سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

هاڻي ڀيڻس جي هيٺ لهڻ لاءِ ڪا به واٽ ڪين هئي. اها هاڻي جهنگ جي ڊگهي وڻ جي چوٽيءَ تي مجبور ۽ لاچار هئي. ڀاڻس سڀ ڏانڊيون ڪٽيندو زمين تي پهچي ويو ۽ گهر ڏانهن وڃڻ لڳو. هاڻي ڀيڻس بلڪل اڪيلي رهجي وئي. هئي ۽ ڪيتريون ئي رڙيون ڪيائين ته به ڪوئي به سندس مدد لاءِ ڪين آيو.

اتي هڪ عجيب ڳالهه ٿي. ڇوڪريءَ محسوس ڪيو ته ان جي جسم تي پکين وانگر پر نڪرڻ لڳا آهن، اُن جا پير چنبن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا آهن ۽ منهن چهنب جي شڪل اختيار ڪئي آهي. هن رڙ ڪئي ”تُري ٽُري“ (ادا، ادا) پر ان جو ڀاءُ گهڻو پري هليو ويو هو. ڀيڻس جو آواز ان تائين پهچي نه سگهيو.

ڇوڪري حقيقتاً ۾ هڪ ڪاري چمڙي ۾ تبديل ٿي ويئي هئي. هوءَ پنهنجي شڪل ڏسي هڪ اهڙي ته شرمائجي وئي جو يڪدم گهاٽي جهنگ  جي وڻ جي ٽارين ۾ وڃي لڪي ۽ چنبن سان لڙڪي پئي. هن فيصلو ڪيو ته رڳو رات جو ٻاهر نڪرنديس،ته جيئن ڪو به مون کي نه ڏسي.“

هاڻي هوءَ هڪ نئين نالي سان مشهور ٿي وئي: ”ڪاڪوئي“ رات جو پکي جوچمڙي وانگر ٿيندو آهي. ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين هن جا ٻچا جهنگ ۽ ويران جاين ۾ لڪندا وتندا آهن ۽ رڳو رات جي وقت کاڌي جي ڳولا ۾ نڪرندا آهن، هو به ”تُري ٽُري“ (ادا، ادا) ڪندا آهن، پر ڀاءُ ٻڌڻ وارو نه هوندو اٿن. توهان کين اڏامندي ته پڪ ڏٺو هوندو!

 


 

* شمس الدين سومرو

(ڪهاڻي)

جنهن کي رب رکي...!

ڪنهن ملڪ ۾ هڪ حڪيم رهندو، جنهن وٽان هرڪو مريض چاق چڱو ڀلو ٿي ويندو هو. حڪيم وٽ هڪ نوڪر پڻ هوندو هو. جيڪو اهو ڏسندو رهندو هو ته حڪيم صاحب مريض کي دوا سان گڏ آفيم ذرو به ضرور ڏيندو رهي ٿو. سندس نوڪر جيڪو هڪ اڻڄاڻ ماڻهو هو، تنهن سوچيو ته هر مريض جي دوا آفيم ئي آهي. سو ڇو نه آءُ به پنهنجو دوا خانو کوليان.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن حڪيم صاحب کان الڳ ٿي وڃي پنهنجو دوا  خانو کوليو ۽ رڳو آفيم رکي ويهي رهيو. اتي جا ماڻهو جيڪي هن کي گهڻي وقت کان وٺي هن حڪيم صاحب وٽ ڏسندا هئا، سي هن کي جهونو ۽ تجربيڪار سمجهي، کائنس دوائون و‎ٺڻ  لڳا. هن وٽ جيڪو مريض ايندو هو، تنهن کي آفيم جو ذرو ڏيئي. ائين چوندو هو ته”هن کي آرام ڪرڻ ڏجو ۽ جيستائين هو پاڻ آرام ڪري نه اُٿي تيستائين مريض کي نه اٿارجو.“ خدا جي قدرت جيڪو به هن کان دوا وٺيو وڃي، اهو چاق چڱو ڀلو ٿيو وڃي. اهڙيءَ طرح نئون حڪيم تمام ٿورن ڏينهن ۾ مشهور ٿي ويو.

هڪ ڏينهن انهيءَ ملڪ جي بادشاهه جي ڌيءَ سخت بيمار ٿي پئي.بادشاهه شاهي حڪيم گهرايا، ليڪن ڪو به فائدو نه ٿيو، جڏهن ملڪ جا وڏا وڏا حڪيم به علاج ڪري جواب ڏيئي ويا تڏهن بادشاهه کي ڪنهن ٻڌايو ته فلاڻي هنڌ هڪ حڪيم آهي جنهن وٽ هرمرض جي دوا آهي. بادشاهه حڪم ڪيو ته هن کي هڪدم شاهي اعزازن سان محل ۾ آندو وڃي ۽ شهزاديءَ جو علاج ڪرايو وڃي.

حڪيم صاحب جي درتي جڏهن بادشاهه جا ماڻهو پهتا، ته اچي ڊپ ورايس ته متان ڪنهن بادشاهه وٽ شڪايت ڪئي هجي، پر پوءِ همت ڪري انهن کان اچڻ جوسبب پڇيائين. جڏهن هنن ٻڌايس ته شهزادي بيمار آهي ۽ اسان توکي ان جو علاج ڪرڻ لاءِ وٺڻ آيا آهيون. تڏهن فخر کان ڪنڌ مٿي کڻي، چيائين ته هلو مان تيار آهيان، ۽ پنهنجو آفيم جو ٿيلهو کڻي شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو.

بادشاهه هن جي آجيان ڪئي ۽ کيس شهزاديءَ جي ڪمري ۾ وٺي ويو. حڪيم شهزاديءَ جي نبض  ڏسڻ کانپوءِ دل ۾ خيال ڪيو  ته ” هتي بادشاهي معاملو آهي . عام ماڻهوءَ کي ته آفيم جو ذرو به ڏيندو هوس ته هو ماٺ ڪري وٺي ويندا آهن. پر ممڪن آهي ته بادشاهه سلامت آفيم گهٽ ڏسي ڪو اعتراض ڪري ۽ شهزاديءَ کي آرام نه ٿيو ته منهنجي جان خطري ۾ پئجي ويندي. سو بسم الله ڪري يڪو اڌ تولو آفيم شهزاديءَ کي کارائڻ لاءِ بادشاهه کي ڏيندي، نهايت نماڻائيءَ سان عرض ڪيائين ته ”قبلا! شهزاديءَ کي تمام گهڻي آرام جي ضرورت آهي، انڪري آرام ۾ ڪنهن به صورت ۾ خلل پوڻ نه گهرجي بلڪ جيستائين هوءَ پاڻ سجاڳ نه ٿئي. تيستائين هن کي نه جاڳايو وڃي.“ شهزاديءَ کي دوا کارائي سمهاريو ويو. هوءَ برابر به ڏينهن ستي پيئي هئي، جڏهن هن کي ٻن ڏينهن کان پوءِ هوش آيو ته هوءَ اڳي کان بهتر نظر اچي رهي هئي ۽ هن جي ذهن کي سڪون ملي چڪو هو. هوءِ هفتو کن مڪمل آرام ڪرڻ کان پوءِ بلڪل تندرست ٿي ويئي. بادشاهه حڪيم مان ڏاڍوخوش ٿيو ۽ ان کي درٻٻاري حڪيم مقرر ڪري ڇڏيائين. حڪيم خوش ٿيو ۽ عام ماڻهن جي علاج کان جان ڇٽي پيئي ۽ هاڻي سڄي عمر مزي ۾ بسر ٿيندي.

پر قدرت کي ٻيو ڪجهه منظور هو . حڪيم جا اڃا ڪجهه ڏينهن ئي مس آرام سان گذريا هئا ته قدرت هن کي وري هڪ آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو. ٿيو هيئن جو بادشاهه سلامت کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي بادشاهه هڪ پيغام ڏياري موڪليو ته”فلاڻي تاريخ تي اسين تنهنجي ملڪ تي قبضو ڪرڻ اينداسين، جيڪڏهن تون ملڪ اسان جي حوالي نٿو ڪرڻ چاهين ته جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃ.“ بادشاهه جي راتين جي ننڊ حرام ٿي چڪي هئي. ڇا ڪاڻ جو نه ته هن وٽ ايتري فوج هئي ۽ نه ئي ايترا هٿيار هئا، جو هو هڪ وڏي طاقتور ۽ ظالم بادشاهه جو مقابلو ڪري سگهي. بادشاهه کي سڀ کان وڏو فڪر اهو هو ته سندس ملڪ ڪهڙي به حالت ۾ هن ظالم بادشاهه جي قبضي ۾ نه اچي. ڇو ته بادشاهه کي چڱي طرح خبر هئي ته هن ڪڏهن به رعيت جي پرگهور نه لڌي هئي. بلڪ غريبن ۽ ڪمزورن تي سدائين ظلم ڪندو هو. بادشاهه سڀني سان صلاح مشوري ڪرڻ کان پوءِ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي.جنهن ۾ فوجي آفيسر، شهر جي قاضي ۽ ٻيا عملدار ۽ رعيت جا چڱا مڙس، وزير ۽ حڪيم گهرايا ۽ سڀني  پنهنجا پنهجا مشورا ڏنا. آخر ۾ جڏهن حڪيم کان لڙائيءَ بابت راءِ ورتي ويئي ته هو ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو، وري جان خطري ۾ محسوس ٿيس،پر پوءِ يڪدم هوش سنڀالي، هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيائين ته”جيئندا قبلا، حضور جن جواقبال بلند هجي،منهنجي نماڻي راءِ اها آهي ته دشمن جي اڳيان نه جهڪيو ۽ مقابلو ڪبو، ان لاءِ فوج جو طاقتور هجڻ تمام ضروري آهي. انهيءَ ڪري جنهن ڏينهن لڙائي ٿيڻي آهي. ان ڏينهن ميدان جنگ ۾ وڃڻ کان اڳ هڪ تولو آفيم جو ڏنو وڃي، (جيڪو هو پاڻ وٽ رکن) جيئن هنن جي جسم ۾ قدرتي طاقت  اچي ۽ هو دشمن جو چڱيءَ طرح مقابلو ڪري سگهن.“ حڪيم ته ائين ئي پنهنجي جان ڇڏئڻ لاءِ ڳالهه ڪري ڇڏي. پر سڄي درٻار حڪيم صاحب جي انهيءَ فيصلي تي متفق ٿي ويئي ته دشمن جي اڳيان ڪڏهن به نه جهڪبو  ۽ هڪ هڪ فوجيءَ کي آفيم جو هڪ هڪ تولو ڏنو وڃي.

چوندا آهن ته جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ دشمن ملڪ جو ڪو جاسوس به ويٺل هو. جنهن سڀ ڳالهيون ويٺي ٻڌيون، تنهن يڪدم وڃي پنهنجي ملڪ جي بادشاهه کي ٻڌايو ته ”سائين، هنن پنهنجي فوج کي طاقتور بنائڻ لاءِ جنگ واري ڏينهن هڪ هڪ فوجيءَ کي هڪ هڪ تولو آفيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ بادشاهه سلامت اها ڳالهه ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ حڪم ڪيائين ته ”پنهنجي ملڪ ۾ آفيم جي کوٽ ڪانهي، شهر جو آفيم هڪ هنڌ گڏ ڪيو وڃي ۽ بجاءِ هڪ هڪ تولي ڏيڻ جي ٻه ٻه  تولا آفيم کارايو وڃي. ۽ پوءِ ميدان جنگ ۾ آندو وڃي.“

لڙائيءَ واري ڏينهن دشمن بادشاهه جون فوجون جڏهن ٻه ٻه تولا آفيم کائي، ميدان جنگ ۾ آيون ته سڀني کي ننڊ وٺي ويئي، ۽ هو هڪ ٻئي مٿان ڪرندا ويا. يڪدم بادشاهه جي فوجين، جن کي هڪ تولو آفيم رکڻ لاءِ چيو ويو هو (کائڻ لاءِ نه) انهن يڪدم دشمن فوج تي حملو ڪري ڏنو، ۽ سڀني کي قيدي بنائي دشمن ملڪ تي قبضو ڪري ويهي رهيا. بادشاهه حڪيم مان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي تمام گهڻا انعام اڪرام ڏيڻ لاءِ هڪ تمام وڏو جشن ڪيو ويو. انهيءَ موقعي تي حڪيم صاحب کي سڀ کان وڏي خوشي ان ڳالهه جي هئي ته هو هڪ وڏي آزمائش مان لنگهي پار پيو هو ۽ سندس جان بچي ويئي هئي. هن هاڻي آئينده حڪمت ڪرڻ کان توبهه ڪئي ۽ بادشاهه سلامت کان انعام اڪرام وٺي ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن روانو ٿي ويو. جيئن اتي محنت مزوري ڪري، گذر سفر ڪري سگهي ۽ وري ڪنهن مصيبت ۾ نه ڦاسي.

 

* روچو”خوابي“

نظم

گوسڙو نينگر

 

هڪ هو نينگر الله دين،

هن جو پيءُ هئو مسڪين،

چوندو هو: ”ٿو پڙهڻ وڃان“،

شيل ڪندو هو، پر،شوقين.

ڪڏهن مليس ٿي روٽي ڪانه،

ڇُوٽي ڪئي ٿي ٽوٽي خان.

 

ٿيو ٿي بک ڪري بيحال،

وٺي ڪندو هو ٻائيتال،

روز هيس ٿي ويندي دير،

گهر ۾ ڪونه هئن گهڙيال،

ملي متان سائينءَ جي مار،

ڏنا بهانا هن ٿي يار.

 

سائين، مليم بتي ڪانه،

لکيم صورتخطي ڪانه،

روڪيو رستي تي برسات،

آهي مون کي ڇٽي ڪانه،

اڄ سائين اک لڳي وئي.

گهنٽي جلدئي وڄي وئي.

 

سامهون پئي موٽر آئي،

دماغ ويو چڪر کائي،

ٽانگو پڻ پئي آيو پٺيان،

ڪِري پيس ٽَڪر کائي.

ڏاڍو آيو اٿم عذاب

ڪپڙا پڻ ٿِي پيم خراب.

 

روز چيو ٿي الله دين،

موليٰ! مينهن وسائين ڪين،

ڇُٽي پون ڪم کان ڪوڙا،

بچي مار کان پئون مسڪين،

سائين کي ٿئي کنگهه زڪام ،

ملي اسان کي پوءِ آرام.

 

الله دين جي ٻُڌي الله،

چوڻ لڳو: ”واه موليٰ،واه“!

بارش پئي آ ٻوڙان ٻوڙ،

ڇا جي پوءِ آهي پرواهه؟

اڄ ايندو اسڪول نه ڪو،

هر ڪو هوندو وڃي لِڪو!“

 

ٻئي ڏينهن”خوابي“ ڏسندي رول،

چوڻ لڳو:”سر! ٿي ويئي ڀول،

گهٽا گگن تي ، واچ لڳي،

سو آءِ ڪڊناٽ ڪم اسڪول،

عرض ڪري ٿو الله دين،

ماريو مفت نه مسڪين.

  


 

*ادارو

اوهان خواب ڇو ٿا ڏسو؟

 


خواب ته سمورا ٻار، ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ڏسندا آهن. خواب گهڻو ڪري ننڊ ۾ ڏسبا آهن. پر ڪي ماڻهو سجاڳيءَ ۾ به خواب ڏسندا آهن. جنهن کي ”ڏينهن ڏٺي جوخواب“ چئبو آهي. اوهان ڪڏهن ان ڳالهه تي سوچيو آهي ته خواب آخر آهن ڇا ۽ اوهان خواب ڇو ٿا ڏسو؟ جيڪڏهن اوهان ڏينهن ڏٺي جا خواب ڏسندڙ آهيو ته پوءِ اوهان لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ سولي آهي . ڏينهن ڏٺي جي خواب ۾ اوهان جي ذهن مان قسمن قسمن جا خيال ۽ ويچار لنگهندا رهن ٿا. انهن ۾ ڪيتريون شيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي اوهان لاءِ وڻندڙ هونديون آهن، ۽ اوهان انهن لاءِ خيال پچايا هوندا پر انهن کي حاصل ڪري نه سگهيا هوندا.

اسان جي ذهن جا ٻه حصا آهن، انهن مان هڪڙو آهي ”شعور.“ جڏهن اسين سجاڳ هوندا آهيون تڏهن شعور به سجاڳ هوندو آهي. شعور جي وسيلي اسين پنهنجي مرضيءَ موجب هلندا آهيون. ذهن جي ٻئي حصي کي ”تحت الشعور“ چئبو آهي. اهو ڄڻ هڪ تهخانو آهي. جنهن ۾ اسان جون يادگيريون، خواهشون ۽ ڄاڻ لڪي پئي هوندي آهي. تحت الشعور وري شعور جي اختيار ۽ قبضي هيٺ هوندو آهي. جڏهن اسين سمهي پوندا آهيون ته شعور به سمهي رهندو آهي ۽ پوءِ تحت الشعور شعور جي اختياريءَ ۽ قبضي کان آجو ٿي ويندو آهي. ان حالت ۾ تحت الشعور ۾ لڪل سمورا خيال ۽ خواهشون ٻاهر نڪري ظاهر ٿيندا آهن. اهي آهن خواب جيڪي ان وقت سچا پچا پيا لڳندا آهن.

ڪي خواب سٺا هوندا آهن ته ڪي خراب. ڪي تمام ڊيڄاريندڙ به هوندا آهن. خراب خواب گهڻو ڪري ڪنهن سور، تڪليف يا بي آراميءَ سبب نظر ايندا آهن، جيئن بدهضمي، ڳروکاڌو کائڻ يا پيٽ کي ڏٽي ڀرڻ. ڪي ٻار سمهڻ کان اڳ جنن ڀوتن ۽ ديون پرين جون ڪهاڻيون ٻڌندا آهن، ته اهي کين ننڊ ۾ به نظر ايندا آهن ۽ ٻار ڊڄي رڙيون ڪندا آهن. پر خوابن سبب ڊڄڻ نه کپي.

ٻارن جا ليک

*حاڪمزادي (ميمڻ) لاڙڪاڻو

 

هيري جو قدر

هڪڙو ڪاٺير روزانو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري، پنهنجو گذران ڪندو هو. هڪ ڏينهن جهنگ مان ڪاٺيون ڪندي هڪ چمڪندڙ پٿر لڌائين، جيڪو دراصل هيرو هو. ڪاٺير کي سهڻو ۽  چمڪندڙ پٿر پسند  اچي ويو ۽ پَٽَ تان کڻي پنهنجي گڏهه جي ڳچيءَ ۾ ٻڌائين.

دستور موجب ڪاٺيون گڏهه تي کڻي بازار ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ آيو. مَڄاڻ بازار ۾ هڪ جوهريءَ جي وڃي انهيءَ هيري تي نظر پئي، جنهن کي دل ۾ اَچي هوراکورا ٿي ۽ دل ۾ چيائين ته، ڏس ته، هي ڪاٺير ڪيڏو نه ٻالو ڀولو آهي. جو هن کي هن جواهر جي پرک ئي نه پيئي آهي. ۽ بي سمجهه کڻي پنهنجي گڏهه جي ڳچيءَ ۾ وڌو آهي.“

جوهريءَ ڊوڙي وڃي ڪاٺير کي پنهنجي دڪان ڏانهن ڪوٺي آيو ۽ کانئس گڏهه جي ڳچي ۾ ٻڌل چمڪندڙ پٿر جي گهر ڪيائين.

ڪاٺير ته ويچارو هو غريب جنهن کي ته اڳهين انهيءَ آملهه جواهر جي قدر ۽ قيمت جي خبر ئي ڪانه هئي. تنهن پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ بي سمجهي ظاهر ڪندي چيو ته ”ادا، آءٌ جيئن روزمره پنهنجي روزگار خاطر جهنگ ۾ ڪاٺين ڪرڻ لاءِ ويس ته لَٽَ ۾ لٽيل هيءُ هڪ سهڻو پٿر ڏٺم، دل کي ڏاڍو وڻيم، سو کڻي پنهنجي پياري ۽ وفادار گڏهه جي ڳچيءَ ۾ ٻڌم. ادا، جي هي توکي وڻي ٿو ته پوءِ مون غريب جي هيڻي حال تي رحم کائي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيم، ته آءٌ اجهو ٿو ڇوڙي ڏيانءِ.“

جوهري، جو انهيءَ شئي جو طالبو ٿي چڪو هو. تنهن نه ڪئي هَمَ نه تَمَ، هڪدم هڪ ڪلدار رپيو ڪڍي غريب ڪاٺير جي حوالي ڪندي اهو چمڪدار پٿر حاصل ڪيو. هوڏانهن غريب ڪاٺير اهو رپيو وٺي پنهنجي پٽڪي ۾ ٻڌو ۽ جوهريءَ کي دعائون ڪندو رمندو رهيو.

جوهريءَ کي گهر ويٺي ههڙو آملهه موتي ملي ويو، سو ان کي صاف سٿرو ڪري، هيري کي هڪ زريفت جي ڪيمخاب جي سونهري دٻليءَ ۾ وجهي، هيري کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو. ته”اي هيرا! تنهنجو جوڳو قدر ڪندي، توکي هينئر پنهنجي صحيح مقام تي ٿو پهچايان، اميد ته تون به منهنجو ضرور جوڳوقدر ڪندين ۽ سٺو لاڀ ملندم.“

پوءِ جوهري اهو هيرو کڻي سنڌ ويو بادشاهه سلامت وٽ جي ڪچهريءَ ۾، ۽ مشڪندي بادشاهه سلامت جي آڏو تحفي طور رکيائين.

ڪچهري برخواست ٿيڻ بعد جڏهن بادشاهه دٻلي کولي ته ڇا ڏسي ته هيرو دٻليءَ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿيو پيو آهي. کيس جوهريءَ تي ڏاڍي مٺيان لڳي، سو کيس گهرائي چيائين، ته ”مون لاءِ هي ڀڳل هيرو آندو آهي!“

اتي جوهريءَ هيري کي مخاطب ٿيندي چيوته ”واه! مون تنهنجو قدر سڃاڻي، جڏهن توکي تنهنجي صحيح مقام تي پهچايو، تڏهن ئي تون پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو!“

هيري، جو هن وقت تائين پئي پنهنجو تماشو ڏٺو، سوهاڻي جوهريءَ کي چوڻ لڳو، ته ”اي جوهري! ڇا مان تنهنجو قدر نه ڪيو يا  تو منهنجو قدر نه ڪيو؟ هن غريب ڪاٺير کي ته منهنجي قدر قيمت ۽ نسبت جي ڪا به ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئي، تو هن سان ڌوکو ۽ دولاب ڪندي، منهنجو ملهه هڪ رپيو ڪٿيندي مون کي حاصل ڪيو. پوءِ وري ويٺين ويچارڻ ته هن بي بها هٿ آيل هيري کي سندس اصل مقام تي اُماڻي، ڇو نه ڪو ججهو دانُ حاصل ڪريان. انهيءَ بيقدريءَ جي عالم کي ڏسندي پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيم. اميد ته هيءَ نصيحت توکي ۽ تنهنجي ٻين ڀائرن کي هميشه جو سبق ڏيندي.“

 


 

* زمان علي جوکيو، ڪوٽڙي

ڪهاڻي

کير جو کير

 

هڪ شخص کير وڪڻندو هو، پر هو کير ۾ اڌ پاڻي وجهندو هو. ۽ ائين اڌ کير‎، اڌ پاڻي وڪڻندي وڪڻندي، هڪ سو رپيا چانديءَ جا گڏ ڪيائين، جي هڪ ڳوٿريءَ ۾ وڌائين. اها ڳوٿري هميشه پاڻ سان کڻندو هو. هڪ ڀيري درياءُ تي وهنجڻ ويو. ڪپڙا لاهي ان ڳوٿريءَ سميت ڪپ تي هڪ ٻوڙي ۾ رکيائين ۽ پاڻ درياءَ ۾ وهنجڻ لڳو ايتري ۾ هڪ ڀولڙو آيو ۽ ڪپڙن مان اها ڳوٿري کنيائين. کير وارو جلد درياءَ مان نڪتو. مگر ڀولڙو ڪپ تي بيٺل هڪ وڏي وڻ تي چڙهي ويو. اتي ويهي ڀولڙي ڳوٿري کولي ۽ رپيا ڪڍي، هڪ رپيو پاڻيءَ ۾ ٿي اڇلايائين ته هڪ زمين تي ڦٽو ڪيائين ٿي. ائين ڪندي اڌ رپيا پاڻي ۾ اڌ زمين تي ڦٽا ڪيائين. پوءِ کير واري زمين تان پئسا ميڙيا ته اهي پنجاهه رپيا ٿيا، باقي پنجاهه رپيا پاڻيءَ ويا. اتي کير واري دل ۾ چيو ته ”ٻيلي، کير جا کير ۾ ۽ پاڻيءَ جا پاڻيءَ ۾ ويا.“ يعني جيڪي بي ايماني ڪري کير ۾ پاڻي وجهي ڪمايا هئائين، اهي پاڻيءَ ۾ ويا پوءِ ان کير واري اهڙي بي ايماني ڪرڻ کان توبهه ڪئي، ۽ نج کير وڪڻڻ شروع ڪيائين.

*موڪليندڙ: حنيفه رحيم قاضي، حيدرآباد.

 

سهڻا سخن

1. ڪنهن به معاملي ۾ حد نه اورانگهيو، حد کان وڌيڪ هلندڙ کي پسند نٿو ڪيو وڃي.

2. انهن کي ڪڏهن به پسنديدگيءَ جي نظرن سان نٿو ڏٺو وڃي جي تڪبر ڪن ٿا ۽ گهڻو ڳالهائين ٿا.

3. زبان هڪ ان لاءِ آهي ته ٿورو ڳالهائجي، ۽ ڪن ٻه آهن ان لاءِ ته گهڻي ۾ گهڻو ٻڌجي.

4.بڇڙن دوستن جي صحبت کان اڪيلائي بهتر آهي.بدڪلاميءَ بڪواس ڪرڻ کان چپ رهڻ بهتر آهي.

5. سڀ کان برو ماڻهو اهو آهي جنهن کي ٻين جي برائي ڪرڻ سان فرحت ملي ٿي.

6. ايمان ان جو ڪامل آهي.جنهن جا اخلاق درست آهن.

7. جاهل ٿيڻ بدران وڏا عالم ٿيو. گِلا ڪرڻ کان ٻين جي نيڪي ڪريو.

8. ٻين سان نيڪي ڪرڻ هڪ قسم جو جهاد آهي.

 


 

* چندر موهن شرما

وڏي ۽ننڍي جي سچاڻپ

 

1.       وڏي ذهن وارو ماڻهو هميشه انهيءَ طرف هوندو آهي جيڪو برابر ۽ صحيح هوندو، ننڍي ذهن وارو ماڻهو اهو طرف وٺندو جنهن مان کيس فائدو ملندو.

2.      ڪوبه ڪم ڪامياب نه وڃي ته وڏو ماڻهو پاڻ کي ڏوهه ڏيندو آهي ۽ ننڍو ماڻهو ٻين تي ڏوهه آڻيندو آهي.

3.      وڏو ماڻهو پنهنجي اصول سان پيار ڪندو آهي ۽ ننڍو پنهنجي ملڪيت سان پيار ڪندو آهي.

4.      وڏي ماڻهوءَ کي ياد رهندو آهي ته سندس غلطين تي کيس ڪيئن سزا ملي، ۽ننڍي ماڻهو کي صرف پنهنجو سوکڙيون ۽ انعام ياد رهندا آهن.

5.       وڏو ماڻهو ٻين جي ويچارن کي خيال سان ٻُڌندو آهي، چاهي انهن سان متفق راءِ نه به هجي. ننڍو ماڻهو ٻين جي ويچارن سان متفق راءِ نه هوندوآهي ۽ پاڻ انهن تي ٽوڪون ڪندو آهي.

6.      وڏو ماڻهو پنهنجي ارادي تي پختو هوندو آهي. تڏهن به ٻين سان اٽڪندو نه آهي.ننڍو ماڻهو ٻين سان وڙهندو آهي. تڏهن به پنهنجي ارادي تي پختو نه هوندو آهي.

 

* جميل تحليل

مزيدار ڳالهيون

(1)

هڪڙو گهڻي کائڻ وارو ماڻهو ڪنهن باغ ۾ آئيو ۽ ڊاک جي مَنهَه ۾ وڃي  ڏسي ته هڪ جهنگلي رڇ ڊاک پيو کائي. پاڻ به ويهي ڊاک کائڻ لڳو ۽ ساڳئي وقت کيسا به ڀرڻ لڳو ته کڻي وڃي.اوچتو باغائي اچي نڪتو ۽ لٺ کڻي انهيءَ ماڻهو کي مارڻ لاءِ ويو ۽ رڇ ڏي ويوئي ڪونه. پڇيائينس ته ”ميان، هن رڇ به پئي ڊاک کاڌي، انهيءَ کي نه ماريئي مون کي مارڻ آيو آهين؟“ باغائي چيو ته رڇ ڊاک کائي ڀڄي هليو ٿو وڃي ۽ پاڻ سان ڪجهه نٿو کنيو وڃي. پر تون ته نه فقط پيٽ ڀري کائين ٿو، پر ڇِني پاڻ سان کڻي به وڃين ٿو. تو ٻه گناهه ڪيا آهن. مار جو لائق به تون آهين. پوءِ ويچاري کي ڏاڍي ڦيهه ڪڍيائين.

(2)

هڪڙي ڏينهن ڪنهن چور، ڪنهن گهر مان ڪپڙا چورايا ۽ هڪڙي گهر جي ڏيڍيءَ ۾ آندائين. اتفاق سان ڪي ماڻهو اتي اچي نڪتا. چور اهي ڪپڙا لِڪائي، هڪڙي ٻهاري، اتي پيل ڏسي آسپاس ٻهاري ڏيڻ لڳو. انهن ماڻهن پڇيس ته ڇا ٿو ڪرين؟ هن چيو ته هن گهر ۾ منهنجو ڪو مائٽ مري ويو آهي. تنهنڪري در جو آڳر ٿو ٻهاريان. هنن چيو ته روئڻ پِٽڻ جو آواز ڪونه ٿو اچي؟ هن چيو ته”پوءِ ايندو.“

 

ديس ديس جون خبرون

 

دنيا جي آدمشماري

گڏيل قومن (يونائٽيڊ نيشن) طرفان ظاهر ڪيل انگن اکرن موجب سال 1972ع دوران دنيا جي آدم ۾ ست ڪروڙ سٺ لک ماڻهن جو واڌارو ٿيو آهي. هن وقت دنيا جي ڪل آبادي ٽي ارب اٺهتر ڪروڙ ٻياسي لک آهي. ان جو وڏو اڌ 210 ڪروڙ 40 لک آدم ايشيا ۾ رهي ٿو. ٻئي نمبر تي يورپ جو کنڊ آهي، جنهن جي آدمشماري 46 ڪروڙ 9 لک آهي. آباديءَ جي لحاظ سان دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ چين آهي. جنهن جي آبادي 80 ڪروڙ آهي. ٻئي نمبر تي هندستان آهي. جنهن جي آبادي 56 ڪروڙ آهي، ان کان پوءِ روس 24 ڪروڙ ۽ آمريڪا 20 ڪروڙ آبادين وارا ملڪ آهن. شهرن ۾ آباديءَ جي لحاظ کان پهريون نمبر شهنگائي(چين)، ٻيو نمبر ٽوڪيو (جپان) ۽ ٽيون نمبر نيويارڪ (آمريڪا) آهي.

 

سنڌ جو ڊگهي ۾ ڊگهي ماڻهو

سيوهڻ جو هڪ رهاڪو محمد عالم سنڌ جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو آهي. هن جي عمر 20 سال آهي ۽ سندس قد ست فوٽ اٺ انچ آهي. سندس هڪ پير جي ماپ سوا فوٽ آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سندس قد اڃا ڊگهو ٿيندو. ان ريت هو دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو بنجي سگهي ٿو. محمد عالم هن وقت سيوهڻ واٽر سپلاءِ ۾ مالهي آهي.

 

نئين ڄاول ٻار جي ڇتائيءَ مٿان دل

ايران جي شهر بشيهر ۾ هڪ اهڙو ٻار ڄائو آهي. جنهن جي ڇاتيءَ تي دل آهي. انهيءَ ٻار کي تهران جي اسپتال ڏانهن نيو ويندو جتي ڊاڪٽر ٻار جي دل کي سندس اصلي جاءِ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻار جي دل هن وقت به ٺيڪ طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي.

 

ٻن منڍين وارو گابو ڄائو

خيرپور ناٿنشاهه تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ڳئون کي عجيب گابو ڄائو آهي. گابي کي ٻه منڍيون آهن، جن ۾ ٻه منهن آهن، پر ڪن رڳا به آهن. ساڳئي وقت نڙگهٽ به هڪ آهي. هن ڦر کي هڪ ڊاڪٽر آپريشن وسيلي ٻاهر ڪڍيو.

 

پنجيتاليهن ٻارن جي ماءُ

روس جي شهر رومني جي هڪ عورت اليگزينڊرا ڊريوسڪايا 45 ٻارن جي ماءُ آهي. پر اهي ٻارهن ڪونه ڄڻيا آهن. اصل ۾ ڳالهه هينئن آهي ته ٻينءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جڏهن جرمنيءَ روس تي حملو ڪيو ته لڙائيءَ سبب روس جا ڪروڙين ماڻهو مري ويا ۽ لکين ٻار ماءُ ۽ پيءَ ٻنهي کان محروم ٿي ويا. ان وقت اليگزينڊرا اهڙن 45 ٻارن کي پاليو نپايو. اهي ٻارهن کي پنهنجي سڳي ماءُ ڪري سمجهڻ لڳا. اهي ٻار هاڻي پڙهي لکي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهي سڀ پنهنجي امڙ کي پيار ڀريا خط لکندا آهن، سوکڙيون موڪليندا آهن ۽ موڪلن ۾ گڏجڻ ايندا آهن.

سڪندر اعظم جي زماني جا سِڪا

يوڪرائن جي هڪ ڳوٺ جي رهواسيءَ آندري سڪورسڪي وٽ ناياب سِڪن جو هڪ وڏو ذخيرو آهي، جن جو تعداد اٽڪل ٽي سئو آهي. انهن سِڪن ۾ قديم روسي، يورپي ۽ ٻين قومن جي سِڪن کانسواءِ سڪندر اعظم جي زماني جا يوناني سِڪا ٻه آهن. سڪندر اعظم جا اهي سِڪا به هزار ٽي سئو سال پراڻا آهن.


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com