سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :4

ڇا اوهان کي خبر آهي ته ......

*موڪليندڙ: زبيده سلطانه مودي، حيدرآباد.

1. انسان جي دل جو وزن تقريبن ڏهه آئونس آهي.

2. هڪڙي سال ۾ اڍائي انچ نُنهن وڌندا آهن.

3. دنيا ۾ سڀ کان وڏي بجليءَ جوبلب(شڪاگو) ۾ آهي.

4. هندستان ۾ سڀ کان پهرين انگريزي اخبار”بنگال گزٽ“29 جنوري 1781ع ۾ جاري ٿي.

 

*موڪليندڙ: خالد اڪبر ٽالپر، ٽنڊو جان محمد.

1.چئن ڪلاڪن جو دماغي ڪم انسان کي ايترو ٿڪائي ٿو جيترو ڏهن ڪلاڪن جو هٿ جو پورهيو.

2.ڪابه صدي اربعا، جمعي ۽ آچر جي ڏينهن کان شروع نه ٿي آهي.

3. انسان ڄمڻ کان پوءِ پهرئين سال ۾ جيترو وڌي ٿو اوترو سڄي حياتيءَ ۾ نٿو وڌي.

4.ڪوريئڙي جي ڄار جو هڪ آئونس ڊگهو ڪبو ته سندس ڊيگهه 360 ميل ٿيندي.

5.آمريڪا ۾ ”اوپسم“ نالي جانور آهي. جو ڪينگرو وانگر ٻچو کڻي هلي ٿو.

6. اُٺ پکيءَ مان پنج سئو پائونڊ کنڀ ڪڍيا وڃن ٿا.

 

*موڪليندڙ: فاروق احمد ابڙو، نوابشاهه.

1.قاهره کي بازارن جو شهر چيو ويندو آهي.

2. آبادي جي لحاظ کان دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر شهنگائي (چين) ۾ آهي.

3.چين جي سِڪي جو نالو”ين“(يان) آهي.

4. برما جي سِڪي جو نالو”ڪان“ آهي.

5.فرانس جي سِڪي جو نالو”فرانڪ“ آهي.

6. جرمنيءَ جي سِڪي جو نالو”مارڪ“ آهي.

7.اسرائيل جي سِڪي جو نالو”پائونڊ“ آهي.

8.اردن جي سِڪي جو نالو ”دينار“ آهي.

9.افغانستان جي سِڪي جو نالو”افغاني“ آهي.

10.سعودي عرب جي سِڪي جو نالو”ريال“ آهي.

*موڪليندڙ: الهه بچايو عاجز ڪنڀر، بدين.

1.سڀ کان سخت شئي هيرو آهي.

2. دنيا ۾ سڀ کان هلڪي ڌاتو جو نالو ليٿم آهي.

3.دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪڻڪ روس ملڪ ۾ پيدا ٿيندي آهي.

4. دنيا جو خوبصورت بندرگاهه سڊني، آسٽريليا ملڪ ۾ آهي.

5. دنيا ۾ سڀ کان وڏو چڙيا گهر لنڊن ۾ آهي.

6. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سون ڏکڻ آفريڪا ۾ آهي.

7. الڪٽرڪ بيل آمريڪي سائنسدان جوزف هينري ايجاد ڪيو.

8.ريفريجيٽر برطانوي سائنسدان لارڊ ڪيلون ٺاهيو.

9.سلائي جي مشين جو موجد ايس. هائو هو.

ڀلا ٻڌايو ته...

1.   انگريزن سنڌ تي ڪهڙي سال ۾ قبضو ڪيو؟

2.  وڏي ۾ وڏو ڏينهن ۽ ننڍي ۾ ننڍي رات ڪهڙي تاريخ تي ٿيندا آهن؟

3.  سنڌ جو جابلو ضلعو ڪهڙو آهي؟

4.  مصر جو قومي ابو ڪير آهي؟

5.   نظم ”وقت چئي آءُ بادشاهه“ ڪنهن جو لکيل آهي؟

6.  آسمان جو رنگ نيرو ڇو آهي؟

گذريل مهيني جي سوالن جا جواب

1.   ميرزا قليج بيگ.

2.  مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ.

3.  ڇا ڪاڻ ته تارن جي روشني هوا جي هڪٻئي پٺيان ڪيترن تهن مان گذرڻ سبب سڌي رستي تان هٽي ويندي آهي. انڪري تارن مان روشنيءَ جا ڪرڻا نڪرندا  ته ساڳئي وقت آهن، پر اسان جي نظرن تائين مختلف وقتن ۾ پهچندا آهن. ۽ اسان کي انهن جي روشني ٽمڪندي ڏسڻ ۾ ايندي آهي.

4.  جهنگلي سوئر جيڪو آخري دم تائين وڙهندو رهندو آهي ۽ ڪنهن ڪرڪڻ جي مري ويندي آهي.

5.   اڇو رنگ سج جي گرم ڪِرڻن کي موٽ کارائيندو آهي، جڏهن ته ڪارو رنگ گرم ڪِرڻن کي جذب ڪندو آهي. انڪري اڇا ڪپڙا ٿڌا لڳندا آهن.

6.  طرابلس.

انهن سوالن جا جواب هيٺين ٻارن موڪليا آهن:

1.   فاروق احمد ابڙو(شاگرد ڪلاس اٺون)، نوابشاهه.

2.  سريش ڪمار، نوابشاهه.

3.  زمان علي جوکيو (شاگرد ڪلاس پنجون)، ڪوٽڙي.

4.  پير شيخ احمد ڪبير (شاگرد ڪلاس نائون)، پڊعيدن.

5.   خالد اڪبر ٽالپر، ٽنڊوجان محمد.

6.  علي جان رند بلوچ (شاگرد ڪلاس اٺون ڊي)، نوابشاهه.

7.  فياض علي فياض، خيرپور.

8.  اڪرم علي سومرو، خانپور.

9.  منور احمد ابڙو، نصرپور،

10.   علي اڪبر سومرو(شاگرد ڪلاس نائون (سي)، ٽنڊوالهيار.

11.    علي محمد ميمڻ، ٽنڊوالهيار.
 

پرولي ته ڀڇ

*موڪليندڙ: عبدالرسيد کوکر، نوابشاهه.

(1) ڪارو ڪارو ڪوئلي وانگر، پر ڪوئلو به نه آهي، ڳالهائي ٿو ماڻهوءَ وانگر، پر ماڻهو به نه آهي، ڦري ٿو ڦرڻي وانگر، پر ڦرڻي به نه آهي. ٻارو ٻڌايو ته اهو ڇا آهي؟

*موڪليندڙ: عبدالرشيد ابڙو”صوفي“، شڪارپور.

(2) ڪارو ڪارو ڪوئلي جهڙو،ڦيٿي وانگر ڦري ٿو، پر ڦيٿو به نه آهي. سئي لڳيس ته روئي ٿو پر انسان به نه آهي. ڀلا ٻڌايو ته ڇا آهي.؟

* موڪليندڙ: فياض علي”فياض“، خيرپور.

(3)      نه پکي آهيان نه جانور آهيان، منهنجي خوراڪ انساني گوشت. نه رهان زمين تي نه رهان آسمان تي، مان انسان جي دل ۾ آهيان. ٻڌايو ته مان ڇا آهيان؟

(4)       مون کي ٻانهون آهن، ڄنگهون نه آهن، ڪلها آهن، بدن آهي، گلو به آهي مگر ساهه نه آهي. ٻڌايو ته مان ڇا آهيان؟

ڀڃڻي

(1)     ۽ (2) رڪارڊ. (ڪارو به آهي، ڳالهائي به ٿو ماڻهوءَ وانگر ۽ ڦري به ٿو). (3) فڪر يا ڳڻتي. (4) قميص.

 

 

کل ته سهي!

 

*موڪليندڙ : جرار حسين خاصخيلي،محراب پور.

پٽ: (ماءُ کي ) امان! جي آءُ پاس ٿيان ته مون کي ڇا ملندو؟

ماءُ:اَبا، مٺائي ملندءِ.

پٽ: جيڪڏهن ناپاس ٿيس ته پوءِ؟

ماءُ: ته پوءِ جوتا ملندءِ، ٻيو ڇا ملندءِ.

پٽ: امان، تڏهن آءٌ ضرور ناپاس ٿيندس، ڇو ته منهنجا جوتا ڇڄي پيا آهن ۽ مون کي نوان ملندا.

*موڪليندر: الطاف حسين ڪاتيار، ميرپور بٺورو.

استاد: شاگرد کي ) رڻ پٽ ڇا کي چئبو آهي؟

شاگرد: جتي ڪجهه به نه ٿئي.

استاد: ڀلا ڪو مثال ڏي؟

شاگرد: (سوچيندي) سائين، جيئن اوهان جو گنجو مٿو.

*موڪليندڙ: مير شمن، حيدرآباد.

هڪ ماڻهو ڪاڻو هو، تنهن کي پنهنجي زال چيو ته ڳوٺ جي چڱي مڙس ڏي وڃ ۽کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي اچينس. پر جيڪڏهن توکي ڪجهه به نه ڏئي ته پوءِ ان کي اک ڏيکارجان. (رعب ڪجانس). هو ڳوٺ جي چڱي مڙس سان ملي واپسي آيو. سندس زال پڇيس ته کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي آئين؟“ مڙس جواب ڏنو ته ”ڪجهه به نه مليو“. جوڻس چيو ته ”پوءِ اک ڏيکاريس؟“

هن جواب ڏنو ته ”اک ڏيکاريمانس، ليڪن وڏيري چيو ته اها به ٺيڪ ڪانه ٿيندي.“

*موڪليندڙ: آغا عرفان الله، حيدرآباد.

هڪ همراهه هڪ ڊگهي وڻ تي چڙهي ويو. پر لهي ڪونه ٿي سگهيو. تنهنڪري ياد ڪيائين پنهنجي مرشد کي، ”مرشد سائين! مون کي خير سان هيٺ لاهي. مان پنجن رپين جي مٺائي ورهائيندس.“ ان کان پوءِ جڏهن همراهه اڌ وڻ کان ڪجهه هيٺ لٿو ته چيائين: ”مرشد سائين! هاڻ اڍائي رپئي جي مٺائي ورهائيندس!“ ۽ جڏهن اڃا ٿورو هيٺ لٿو ته چيائين، ”مرشد! هاڻ سوا رپئي جي مٺائي ورهائيندس.“ ۽ جڏهن بلڪل هيٺ لهي ويو ته چيائين،”مرشد سائين! جيڪي وڻن تي چڙهن سي مٺايون ورهائين“.

*موڪليندڙ: زمان علي جوکيو، ڪوٽڙي.

هڪ ڪنجوس انگريز پنهنجو ٽوال وڃايو سوخيال ڪيائين ته اهو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ ٻه هفتا شيوو ڪونه ڪندس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن انگريز هڪ سک ڏٺو سو وڌي وڃي هن سان همدردي ڪيائين ته

”تو شايد پنهنجو ڪمبل وڃايو آهي؟“

 

*موڪليندڙ: فرخ انصاري،ڪراچي.

راندين جو ماستر: ليگ بريڪس بال ڇا کي چئبي آهي؟

احمد: سائين اهو بال جنهن سان ڄنگهه جو نشانو اهڙو وٺجي جو بيٽنگ واري جي ڄنگهه ڀڄي پوي.

*موڪليندڙ: شوڪت علي ٺٽو.

هڪڙا ٻه بيوقوف رات جو هڪ رستي تان وڃي رهيا هئا، ته هڪ چيو:”جيڪڏهن مان ٽارچ جي روشني آسمان ڏانهن سڌي ڪريان ته ڇا تون ان تي چڙهي ويندين؟“

ٻئي بيوقوف چيو:” چڙهي ته ويندس، پر جيڪڏهن تون اوچتو ٽارچ کي وسائي ڇڏين ته پوءِ مان ڇا ڪندس.“

 


 

هنن سان ملو

 

34.نالو:عبدالرشيد کوکر سنڌي

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون-اي

عمر:13 سال

وندر: ٽيبل ٽينس کيڏڻ.

ائڊريس:گورنمينٽ هاءِ اسڪول، نوابشاهه.

 

35.نالو: ظهير الدين ولد بهرام خان ڪاڪيپوٽو.

پڙهندڙ: ڪلاس اٺون.

عمر: 12 سال.

وندر: رسالا ۽ خاص ڪري لوڪ ڪهاڻيون پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين.

 

36.نالو:عبدالعليم ولد الهڏنو زرگر

پڙهندڙ: ڪلاس ڏهون.

عمر: ........

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ.

ائڊريس: صراف بازار، بدين، ضلعو حيدرآباد. سنڌ.

 

37.نالو: الهه بچايو عاجز ولد الهڏنو ڪنڀر

پڙهندڙ: ڪلاس يارهون.

عمر:15 سال

وندر: .....

ائڊريس: مئگزين سيڪريٽري گ. اسلاميه ڪاليج بدين سنڌ.

 

38.نالو:الله بخس ولد نور محمد کوسو.

پڙهندڙ:ڪلاس پنجون.

عمر: 12 سال .

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ ماهوار ٻارن جا رسالا پڙهڻ.

ائڊريس:مولانا عبدالرحمان ڀٽو جلد ساز ڪنڌڪوٽ ضلعو جيڪب آباد.

 

39.نالو:لالچند.

پڙهندڙ:ڪلاس اٺون.

عمر: 13 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ فوٽو گڏ ڪرڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو.

 

40.نالو: زمان علي ولد رحيم خان جوکيو.

پڙهندڙ: ڪلاس پنجون.

عمر: 11 سال.

وندر: پڙهڻ ۽ راند ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت جوکيو رحيم خان سب انجنيئر، ايريگشن ورڪشاپ ڪوٽڙي، سنڌ.

 

41.نالو: عبدالحليم ولد رحيم خان جوکيو.

پڙهندڙ: ڪلاس چوٿون.

عمر: 9 سال.

وندر:  پڙهڻ ۽ شرارتون ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت جوکيو رحيم خان سب انجنيئر، ايريگيشن ورڪشاپ ڪوٽڙي.

 

42.نالو: صدر الدين احمد فاروقي.

پڙهندڙ: ڪلاس نائون.

عمر: 14 سال.

وندر: راند ڪرڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڻيپور، ضلعو خيرپور.

 

43.نالو: غلام رضا عرف”متن“ ولد محمد مٺل راڄپر.

پڙهندڙ: ڪلاس اٺون.

عمر: 12 سال.

وندر: باغ جو سير ڪرڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڻيپور ضلعو خيرپور.

 

44.نالو: علي محمد ولد سيف الحق ميمڻ.

پڙهندڙ: ڪلاس نائون-سي.

عمر: 13 سال.

وندر:  ٽڪليون گڏ ڪرڻ، اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ راند رهڻ.

ائڊريس:گورنمينٽ پراونشلائزڊ هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار، سنڌ.

 

45.نالو:رامچند پٽ ڪشنچند بجاج.

پڙهندڙ: ڪلاس ٻيون.

عمر:7 سال.

وندر: .......

ائڊريس: معرفت ڪشنچند بجاج ميرپور ماٿيلو، ضلعو سکر.

 

46.نالو: عبدالرشيد ابڙو پٽ محمد عالم ابڙو.

پڙهندڙ: ڪلاس اٺون-ڊي.

عمر: 13 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ رسالا پڙهڻ.

ائڊريس:جماڻي حال، حقڙا محلا، شڪارپور، سنڌ.

 

47.نالو: اسحاق احمد سومرو.

پڙهندڙ:ڪلاس ڇوٿون.

عمر:.........

وندر: گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس:گورنمينٽ سنڌي پرائمري اسڪول سڪرنڊ، سنڌ.

 

48.نالو:محمد شاڪر ولد محمد عمر مودي.

پڙهندڙ:ڪلاس ڏهون.

عمر: 14 سال.

وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ، ٽڪليون گڏ ڪرڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ.

ائڊريس: محد شاڪر مودي. خيرشاهه جوپڙ-هائوس نمبر  656/13.C حيدرآباد، سنڌ.

49.نالو: سريش ڪمار.

پڙهندڙ: ڪلاس اٺون – ڊي.

عمر: ........

وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ، قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس:ڊي جي پي هاءِ اسڪول نوابشاهه.

50.نالو:منظور احمد قريشي.

پڙهندڙ:ڪلاس اٺون. اي.

عمر: 13 سال

وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ ٻارن جا رسالا پڙهڻ.

ائڊريس:گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادپور، ضلعو سانگهڙ، سنڌ.

 

51.نالو:سڪندر علي شاهه ولد عبدالمجيد شاهه.

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون.

عمر:10 سال

وندر: ڪتاب اخبار پڙهڻ، ٽي وي ڏسڻ.

ائڊريس:پلاٽ نمبر 118، هاشمي ڪالوني، لطيف آباد، 4 بي، حيدرآباد.

 

52.نالو:اعظم علي شاهه ولد عبدالمجيد شاهه.

پڙهندڙ: ڪلاس پنجون.

عمر: 9 سال

وندر: ڪتاب پڙهڻ ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ ۽ ڪلاس ۾ هر سال نمبر کڻڻ.

ائڊريس: پلاٽ نمبر 118، هاشمي ڪالوني، لطيف آباد، 4 بي، حيدرآباد.

 

53.نالو: فريد علي شاهه ولد عبدالمجيد شاهه.

پڙهندڙ:ڪلاس ٽيون.

عمر: 7 سال.

وندر: گهر ۾ شرارت ڪرڻ.

ائڊريس: پلاٽ نمبر 118، هاشمي ڪالوني، لطيف آباد، 4 بي، حيدرآباد.
 

 

سلام ۽ سنيها

 

السلام عليڪم:

عرض ته مارچ جو پرچو پڙهي دل کي خوشي حاصل ٿي. اميد ته گل ڦل کي سدائين لاءِ سهڻو ۽ وڻندڙ بنايو ويندو. گل ڦل کي هزارن جي تعداد ۾ ٻار پسند ڪن ٿا انڪري ننڍن ٻارن جي ڪهاڻين تي وڌ ۾ وڌ خيال ڏيڻ گهرجي.

شيخ عبدالرحمان، خيرپور ناٿنشاهه،

السلام عليڪم:

گل ڦل جي وري شايع ٿيڻ تي نهايت خوشي ٿي. اميد ته هاڻ بند نه ڪندا. نون ننڍڙن اديبن جو لکڻيون شايع ڪري سندن همت افزائي ڪئي وڃي. لکڻ لاءِ ڪو عنوان ڏنو وڃي ۽ سٺو مضمون لکڻ تي انعام ڏنو وڃي ته ٻارڙن ۾ لکڻ جو شوق پيدا ٿيندو. نقل ٿيل مواد شايع نه ڪيو وڃي. آخر ۾ منهنجي پاران گل ڦل جي گلڙن کي سلام.

اوهان جو ادو،          

الهبچايو ”عاجز“ ڪنڀر، بدين.

(اوهان جي صلاحن لاءِ مهرباني. جيتري قدر ٿي سگهندو،اسين  انهن تي عمل ڪنداسين. –ايڊيٽر)

السلام عليڪم:

ڀاءُ شوڪت صاحب، عرض ته مون گل ڦل جا سمورا تازا پرچا پڙهيا آهن. منهنجي ڀاءُ پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جي ذاتي لئبرريءَ ۾ اڳيان سمورا”گل ڦل“ وارا پرچا پڻ موجود آهن، جن کي به ذري پرزي پڙهيون اٿم. رسالو مون کي بيحد پسند آهي. هن رسالي جي پڙهڻ لاءِ آءُ سنڌ جي سمورين ڀينرن کي عرض ڪنديس ته هو به هن رسالي جو ضرور واس وٺن. اميد ته رسالي اندر ڀينرن جا الڳ صفحا ضرور مخصوص ڪندا. هن گڏ هڪ ڪهاڻي ڇپجڻ لاءِ موڪلي رهي آهيان. اميد ته ايندڙ پرچي ۾ ضرور شايع ڪندا.

وسلام، اوهان جي ڀيڻ.

حاڪمزادي بنت رحيم بخش ميمڻ، لاڙڪاڻو.

(ڀيڻ، خط ۽ ڪهاڻي موڪلڻ ۽ ”گل ڦل“ کي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني. اميد آهي ته ڀينرون اوهان جي صلاح کي ضرور مڃينديون. هي رسالو  سڀني ٻارن جو گڏيل رسالو آهي. انڪري ڀينرن لاءِ الڳ صفحا رکڻ مناسب نه ٿيندو. ”گل ڦل“ تي ڀينرن جو به اوتروئي حق آهي، جيترو ڀائرن کي. تنهنجي ڪهاڻي هن پرچي ۾ شامل آهي. ايڊيٽر)

اسلام عليڪم:

ادا، مارچ جو گل ڦل ڏٺم ۽ ڏاڍو مزو ڏنائين. اسان جي گهڻي وقت کان آرزو اها هئي ته ڪو مستقل سنڌي ٻارن جو رسالو نڪري، اسان جي خواهش پوري ڪرڻ تي کيرون لهڻو. اميد ته گل ڦل کي وڌيڪ سهڻو بنائيندا.

باقي ڪم اسان کي ئي ڪرڻو آهي، اهو ڪم هي آهي ته گل ڦل جو پيغام سنڌ جي هر گهر ۾ پهچايون جيئن  اسان سنڌي ٻار ٻي ڪنهن قوم جي ٻارن کان پُٺتي نه رهون. انشاءالله اسين گل ڦل جي قيادت ۾ گهڻو ڪجهه ڪنداسين.

فقط اوهان جو هڪ ڀاءُ

حاجي سومرو.

محلا غريب آباد،بدين.

السلام عليڪم :

جنوري، فيبروري ۽ مارچ جو رسالو گل ڦل پڙهيم، تمام گهڻو پسند آيو. ادا، توهان کي اهڙو بهتر رسالو شايع ڪرڻ جون مبارڪون هجن. ادا، منهنجي صلاح اٿوَ ته ننڍا ننڍا ٻاراڻا ڊراما شايع ڪريو ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. ادا، مان ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان. توهان ۾ اميد اٿم ته ضرور شايع ڪندا.

حنيفه رحيم قاضي، حيدرآباد.

(ادڙي، اسان گذريل پرچي ۾ هڪ ننڍڙو ڊرامو شايع ڪيو هو. ڪيئن پسند آيو؟ تنهنجو مواد شايع ڪيو ويو آهي. ايڊيٽر)

جيئي سنڌ،

سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالي کي ٻيهر بڪ اسٽال تي ڏسي خوشي ٿي. جڏهن اسان ننڍا هئاسين تڏهن اهو گل ڦل ئي هو جو اسان جون ادبي ضرورتون پوريون ڪندو هو. پر پوءِ الاجي ڇو؟ ڪهرو واءُ لڳو جو ٻارن جو هڪ ئي رسالو بند ٿي ويو. ان کان پوءِ به ڪافي رسالا نڪتا، خاص ڪري ٻارن پنهنجو شوق پورو ڪرڻ لاءِ اهڙي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيا.

بهرحال گل ڦل ٻارن جي معلومات لاءِ ٻيهر سٺي ڪوشش آهي.

ٻارن لاءِ لکيل آزاد نظم”روشن تارو“ گل ڦل ۾ شايع ڪرڻ لاءِ موڪليان پيو، جيڪڏهن شايع ٿيو  ته ٿورائتو رهندس.

امين ٿيٻو، بي-ايس-سي (زراعت)،حيدرآباد.

(ادا سائين، خط لکڻ لاءِ مهرباني. سان کي افسوس آهي ته اوهان جو نظم ڇپي نٿا سگهون.جيڪڏهن اوهان ٻارن جي ذهن ۽ پسند کي نظر ۾ رکي معلوماتي ۽ دلچسپ مواد موڪليندا، ته اهو خوشيءَ سان شايع ڪنداسين. ايڊيٽر)

پيارا دا، جيئي سنڌ:

مارچ جي ‎”گل ڦل“ ڪو خاص تاثر نه ڇڏيو. جيئن ڪافي ڀائر اوهان کي لکي چڪا آهن ته مضمونن جي بدران زياده تر آکاڻيون شايع ڪريو پر اوهان اُنهيءَ تي ڌيان نٿا ڏيو. سو ڇو؟ ٻيو اوهان رسالي ۾ ملڪي ڪهاڻيون شايع ڪريو ته بهتر ٿيندو. مارچ جي پرچي ۾ ميلارام واسواڻي جي ڪهاڻي کان علاوه ٻيو ڪو به مزو نه هو، سواءِ لطيفن ۽ سوالن جوابن جي. ”هنن سان ملو“ هڪ بهتر ڪالم آهي، انهيءَ کي بند نه ڪندا، ويتر انهيءَ ۾ گهڻن ٻارن سان ملائيندا ته چڱو.

منهنجي ترجمو ڪيل”بيداري“ نالي ڪهاڻي اڃا به اوهان شايع نه ڪئي آهي.

عبدالعليم زرگر، بدين.

(ادا، تنهنجي تنقيد پڙهي خوشي ٿي. ان طريقي سان اسان ان کي رسالي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۾ مدد ملي ٿي. ڀلا هن پرچي ۾ ته رڳيون ڪهاڻيون آهن. اڃا به شڪايت آهي ڇا؟ تو جيڪا ڪهاڻي ترجمو ڪري موڪلي آهي سا ”گل ڦل“ ۾ ڇپڻ جهڙي ڪانهي. اميد ته تون دل ۾ نه ڪندين ۽ ٻي ڪا سٺي ڪهاڻي جلد موڪليندين. ايڊيٽر)

 

السلام عليڪم:

مارچ وارو پرچو پڙهيم، ڏاڍو پسند آيو. مگر هڪ ڪمي ڏاڍي کٽڪي ته ڪهاڻيون تمام ٿوريون هيون. اميد ته آئيندي انهيءَ ڪميءَ کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. هي هڪ عمدو رسالو آهي. هن جي پڙهڻ سان اسان جي معلومات ۾ غير معمولي اضافو ٿئي ٿو. ههڙي عمدي ماهنامي جاري ڪرڻ تي منهنجي طرفان مبارڪباد قبول ڪندا.

آءُ هڪ ڪهاڻي ايماندار ڇوڪرو نالي موڪلي رهيو آهيان اميد ته ان کي شايع ڪري سنڌ جي ننڍڙن اديبن جي همت افزائي ڪندا.

اوهان جو ساٿي،

ستياپال- جي ڪنگراڻي،

گورنمينٽ هاءِ اسڪول، غوثپور.

(ادا، هن ڀيري ته رڳو ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون آهن. تنهنجي موڪليل ڪهاڻي ايندڙ پرچي ۾ شايع ڪبي. (ايڊيٽر.)

 

پيارا ادا،

السلام عليڪم، عرض ته اوهان جو رسالو گل ڦل وڏي چاهه سان پڙهندو آهيان. اپريل واري پرچي ۾ منهنجي ائڊريس ۽ نالو غلط اچي ويا، مهرباني ڪري درست ڪندا. منهنجوصحيح نالو محمد شفيق آهي ۽ ڀائرن سان قلمي دوستي رکڻ لاءِ هيءَ ائڊريس آهي: معرفت محمد رمضان ڪمبو، سنڌي ادبي بورڊ ، امين منزل گاڏي کاتو حيدرآباد.

ادا، هر مهيني رسالي جو ڪور ساڳيو ڏسي منهنجا ڪافي دوست ته رسالو پراڻو سمجهي خريد ئي ڪونه ڪندا آهن. منهنجي اوهان گذارش آهي ته هڪ ته رسالي جو ڪور هر مهيني نئون ڏيو ۽ ٻيو ته رسالو وقت تي شايع ڪيو ۽ گهڻيون لکڻين بجاءِ اداري جي ٻارن جون شايع ڪريو.

محمد شفيق ڪمبو، حيدرآباد.

(ادڙا، اميد ته هاڻِي  ٻار توکي تنهنجي صحيح نالي ۽ ائڊريس تي خط لکندا. هن ڀيري رسالي جو ڪور بدلايو ويو آهي ۽ وقت تي شايع ڪيوويو آهي. باقي ٻارن جون لکڻيون ته وڌ ۾ وڌ ڏنيون وڃن ٿيون. گذريل پرچي ۾ ته اداري طرفان ڪابه لکڻي ڪانه هئي. ايڊيٽر).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com