سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

ٿورين گهڻين ڏينهن ان شهزادي ۽ حسينا جي ڌام ڌوم سان شادي ٿي ۽ هو پنهنجي زندگي آرام سان گذارڻ لڳا.


 

§  آفتاب حسين يوسف زئي حيدرآباد سنڌ

قديم سائنس

 

جيئن ته موجوده دؤر عالمگير ۽ ائٽمي طاقت جو معترف ۽ مظهر آهي پر قديم سائنس، جا دقيانوسي ليکي وڃي ٿي ۽ موجوده وقت ۾ عدم ايجاد آهي، تنهن جو بيان دنيا جي دفترن تان اڃا ميسارجي نه سگهيو آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کي ”علم الانسان مالم يعلم“ ۽ اشرف المخلوقات جهڙا القاب ڏئي کائنس اهڙا ڪرشما ۽ ڪرتب ايجاد ڪرايا آهن جو دنيا اُهي ڏسي حيرت ۾ رهندي آئي آهي.

دؤر حاضر ۾ دنيا پنهنجي اوج ۾ انتها تي پهچي چڪي آهي، ڇاڪاڻ جو هن وقت جو انسان پنهنجو پرواز چنڊ، مريخ ۽ مشتري جهڙن گرهن ڏانهن ڪري رهيو آهي. ليڪن قديم ۽ ابتدائي دؤر، جو هن وقت جي مقابلي ۾ اڻ سڌريل ۽ گهٽ علم شمار ڪيو وڃي ٿو. تنهن ۾ نظر ڦيرائجي ٿي ته اِن ڏس ۾ ڪهڙي ۽ ڪيتري ترقي ڪئي هئي. جيئن ته قديم مصرين جا يادگار (پيرامڊس) اڃا تائين موجود آهن جن مان هزارين سالن جو اناج وغيره تازه ترين حالت ۾ ملي ٿو، ۽سندن تابوتن ۾ محفوظ ڪيل مردن جو صحيح سلامت نڪرڻ ڪا اهڙي ڳالهه نه آهي جنهن کي نظر انداز ڪري ڇڏجي!

نمرود جي وقت ڏي نظر ڦيرائندؤ ته سندس ھيٺيان ڪارناما مشهور ۽ دنيا جي قديم ڪتابن ۽ دفترن ۾ موجود ملندا.

پهريون: ملڪ ۾ ڌارين ماڻهوءَ جي وارد ٿيڻ جي خبر لاءِ نمرود شهر جي ٻاهران هڪ حوض تيار ڪرايو، جنهن ۾ سنگ مرمر جو هڪ پکي ”بدڪ“جي صورت جهڙو ٺهرائي رکيو هو، جڏهن ڪو به ڌاريو ماڻهو  شهر ۾ داخل ٿيندو هو ته پکي زور ۽ شور سان رڙيون ۽ دانهون ڪندو هو، جنهنڪري سڄي شهر ۾ ان جي آمد جي خبر پئجي ويندي هئي.

هي پکي منتظيمن (انتظام رکڻ وارا) جي بي اعتماديءَ کان ٺهرايل هو. ٻيو: نمرود هڪ نقارو تيار ڪرايو هو، جنهن ۾ هيءَ خوبي هئي جو جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ جي چوري ٿي ويندي هئي ته هو جن ماڻهن ۾ شڪ و گمان رکندو هو، تن کي ان نقاري تي هٿ رکايو ويندو هو، جو حقيقت ۾ چور هوندو هو ته ان جي هٿ رکڻ سان نقاري مان اهوئي نالو وڏي آواز سان ٻڌڻ ۾ ايندو هو.

ٽيون: روايت آهي ته نمرود هڪ اهڙو آئينو (درسني يا آرسي) تيار ڪرايو هو، جنهن ۾ گم ٿيل يا ٻاهر ويل ماڻهو چٽيءَ طرح ڏسي سگهبو هو ۽ سندس حال ۽ احوال پڻ معلوم ڪري سگهبو هو.

چوٿون: نمرود هڪ حوض ( تلاءُ) تيار ڪرايو هو، هن ماڻهن (رعايا) کي حڪم ڏنو ته سڀڪو ماڻهو پاڻياٺي (مشروب) شيءَ جو هڪ – هڪ گلاس انهيءَ حوض ۾ وجهندو وڃي. جڏهن سڄو حوض ڀرجي ويو، تڏهن وري هر هڪ ماڻهوءَ کي حڪم ٿيو ته تلاءَ مان هڪ - هڪ گلاس ڀريندو وڃي آخر ۾ ڏٺو ويو ته جنهن ماڻهوءَ  جا شيءِ حوض ۾ وڌي هئي، سائي کيس واپس ملي! يعني جنهن پاڻي وڌو هو تنهن کي پاڻي مليو ۽ جنهن کير يا شربت وڌو تنهن کي کير يا شربت مليو.

پنجون: نمرود هڪ تلاءَ جي ڪناري تي پنهنجي نگراني (تابعداري) هيٺ آيل ملڪن جو هڪ نقشو تيار ڪرائي ڇڏيو هو. جڏهن ڪنهن به تابعدار حاڪم تي کيس ڪاوڙ يا غصو ايندو هو ته ان تلاءَ مان هڪ تيز رفتار نهر، ان نقشي ۾ نشان ڪيل هنڌ ڏانهن ئي رواني ڪري ڇڏيندو هو، جنهڪري هو حاڪم غرق آب ٿي (ٻُڏي) ويندو هو.

ڇهون: نمرود هڪ درخت (وڻ) تيار ڪرايو هو، اهو درخت نمرود جي درٻار لاءِ هوندو هو، جڏهن ان وڻ جي هيٺان هڪ ماڻهو ويهندو هو ته هڪ ڄڻي جيتري ڇانوَ ڪندو هو. اهڙي طرح انهيءَ درخت جي ڇانوَ ۾ ڏهن لکن ماڻهن تائين سمائجي سگهندا هئا.

ستون: نمرود جانورن جي حفاظت لاءِ شهر جي ٻاهران هڪ مهيب شڪل (هيبتناڪ) تيار ڪرائي ڇڏي هئي، جنهن جي اثر کان ڪو به جانور شهر ۾ داخل نه ٿيندو هو.

اٺون: نمرود سچي ۽ ڪوڙي جي سڃاڻ (پرک) لاءِ هڪ سائنسي شينهن تيار ڪرائي شهر جي داخلي دروازي تي ويهاري ڇڏيو هو، جو ڪوڙي شخص کي کائي ڇڏيندو هو.

رفته رفته اهو شينهن نمرود جي پڙپوٽي تائين هلندو آيو ۽ هيڏانهن وري حضرت سليمان عليه السلام جي نوبت وڳي (حڪمراني ٿي). حضرت سليمان نمرود جي پڙپوٽي تي ڪاھه ڪئي، وڏيءَ خونريزيءَ بعد نمرود جي پوٽي حضرت سليمان ڏانهن لکيو ته شينهن کان فيصلو ڪرائجي. حضرت سليمان ۽ نمرود جو پوٽو اچي شينهن جي سامهون بيٺا. شينهن هڪدم نمرود جي پوٽي کي کائي کپائي ڇڏيو. آخر حضرت سليمان حڪم خداوندي موجب اهو شينهن ڊهرائي (ڀڃائي) ڇڏيو.

مٿي ذڪر ڪيل سائنس جي سامان، نمرود ۾ اهڙا ته خود نمائي ۽ خود پرستي وارا خراب خيال پيدا ڪيا جو هو پاڻ کي خدا سڏائڻ لڳو.

انهيءَ مان ڏسجي ٿو ته حالانڪ هاڻوڪي سائنس باڪمال آهي ته به (اڳوڻي) قديم سائنس هن کان گهٽ نه هئي، هيءَ فقط هڪ دؤر جي سائنس آهي پر اهڙا ڪئين ٻيا به مثال ايندا رهندا!

 


 

§  ڊاڪٽر انور حسين ڀٽو

رومانيا ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت

[ڊاڪٽر انور حسين ڀٽو، ايم. بي. بي. ايس. لياقت ميڊيڪل اسپتال جو هڪ نوجوان ۽ ذهين ڊاڪٽر آهي، جنهن کي حڪومت پاڪستان اسڪالر شپ ڏئي اعليٰ تربيت لاءِ رومانيا جي بخاريسٽ يونيورسٽي ۾ موڪليو آهي. ڊاڪٽر انور حسين پنهنجي هڪ خط ۾ رومانيا ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت بابت جيڪو ذڪر ڪيو آهي، اهو گل ڦل پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ شايع ڪجي ٿو.

                                _ايڊيٽر]

هتان جي هر هڪ رهاڪوءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهين ڪلاس تائين تعليم لازمي آهي. هر شاگرد کي پنهنجي لياقت موجب پنهنجي پسند جي ڪورس ۾ وڃڻ جي اجازت ملندي آهي. تعليم مفت آهي، ڪتاب مفت آهن خاص طرح ننڍن ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ عورتون استاد رکيل آهن، جيڪي ٻارن سان پنهنجو  اهڙو ورتاءُ رکن ٿيون، جو هنن کي ڪڏهن به اسڪول مان ڀڄڻ ۽ اسڪول ۾ نه وڃڻ جي ضرورت پيش ڪا نه ٿي اچي. هتي ٻار کي مارڻ ته ڇا پر دڙڪو ڏيڻ به هڪ وڏو ڏوهه آهي.

هتي هر هڪ اسڪول سرڪاري آهي. انهن وٽ پنهنجي ضرورتن لاءِ ٽرانسپورٽ سرڪاري آهي ۽ خاص اسڪولن لاءِ بسون آهن، جيڪي ننڍن ٻارن کي کڻي اينديون وينديون آهن، جن جا پئسا مائٽن کي ڀرڻا پوندا آهن. هونئن به اسڪولن جا ٽائيم اهڙا رکيا ويا آهن، جن ۾ مائٽ ٻارن کي اسڪول ۾ ڇڏي ويندا آهن ۽ موٽڻ وقت ٻارن کي وٺي ويندا آهن. تنهنڪري ٻار رستن تي رلڻ گهمڻ کان بچي وڃن ٿا. هتي اسڪول ۾ يا ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ وڃڻ يا آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ وڃڻ بلڪل هڪڙي حيثيت آهي. اسڪول يا ڪاليج نه وڃڻ جي صورت ۾ غيرحاضر ٻار يا شاگرد کان ائين ئي جواب طلبي ڪئي ويندي آهي، جهڙي سرڪاري ملازم کان آفيس کان گسائڻ جي حالت ۾.

هتان جي درسي ڪتابن تي ڌيان ڏيڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اُنهن ۾ هڪ هڪ شيءِ عملي آهي. اسان جي لاءِ جيڪو ڪتاب ٻولي سکڻ لاءِ رکيو اٿن، اُن ڪتاب کي پڙهڻ سان نه رڳو ٻولي ٿي اچي پر هنن جي ملڪ جي سڄي جاگرافي، سڄي تاريخ، هنن جون رسمون ۽ خاص طرح ملڪ ۾ جيڪي سڌارا آندا ويا آهن، اُنهن جون ڳالهيون، سندن مشهور مشهور گهمڻ جون جايون ۽ روزمره جي زندگيءَ جا واقعا، مطلب ته ڪنهن ڳالهه، شيءِ يا جاءِ جو سبق اهڙيءَ طرح لکيل هوندو آهي جو اهو پڙهڻ سان، ڄڻ اسان اها چڱيءَ طرح گهمي، ڏسي ۽ ڪري سگهون ٿا.

ان سلسلي ۾ مزيدار ڳالهه اوهان کي ٻڌايان ته اسان کي معلوم هو ته ٻوليءَ جي پڙهائڻ واريءَ ليڊي پروفيسر کي انگريزي ڪانه ايندي آهي، تنهن هوندي به جيڪي ڪجهه اسان کي پڙهائيندي آهي اُهو اسين چڱيءَ طرح پيا سمجهندا آهيون. جيڪڏهن اسان کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڏکيءَ طرح ايندي آهي، ته هوءَ عجيب عجيب طريقن سان آخر اسان کي سمجهائي ويندي آهي. گذريل پنجن مهينن جي پڙهائي ۾ اڄ تائين هن جي زبان مان اسان هڪڙو به انگريزي جو لفظ ڪو نه ٻڌو آهي. پر ٽيون ڏينهن اسان کي خبر پيئي ته هوءَ خود انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر يعني پي. ايڇ. ڊي. ڪري آئي آهي. اسان جڏهن چيس ته ”توهان اسان کان اها ڳالهه ڇو لڪائي رکي، ته اوهان کي انگريزي ڪا نه ٿي اچي“ ته چيائين ته ”آءٌ جيڪڏهن انگريزي ڳالهايان ها ته توهان ترجمي تي زور ڏيو ها، ۽ مون کي اها خبر آهي ته انگريزي ۽ رومانيا جي ٻوليءَ جا گرامر مختلف آهن ۽ توهان پوءِ هميشه اسان جي ٻوليءَ جي گرامر وغيره ۾ چڪون ڪريو ها؟“

اهڙي طرح سان اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٻارن کي هتي تمام سٺا استاد پڙهائيندا آهن. ٻارن کي جاگرافي موڪلن ۾ سير سفر ڪرائڻ سان پڙهائيندا آهن. انهن کي تاريخ پپيٽ شو يا پتلين جي ناچ جي ذريعي پڙهائيندا آهن. هتي جا ماڻهو حسابن ۾ اسان وارن هندن کان به وڌيڪ زور آهن، خبر نه آهي ته ڪهڙا طريقا استعمال ڪن ٿا! اسڪولن ۾ ٻارن کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ٻاهر گهمائڻ وٺي ويندا آهن جنهن ۾ انهن کي عجائبخانا ڏيکاريا ويندا آهن. هتي طرح طرح جا عجائبخانا آهن، جن ۾ سائنس جا تمام گهڻا عجائبخانا آهن. جيڪڏهن ڪنهن بادشاهه جي آکاڻي پڙهائڻي هوندي اٿن، ته پتلين جو ناچ ڪرائي اُها ڏيکاريندا آهن.

ٻارن جي نصيحت لاءِ ڪا آکاڻي پڙهائڻي هوندين، ته اُن لاءِ به ڪو نه ڪو ناٽڪ يا ڊائيلاگ ڪرائي ڏيکاريندا. ٻاهر پتلين جي ناچ، ناٽڪ، يا تعليمي فلمن جا کيل خاص اسڪول جي ٻارن لاءِ مفت آهن، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو به اُنهن ۾ وڃڻ چاهي ته ان جي ٽڪيٽ عام ٻيءَ فلم جي ٽڪيٽ کان ڏهين پتي مس آهي. آچر جي ڏينهن ته هنن ناٽڪ گهرن ۾ ٻارن جا خاص پروگرام هوندا آهن ۽ مزي واري ڳالهه هيءَ آهي ته هر هال ۾ جيترا ٻار هوندا آهن، اوتريون اتي وري پوڙهيون عورتون يا پوڙها هوندا آهن، جيڪي ٻارن جا ڏاڏا يا ڏاڏيون هوندا آهن، جن جو ڪم آهي ٻار ۽ گهر سنڀالڻ. مطلب ته هتي رستن تي يا ناٽڪ گهرن ۾ يا ڪٿي اڪيلو ٻار ورلي نظر ايندو.

هتي سڀني اسڪولن جو يونيفارم ساڳيو آهي، هر هڪ ٻار کي خرچي پنهنجي گهران هڪ جيتري ڏيڻ جي نصيحت ڪئي ويندي آهي، هتي ٻار جي کرڻ جو الزام يا ذميداري مائٽن ۽ استادن تي رکي ويندي آهي. شام جي وقت ٽي. وي. تي هڪ ڪلاڪ ٻارن جو پروگرام روز ٿيندو آهي ۽ آچر جي ڏينهن ان لاءِ خاص وڏو پروگرام ٻارن لاءِ هوندو آهي. پر ان ۾ بيڪار ۽ خيالي ڳالهين کان هر پروگرام ۾ پرهيز ڪئي ويندي آهي. ٻارن کي هنن طريقن سان تمام گهڻيون ڳالھيون سيکاريون وڃن ٿيون. خاص طرح اخلاق جون ڳالهيون.

هڪ دفعي هنن جي ٽي. وي. پروگرام ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، جنهن ۾ هڪ ٻار، جنهن کي  Thank you (”توهان جي مهرباني!“) چوڻ جو عادت نه هئي، ان کي ٽي. وي. تي اهڙي نموني پيش ڪيو ويو، جو پروگرام ڏسڻ کان پوءِ خود مون به هر ڪنهن جاءِ تي Thank you چوڻ ڪونه وساريو. ٻيو دفعو هڪڙي پروگرام ۾ اهڙي ٻار جي ڪارٽون فلم ڏيکاري ويئي، جيڪو ماءُ پيءُ جو چوڻ نٿو مڃي. ان جي آکاڻي پرين ۽ ديون وغيره سان ملائي، ٻارن کي اهڙيءَ طرح ڏيکاريائون، جو اُها ڏسي مون کي پڪ آهي ته سڀ سڌري ويا هوندا ۽ چئيوان ٿي ويا هوندا. اهڙي طرح سان صبح جو سويل اُٿڻ، فضول خرچي نه ڪرڻ، نه پڙهڻ، سلام نه ڪرڻ، مطلب ته هر طرح اهڙي قسم جي اخلاقي تربيت جا پروگرام ٿيندا رهندا آهن، جيڪي ٻارن کي سٺي ۽ مفيد انسان بنائڻ ۾ کين ڪم اچن ٿا.

هتي هر ڪنهن ٻار کي ڪو نه ڪو ساز به گهڻو ڪري وڄائڻ ايندو آهي. هتي شاگرد پنهنجن جلسن ۾ پاڻ ڳائيندا وڄائيندا آهن. هتان جي ريڊيو ۽ ٽي. وي. جا هلائيندڙ ۽ انتظام رکندڙ تمام پڙهيل، لائق، ماهر ۽ اوچي اخلاقي درجي جا ماڻهو آهن. ائين کڻي سمجهيو ته ريڊيو يا ٽي. وي. تي جيڪو وايولن وڄائڻ تي رکيل هوندو، سو اُن ساز جي وڄائڻ ۾ گريجويٽ هوندو ۽ اُن شعبي جو ميوزڪ ڊائريڪٽر وري اُن ساڳئي فن ۾ پي. ايڇ. ڊي. يا ڊاڪٽر هوندو.

هڪ ڀيرو ريل ۾ اٺين ڪلاس جي هڪڙي شاگرد سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ جو موقعو مليو، پچيائين ته ڪٿان جا آهيو؟“، ٻڌايوسينس ته ”پاڪستان مان“. ٿوريءَ  ڳالهه ٻولهه کان پوءِ اسان کي ايوب خان جي پاليسيءَ کان وٺي، ڀُٽي صاحب جي پاليسي تائين سڀ ڪجهه ٻڌائي ويو. برصغير هندو و پاڪ جي تقريباً سڀني برک اڳواڻن جي نالن کان واقف هو. چيائين ته ”مون کي اخبارن مان هي سڀ خبرون پونديون آهن“.

§ الطاف شيخ                          پرڏيهي سير

 

سينگاپور

 

[پيارا ٻارؤ، الطاف شيخ، ڪالهه اوهان جهڙو ٻار هو ۽ اڄ سنڌ جي چوٽيءَ جي ليکڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هو سامونڊي جهازن جي انجنيئرجي حيثيت ۾ دنيا جا ستئي سمنڊ لتاڙي چڪو آهي. انهن ملڪن جي تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافت تي، الطاف شيخ ڇهه – ست ڪتاب لکيا اهن. ٻارن جي خواهش ۽ اداري گل ڦل جي گذارش تي الطاف شيخ هي معلوماتي مضمون خاص گل ڦل لاءِ لکيو آهي. پنهنجي راءِ ضرور لکندا. ايڊيٽر.]

سينگاپور ڏکڻ _ اوڀر ايشيا جو مشهور بندرگاهه ۽ شهر آهي، هو قدرتي طور اهڙي هنڌ واقع آهي جو هر جهاز پئسفڪ سمنڊ کان، هندي وڏي سمنڊ ڏانهن ايندي يا ويندي يا ڏکڻ چيني سمنڊ مان لنگهندي سينگاپور وٽان ضرور لنگهندو.سينگاپور هڪ روشن شمع آهي، جنهن جي چوڌاري جهاز، پتنگن وانگيان ميڙ ڪيو بيٺا هوندا آهن. بندرگاهه فقط نالي جو آهي، ڇاڪاڻ ته سامان آڻڻ نيڻ تي ڪو محصول ڪونهي، سينگاپور جي چوگرد رڳو سمنڊ ئي آهي. شهر جي وچان هڪ وڏي ندي لنگهي ٿي جيڪا اٽڪل نَوَ ميل ڊگهي آهي. هن شهر ۾ انيڪ مذهبن ۽ قومن جا ماڻهو رهن ٿا پر گهڻائي مسلمانن جي آهي انهن کان سواءِ ٻڌ، هندو، عيسائي، سِک ۽ پراڻي چيني ڌرم جا ماڻهو به آهن. قومي زبانو چار آهن، انگريزي، ملائي، چيني ۽ تامل. هتي ملايا، چين، پاڪستان، انڊونيشيا، ٿائلنڊ ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو رهن ٿا. سڀ کان گهڻا هندوستاني رهن ٿا سي به ڏکڻ هندستان جا، جن جي مادري زبان تامل آهي. دراصل سينگاپور، ڪنهن زماني ۾ هندستان جو حصو هو. انگريزن جي ڏينهن ۾ پڻ ڪجهه وقت هندستان جو وائسراءِ حڪومت ڪندو هو. 1819ع ۾ ٽمفورڊ ريفلز جو جاوا انڊونيشيا جو انگلينڊ طرفان گورنر جنرل به هو، ملايا جي سلطان کان ان ڳالهه جي اجازت ورتي ته سينگاپور جي ٻيٽ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان واپار وڙي لاءِ ڪوٺي قائم ڪئي وڃي جيئن هندستان فتح ڪرڻ کان اڳ انگريزن چالاڪي ڪري، پهرين (سن 1600ع ڌاري) ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪوٺي وجهڻ جي اجازت ورتي هئي، سلطان اهڙي اجازت ڏني، يا کڻي چئجي ته ڏيڻي پيس. پنجن سالن کان پوءِ ريفلز وري هڪ ٻيو معاهدو ڪيو، يعني آئي ٽانڊي ڪاڻ، ٿي ويئي بورچياڻي.اهڙيءَ طرح سينگاپور ايسٽ انڊيا ڪمپني جي جاگير بنجي ويو. 1830ع ۾ هنن کي بنگال ۾ شامل ڪيو ويو. ۽ 1851ع ۾ هندستان جي گورنر جنرل جي هٿ هيٺ هو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ سينگاپور، جپان جي قبضي ۾ اچي ويو. هينئر سينگاپور آزاد ٿي چڪو آهي، پر ان هوندي به اڃا انگريزن کي فوجي اڏي رکڻ جي اجازت آهي.

سينگاپور جو نالو دنيا ۾ مشهور آهي، جيترو سينگاپور خوشحال ۽ سڌريل آهي، ان مان ائين لڳي ٿو ڄڻ ته ڪو هي وڏي ايراضي وارو امير ملڪ هوندو پر اوهان کي هو پڙهي تعجب لڳندو ته سينگاپور، هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي، جنهن جي دنيا جي نقشي تي حيثيت فقط  ٽٻڪي جيان آهي. سينگاپور، ملايا سان ائين ڳنڍيل آهي جيئن ڪراچيءَ کان منهوڙو يا ڪيا ماڙي کان منهوڙو. ملايا جو شهر جوهور ۽ سينگاپور جي وچ ۾ فقط منو ميل سمنڊ آهي، فرق صرف اهيو آهي جو ڪياماڙي ۽ منهوڙي جي وچ ۾ لانچون ۽ ٻيڙيون هلن، پر سينگاپور ۽ جوهر جي وچ ۾ منو ميل هڪ پڪي ۽ ويڪري پل آهي، جتان موٽرون، لاريون ۽ ريل گاڏيون آساني سان اچي وڃي سگهن ٿيون. هتي آدمشماري اٽڪل ويهه لک آهي رستن تان ٽرئفڪ گهٽائڻ لاءِ پبلڪ بسون تمام گهڻيون ۽ ايڏيون آرامده آهن، جئين امير ماڻهو ۽ وڏا آفيسر به خود بخود پنهنجون موٽرون ڇڏي بسن ۾ سفر ڪن، ڪيتريون بسون ته ايئر ڪنڊيشنڊ آهن پر ٽڪيٽ جو تمام ٿوري اٿن. سينگاپور کي پنهنجي پيداوار ڪانهي، اتي جي رهاڪن جي گهڻو ڪمائي جو دارو مدار ٻاهرين ملڪن کان آيل سياحن ۽ جهازن جي آمدرفت تي آهي. ٿورو گهڻو رٻڙ، ناريل ۽ شيهو به ٿئي ٿو، جنهن مان زرمبادلو ڪمايو وڃي ٿو.

سينگاپور جي سڀ کان وڏي بازار ريفلز پئلس آهي، جا ڪيترين ئي ماڙين تي مشتمل ڊگهي ۽ وڏي آهي، هتي هر شئي ملي سگهندي. پر انهن جا اگهه تمام وڏا هوندا آهن، پر جيڪي فٽ پاٿن تي دڪان لڳايو ويٺا هوندا آهن، اهي ساڳي شيءِاڌ قيمت ۾ ڏيندا، پر هتي عوامي چين جا دڪان ”چائينا ايمپوريم“ ۽ ٻين ۾ قيمتون مقرر ۽ مناسب آهن،سينگاپور ۾ سنڌي تمام گهڻا رهن ٿا هاءِ اسٽريٽ نالي واري بازار ۾ اڪثر ڪري دڪان سنڌين جا آهن. هاءِ اسٽريٽ، سينگاپور جو ڪراچيءَ  جي صدر وانگر فيشن ايبل علائقو آهي. وڏا وڏا دڪان، جن ۾ گهڻا ڪپڙي جا آهن، سڀني دڪانن اڳيان ورانڊي جي شڪل ۾ اڏاوت وارو فٽ پاٿ، جن دڪانن اڳيان لنگهندي دڪانن مان ايندڙ خوشبودار ٿڌي هوا پاڻهي گراهڪ کي اندر ڇڪيو اچي. هتي اٽڪل ڏهه هزار سنڌي ڪٽنب رهن ٿا،۽ گهڻو ڪري هندو واپاري آهن. ٻه سؤ سال اڳي، جڏهن هندو سنڌورقي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پکري پيا هئا ته سينگاپور  به ان وقت کان آباد آهن.

سينگاپور جي فٽ پاٿ بازار

مون کي پنهنجي سنڌي ميزبان رامچندرٻڌايو ته ”چيني ۽ ملئي هتي جو زبانون آهن، اهي اسان ڄاڻون ٿا. پر سنڌي اسان جي مادري زبان آهي سو پاڻ ۾ يا گهر ۾ ڳالهائڻ کان ڪير به ڪونه ٿو روڪي.“

سينگاپور ۾ هڪ سنڌي اسڪول به آهي جتي ٻه شفٽون ٿين. جيڪي ٻار صبح جو مقامي زبانن جي اسڪول ۾ وڃن سي شام جو سنڌي اچيو پڙهن. ۽ جيڪي شام جو مقامي اسڪولن ۾ وڃن اهي صبح جو سنڌي اسڪولن ۾ اچيو پڙهن. هتي هڪ سنڌ هائوس به آهي، جتي ٻارن ۽ وڏن جا ڊراما، ورائٽي شو، ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻيون ٿينديون آهن. مون کي خود هڪ اهڙو جشن ڏسڻ جو موقعو مليو جيڪو ڏياريءَ جي موقعي تي ملهايو پئي ويو.

سنڌ هائوس سينگاپور ۾ ڏياري جي جشن جو ناچ

 

چوندا آهن ته لڇڻ اميري يا غريبيءَ تي نه هوندا آهن. هڪ غريب به سٺن گڻن جو مالڪ ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح سينگاپور به جيتوڻيڪ هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي ۽ مينهن به سدائين پيو وسي پر صفائيءَ ۾ سينگاپور جو مٽ دنيا ۾ ڪونهي. جتي ڪٿي صفائي ۽ ساوڪ نظر ايندي. هر هڪ گهر جي اڳيان گلن جي ڀت ڏسڻ ۾ ايندي. گذريل سال صفائيءَ جي مقابلي ۾ سينگاپور دنيا جو ”مسٽر ڪلين“ يعني ”صفائي جو سرتاج“ مڃيو ويو ۽ ان صفائي جو جذبو هتي جي ٻچي ٻچي ۾ آهي. جپاني چوڻي آهي ته، پنهنجو گهر ۽ ان جي اڳيان گهٽيءَ جو حصو صاف رکو ۽ توهان کي سڄو شهر صاف نظر ايندو.“ تي پورو پورو عمل ڪن ٿا.ان کان سواءِ حڪومت پڻ صفائي جي معاملي ۾ سخت آهي. بس اندر يا ٻاهر ٿڪ اڇلڻ تي پنجاهه ڊالر ڏنڊ (ٻه سؤ رپيا)، رستي تي پنا يا سگريٽ اڇلڻ تي به ساڳيو ڏنڊ ۽ ڇهه مهينا قيد. ڪچري ڦٽي ڪرڻ لاءِ شهر ۾ چپي چپي تي دٻا رکيل آهن، جن ۾ جمع ٿيل ڪچرو صبح کان شام تائين ٽرڪون ڍوئينديون رهنديون آهن.

سينگاپور سنسڪرت جي لفظ سنگاپورا مان نڪتو آهي،جنهن جي معنيٰ آهي ”شينهن جو شهر“ شهر ۾ سنگ  مرمر جا ڪيترائي شينهن جي شڪل جا بت لڳل آهن. هتي جي آدمشماري ويهه لک آهي ۽ دنيا ۾ چوٿون وڏو بندرگاهه آهي، ان کان سواءِ بين الاقوامي هوائي آمدرفت جو پڻ مرڪز آهي.

هي ننڍڙو ٻيٽ جنهن جي قدرتي اپت ڪانهي، نه ايتري پوک، نه کاڻيون، پر هتي جي هنرمند ۽ اورچ ماڻهن پنهنجي قابليت ۽ ذهانت سان پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي سکيو ستابو بڻائي ڇڏيو آهي. هتي جي مردن کي هپين وانگر ڊگهن وارن رکائڻ جي قانوني طور بندش آهي. سينگاپور جي رهاڪن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪار طرفان خاص طور زور ڏنو وڃي ٿو. قومي بجيٽ جو چوٿون حصو تعليم بلي خرچ ٿئي ٿو ۽ اسڪولن ۾ ايترا ڪمرا آهن، جتي ملڪ جو هر هڪ ٻار تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو. تعليم کان سو ا ءِ ٻارن کي تقريرن، بحث مباحثن ۽ راندين ڏانهن به مائل ڪيو وڃي ٿو. هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ هر هفتي تقريرن ۽ بحث مباحثن جا پيرڊ رکيا ويا آهن ۽ هر ٻار کي وارو ڏنو وڃي ٿو، جيئن ننڍي هوندي کان ئي ٻارن جو پبلڪ ۾ ڳالهائڻ کان حجاب ۽ شرم ڀڄي ۽ هو سٺو مقرر ثابت ٿي، آئيندي جو ابو ٿيڻ جون صلاحيتون پاڻهي پاڻ ۾ پيدا ڪري. 

گل ڦل جو انعامي مقابلو نمبر 1

 

گل ڦل جي پڙهندڙ ٻارن طرفان بار بار اهو اصرار ٿيندو رهيو آهي ته گل ڦل ۾ ٻارن لاءِ هڪ انعامي مقابلو شروع ڪيو وڃي جيئن هنن ۾ لکڻ جو چاهه وڌيڪ پيدا ٿئي. گل ڦل جي اداري طرفان، ٻارن جي ان گهر مطابق هي انعامي مقابلو شروع ڪيو ويو آهي. هن انعامي مقابلي جي شروعات هڪ مضمون سان ڪجي ٿي، جنهن جو عنوان آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com