سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مئي 1975ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

مئي 1975ع

 ايڊيٽر: انور هالائي

گذارش

پيارا ٻارؤ؛

        هي مهينو اوهان جي امتحانن جو آهي، ڪي ٻار امتحان ڏئي چڪا هوندا ۽ ڪن ٻارن جا امتحان هلندڙ هوندا ۽ ڪن جا بعد ۾ ٿيندا. هونئن ته انسان جي سڄي حياتي هڪ امتحان آهي، پر ان حياتيءَ کي سنوارڻ لاءِ، علم حاصل ڪرڻ ۽ ان جا امتحان ڏيڻ بلڪل ضروري آهن. جيڪي ٻار امتحان ۾ پاس ٿيا آهن، نهن کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ ٻين لاءِ دعاگو آهيون ته اهي به ضرور پاس ٿيندا.

        سنڌ جي جدا جدا حصن مان ٻارڙن، اسان کي جيڪا ڀليڪار موڪلي آهي،

ان لاءِ اسان سندن نهايت ٿورائتا آهيون. حقيقت ڪري، سنڌي ادبي بورڊ طرفان، ٻارن جي هن رسالي کي وڌيڪ رنگين ۽ مواد جي لحاظ کان معياري بنائڻ لاءِ، هر قسم جون سهوليتون ڏنيون پيون وڃن، انهن ئي سهوليتن جي روشنيءِ ۾ هن پرچي کان ڪي واڌارا آندا ويا آهن. ٻارن جي خواهش مطابق گل ڦل جو انعامي مقابلو شروع ڪيو ويو آهي، ان اميد تي ته ٻار ان ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندا.

دنيا جي سڀني سڌريل ملڪن ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ ٻارن کي آئينده جو ابو بنائڻ لاءِ، حڪومت کان سواءِ، والدين طرفان ۽ سماجي تنظيمن طرفان ڪئين اهڙن پروگرامن ۽ تحريڪن تي عمل ڪيو ويندو آهي،

جن ۾ ٻارن جي ڀلائي ۽ بهبوديءِ جو روح سمايل هوندو آهي. اسان پڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي ٻارن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ پاڻ  ‎۾ صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ گل ڦل ذريعي اهڙو مواد پيش ڪيون، جنهن مان سندن آئندو اُجرو ٿي سگهي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ان سلسلي ۾ سنڌ جي سڀني برک ليکڪن تعاون ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي.

گذريل پرچو

ڪيترن سالانه خريدارن ۽ ايجنٽن کي سندن گهر مطابق ملي ڪونه سگهيو، ان لاءِ ادارو معذرت خواھه آهي. هن پرچي کان وڌيڪ ڪاپيون ڇپرايون ويون آهن، جيئن سالانه خريدارن ۽ ايجنٽن کي ڪابه شڪايت نه رهي، خريدارن کي اهو عرض آهي ته هو سال کان گهٽ عرصي لاءِ وي. پي. جا آرڊر نه موڪلين.

هي پرچو

ٻارڙن جي موڪليل صلاحن ۽ مشورن جي روشنيءَ ۾ هن پرچي ۾ اسان ڪهاڻين کان سواءِ، مضمونن جي روپ ۾ ڊاڪٽر انور حسين ڀٽي ۽ الطاف شيخ جا معلوماتي مضمون شايع ڪيا آهن. اميد آهي ته ٻارن کي اهو سلسلو پسند ايندو. ناقابل اشاعت مضمونن جي فهرست پڻ، اوهان جي زوردار گهُر مطابق ڏيئي رهيا آهيون. ها ايترو ضرور آهي جو مستقل ڪالمن ۾ پويان ڪجهه مواد  گهٽ اچي سگهيو آهي. جنهن جي تلافي ايندڙ پرچي ۾ ڪرڻ جو ارادو آهي. ٻارن جي اها پڻ تقاضا آهي ته سوال جواب جو ڪالم شروع ڪيو وڃي پر اسان سمجهون ٿا ته سوال جواب جو ڪالم شروع ڪرڻ جي عيوض، ان جي جاءِ تي به ٻارن جا  ليک ڏجن ڪيئن ٻارؤ اوهان جي ان سلسلي ۾ ڪهڙي راءِ آهي؟

ايندڙ پرچو

اسان اهو پروگرام رٿيو آهي ته ٻارن جا فوٽا گل ڦل ۾ شايع ڪيا وڃن اوهان ان سلسلي ۾ ڪهڙي راءِ ٿا ڏيو؟ جيڪڏهن ٻارن جي ان سلسلي ۾ راءِ هجي ته پوءِ جلد ئي اهو سلسلو  پڻ شروع ڪيو ويندو.

ٻارن جي اها به زوردار گهُر آهي ته سلسليوار ڪهاڻي ۽ تصويري ڪهاڻين جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ان گهُر جي احترام ۾ اسان ايندڙ پرچي کان هڪ سلسليوار ڪهاڻي شروع ڪري رهيا آهيون، جيڪا باتصوير به هوندي. يعني قسطوار ڪهاڻيءَ ۾ تصويرون هونديون. اهڙيءَ طرح ٻارن جي هن رسالي کي، ٻارن جي گهُر مطابق معياري ۽ اعليٰ بنائڻ ۾ اسان وَسَ ۾ ڪو نه گهٽائينداسون، اهو اوهان سان پڪو وعدو آهي. چڱو موڪلاڻي ڪانهي.

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

§  مرحوم مرزا قليچ بيگ

ٻارن لاءِ دعا

 

ڌڻي! تنهنجي ڏسجي ٿي جت ڪٿ خدائي،

ڪرم ساڻ ڪر تون اسان سان ڀلائي،

پڙهڻ ۽ لکڻ جو تون ڏي شوق اسان کي،

اسان ۾ تون وجھه علم جي روشنائي.

ته اسرار قدرت ۽ حڪمت جا تنهنجي،

ڏسي سڀ اسين، ڳايون تنهنجي وڏائي.

پڙهي عمديون ڳالهيون ۽ قصا عجائب،

ڪڍون عقل جي وات مان پنهنجي وائي.

۽ ورزش سان قائم رکون تندرستي،

ڪريون پنهنجي عادت صفائي، سٺائي.

پڙهون حال پنهنجن بزرگن جو دل سان،

سکون پيرويءَ مان انهن جي چڱائي.

ڪريون سير گهر ويٺي ملڪن جو هر دم،

جتي جي هڻيسون اڳي سڌ نه ڪائي.

جبل ۽ سمنڊ ۽ نديون، ٻيٽ، راسون،

انهن جي خبر پئي اسان کي سڀائي.

ڳڻيون وقت پنهنجو سدا قيمتي پڻ،

حياتي ته، هر گز وڃايون اجائي.

ننڍي هوندي علم ۽ هنر سڀ پرائي،

وڏي هوندي عمدي ڪريون ڪا ڪمائي.

ڪريون دولت ۽ آبرو نيٺ حاصل،

اسان جي ٿئي ساري محنت سجائي.

ڪري پاسو ڪوڙ ۽ ڪپت کان اسين پڻ،

سکون ساڻ سچي سپت ۽ سچائي.

گناهن ثوابن جي پئي سمجهه اسان کي،

پروڙيون ۽ پرکيون ڀلائي ۽ برائي.

”قليچا“ ٿين دنيا ۾ اُن پر سُکيو تون،

۽ پڻ آخرت ۾ ملئي اجر جائي.

(سنڌي ادبي بورڊ ڇپايل ڪتاب ”ديوان قليچ“ تان ورتل)

 

ٻارن جا مضمون

 

۽ ليک اهڙا به اچن ٿا، جيڪي شايع ٿيڻ جهڙا ڪونه آهن. ٻارن جي گهُر تي انهن جو فهرستون يا نالا هن پرچي ۾ شايع ڪري رهيا آهيون. اوهان رسالو پڙهي ان مطابق پنهنجون لکڻيون موڪليو. اسان ضرور شايع ڪنداسون.  ---- ايڊيٽر

 

§  ڊاڪٽر نعيم دريشاڻي

گو گو ، پو گو ۽ پوپٽ

 

شهر جي ڀر تي هڪڙو سهڻو ۽ سائو جنگ آهي. ان جهنگ ۾ ڪيئي ننڊڙيون ٽڪريون آهن انهن ٽڪرين ۾ غارون آهن غارن ۾ رڇ رهندا آهن.

اُها غار جنهن جو مُنهن اُتر ڏانهن آهي ان ۾ ٽي ناسي رڇ رهندا آهن: با با رڇ، امان رڇ ۽ ڪڪورڇ، ڪڪي رڇ جو نالو گوگو آهي. هڪ سڀاڳي صبح جو گوگو گهر ۾ ويٺو هو ته سندس دوست ڪارو رڇ پوگو ڊڪندو آيو، رڙ ڪندي چيائين، ”گوگا اچ ته پوپٽ پڪڙيون“.

گوگو ڊڪندو ٻاهر نڪري آيو. ٻئي ڪڏندا، ٽپ ڏيندا، گلن ڏانهن نڪري ويا.

پوگو  پاڻ سان گڏ پوپٽ پڪڙڻ واري ڄاري کڻي آيو هو.

جئين ئي ٻئي ڄڻا گلن جي ٻاري ۾ آيا، هنن کي هڪڙو تمام سهڻو پوپٽ نظر آيو. پوپٽ، نيرو، گلابي، ڪارو ۽ واڱڻائي هو. هن کي ڏسندي گوگي ۽ پوگي جي چپن تي پنهنجو پاڻ  مرڪ اچي وئي.

پوپٽ ايترو ته سهڻو هو جو ٻئي ڄاري کڻي پوپٽ ڏانهن ڊڪيا. پوپٽ هن گل تان اُٿي، هن گل تي ٿي ويٺو. طرحين طرحين جي گلن جو رس پئي چوسيائين. گو گي ۽ پوگي گهڻائي جتن ڪيا هر ڀيري هنن ڄاري پئي هيٺ آندي، پوپٽ اُڏامي وڃي ٻئي گل تي ٿي ويٺو. گهڻي ڊڪ ڊوڙ کان پوءِ وڃي پوپٽ کي جهليائون.

جڏهن گوگي، پوپٽ کي هٿ ۾ جهليو ته پوپٽ روئي ڏنو. پوپٽ روئيندي چيو. ”منهنجو نالو اکين جي ٿڌڪ آهي. مون ٻچن جي لاءِ گلن جي رس پئي ميڙي. منهنجا ٻچا بکيا آهن ۽ روئيندا هوندا. مهرباني ڪري مون کي ڇڏيو.آءٌ ٻچن کي رس پياري، موٽي ٿو اچان. پوءِ ڀلي مون سان کيڏ جو.“ گو گو ۽ پوگو ٻئي حيران ۽ چپ هڪٻئي کي ڏٺو. پوءِ  گوگي هٿ کولي ڇڏيو. اکين جي ٿڌڪ خوش خوش اُڏري ويئي. گوگو ۽ پوگو  گهر موٽي  آيا.

شام جو جڏهن گوگي ماني پئي کاڌي، ته پوپٽ در مان لنگهي اندر گهڙي آيو ۽ گوگي جي نڪ تي ويٺو. گوگي جي خوشي کان دانهن نڪري وئي. پنهنجي پاڙيسري ۽ دوست پوگي سڏ ڪيائين. پوءِ اڌ ڪلاڪ کن ٽنهي ”ڀڄ ته جهليانءِ“ راند کيڏي. گوگي ۽ پوکي پوپٽ کي چيو ته تون گهر وڃ پر اسان سان اچي ملندو ڪر.

ان ڏينهن کان پوءِ، ڏهاڙي سوير اسر مهل جڏهن اڃان پنن ۽ گلن تي ماڪ جا ڦڙا چمڪندا آهن ۽ سج مس مس ڪني ڪڍي هوندي آهي، پوپٽ آهستي آهستي اچي ڏاڍي چاهه سان گوگي جي ڇپرن تي ويهندو آهي. ۽ کيس چمندو آهي. گو گو اکيون کولي ڏيندو آهي. پوءِ پوپٽ پوگي جي گهر ڏانهن هليو ويندو آهي.

 

§  محبوب علي جوکيو

لوڻ جهڙو مٺو

 

ڳالھه ٿا ڪن ته ڪنهن سمي هڪڙو بادشاهه هوندو هو، جيڪو نهايت گهڻو مغرور، هٺيلو ۽ طبيعت جو ضدي هوندو هو. جنهن ڳالھه تي چڙهندو هو، ته ان تان لهندو ئي ڪونه هو، پوءِ ڇو نه پنهنجي يا ڪنهن پياري عزيز جي جان به ڏيڻي پويس. کيس ست نياڻيون هيون، پر پٽ جو اولاد ڪونه هوس. هڪ ڏينهن اچي خيال ٿيس، ته آءٌ جو پنهنجين نياڻين کي هيترو پيار ڪريان ٿو ۽ سندن انگل پورا ڪريان ٿو، سو خبر نه آهي ته هو مون کي به موٽ ۾ ايترو پيار ڪن ٿيون يا نه. اها ڳالهه دل ۾ سوچي، ستن ئي نياڻين کي پاڻ وٽ گهرايائين ۽ ساڻن هيڏانهن هوڏانهن جو ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ڪچهريءَ دوران،پنهنجي سوچيل ويچاريل ڳالهه تي به اچي پهتو. نياڻين ڏانهن مهاڙ ڪري پڇيائين، ته ڌيئر، ڏيو خبر اوهان اهو ته محسوس ڪنديون هونديون ته آءٌ توهان کي ڪيترو نه پيار ڪريان ٿو. اوهان جا سڀ انگل پورا ڪريان ٿو ۽ اوهان جي ارهي سرهي منهن ڏانهن ڏسندو رهان ٿو. هاڻي توهان مون کي ٻڌايو ته آءٌ توهان مان هر هڪ کي ڪيترو مٺو آهيان. مون کي ڪنهن  شيءِ سان ڀيٽ ڪري ٻڌايو ته جيئن آءٌ توهان جي پيار جو اندازو لڳائي سگهان ۽ ان جو انت لهي سگهان.“

پيءُ جي واتان اهي لفظ ٻڌي، سڀ نياڻيون هڪٻئي ڏانهن نهارڻ لڳيون ۽ پوءِ هر هڪ پنهنجي انداز ۾، پنهنجي سمجهه ۽ عقل آهر، پيءُ جي پيار جي اپٽار ڪئي. وڏيءَ ڌيءَ چيو ته “بابا سائين، تون مون کي ماکيءَ جهڙو مٺو آهين.“  تنهن کان پوءِ وري ٻئي چيو: ”بابا سائين، تون مون کي مصريءَ جهڙو مٺو آهين،“ اهڙيءَ طرح ڪنهن چيو ته ” تون مون کي انب جهڙو مٺو آهين، ته ڪنهن چيو، ”تون مون کي پتاشي جهڙو مٺو آهين.“ اهڙيءَ طرح جڏهن سڀ کان ننڍيءَ ڌيءَ جو وارو آيو، ته ان چيو، بابا سائين، ”بابا سائين، تون مون کي لوڻ جهڙو مٺو آهين.،“

بادشاهه سلامت پنهنجي ننڍيءَ ڌيءَ جي واتان اهي لفظ ٻڌي، تپي باهه ٿي ٿي ويو ۽ جواب ڏنائين، ” بيوقوف، ڳهيلي ڇوري تون هي ڇا پئي چوين؟ تون منهنجي پيار کي لوڻ جهڙي شيءَ سان پئي ڀيٽين، جيڪو کارو به آهي ۽ نهايت سستو آهي ۽ خسيس شيءِ سمجهيو وڃي ٿو. توکي اهڙي جرئت ڪيئن ٿي. آءٌ توکي هن وقت ئي، انهيءَ گستاخيءَ جو مزو ٿو چکايان.“

ائين چئي، بادشاهه تاڙي وڄائي ته ٻه جلاد اچي حاضر ٿيا. چؤ طرف سناٽو ڇائنجي ويو. ڪنهن کي مجال جو هڪ اکر به زبان مان ڪڍي. بادشاهه جلادن کي حڪم ڪيو ته ”هن گستاخ ڇوريءَ کي ڪنهن بيابان ۾ ڦٽو ڪري اچو ۽ سنديس اکيون ڪڍي، اچي منهنجي اڳيان حاضر ڪريو. منهنجي هن حڪم جي تعميل ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ٿئي.“

        بس، حڪم جي دير هئي. ڇوڪريءَ کي جلاد هڪ دم ٻاهر ڪڍي ويا ۽ جهنگل ڏانهن گهلي ويا. ڇوڪريءَ ڏانهن جو کڻي نهار ته زاروزار پئي روئي ۽ جلادن کي ٻاڏائي ته مون کي جيئدان ڏيو. جلاد نيٺ به ته انسان هئا، سندن انسانيت وارا گڻ جاڳيا. هنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي نيٺ ڇوڪري صلاح ڏنين ته ” ڇا ڪريو جو مونکي هن جهنگل ۾ ڀل ڦٽو ڪري وڃو، پر منهنجي اکين ڪڍڻ جي بدران هرڻ جو اکيون ڪڍي، وڃي بابي سائينءَ جي اڳيان رکو. بابو سائين انهن اکين کي منهنجيون اکيون سمجهندو، ڇاڪاڻ ته هرڻ جو اکيون انسان جي اکين جهڙيون ٿينديون آهن.“

        جلادن کي اها صلاح وڻي، سو هنن ائين ڪيو ۽ هن کي ان رڻ ۾ اڪيلو ڇڏي، هرڻ جون اکيون هٿ ڪري، بادشاهه ڏانهن روانا ٿيا. ڇوڪري ويچاري،نازن جي پليل، شاهي گهراڻي جي نپايل، جهنگل ۾ ڏاڍو گهٻرائڻ لڳي، هڪ وڻ هيٺان اچي ويٺي ۽ پنهنجي قسمت تي ماتم ڪرڻ لڳي ته آخر مون ڪهڙي خطا ڪئي، جو ان جي سزا مون کي هيئن ڏني وئي آهي. هيٺ ڪنڌ ڪري، اکين مان نير به وهائي رهي هئي، ته ڪنهن ڪاٺيءَ جي ٽڪري سان زمين کي به کوٽي رهي هئي. ائين ڪندي، ڳچ وقت گذري ويو، پر ويچاري ڪنهن به نتيجي جي ڪانه پهتي هاڻ ڇا ڪجي ۽ ڪيڏانهن وڃجي.

        خدا جي قدرت اهڙي، جو ڪاٺيءَ سان کوٽيندي کوٽيندي، اندران زمين مان ڪا لوھه جي شيءِ ظاهر ٿيڻ لڳي. هن ڇا ڪيو جو کوٽڻ جي رفتار کي کڻي تيز ڪيائين. وڌيڪ کوٽيندي ڏسي ته مار، اندر زمين ۾ ڪا خزاني جي ديڳ پوري پئي آهي. هن ڇا ڪيو، جو جلد ئي ان مٿان کڻي مٽي ورايائين ۽ ماٺ ڪري هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي ته ڪا ڪٿي وسندي هجي، ته ان جو سهارو وٺجي. اوچتو، سندس نظر وڃي هڪ ٻڪرين جي ڌڻ تي پئي. هوءَ رڙهي، انهيءَ طرف وئي، ته ڪو کير ڍڪ يا پاڻيءَ ڍڪ حاصل ڪري اڃ لاهيان. ڏٺائين ته هڪ نوجوان آهي، جو ٻڪرين کي هڪ طرف گڏ ڪري، پيو هڪلي. هن کي ڏسي، اهو نوجوان ويجهو آيو ۽ هن کان حال احوال ورتائين. هن ايترو ٻڌايس ته ”آءٌ نڌڻڪي مسافر آهيان. بک ۽ اڃ ۾ پاھه پئي ٿيان. مهرباني ڪري مون کي ڪجهه کاراءِ پيار.“ هن به ايمان جهلي، هڪ وڏو وٽو کير جو ڏهي، اچي اڳيان رکيس. هوءَ اهو کير جو وٽو پي وئي، ڪجهه هيانءَ جهل ٿيس. ته ٻڪرار کي عرض ڪيائين ته ”مون کي پنهنجي گهر وٺي هل.“

        نوجوان ٻڪرار کيس پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ واٽ تي اهي ويچار ڪندو هليو ته امڙ دعا ڪندي آهي، ته ”ابا، جهنگ مان ڪنوار ملندءِ‘. سو لاشڪ ته امڙ سائڻ جي دعا وڃي قبول پئي“.

نيٺ اهو ٻڪرار ٻڪريون ورائي اچي گهر ڀيرو ٿيو. گهر وري ڇا هو، هڪ جهوپڙي هئي، جيڪا اُس ۽ ٿڌ کي روڪڻ لاءِ به ڪارائتي ڪانه هئي. گهر ۾ نوجوان جي ماءُ ويٺي هئي. جيڪا هن جو انتظار ڪري رهي هئي. ماڻس ڇوڪريءَ کي پنهنجي پٽ سان ڏسي، عجب ۾ پئجي وئي. ڇوڪريءَ هئي سياڻي، سو هڪدم پوڙهيءَ جي دل وٺڻ جي ڪيائين: ”امڙ، آءٌ به ڪنهن جي ڄائي آهيان هن وقت پيءُ ماءُ ڪونه اٿم، سو تنهنجي ڪکن ۾ پيهي آئي آهيان. مون کي مهرباني ڪري،پنهنجي ڪکن ۾ پناهه ڏيو. آءٌ اوهان جي ٻڪرين ۽ اوهان جي چاڪري ڪنديس ۽ اوهان جو بار هلڪو ڪنديس.“

        پوڙهي مائي هئي رحمدل، سو ڇوڪريءَ جو چڱو آڌرڀاءُ ڪيائين ۽ کيس پيار ڏنائين.اهڙيءَ طرح، هن بادشاهزاديءَ اچي هيءَ غريباڻي جهوپڙي وسائي ۽ ان کي خدا جي طرفان رحمت سمجهيائين.

        ڇوڪريءَ هئي نهايت سياڻي ۽ عقل واري، سو زمين مان مليل دنيا جي ديڳ هڪ ئي وقت ظاهر ڪونه ڪيائين، پران مان ٿوري گهڻي دنيا ڪڍي، نوجوان ٻڪرار کي ڏيندي هئي ۽ ضرورت واريون شيون گهرائيندي هئي. اهڙيءَ طرح، هنن جي حياتي نهايت سهڻي نموني ۽ سکي ستابي گذرندي رهي. انهيءَ وچ ۾،نوجوان ٻڪرار ماءُ کي چئي ڪري ساڻس شادي به ڪري ڇڏي ۽ اهڙي طرح سک جو وقت گذارڻ لڳا.

        اڳتي هلي، شهزاديءَ نوجوان کان ٻڪرين چارڻ جو ڌنڌو ته ڇڏائي ڇڏيو، پر آهستي آهستي کيس وڏو واپاري بنائي ڇڏيائين. پوءِ اٽڪل ڪري، مڙس کي چيائين ته ”هاڻ اسين خوش ۽ سکيان ستابا آهيون. اسان وٽ دنيا دولت به رب جي ٻاجهه سان ڪافي آهي، سو منهنجي مرضي آهي ته ڪو بنگلو ٺهرائجي.“

        بس چوڻ جي دير هئي. بنگلي جو ڪم شروع ٿي ويو. دولت ته وٽن تمام گهڻي هئي، سو ٿورن ئي ڏينهن ۾ هڪ عاليشان محلات ٺهي راس ٿيو. انهيءَ محلات جو سڄو نقشو شهزاديءَ اهڙو رٿيو هو، جو جهڙي محلات سندس پيءُ بادشاهه جي هئي، اهڙي ئي هيءَ محلات به ٺهرايائين. اصل ان مان تر جيتري به گهٽتائي نه ڪيائين. اندر باغ باغيچا، ته ڇا فرنيچر ۽ ٻيون شيون، اصل هوبهو اهڙيون.

        جڏهن محلات ٺهي راس ٿيو، تڏهن مڙس کي چيائين ته ” تون به وڏو سوداگر آهين، سو بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ وڃڻ شروع ڪر ۽ موقعو ڏسي بادشاهه کي دعوت ڏئي اچ.“ نوجوان پنهنجي زال جي هدايتن ۽ سمجهاڻين تي، بادشاهه جي اميرن وزيرن سان نهايت گهرو ٿي ويو، جن کيس بادشاهه وٽ به واقفيت ڪرائي. آخر ڳالهه اچي انهيءَ منزل تي پهتي، جو بادشاهه کي دعوت ڏنائين. بادشاهه به وزيرن اميرن سان صلاح مشورو ڪري، کڻي دعوت قبول ڪئي. پوءِ ته همراهه ٽپندو ڪڏندو گهر آيو، اچي زال کي احوال ڪيائين.

        شهزادي ڏاڍي خوش ٿي دعوت جي تيارين ۾ لڳي وئي. نيٺ اهو مقرر ٿيل ڏينهن به آيو، جنهن ڏينهن بادشاهه اچڻو هو ۽ اها دعوت کائڻي هيس.

        شهزاديءَ پنهنجي محلات کي نهايت سهڻي نموني سينگاريو، جو اڄ سندس پيءُ وٽس دعوت کائڻ لاءِ اچي رهيو هو، جنهن کيس نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي ۽ اکين ڪڍائڻ جو حڪم به صادر ڪيو. خير، ڪيترن ئي قسمن جا طعام تيار ڪيا ويا. پاڻ ته اصل شاهي خاندان جي هئي، هن اچي طعامن تيار ڪرائڻ ۾ گهٽايو ئي ڪونه. نيٺ بادشاهه، پنهنجن وزيرن اميرن سان محلات ۾ داخل ٿيو.

پر محلات ۾ داخل ٿيڻ شرط سندس هوش گم ٿي ويو ۽ عجب ۾ پئجي ويو ته هيءُ ڪهڙو جادو آهي. ڄڻڪ، پنهنجي محلات ۾ گهمي رهيو آهي! اصل ذري جو به ڦير ڪونهي! هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، پر کيس پنهنجي محلات ۽ هن محلات ۾ ڪوبه فرق نظر ڪونه آيو.

        خير، نيٺ سڀ ماني کائڻ لاءِ ويٺا. بادشاهه به ماني کائڻ شروع ڪئي. هر هڪ طعام مان گرهه ڀريندو وڃي، پر ڪنهن مان به کيس سواد نه اچي، هونءَ ڏسڻ وائسڻ ۾ ته عمدا کاڌا هجن، پر ڪنهن به طعام ۾ لوڻ جو پيل ڪونه هجي، سو بادشاهه کي مزو ڪونه اچي نيٺ، چکندي چکندي، وڃي ساڳ جي ڀاڄيءَ تي پهتو، جنهن ۾ لوڻ پيل هو، سو اها ڀاڄي ڏاڍي عمدي لڳس ۽ ان مان کائڻ لڳو، پر تنهن سان گڏ اکين مان ڳوڙهن جا نار به وهڻ لڳس. سڀ امير وزير حيران ٿي ويا، پر ڪنهن کي مجال، جو ڪو ڪڇي. شهزادي به اهو رنگ پردي جي پويان ڏسي رهي هئي، ته بادشاهه جي اکين پاڻي وهي رهيو آهي. هوءَ ته سبب معلوم ڪري وئي، سو يڪدم نوڪرياڻيءَ کي موڪليائين ته بادشاهه کان روئڻ جو سبب معلوم ڪري اچ. ٻانهيءَ گهڻو ئي پڇيو، پر بادشاهه ڪو اکر ڪونه ٻوليو، رهندو، وڌيڪ روئڻ لڳو. تنهن تي شهزاديءَ پنهنجي مڙس کي گهرائي، بادشاهه ڏانهن موڪليو. نيٺ بادشاهه ان کي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي. مڙس اچي زال کي اها ڳالهه ٻڌائي. شهزادي هڪدم اچي بادشاهه جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ چيو ته ” آءٌ اوهان جي اها بدنصيب ڌيءُ آهيان جنهن اوهان جي پيار کي لوڻ سان ڀيٽيو هو ۽ اوهان انهيءَ تي ناراض ٿي، منهنجي نيڪاليءَ جو حڪم ڏنو هو.“ ڌيءَ ۽ پيءُ هڪٻئي سان روئي مليا پوءِ اها حقيقت سڀني کي ٻڌائي وئي. اهڙيءَ طرح، نوجوان ٻڪرار بادشاهه جو ناٺي ٿي ويو ۽ بادشاهه پنهنجي ئي سهسايل ڌيءَ سان مليو.

سٺو ٻار

 

ٿيڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ته علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ، اسين پاڻ ۾ سٺا لڇڻ پڻ پيدا ڪريون.سٺا لڇڻ پيدا ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته نه فقط ماءُ پيءُ جي چيو مڃجي، بلڪ استاد جو ادب پڻ ڪجي، پاڻ کان وڏن سان عزت وارو سلوڪ ڪجي. پاڙي وارن سان مٺ ميٺ وارو طريقو، پاڻ کي مانائتو ڪري ٿو. ڳوٺ وارن يا شهرين سان، اهڙي نموني سان پيش اچو جو هو ازخود اوهان کي ڀانئين. اڄ جو ٻار، جيڪڏهين پنهنجي ننڍ پڻ جي حياتيءَ کان ئي پاڻ ۾ اهي جوهر پيدا ڪندو ته هو سڀاڻي جو وڏو ٿي، هن دنيا جي نامور شخصيت بنجي سگهي ٿو.

 


 

§ گلزار علي ميمڻ دڙو

ڪارو گلاب

گهڻا سال اڳ هڪ ملڪ ۾ قاسم نالي هڪ سوداگر رهندو هو. جنهن وٽ تمام گهڻي دولت ۽ ناڻو هو. هن جا ديسان ديس دڪان هوندا هئا ۽ ڏيساور  سان به واپار ڪندو هو. هو جنهن جاءِ ۾ رهندو هو اهو نهايت عاليشان محلات هو، جنهن ۾ باغ باغيچا ۽ وندر جو سڀ سامان هو. قاسم کي ٽي ڇوڪريون هيون سڪينا، امينا ۽ حسينا. ننڍي ڇوڪري حسينا پنهنجي ٻن ڀينرن جي مقابلي ۾ نه فقط سداملوڪ هئي پر سلڇڻي ۽ عقلمند پڻ هئي، انڪري ماءُ پيءُ جي لاڏلي به هئي ۽ ايندو ويندو به کيس گهڻو ڀائيندو هو.

        هڪ ڏينهن سوداگر  واپار سانگي، ڪنهن ملڪ ڏانهن وڃڻ جو سانباهو ڪيو. سوداگر ٽنهي ڇوڪرين کان پڇيو ته هو موٽندي سندن پسند جي شيءِ ڇا آڻي. سڪينا چيو ته ”منهنجي لاءِ موتين جو هار آڻجو.“ امينا چيو ”منهنجي لاءِ ڪيمخاب جو ڪپڙو آڻجو.“ پر حسينا ماٺ ۾ رهي. قاسم چيس ته ”تنهنجي لاءِ ڇا آڻيان؟ حسينا جواب ڏنو اوهان جو خير سان موٽي  اچڻ ئي منهنجي لاءِ وڏي سوکڙي آهي، انڪري مون کي ڪجهه به نه گهرجي.“ قاسم چيس ” ان هوندي به تون ڪا شيءِ ضرور گهراءِ، ان ۾ منهنجي به خوشي آهي.“

نيٺ گهڻي زور ڀرڻ تي حسينا چيو ته ” منهنجي لاءِ ڪارو گلاب آڻجو.“ پيءُ ۽ ڀينرون حيران ٿي ويا. هنن چيو ته ”گلاب ته ڳاڙهو ٿيندو آهي، ڪارو ڪونه ٿيندو آهي، ته ”مون پنهنجي سهيلين کان ٻڌو آهي ته ان ملڪ ۾ ڪارو گلاب ٿيندو آهي جو ڏاڍو خوبصورت  ٿيندو آهي.“ پيءُ چيس ته ” جي ائين آهي ته آءٌ اهو ضرور آڻيندس.“

ٻئي ڏينهن سوداگر پنهنجي سفر ته روانو ٿي ويو. هن سان سندس حبشي غلام ڊنگو پڻ گڏ هو، ڊنگو بيوقوف ضرور هو، پر وفادار حد کان وڌيڪ هو. ان کان سواءِ  سٺن کاڌن کائڻ جو شوقين هو. سفر ڪندي ڪندي هفتو گذري وين، هڪ رات هڪ جهنگل ۾ پين، سڄو ڏينهن نه شڪار هٿ آئين جو کاڌو کائين ۽ نڪو اهڙو ميوو جنهن سان پيٽ ڀرين. صو بکئي بک ۾ سمهي رهيا. پر ڊنگو کي ننڊ نه آئي،خيال ڪيائين ته ڇو نه شڪار ڪجي. سو جهنگل ۾ اٿي هيڏانهن هوڏانهن تلاش ڪرڻ لڳو. اوچتو شينهن جي گجگوڙ ٻڌائين، ڊپ ۾ حواس گم ٿي ويس، سو هڪ وڻ تي چڙهي ويو. مڄاڻ اتي ڪو نانگ ويٺو هو سو ڊنگو جا هٿ وڻ مان ڇڏائجي ويا ۽ اچي هيٺ ڦهڪو ڪيائين، پر وات سان ٻڙڪ به ڪو نه ٻوليائين، متان شينهن نه اچي رسي. صبح تائين انهيءَ پريشانيءَ ۾ رهيو، پر کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونه مليس. سج اڀرندي ئي هن کي هڪ وڻ ۾ ڳاڙهي رنگ جو ميوو ڏسڻ ۾ آيو، سو تڪڙو تڪڙو وڌي پٽي کاڌائين پر ان ۾ ڪو اهڙو زهر هو جو کائيندي ئي مري ويو. سوداگر ويچارو  صبح جو ڊنگو کي نه ڏسي ڳوليندي ڳوليندي اُتي کيس مئل ڏسي هڪو ٻڪو ٿي ويو، ڏاڍو ڏک ٿيس پر پوءِ ڊنگو کي دفن ڪري اڳتي روانو ٿيو.

        قاسم سوداگر کي ان ڀيري واپار مان ڏاڍو فائدو ٿيو سو پنهنجي ٻنهي ڇوڪرين لاءِ شيون ته ورتائين پر حسينا لاءِ ڪارو گلاب ڪٿان ملي، نيٺ ڏس مليس ته فلاڻي طرف هڪ خوفناڪ جهنگل آهي،ان جي پريان ڪارو گلاب ملي سگهندو. ماڻهن اهو به چيس ته اڄ تائين اوڏانهن ڪوبه ڪونه ويو آهي، جي ويوآهي ته وري ڪونه موٽيو آهي. پر حسينا جي فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ سوداگر  اوڏانهين روانو ٿيو، جهنگل ته جيئن تيئن ڪري پار ڪيائين ته پريان هڪ وڏو ڳاڙهي پٿر جو قلعو ڏسڻ ۾ آيس، قلعي جو دروازو کليل هو، اندر گهڙيو ته باغ بستان لڳا پيا آهن، ۽ ان جي وچ ۾ هڪ عاليشان محلات آهي، اڳتي وڌيو ته ڏٺائين ته محلات جي دروازي وٽ هڪ جبل جيڏو ديو بيٺو آهي، ڊڄندي ڊڄندي اڳتي وڌيو، پر اهو معلوم ڪري حيران ٿي ويو ته اهو ديو پٿر جو جڙيل هو. هيڏانهن هوڏانهن نگاهه ڪيائين پر ڪو ماڻهو نظر ڪو نه آيس. محلات ۾ اندر گهڙڻ سان وڌيڪ حيران ٿيو، ڇاڪاڻ ته محلات جا سڀ ڪمرا ائين سينگاريل هئا ڄڻ ته ڪي گهڻا ماڻهو هتي رهن ٿا، پر اڃا تائين ته کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو. هڪ ڪمري ۾ هڪ ڊگهي ميز تي قسمين قسمين جا طعام رکيا هئا. سوداگر ڏاڍو بکايل هو سو ويهي کائڻ لڳو. کائي واندو ٿي، محلات جو سير ڪرڻ لڳو. هڪ ڪمري ۾ هڪ عاليشان پلنگ وڇايل ڏسي، ان تي سمهي رهيو. صبح جو جڏهين اٿيو ته ان ڪمري سان لاڳيتو وهنجڻ واري ڪمري ۾ وهتو. پاڻي ۾ گلاب جي خوشبو هئي. اتان وري کاڌي جي ڪمري ۾ آيو ڏٺائين ته ڄڻ هاڻي ڪو نيرن ٺاهي رکي ويو آهي. بنا حجاب جي کائي، ٻاهر باغ ۾ گهمڻ لڳو. هن سوچيو ته خدا ڄاڻي ڪهڙو اسرار آهي نه ماڻهو نه ڇيڙو نه پکي پکڻ. ماني پئي ملي باغ به اهڙو تازو ۽ سائو هو، ڄڻ سوين ماڻهو هن جي خدمت ڪري رهيا آهن. گهمندي گهمندي کيس پريان هڪ ٻوٽو ڏسڻ آيو،جنهن ۾ ڪارو گلاب جو گل هو. گلاب ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هٿ وڌائي هڪ گل پٽيائين ته هڪ زبردست ڌماڪو ٿيو ڏسي ته اهو جبل جيڏو ديو گجگوڙ ڪندو اچي، ڊپ ۾ گل سوداگر جي هٿن مان ڪري پيو. ديو چيس ” تو کي هيتريون سهولتيون مهيا ڪري ڏنيون ويون، ان هوندي به تون باغ اُجاڙڻ جي پٺيان پيو آهين، هاڻي موت لاءِ تيار ٿي.“ سوداگر هٿ ٻڌي چيو، ”مون کان خطا ٿي مون کي معاف ڪر “. ديو چيس ته هيترا گل ڇڏي اهو ڪارو گلاب ڇو پٽيو؟ سوداگر چيو ته اها منهنجي ڌيءَ جي فرمائش هئي، ان لاءِ مون هيڏا ڪشالا ڪٽيا آهن”. ديو جواب ڏنس، جي ائين آهي ته هڪ شرط تي معافي ڏبي“. سوداگر اهو شرط پڇيو. ديو وراڻيو، ”گل کڻي وڃ  پر گهر ۾ گهڙڻ کان اڳ دروازي تي جيڪو به توکي نظر اچي، ان کي مون وٽ پهچائج“. سوداگر خيال ڪيو ته هميشه آءٌ گهر ويندو آهيان ته دروازي تي مون کي پنهنجو ڪتو ملندو آهي. سو انکي موڪلڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي. ان ڪري چيائينس ته ”مون کي قبول آهي“. ديو سوداگر کي تاڪيد ڪيو ته جيڪڏهن تو شرط پورو نه ڪيو ته آءٌ تنهنجي گهر ٻار کي چٽ ڪري ڇڏيندس.

سوداگر سڀ ڳالهيون مڃي، ڪارو گلاب کڻي گهر ڏانهن روانو ٿيو. بدقسمتيءَ سان گهر جي دروازي تي حسينا بيٺي هئي، جا بابا ڪري کيس چنبڙي وئي. سوداگر جي اکين مان لڙڪ اچي ويا. حسينا سبب پڇيس، پڻهس کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي  ۽ ڪارو گلاب پڻ ڏنو  حسينا پيءُ کي دلداري ڏني چيو ته، ”بابا مڙس جو ڪم آهي قول جو سچو ٿئي، سو مون کي اها جاءِ ڏيکاري اتي ڇڏي اچ. پوءِ جيئن منهنجي تقدير ۾ هوندو تيئن ٿيندو باقي منهنجي ڪري ٻين تي مصيبتون اچن سا ڳالهه مون کي قبول ڪانهي“. سوداگر گهڻو ئي نٽايو پر آخر حسينا جي زور ڀرڻ تي کيس ان قلعي جي دروازي تي ڇڏي موٽي آيو.

        حسينا جڏهن قلعي ۾ اندر داخل ٿي ته ديو تي نظر پيس ته دانهن نڪري ويس ۽ بيهوش ٿي ويئي. جڏهن هوش ۾ آئي ته ڏٺائين ته هڪ خوبصورت ڪمري ۾ ستي پيئي آهي. پوءِ هوءَ اُٿي گهمڻ لڳي. اوچتو ديو اچي هن جي پيرن تي مٿو رکي دانهون ڪرڻ لڳو. حسينا هيڪاري حيران ٿي ويئي. محلات ۾ رهندي ڪيترا ڏينهن گذري ويا پر ان ديو ساڻس ڪابه حرڪت ڪانه ڪئي،کاڌو ته ملندو هوس ۽ ديو سندس پيرن تي مٿو رکيو پهرن جا پهر پيو دانهون ڪندو هو.

        هڪ ڏينهن اهو ديو، باغ ۾ کيس ستل نظر آيو. هن خيال ڪيو ته ڇو نه هڪ ڳرو پٿر کڻي، سندس مغز  چٿي ماري ڇڏيانس، سو هڪ ڳرو پٿر کڻي ديو جي مٿي ٿي زور سان هنيائين تو اوچتو ٺڪا ٿيو ۽ اهو جن سڄو دونهين ۾ تبديل ٿي ويو، آهستي آهستي اهو دونهون گهٽجي ويو ته ڏسي ته هڪ حسين نوجوان شاهاڻي پوشاڪ ۾ بيٺو آهي. نوجوان چيس، ته ”اي نيڪ دل خاتون، آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو تو مون کي نئين حياتي ڏني“. حسينا پڇيس ته آخر تون ڪير آهين؟ ديو ڪيڏانهن ويو“. نوجوان چيس ته، آءٌ فلاڻي ملڪ جو شهزادو آهيان، هڪ پريءَ پنهنجي جادوءَ جي زور تي، مون کي ديو جي صورت ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو ۽ قلعي جا سڀ ماڻهو پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيا هئا. جيڪڏهن تون وجھه وٺي مغز نه چٿين ها ته نيٺ تون سان اها حالت ٿئي ها، پر ان پريءَ جو روح ان ميڄالي ۾ هو جو ختم ٿي ويو. اهڙيءَ طرح سندس جادو به ناس ٿي ويو. پوءِ حسينا نوجوان شهزادي کي وٺي پنهنجي گهر آئي سوداگر ۽ سندس گهر وارن سندن احوال ٻڌي ۽ کين گڏجي ڏاڍا خوش ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com