئن ئي اهو ”چور“ زمين تي ٽپ ڏئي لٿو، اسان کيس وڪوڙي وياسون.

        ”چور.....چور“ جا نعرا به هڻڻ لڳاسون ۽ کيس مارڻ به لڳاسون.

        چور ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جوڌا جوان کيس ڪٿي ٿا ڇڏيون. اسان جون رڙيون ٻڌي بابا ۽ نورو (نوڪر) ڀڄندا آيا. هنن بدحواسيءَ ۾ بتي به ڪانه ٻاري هئي. هلڪي اونداهي ۾ هنن به چور کي ڏسي ورتو. بس پوءِ ڇا هو؟ جو هو به ٿا اچي وٺنس.

        کنڀي کنيوسينس. کيس دڙڪا دهمان ڏيندا جاءِ ڏانهن هلڻ شروع ڪيوسين.

مون ڪيترائي  ڀيرا محسوس ڪيو هو ته چور ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر اسان حد کان وڌيڪ جوش ۾ هئاسون سو ڌيان ئي ڪو نه ڏنوسين.

        خير ... جڏهن جاءِ ۾ وٺي آياسون ۽ چور جي شڪل تي نظر پئي ته ... ڄڻ اسان کي ڪرنٽ لڳو ... يا ڪنهن وڇونءَ ڏنگيو جو اسان چور کي ڇڏي ٻه ٻه قدم پٺتي هٽي وياسون. ها ... اهو چور چور نه پر اسان جو وڏو ڀاءُ ”ادا“ هو.

        اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته بابا فلمن ڏسڻ جو سخت مخالف آهي. پر جيترو بابا مخالف، اوترو ئي ادا فلمن جوشوقين. سو شهر ۾ هڪ سٺي فلم ڏسڻ لڳڻ ڪري، هن کي به شوق ٿيو شام جي شو ۾ وڃي نه سگهيو جو بابا کيس ڪم لاءِ وٺي ويو هو ان ڪري آخري شو ۾ ويو. سو به اهڙي اٽڪل سان ته ڪمري ۾ وڃي اندريون در بند ڪر دري کولي ان مان نڪري، فلم تي هليو ويو اسان جي ليکي ته همراهه ننڊ ۾ آهي. رات جو آخري شو ڏسي، جيئن ئي ڀت ٽپي اندر ٿي آيو ته کٽي کنيس جو اسان جي ور چڙهي ويو.

        ”تو لاءِ ايتري ئي سزا ڪافي آهي اميد ته اڳتي ائين نه ڪندين!“ بابا ادا کي چئي اندر هليو ويو. ادا پڻ اسان کي گهوريندو اندر هليو ويو.

        اسان به ڪنڌ هيٺ ڪري جاءِ مان نڪري باغ ڏانهن هلياسين. اسان جو ارادو وري راند کيڏڻ جو هو.

§  شيخ امداد علي لاڙڪاڻو.

ماءُ جي محبت

ماءُ جي محبت کي دنيا ۾ ڪير ٺڪرائي نٿو سگهي. ماءُ جي محبت اها عظيم محبت آهي. جنهن جي جيتري ساراهه ڪجي اها تمام گهٽ آهي. ماءُ کي ٻچي لاءِ بي انت محبت هوندي آهي. محبت لفظ ئي ڪيترو نه پيارو لفظ آهي. محبت ڇا کي چئبو آهي؟ محبت جي اسان کي ڪهڙي خبر مگر اسان کي ته محبت جو سبق ماءُ ٿي ڏي. اسين ننڍڙي هوندي ماءُ جي پيار ۽ شفقت کي ڏسي چئون تا ته انهي پيار جو جو نالو محبت آهي.

        ماءُ کي پنهنجي ٻچڙي لاءِ ايتري محبت هوندي آهي جيتري پيءُ کي به نه هوندي آهي. ماءُ جهڙي شخصيت ڪٿان لڀي؟ جيڪڏهن اولاد بيمار ٿيندو آهي ته ماءُ جي ننڊ حرام ٿي ويندي آهي. جيستائين اولاد بيمار هوندو آهي. تيستائين ڄڻ ته ماءُ به بيمار هوندي آهي. سبحان الله! مگر اڄڪلھ جو نادان اولاد جنهن کي ماءُ جي محبت جو ڪوبه قدر ڪونه آهي. ماءُ جي محبت ۽ پيار جو ڪو به احساس ڪونهي. ماءُ بيمار ٿيندي ته پاڻي جو ڍڪ به پيارڻ کان تنگ ٿي پوندو آهي.

        جيڪڏهن اولاد ماءُ کان ٿورو جدا رهندو ته ماءُ کي انتظار رهندو. جڏهن اولاد اچڻ تي هوندو ته پوءِ ماءُ جي چهري کي ڪير ڏسي. چهرو خوشي کان ٻهڪندو نظر ايندو. خوشي جا لڙڪ اکين تائين اکين تائين ايندا ۽ جڏهن وڇڙيل اولاد ملندو ته محبت جا جذبات ايترا وڌي ويندا جو هن جي دل کان ڪير پڇي ته اڄ هن جي دل ڪيتري خوش آهي.

        مگر اڄڪلهه جو سنگدل اولاد پرديس ۾ وڃي هر شيءِ کي ڀلجي وڃي ٿو. هو پنهنجي عظيم ماءُ کي به وساريو ڇڏي، پوءِ کين ڇو نه چئجي ته اڄڪلهه جو اولاد جنت کان منهن موڙي رهيو آهي ۽ دوزخ کي پنهنجي بنائڻ جي ڪوشان آهي.

مگر پيارا ڀائرو ياد رکو! ماءُ کان ڪڏهن به نه منهن نه موڙيو. ماءُ ئي توهان لاءِ راتين جو راتيون حرام ڪري ٿي ٿورو پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسو ته جيتريون تڪليفون ماءُ اسان جي لاءِ ڏٺيون انهيءَ جي بدران توهان ماءُ جي ڪهڙي خدمت ڪئي. ان جي عيوض ۾ اسان، ماءُ جي ايتري خدمت ڪريون جو سندس دل مان ازخود اولاد لاءِ دعا نڪري ۽ ماءُ جي دعا ئي اسان جودين خواھ دنيا سڦلو ڪري سگهي ٿي.

§ اصغر حسين ٽالپر، ٽنڊو جان محمد.

 

سهڻا سخن

حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته:

1-     جا شئي اوهان وڃايو ٿا، اُن ٿي غم نه ڪريو ۽ جنهن شيءَ جي ملڻ جي اوهان کي اُميد آهي، ته اُها شئي اسان کي ملندي، مغرور نه ٿيو.

2-    بُرن ڪمن کان اهو ماڻهو بچي ٿو، جيڪو برين ڳالهين کان پرهيز ڪري ٿو.

3-    عقلمند اهو آهي، جنهن جو عقل کيس بُرن ڪمن کان روڪي.

4-    بيڪار ماڻهو شيطان آهي.

5-     ادب جا طالبو، سون جي چاهيندڙن کان وڌيڪ عقلمند ۽ هوشيار آهن ۽ ادب جي طلب شرافت لاءِ زيور ۽ سينگار آهي.

6-    آخرت ۾ سڀ کان وڌيڪ غني اهو هوندو، جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ محتاج هوندو.

 

اوهان جو امتحان

 

پيار ٻارؤ،

        هيٺ ڏنل تصويرن ۾ ٻڙيون ڏنل آهن، جن تي نمبر پڻ لڳل آهن. اوهان اهي ٻڙيون ملائي ڏسو ته ڇا ٿو نظر اچي، جيڪي نظر اچي ٿو اهو انسان آهي يا حيوان يا پکي آهي يا بيجان شيءِ آهي ۽ ان جو نالو پڻ لکي موڪليو. جواب موڪلڻ جي آخري تاريخ 10 – جون، آهي، صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن جا نالا جولاءِ جي پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.

پرولي ته ڀڃ

* رومانه خالد عرساڻي حيدرآباد

1.پاڻ ننڍڙي، پر پڇ وڏو.

2. گهر گهر مٿان گُڪو چور.

3. مڙس ٻڌو پيو آهي زال پئي گهمي.

 

* اڪرم سومرو خيرپور ميرس

4. مٿان ڪارو، هيٺان ڳاڙهو،

5. جبل آهن ته پٿر ڪونهي. درياء آهي ته پاڻي ڪونهي، دڙا آهن ته واري ڪانهي، ٻڌايو ته ڇا آهي؟

6. اُس ڏسي اُسريو وڃي، ڇانو ڏسيو ڇپيو وڃي، واءَ کان پيو وئون وڃي

* الهه بخش سولنگي دڙو

7. سائي مسجد، پيلا خانا جنهن ۾ رهن ٿا شيدي ديوانا.

8. چهنب آهي پر پکي نه آهي، ڦري ٿو پر فقير نه آهي، چيلهه ۾ رسو اٿس پر چور به نه آهي.

9. ٽنگون سندس سڳا، کائي ٿو ڍور ڍڳا، پر مري بندوق سان به نٿو

* سليم قادر ميمڻ لاڙڪاڻو

10. پارئون آيو مڙس ملنگ، جنهن کي سائي ٽوپي ڪارو رنگ.

* علي محمد عباسي لاڙڪاڻو.

11. هڻ هڻ ته وڍجي ئي نه.

اسرار اعواڻ جيڪب آباد

12. گهر گهر ۾ لال ڪنوار.

* محمد منير بلوچ تلهار

13. اول ڪُٽي پاسا پوءِ ڪري ٻرڙاٽ.

14. جي ڍڪيل ته مادي، جي اگھاڙي ته نر.

15. چار سنڱ، رنگ ڪارو، هڻ چڪ ته لڳي ڪسارو

* اصغر حسين ٽالپر ٽنڊو جان محمد.

16. اهڙي انڌي جا ڏسي به ڪجهه نه، جهر جهنگ لتاڙي ڪڇي به ڪانه.

* محمد محسن علي جيڪب آباد

17. گهر گهر ۾ ڪارو چور.

* عبدالعزيز رنگريز ميرپور بٺورو

18. آهيان عرش تي، ڪران فرش تي،دنيا کي سائو ڪريان، امير غريب لاءِ هڪجهڙي آهيان.

19. رينگٽ ڪري نار وانگيان نار به ناهي، جهولي ٿو جن جيان جن به ناهي، ماڻهو مٿس ويهي پر جانور ناهي.

* فضل الرحمان ميمڻ دڙو

20. هڪ پري آ رنگ رنگيلي، ڪجهه سا.ئي آ ڪجهه پيلي، مينهن ۾ وهنجي ايندي آ، ايندي ئي رنگ ڄمائيندي آ، هن جو ڪوئي ناز ڏسي، رنگ رنگيلو انداز ڏسي، جلدي جلد لڪي ويندي آ.

*مظفر قريشي نوابشاهه

21. ٻه ڀائر اهڙا آهن جيڪي رات جو بند ٿين، ڏينهن جو کلن.

* نامعلوم ادو

22. ڪارو ڪارو آهي ڪوئلي جان، ڪوئلو به نه آهي، تانگهو ۽ گول آهي ٿالهي جان، ٿالهي به نه آهي،ڳالهائي ٿو ماڻهوءَ جان پر ماڻهو نه به آهي.

23. جان وڃان بازار ۾ ته بيٺو آهي نانگو نيش،چاليهه چيلا چاڪريءَ ۾، سؤ سٺ نوڪر.

ڀڃڻي

1 سئي ڌاڳو 2 منگهه 3 ڪلف ڪنجي 4 ڏيئو 5 نقشو 6 پگهر 7 پپيتو 8 لاٽون 9 مڇر 10 واڱڻ 11 پاڇو 12 باهه 13 ڪڪڙ 14 ساري ۽ چانور 15 لؤنگ 16 جُتي 17 تئو 18 مينهن 19 پينگهو 20 انڊلٺ 21دروازو 22 فوني جو رڪارڊ 23 مڻ جو وٽ

کل ته سهي!

ميمونه شمس الدين عرساڻي

وڪيل: (زال) کي ماني تيار آهي يا آئون هوٽل ۾ وڃان.

زال: پنج منٽ ترسو.

وڪيل ڇا ايتري وقت ۾ ماني تيار ٿي ويندي؟

زال: نه پر تو سان گڏ هلڻ لاءِ آءٌ به تيار ٿي وينديس.

عنايت علي ڀٽي حيدرآباد

پيءُ: پٽ، تون سمهڻ کان اڳ ڪهڙي دعا گهرندو آهين.

منو: آءٌ ته نه پر امان روز دعا گهرندي آهي.

پيءَ: ڪهڙي؟

منو: خدا پاڪ جو شڪر آهي جو منو سمهي پيو.

شوڪت علي کماڻ ٺٽو

شاگرد : (استاد کي) سائين مون کي موڪل ڏيو مون کي ڀاءُ ٿو ڄمي.

استاد: توکي ڪيئن خبر پئي. شاگرد : (سائين) هڪ سال اڳ منهنجي ماءُ کي پيٽ ۾ سور پيو هو ته ڀيڻ ڄائي هئي. هاڻ بابا کي پيٽ ۾ سور پيو آهي ته ڀاءُ ڄمندو.

پريم چند نارواڻي ميرپور ماٿيلو

پيءُ : پٽ ڪراچي پهچڻ شرط تار موڪلجائين.

پٽ: بابا، تار جست جي هجي يا ٽامي جي.

ڪستور اترادي

استاد: (شاگرد کي) تون کي ڪٿي پيدا ٿيو هئين.

شاگرد: سائين، اسپتال ۾.

الطاف احمد ميمڻ دڙو

عزيز: ٻڌو اٿم ته تنهجي ڪڪڙ سائيڪل هيٺان اچي ويئي هئي، مري ته ڪونه وئي؟

اشفاق: نه بچي ويئي پر هاڻي ڀڳل بيضا لاهيندي آهي.

ماءُ پٽ! پاڻ سڀ مٽيءَ جا ٺهيل آهيون.

پٽ امان پوءِ تون مون کي نه مارج نه ته آءٌ ڀُري ويندس.

* * * * *

جج: (چور کي) اڙي تون هيڏي ڊگهي لٺ ڇو کڻي آيو آهين؟

چور: سائين! انڪري جو سمن ۾ لکيل هو ته پنهنجي بچاءُ جو پورو بندوبست ڪري ايندا.

سنمک لال ڪنڌ ڪوٽ

هڪ مسخري کان ڪنهن ماڻهو پچيو، ”ادا تنهنجي مٿي جا وار اڇا ۽ ڏاڙهي جا وار ڪارا ڇو آهن؟“

مسخري جواب ڏنو ”ڀائو منهنجي مٿي جا وار ڏاڙهي جي وارن کان عمر ۾ ويهه سال وڏا آهن.“

نامعلوم ادو

ڊاڪٽر: (مريض کي) تنهنجي ننڍي آنڊي ۾ خرابي آهي باقي وڏو آنڊو بلڪل ٺيڪ آهي.

 مريض: سائين جي ننڍي آنڊي ۾ خرابي آهي ته ننڍن تي ڪهڙي ميار، وڏو ٿيندو ته پاڻيهي ٺيڪ ٿي ويندو.

ڪرتار لعل ڪنڌ ڪوٽ

هڪ ڏينهن استاد ڪلاس ۾ چيو ”جيڪو ماڻهو ميل تائين ڏسي سگهي ٿو تنهن جي نظر سالم آهي“. تنهن تي هڪڙي شاگرد چيو، ”سائين تڏهن چئبو ته دنيا ۾ گهٽ نظر وارا ٿورا آهن ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري سڀ ماڻهو، سج، چنڊ، تارا ڏسي سگهن ٿا جيڪي هتان هزارين ميل پري آهن“.

امر لال لاڙڪاڻو

        هڪ مزور سرون سٿي ڪري رهيو هو ته هڪ سر ڇڏائجي ويس ۽ ڀڃي پئي. هڪ ٻار مزور کان پڇيو ته هن سر کي ڇا ٿيو؟ مزور هڪدم وراڻيو ”سر جو هردو ڦاٽي پيو.“

خان محمد بڪيرا

پيءُ : (پٽ کي) پٽ ڏس ته ڪمري ۾ گهڙيال هلي پيو يا نه؟

پٽ- نه بابا، گهڙيال بيٺو آهي پر ان جو پڇ ٺڪ ٺڪ پيو ڪري.

جاويد ابڙو هالا

هڪ ڊاڪٽر، هڪ ڇوڪري جو معائنو ڪري کيس چيو ته توکي واري جو تپ آهي. ڇوڪر چيو ته مون کي هڪ نه ٻئي ڏينهن تپ اچي ٿو.

ڊاڪٽر چيو ته اهوئي وارو آهي. ڇوڪري وراڻيو ته نه واري جو مطلب اهو آهي ته هڪ ڏينهن توکي تپ اچي ۽ ٻئي ڏينهن مون کي اچي.

هنن سان ملو

 

350. نالو : شام لعل ولد جونڪي مل

(پڙهندڙ ڪلاس ڇهون اي.)

عمر: 12 سال.

وندر قلمي دوستي رکڻ ۽ فوٽو گڏ ڪرڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپور ماٿيلو.

351. منور لعل ولد واپر مل

(پڙهندڙ ڪلاس ڇهون اي).

عمر: 12 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپور ماٿيلو.

352. نالو: اوم پرڪاش ولد راول مل لنڊ (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون اي)

عمر 12 سال.

وندر : ڪرڪيٽ راند ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس : گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپورماٿيلو.

353. نالو: جئپالداس ولد پرسرام (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون اي.).

عمر 13 سال.

وندر : ڪرڪيٽ راند ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس : گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورماٿيلو.

354. نالو: ميهرداس ولد ارجنداس (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون اي.).

عمر: 12 سال.

وندر ڪرڪيٽ راند ڪرڻ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو.

355. نالو: عبدالستار نظاماڻي (پڙهندڙ ڪلاس نائون).

عمر: 15 سال.

وندر : ڪرڪيٽ، والي بال راند کيڏڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس : گورنمينٽ مڊل اسڪول راڄو نظاماڻي تعلقو ماتلي ضلعو حيدرآباد سنڌ.

356. نالو : دليپ ڪمار ارجنداس ڦهاراڻي (پڙهندڙ ڪلاس پنجون الف).

عمر : 12 سال.

وندر : اسڪول جو ڪم ڪرڻ.

ائڊريس : گورنمينٽ نيشنلائيزڊ آدرش پرائمري اسڪول، ڪنڌ ڪوٽ.

357. نالو: پپو جئرامداس ”پروانا“

(پڙهندڙ ڪلاس اٺون ب).

عمر : 14 سال.

وندر رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس : گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌ ڪوٽ.

358. نالو: محمد بخش ولد ربن ملاح (پڙهندڙ ڪلاس پنجون).

عمر : 9 سال.

وندر : گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس : بس اسٽاپ، سڪرنڊ.

359. نالو: رسول بخش خاصخيلي ولد الهه بخش خاصخيلي (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون بي.)

عمر : 13 سال. وندر گل ڦل پڙهڻ ۽ مضمون نويسي ڪرڻ.

ائڊريس : ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي، پوسٽ آفيس ڄام مراد علي ملير سٽي ڪراچي نمبر 23.

360. عبدالرشيد ولد در محمد کوسو (ڪلاس نائون – سي).

عمر : 13 سال.

وندر : قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس : معرفت چوڌري غلام رسول هوٽل وارو نزديڪ ڪشمور ناڪو ڪنڌڪوٽ.

361. نالو: عبدالفتاح ولد رشيد احمد سيال. (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون – بي).

عمر 9 سال.

وندر گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ ضلعو جيڪب آباد سنڌ.

 

سلام ۽ سنيها

 

بدين کان راجا محمود ميمڻ لکي ٿو: توهان کي نئين ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ ٿو ڏيان ۽ اميد ته توهان انهيءَ رسالي کي پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان وڌيڪ ڪامياب ڪندا.

ادا، توهان انهيءَ رسالي ۾ هر مهيني دنيا جي ڪنهن به هڪ ملڪ متعلق لکندا ڪريو، دنيا جي ڪنهن عظيم شخصيت متعلق لکندا ڪريو ۽ سنڌ سڳوري جي به ڪنهن عظيم شخصيت بابت لکندا ڪريو، جيئن اسان جي معلومات  ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي.

         [ادا، مبارڪ لاءِ مهرباني، هن پرچي بابت پنهنجي راءِ موڪليندا ته اوهان جي گهر مطابق ڪجهه آهي يا نه؟]

لاڙڪاڻي کان زاهده پروين سنديلو لکي ٿي:

        مون کي اوهان جو پيارو رسالو گل ڦل زياده پسند آهي، آءٌ  هر مهيني وٺندي آهيان. مون کي ان ۾ ننڍڙن ٻارڙن جو پياريون ڪهاڻيون ڏاڍيون پسند اينديون آهن.

آءٌ به اهڙي سنڌي رسالي کي مضبوط ۽ سهڻو بنائڻ لاءِ هميشا ڪهاڻيون موڪليندي رهنديس، اميد ته اوهان به شايع ڪندا. آءٌ هاڻي به اهڙي مٺڙي رسالي لاءِ هڪ ننڍڙي ڪهاڻي لکي موڪلي رهي آهيان، اميد ته شايع ڪندا، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسان جي، سنڌي رسالا اسان جا، ته وڌائڻو به ته سنڌين کي ئي آهي.

مان اسڪول ۾ به هر سهيليءَ کي هيءُ رسالو وٺرائيندي آهيان، جيڪڏهن ٻارڙن جا فوٽو شايع ڪيو ته آءٌ موڪليان ۽ آءٌ چترڪاري ڪندي آهيان، آءٌ  اهي به هن رسالي لاءِ موڪليندي رهنديس اميد ته شايع ڪندا.

] ادي، ڪهاڻي شايع ٿيڻ جهڙي هوندي ته شايع ڪبي. فوٽا به جلدئي شايع ڪبا. چترڪاري موڪليو شايع ڪنداسون. اوهان جو ساٿ رهندو ته رسالو، ان کان وڌيڪ خوبصورت ٿي سگهي ٿو.[

مٽياري مان جان محمد شيخ لکي ٿو:

آءٌ ”گل ڦل تمام گهڻي چاهه سان پڙهندو آهيان، ۽ پسند به ايندو اٿم مگر مون کي پنهنجو خط ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي ۽ مون ڪهاڻي به موڪلي آهي جنهن جو نالو آهي ”ٻه ڀائر“ مگر اها به شايع نه ٿي.  آءٌ رسالو گل ڦل نه پڙهندس. آءٌ اهو چاهيان ٿو ته ”گل ڦل“ رسالي ۾ سوال جواب ڏيو ته رسالو تمام بهترين ٿي ويندو، ۽ هيءَ رسالو تمام دير سان اچي ٿو. اميد اٿم ته رسالو جلد پهچندو.

[ادل ! ڪاوڙ نه ڪريو، خط شايع پيا ڪريون. اوهان پنهنجي آکاڻي لاءِ به هن پرچي ۾ ڳولا ڪريو، سوال جواب ڪالم زير غور آهي.]

ڳوٺ دودو ٻگهيو کان غلام قادر لکي ٿو:

مون کي رسالي جي ڏسڻ جي سڪ هئي. تازو پرچو نظر مان گذريو سچ پچ اسان ٻارڙن جو رهنما آهي. رسالي ۾ هيٺيون ڳالهيون ڪونه آهن:

1.      تاريخي ڊراما ڪونه آهن. تاريخي ڊراما ڏيندا ڪريو.

2.     فوٽن لاءِ ٻارڙن جا خط ڏسي افسوس ٿيو. ادا اڄڪلهه اسان سائنسي دؤر ۾ رهون ٿا، اسان کي هر رسالي ۾ پنهنجو نالو، پتو ۽ فوٽو ڏسي خوشي ٿيڻ نه گهرجي. مگر ڪم ڪرڻ گهرجي. ادل! منهنجو عرض آهي ته فوٽو انهن جا ڀلي ڇپيو. جن جا ليک ۽ نظم اچن پوءِ چاهي اهي وڏا سنڌي اديب هجن يا ننڍا. ٻين جا نه ڇپيندا. ادل اڄڪلهه اسان سنڌي ٻارڙن کي پنهنجي تاريخ، پنهنجي ثقافت ۽ روايتن جي به پوري خبر نه آهي نه ئي سنڌ جا ۽ ان جي شهرن جا نقشا آهن، انڪري اوهان تي لازم آهي ته سنڌ جي تاريخ مان ڪجهه نه ڪجهه ڏيندا ڪريو، اسان ۾ نئون روح ڦوڪيو اهو اوهان جوئي ڪم آهي.

[ادا، مون کي اوهان جي جذبات جو احترام آهي، پر اسان کي سڀني ٻارن جي جذبات جو خيال ڪرڻو پوي ٿو. سنڌ بنسبت گل ڦل ۾ اسان ڏيندا رهون ٿا ۽ آئيندي به ڏيندا رهنداسون. اوهان جي قيمتي مشورن لاءِ مهرباني.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com