وڌي جڏهن وڏو ٿيندس
مقابلي لاءِ آيل مضمونن مان پهرين ٽن کي انعام ڏنو
ويندو ۽ سندن مضمون، انهن جي فوٽن سان شايع ڪيا
ويندا. پهريون انعام، هڪ سال لاءِ گل ڦل مفت جاري
ڪيو ويندو.ٻيو
انعام: ڇهن مهينن لاءِ گل ڦل مفت، ٽيون انعام: ٽن
مهينن لاءِ گل ڦل مفت. مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙ بارن
کي هيٺين هدايتن تي خاص طور
ڌيان ڏيڻ گهرجي:
(1) مضمون پني جي هڪ پاسي، صاف اکر ۾ ۽ مس سان
لکيل هجن. (2)18 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار شريڪ
ٿي سگهن ٿا. (3) جيڪڏهن مضمون جي لکڻيءَ مان ائين
معلوم ٿيو ته
هو ڪنهن ٻار جو لکيل نه آهي بلڪ ڪنهن وڏي ڳا پختي
ليکڪ جو لکيل آهي ته اهو مضمون مقابلي ۾ شريڪ نه
ڪيو ويندو. (4) مضمون گهٽ ۾ گهٽ ايترو هجي جو گل
ڦل جي
ٻن
صفحن ۾ ماپجي سگهي ۽ وڌ ۾ وڌ ايترو هجي جو گل ڦل
جي چئن صفحن کان وڌي نه وڃي. (5) مضمون لفافي ۾
بند ڪري، لفافي مٿان ”گل ڦل جو انعامي مقابلو – 1“
لکي، ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12 حيدرآباد جي
ائڊريس لکي موڪلڻ گهرجي. (6) مضمون سان گڏ پنهنجي
تازي پاسپورٽ سائيز تصوير موڪلي وڃي ته بهتر
ٿيندو. (7) مضمون موڪلڻ جي آخري تاريخ 25 جون
1975ع آهي.
ناقابل اشاعت
[پيارا ٻارؤ؛
گل ڦل سان اوهان جي جيڪا محبت آهي، ان جي اسان دلي
آجيان ڪريون ٿا. پر ڪي ٻار ليکڪ ٿيڻ جي شوق ۾ اهڙا
ليک لکي ٿا موڪلين، جن کي نه ٺاهڻ ممڪن آهي ۽ نه
شايع ڪرڻ. ڪيترن ڀائرن جي اها گهر به بار بار
ٿيندي رهي ٿي ته ڀلا اهڙن ناقابل اشاعت ليکن جي
فهرست ڇو نٿا شايع ڪريو. اسان سندن ان گهر کي
واجبي ڄاڻي هن هيٺ ناقابل اشاعت ليکن جي فهرست
ڏيئي رهيا آهيون، ان آسري تي جيئن اهي ٻار دل نه
لاهين ۽ وري ان کان سٺيون لکڻيون ڏياري موڪلين.
ليکن جا صرف عنوان ڏجن ٿا، ٻار پنهنجا موڪليل ليک
پاڻ سڃاڻي، آئنده لاءِ اسان سان تعاون ڪرڻ لاءِ
اڳتي وک وڌائين.
-
ايڊيٽر]
ڪروڪٽ _ ٻه آفيمي – جيئي سنڌ – آس - غزل – سنڌن جي
هيءَ سنڌڙي جيئي – گلن جهڙا ٻارڙا – مورو – سائين
مان ته سنڌي آهيان – ساوڻ – سنڌي وطن هي منهنجو
پيارو – سنڌي ٻار – انتقام – مارئي ۽ مارو –
ايراني مرغي – منهنجي سنڌ ته عاليشان – سنڌي ٻولي
– منهنجي مٺڙي ٻولي – سزا – ڌڻ جو سنڀاليندڙ –
وائي _ ريڊيو گپوڙستان_ ڏاهريءَ جي نماز –
ٻارن
جي راند _ بيوقوفن
کان بيوقوف _ عجيب پروليون _ ڪنڀار سان شادي _
آرسي _ سست مرد – ڏوهي ڪير _ جادو جو باجو _ اخلاق
_ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي _ ٻه ڀائر _ مشاهدو _ واهه
ڙي گل ڦل _ ريڊيو انگورستان _ ڳاڙهو ڳل _ بنا
اولاد بادشاهه-
لومڙ ۽ ڪانءُ
_ ڪلو شرارتي _ همت _ چاچي بهاول جي آخوند کي دعوت
_ ظالم کي سزا _ راجپوت ۽ واڻيو _ پياري سنڌڙي _
هاريءِ جي حياتي _ محراب سنديلي جي سچي ڪهاڻي _
مزاحيه خبرون _ محمود غزنوي _ هڪ رات ۾ هيڏي
ڏاڙهي.
ٻارن جا ليک
§
شبير سرفراز شورو
سياڻو پورهيت
هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو ڪنجوس زميندار رهندو هو. هو ڪيترن
ئي غريبن ڪڙمين ۽ پورهيتن کي زمين تي زوريءَ ڪم
ڪرائيندو هو. ۽ اهڙو چالاڪ هوندو هو جو انهن
ويچارن پورهيتن
کي پورهئي جو پورو اجورو به ڪين ڏيندو هو غريبن ۽
پورهيتن سان ٺڳيون ڪندو هو.
هڪڙي سال جي ڳالهه
آهي
ته
سندس پوک پچي تيار ٿي هئي. هاڻ ڪنهن نئين مزدور جي
تلاش ۾ هو جنهن کان لابارو ڪرائي. هڪ روز بازار ۾
گهمندي هن جي نظر وڃي هڪ ڏتڙيل
مسڪين پورهيت تي پئي. هن کي سڏي چيائين ته: ” توکي
ڪم ڪرڻو آهي.“ هن چيو ”ها“ زميندار چيس ته فصل لڻي
ڏي توکي مزدوري ڏيندس.
”مون کي اهو ڪم گهڻو وقت ڪرڻو پوندو.“ مزدور پڇيو.
”جيستائين سوجهرو هوندو اوستائين توکي ڪم ڪرڻو
پوندو.“ زميندار چيو.
پورهيت سوال
ڪيو: ”ته پوءِ مون کي ان لاءِ مزدوري ڇا ملندي.“
”جيڪڏهن تو حڪم موجب ڪم ڪيو ته توکي هڪ ٿيلهي اٽي
جي ڀري ڏيندس.“
مون کي قبول آهي“ پورهيت وراڻيو.
غريب ماڻهو پنهنجو تيز ڏاٽو کڻي ڪم کي لڳي ويو.
اهڙي طرح هن هڪ ڪنڊ کان وٺي فصل ڪپڻ شروع ڪيو.
سندس ڏاٽو ڦڙتائي
سان هلندو رهيو. ڀاڪرن پٺيان ڀاڪر ڪانن جا لڻندو ۽
گڏا ٺاهيندا سٿيندو ويو. جيئن ڪم کي لڳو تيئن
منجهند تائين چيلهه سڌي به ڪانه ڪيائين منجهند جو
ٿوري دير لاءِ ڪم کي ڇڏي اچي وڻ جي ڇانو هيٺ ماني
جو ٽڪر ڀور کائڻ ويٺو. پيٽ ڀري وري به ڪم کي اچي
لڳو. فصل لڻندو رهيو جڏهن سج لهي. ويو تڏهن هن
پنهنجي
چيلهه سڌي ڪيئن پنهنجو
بدن ڇنڊي هي وڃي زميندار جي اڳيان بيٺو ۽ چيائين
سائين مون پنهنجو ڪم پورو ڪيو، هاڻي مون کي مزوري
ملي.
زميندار اکيون ڦوٽاري چيو، ” تو ڪم وري ڪيئن پورو
ڪيو؟“ ” اڃان اڌ فصل ته بيٺو آهي.“
” پر سائين سج ته لهي چڪو آهي ۽ چوڌاري اوندهه ٿي
ويئي آهي. ۽ مون کي ته سوجهري تائين ڪم ڪرڻو هو.“
”اڙي اهو ته ٺيڪ آهي، پر سوجهرو اڃان ختم ٿيو ڪٿي
آهي. سج لهي برابر ويو آهي. پر هوڏانهن آسمان ۾ ڏس
چنڊ،
سج جو ڀاءُ سوجهري ڪرڻ لاءِ اچي هن جي جڳهه تي
بيٺو آهي. مون تو کي چيو هو ته جيسين سوجهرو هوندو
تيسين ڪم ڪج هينئر سج جي
بجاءِ چنڊ جي سوجهري تائين ڪم ڪرڻو پوندو۽ پوءِ اجورو
ملندو.“
ويچارو غريب مزدور بيوس ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيو ۽ چپ
چاپ ڏاٽو کڻي وري ڪم کي لڳي ويو. سڄي رات چنڊ جي
روشني ۾ فصل لڻندو رهيو ۽ هوڏانهن زميندار مزي سان
ننڊ ۾ ڦوڪون ڏيندو رهيو. ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ کان اڳ
مزور سڄو فصل لڻي پورو ڪيو.
زميندا اچي ڏٺو ته سمورو فصل لبي چڪو هو. دل ۾
ڏاڍو سرهو ٿيو. پورهيت کي چيائين ته ” هينئر وعدي
موجب اٽي
جي ٿيلهي کڻي منهنجي چڪيءَ تي اچج ته توکي ڀري
ڏيندس.“
پورهيت گهر پهتو ۽ هڪ وڏي ڳوڻ کڻي مزي سان هلندو
زميندا جي چڪيءَ تي
پهتو ۽ زميندار کي چيائين ته ”وجھ منهنجي پورهئي
جو اٽو ۽ ڀر هن کي.“ زميندار جون اکيون عجب ۾ ڦاٽي
ويون ۽ ڪڙڪو ڪري چيائين ته ”مون توکي اٽي جي هڪ
ٿيلهي ڀيري ڏيڻ جو انجام ڪيو هو هيڏي وڏي ڳوڻ ڇا
لاءِ آندي اٿئي.“
”ها برابر پر هي وڏي ڳوڻ ننڍي ڳوٿريءَ جي وڏي ڀيڻ
آهي.“ پورهيت مشڪي چيو.
”ڇا پيو بڪين ڪڏهن ڳوٿريءَ کي به وڏي ڀيڻ ٿي آهي.“
زميندار رعب رکندي چيو.
”جيڪڏهن چنڊ سج
جو ننڍو ڀاءُ ٿي سگهي ٿو ته ڳوڻ ڳوٿريءِ جي وڏي
ڀيڻ ٿي ته ڪهڙي خطا ڪيائين.“ زميندار جون ٻه به
ويون ڇهه به ويون هن لاءِ ٻي ڪا نه واهه
ڪانه هئي.
ڏاهو ڪانگ، ٻه
ٽنگو ڦاٿو، سو پورهيت کي اٽي جي ڳوڻ ڀري ڏنائين ۽
اڳتي لاءِ حياتي ڀر سبق سکي ويو.
اهڙي طرح پورهيت سياڻو ٿي پنهنجو حق حاصل ڪري ويو.
§
ديوان لال تلريجا ڪنڌ ڪوٽ
ٻڌي ۾
وڏي
طاقت آهي
ڪنهن زماني ۾ ڏکڻ اتر پاسي هڪ پپر جي
وڏي وڻ تي تمام گهڻي انداز ۾ پکي رهندا هئا. ان وڻ
تي هڪ ڪانو به رهندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن ڪانو داڻا
چڳڻ لاءِ شهر جي طرف وڃي رهيو هو ته هن پنهنجي وڻ
جي طرف هڪ شڪاريءَ کي ايندو ڏٺو. ان جي هٿ ۾ هڪ
ڄار ۽ ڪجهه چانور هئا. ڪانءُ سياڻو هو، هن پنهنجي دل ۾ وعدو ڪيو ته هو ڪيئن به ڪري سڀني
پکين جي جان
بچائيندو. هو جلديءَ ۾ پنهنجي وڻ ڏانهن موٽي آيو، ۽ پنهنجي سڀني
ساٿين کي هوشيار ڪيائين ته ٿوريءَ دير ۾ هتي هڪ
شڪاري ايندو. هو هتي اچي چادر تي ڪجه چانور جا
داڻا وجهندو ۽ ان جي مٿان پنهنجو ڄار وجهي ڇڏيندو.
جڏهن توهان چانور چڳڻ جي لاءِ هيٺ لهندؤ ته توهان
سڀ جو سڀ ان ۾ ڦاسي پوندؤ. تنهنڪري توهان مان ڪوبه
هيٺ نه لهي. پوءِ سڀني پکي ڪانءُ
جي حڪم مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ٿوري دير ۾ شڪاري
آيو، ان اچي زمين تي اڇي چادر وڇائي ۽ مٿان ڪجهه
چانور جا داڻا وجهي ان جي مٿان ڄار وجهي ڇڏيائين ۽
پاڻ وڃي پري لڪي بيٺو. پکي ته اڳ ۾ ئي هوشيار هئا،
تنهنڪري پاڻ ۾ ٽولا ٺاهي ٻوليون ٻولڻ لڳا، ۽ ڪو به
چانور چڳڻ لاءِ هيٺ نه لٿو. ايتري ۾ ڪبوترن جو هڪ
وڏو ٽولو پريان اڏامندو آيو، ۽ چانورن کي زمين تي
ڏسي چڳڻ لاءِ هيٺ لهڻ لڳا. ڪانو گهڻوئي خطري جو
آواز ڏنو ته توهان مان ڪوبه چانور چڳڻ لاءِ هيٺ نه
لهي، نه ته توهان سڀ جو سڀ ڦاسي پوندؤ. مگر ڪبوترن
ڪانو
جي
هڪ به نه ٻڌي، ۽ هيٺ لهي چانور چڳڻ لڳا ۽ ويٺائي
مس ته سڀ جو سڀ ڄار ۾ ڦاسي پيا. شڪاري ايترن
ڪبوترن کي گڏ ڦاسندو ڏسي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ
لڳو
ته اڄ واهه جو مزو ايندو. مگر ڪانوُ ايتري جلدي
هار مڃڻ وارو نه هو. هن ڪبوترن کي رڙ ڪري چيو، ته
جان بچائڻ لاءِ بس هڪ ئي طريقو آهي ته توهان سڀ پاڻ ۾ ملي هڪ ئي زور لڳايو ۽ ڄار کي کڻي آسمان ڏانهن اڏامو.
ڪبوترن جواب ڏنو ته ڄار کي کڻي اڏامون ته سهي مگر وڃون ڪيڏانهن؟
ڪانوَ جواب ڏنو ته ان جي توهان پرواهه نه ڪريو،
مان اوهان سان گڏ آهيان. منهنجو هڪ دوست ڪوئو آهي،
جنهن وٽ مان اوهان کي وٺي هلندس، جيڪو پنهنجي تيز
ڏندن سان ڄار کي ڪتريندو ۽ توهان سڀني کي آزاد
ڪندو.
اهو ٻڌي ڪبوتر ڏاڍا خوش ٿيڻ لڳا ۽ سڀني ملي هڪ ئي زور
لڳايو. شڪاري به پهچڻ وارو هو، مگر ڪبوترن ان جي
پرواهه نه ڪئي ۽ ڄار کي کڻي
آسمان
۾ اڏامڻ لڳا. جڏهن شڪاري اهو ڏٺو تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس
۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته پکي ته وڃايم، پر ڄار به وڃايم
۽ اداس ٿي گهر موٽي ويو. هاڻي ڪبوترن سان گڏ آسمان
۾ ڪانوُ به اُڏامي رهيو هو. ٿوريءَ دير ۾ سڀ ڪوئي
جي ٻر وٽ پهچي ويا. ڪوئي ڪانوَ جي حڪم تي سڀني
ڪبوترن کي آزاد ڪيو ۽ ڪبوترن کان پڇيائين ته توهان
ايڏو ڳؤرو ڄار کڻي ڪيئن سگهيا آهيو. ڪبوترن جواب
ڏنو ته
جڏهن سڀني زور لڳايو تڏهن تو وٽ پهتاسين
جيڪڏهن
ملي ڪري
زور نه لڳايون ها ته سڀ جو سڀ ان شڪاريءَ جي هٿ
اچي وڃون ها.
سچ چيو اٿن ته ٻڌي ۾ وڏي طاقت آهي.
§
محمود الحسن مغل ڄام شورو.
وتائي جي ڏاهپ
وتائي فقير جي پاڙي ۾ هڪ امير يهودي رهندو هو. هو ڏاڍو
ڪنجوس هوندو هو. اهو يهودي ايترو ته ڪنجوس هو جو
ڪنهن به غريب يا محتاج کي هڪ پائي به نه ڏيندو هو.
وتائي فقير هن کي ڪيترائي دفعا سمجهايو هو ته ”خدا
توکي دولت عطا ڪئي آهي، ته ان کي خرچ ڪر ۽ غريبن ۽
محتاجن جي مدد ڪر.“
مگر هو وتائي فقير جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌندو هو. آخر وتائي فقير
تنگ اچي هن کي سزا ڏيڻ لاءِ هڪ ترڪيب سوچي. هڪ
ڏينهن صبح جو سويل وتايو فقير نماز پڙهي زور زور
سان دعا گهرڻ لڳو ته ”اڳي
الله، جيڪڏهن تون مون کي هڪ هزار اشرفين جي ٿيلهي موڪليندين ته آءٌ ان کي محتاجن
تي
خرچ ڪندس. پر جيڪڏهن تو هڪ
به
اشرفي گهٽ موڪلي ته مان ان کي هر گز قبول نه
ڪندس.“
يهوديءَ جڏهن اها دعا ٻڌي تڏهن دل ۾ سوچيائين ته وتائي
فقير جي ايمانداري آزمائڻ گهرجي. اهو سوچي هڪ
ٿيلهي کنئين ۽ ان ۾
ٿو
سؤ نوانوي اشرفيون ڀري رکيون ۽ ٺيڪ ان وقت جڏهن
وتايو فقير دعا گهري رهيو هو اشرفين سان ڀريل
ٿيلهي وتائي فقير جي گهر ۾ اُڇلي.
وتائي فقير جلدي جلدي ٿيلهي کنئي ۽ ان مان
اشرفيون
ڪڍي ڳڻڻ لڳو. ڪل نوَ سؤ نوانوي اشرفيون هيون. وتائي فقير الله جو شڪر
ادا ڪيو ۽ چوڻ لڳو، ”اي الله مان تنهنجو شڪر گذار
آهيان جو تو منهنجي دعا قبول ڪئي پر هڪڙي اشرفي
گهٽ ڏني. خير! هڪ اشرفي گهٽ
آهي
ته
ڪا ڳالهه نه آهي. پوءِ ڪڏهن ڏجاءِ“. وتائي فقير جا
اهي لفظ ٻڌي
يهودي
ڏاڍو پريشان ٿيو جلدي جلدي وتائي فقير کي اچي
چيائين ته ”تون ته ڏاڍو بي ايمان ماڻهو آهين، مون
کي پنهنجون اشرفيون واپس ڪر، تو ته اها شرط رکي
هئي ته جيڪڏهن هزار اشرفين مان هڪ اشرفي به گهٽ ٿي
ته واپس ڪندس مگر هاڻي ته اهي اشرفيون به قبولڻ
لاءِ تيار آهين. وتايو فقير ڪاوڙجي چوڻ لڳو ته
”تون ڪير ٿيندو آهين مون کان اشرفين گهرڻ وارو؟ هي
ته مونکي خدا موڪليون آهن“.
يهودي سڌو قاضيءَ وٽ ويو ۽ وڃي فرياد ڪيائين قاضيءَ چيو
ته ”وڃ، وتائي فقير کي وٺي اچ“. يهودي وتائي فقير
وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته تو کي قاضي ٿو سڏي. وتائي
فقير وراڻيس ته ”اول مون کي عاليشان لباس ۽ هلڻ
لاءِ گهوڙو آڻي ڏي“. يهوديءَ
تنگ اچي وتائي فقير کي ڪپڙا ۽ گهوڙو آڻي ڏنو. جڏهن
هي ٻئي عدالت ۾ پهتا تڏهن قاضيءَ غور سان هنن کي
ڏٺو. ان کان پوءِ يهوديءَ پنهنجي فرياد ٻڌائي.
جڏهن يهوديءَ سڄي ڳالهه پوري ڪئي تڏهن وتائي
فقير جواب ڏيندي
قاضي کي
چيو ته ”سائين، هي يهودي وڏو ڪوڙو ماڻهو آهي.
هينئر چيو اٿس ته منهنجيون اشرفيون
کنيون
اٿس هاڻي چوندو ته هي لباس به منهنجو آهي“. اهو
ٻڌي يهوديءَ هڪدم چيو ته، ”ها سائين هي ڪپڙا به
منهنجا آهن“. وتائي فقير وراڻيو ”ٻڌو، هاڻي وري هي
چوندو ته هي گهوڙو به منهنجو آهي“. يهوديءَ ڪاوڙ
مان رڙ ڪئي ته ها سائين هي گهوڙو به منهنجو آهي ۽
وتائي فقير هيستائين اچڻ لاءِ مون کا گهريو هو.
قاضيءَ جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون ته هن کي يقين
ٿي ويو ته يهودي ڪوڙو آهي. ۽ اهو چئي يهوديءَ کي
عدالت مان ٻاهر ڪڍايائين.
يهودي روئيندو، پٽيندو، وتائي فقير جي گهر پهتو.
وتائي فقير هن کي ڪپڙا، گهوڙو ۽ اشرفيون واپس ڏيڻ
جو واعدو ته ڪيو ليڪن ان شرط تي ته هو اڌ اشرفيون
غريبن ۾ ورهائي ڏي ۽ هميشه غريبن ۽ محتاجن جي مدد ڪندو رهي.
اسان چور پڪڙيو
رات
جا يارهن لڳي چڪا هئا پر اسان اڃا تائين پنهنجي
بنگلي جي چوڌاري ننڍي باغ ۾ راند رهي رهيا
هئاسين،۽ اها راند هئي ايڪسپريس.
خالد آڳ ڏئي رهيو هو. آءٌ حامد، احمد ۽ سهيل ٻوٽن جي پويان لڪي
خالد جي ويجهو اچڻ جو اوسيئڙو ڪري رهيا هئاسون ته
جيئن ئي هو اچي، ته اسان کيس ڇُهي انڊو ڦوڙڻ جي
ڪوشش ڪيون. خالد هڪ وڻ جي هيٺان ٿڙ پاسي منهن ڪري
انگ ڳڻي رهيو هو.
امالڪ منهنجي اک وڃي ڀت تي پئي.
” هي ڇا......؟ منهنجي دماغ ۾ لفظ آيا ۽ منهنجي
دل
زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي ڀت تي ڪو پاڇو ڏسڻ ۾ پئي
آيو.
”چور“ منهنجي ميڄالي ۾ ازخود هڪ لفظ هُري آيو ۽ پوءِ
مون کي ڪيترن چورين ٿيڻ جا واقعا ياد اچي ويا جن ۾
چورن ڀاڳين کي ڦري سڃو ڪري ڇڏيو هو.
خالد انگ ڳڻي ڇڏيا هئا ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو اچي
رهيو هو.
” اوھ! جيڪڏهن مون هن چور لاءِ ڪو اُپاءُ نه ورتو ته هي
اسان کي به لٽي ڇڏيندو.“
مون سوچيو.
خالد ايتري ۾ منهنجي ويجهو اچي چڪو مون ڀت ڏانهن ڏٺو،
پاڇو ڀت تي ويهي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيو هو.
اسان راند ڪرڻ لاءِ اونداهه ڪري ڇڏي هئي، تنهنڪري
اهو چور مون کي صاف ڏسڻ نٿي آيو، پر رڳو پاڇو ٿي
ڏٺو.
مون ويچاريو ته چور شايد لهڻ لاءِ جاءِ ڳولهي پيو، اهو
سوچي ٻوٽي جي پويان لڪس. خالد مون کي ڏسندي ئي
ايڪسپريس چوڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون کيس هوريان چيو
”چپ ڪج! هڪ ضروري ڳالهه آهي.“
”ڪهڙي
ڳالهه آهي؟“ هن پڇيو. مون سس پس ڪندي کيس سڄي
ڳالهه ٻڌائي.
ايتري ۾ ٻيا به اسان جي ويجهو آيا اسان کي سس پس ڪندي
ڏسي هو حيران هئا.
”ڇا ڳالهه آ مظفر؟“ هنن مون کا پڇيو، مون هنن کي به سڄي
ڳالهه ٻڌائي ۽ ڀت ڏانهن نهاريو. پاڇو چر پر ۾ هو.
شايد چور هلي رهيو هو، شايد نا تجربيڪار ٿي ڏٺو
جو 7 فٽ جي ڊگهي ڀت تان ٽپ نٿي ڏئي سگهيو ۽ لهڻ
لاءِ ڪا سولي جاءِ ڳولهي رهيو هو.
”پوءِ هاڻ ڪو چور بابت وڃي گهر ٻڌائي ته کيس جهلڻ لاءِ
ڪو بلو ڪن.“ سهيل چيو. ”نه!“ وراڻيم، ”اسان کي کپي
ته پاڻ ڪوشش ڪري کيس پڪڙيون، ڇا خبر اخبار ۾ نالا
اچن.“
”۽ اهو به
ٿي
سگهي ٿو ته فوٽا به ڇپجن!
خالد هلڪو ٽپ ڏئي جوش منجهان چيو. ”ٺيڪ آ ته پوءِ اٽڪل
ٻڌو چور کي جهلڻ جي.“
مون کين مخاطب ڪري چيو. سس پس ڪندي کين رٿ ٻڌايم. سڀني ها ڪار ڪئي.
مون ڀت ڏانهن نهاريو، پاڇو ڀت تي ويٺو هو. پاڇولي جي
مٿان هڪ وڻ هو، وڻ جو ٽاريون هيٺ زمين ڏانهن لڙڪي
رهيون هيون.
اسان سڀئي جهڪي ان ڀت طرف هلياسون جت اهو چور هو. هن
وقت ڀت تي ويهي وڻ جي ٽاري کي پڪڙڻ
جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اسان هڪ منٽ اندر اندر ڀت جي
ويجهو پهچي وياسون. پوءِ جيئن ئي اهو ”چور“ زمين
تي ٽپ ڏئي لٿو، اسان کيس وڪوڙي وياسون.
”چور.....چور“ جا نعرا به هڻڻ لڳاسون ۽ کيس مارڻ به
لڳاسون.
چور ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جوڌا جوان کيس ڪٿي ٿا
ڇڏيون. اسان جون رڙيون ٻڌي بابا ۽ نورو (نوڪر)
ڀڄندا آيا. هنن بدحواسيءَ ۾ بتي به ڪانه ٻاري هئي.
هلڪي اونداهي ۾ هنن به چور کي ڏسي ورتو. بس پوءِ
ڇا هو؟ جو هو به ٿا اچي وٺنس.
کنڀي کنيوسينس. کيس دڙڪا دهمان ڏيندا جاءِ ڏانهن هلڻ
شروع ڪيوسين.
مون ڪيترائي ڀيرا محسوس ڪيو هو ته چور ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو آهي، پر اسان حد کان وڌيڪ جوش ۾ هئاسون سو
ڌيان ئي ڪو نه ڏنوسين.
خير ... جڏهن جاءِ ۾ وٺي آياسون ۽ چور جي شڪل تي نظر
پئي ته ... ڄڻ اسان کي ڪرنٽ لڳو ... يا ڪنهن
وڇونءَ ڏنگيو جو اسان چور کي ڇڏي ٻه ٻه قدم پٺتي
هٽي وياسون. ها ... اهو چور چور نه پر اسان جو
وڏو
ڀاءُ ”ادا“ هو.
اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته بابا فلمن ڏسڻ جو سخت مخالف
آهي. پر جيترو بابا مخالف، اوترو ئي ادا فلمن
جوشوقين. سو شهر ۾ هڪ سٺي فلم ڏسڻ لڳڻ ڪري، هن کي
به شوق ٿيو شام جي شو ۾ وڃي نه سگهيو جو بابا کيس
ڪم لاءِ وٺي ويو هو ان ڪري آخري شو ۾ ويو. سو به
اهڙي اٽڪل سان ته ڪمري ۾ وڃي اندريون در بند ڪر دري کولي ان مان نڪري، فلم تي هليو ويو اسان جي
ليکي ته همراهه ننڊ ۾ آهي. رات جو آخري شو ڏسي،
جيئن ئي ڀت ٽپي اندر ٿي آيو ته کٽي کنيس جو اسان
جي ور چڙهي ويو.
”تو لاءِ ايتري ئي سزا ڪافي آهي اميد ته اڳتي
ائين نه ڪندين!“ بابا ادا کي چئي اندر هليو ويو.
ادا پڻ اسان کي گهوريندو اندر هليو ويو.
اسان به ڪنڌ هيٺ ڪري جاءِ مان نڪري باغ
ڏانهن هلياسين. اسان جو ارادو وري راند کيڏڻ جو
هو. |