سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مئي 1974ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

مئي 1974ع

 ايڊيٽر: شوڪت حسين شورو

گذارش

پيارا ٻارو!

وعدا ڪرڻ سولا آهن، پر اهي پاڙڻ ڏکيا آهن. چڱي ڳالهه اها آهي ته ماڻهوءَ کان جيڪي پڄي نه سگهي، تنهن ڳالهه جو وعدو نه ڪري. پر جي ڪري، ته ان کي ضرور پاڙي. سو اسان به اوهان سان وعدو ڪيو هو ته گل ڦل جو ڪور بدلائينداسين، ۽ اوهان مان ڪي ٻار ته اصل ڪاوڙجي پيا ته اسين اهو پراڻو ڪور ڏسي ڏسي هاڻي بيزار ٿي پيا آهيون. هن پرچي جو ڪَور ڏسي اوهان کي ضرور خوشي ٿي هوندي. ڪيئن، هاڻي ته اسان پنهنجو وعدو پاڙيو نه !

ٻي ڳالهه، جنهن جي اوهان کي وڏي شڪايت آهي سا اها ته گل ڦل ۾ آکاڻيون تمام گهٽ شايع ٿين ٿيون ۽ وڏي ڳالهه ته ٻارڙن جا ليک شايع نٿا ڪيا وڃن. جيستائين آکاڻين جي ڳالهه آهي ته هي پرچو جهڙوڪر

 ”آکاڻي نمبر“ آهي، نه رڳو وڏن جون لکيل پر ٻارن جون لکيل آکاڻيون پڻ شامل آهن. ٻيءَ ڳالهه بابت اسين رڳو ايترو چوڻ چاهيون ٿا ته اوهان جي اها  شڪايت واجب ناهي. ٻارڙن جون لکڻيون وڌ ۾ وڌ شايع ٿين ٿيون. خاص طور مستقل ڪالمن ۾ ته رڳو ٻار ئي لکندا آهن. باقي ٻارن جون موڪليل اهي لکڻيون جيڪي بنهه ڪچيون ڦڪيون هونديون يا ڪٿان ٻئي هنڌان اُتاريل هونديون، سي ته شايع ڪري نٿيون سگهجن. جيڪي شيون سٺيون هونديون آهن سي اوس شايع ڪبيون آهن. اميد ته هاڻي اوهان سمجهي ويا  هوندا. پر ٻيلي، اوهان تڪڙ ڏاڍي ٿا ڪريو، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي واري اچڻ تائين ته ترسندا ڪريو. هڪڙي ئي وقت سڀني جون لکڻيون ڪيئن شايع ٿينديون؟

اوهان جو ڀاءُ

شوڪت حسين شورو

بيت سُر کنڀات

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه

(1)

کِلان تان کامي هينئُون، رُئان تان راندِ،

اَکِڙيُون ويساند، پريزينءَ گڏجي ڪنديون.

(2)

چوڏهيِنءَ چَنڊَ تُون اُڀِرين، سَهسينِ ڪَريين سينگارَ،

پَلَڪ پِريِان جي نه پَريِن، جي حيِلنَ ڪرَيِين هزارَ،

جِهڙو تون سڀ ڄمارَ، تَهڙو دَمُ دوست جو.

(3)

هُنَ تاري هُن هيٺ، هُت منهنجا سُپريِن،

سَڄَڻ ماکيءَ ميٺ، ڪَؤڙا ٿيِن نه ڪڏهِيِن.

(4)

ناسَيندي نهارَ، پَهرين ڪَج پَريَن ڏي،

آءُ جي ڏِئين سنيها، چئج چنڊَ آپارَ،

ساجن! سڀ ڄمار، اکيون اوهان جي آسري.

(5)

نو نِيَرَ پائي، جان مون هيِنئڙو جهَليو،

وئِڙَو ڇِنائي، پوئينءَ رات پِريَن ڏي.

 

*مترجم: علي بخش ميمڻ

(آمريڪي ڪهاڻي)

ڳئونءَ جي هار سيهڙ جي هٿان

 

”چاچا ريمس“، ننڍڙي ڇوڪري چيو،” هو سيهڙ ڪيڏانهن ويو،  جيڪو ڳجهه کي ٺڳي، وڻ جي پور مان ڀڄي ويو هو؟“

”ڪير؟ ادو سيهڙ“؟ خدا توکي نيڪي ڏي ٻچڙا، ادو سيهڙ پوءِ ٽپندو ڪڏندو گهر ڏانهن هليو ويو. هن خوشيءَ ۾ ٽپا ڏنا، پر جڏهن گهر پهتو تڏهن ڏاڍو ٿڪجي پيو. سندس سَنڌ سَنڌ سور ۾ چُور چُور ٿي رهيو هو. اڃ به اهڙي اچي لڳيس، جو ساهه پئي نڪتس. گهر پهچي، سڀ کان اڳ ۾ هن ڳئونءَ جي جاچ لڌي، جا سامهون پوک ۾ چري رهي هئي. هن پڪو ارادو ڪيو ته اڄ ادي ڳئونءَ سان هٿ اٽڪائبو، پوءِ جيڪي ٿيو تنهن کي پڄي پئبو ادي سيهڙ کي اها پڪ هئي ته ادي ڳئون پوءِ هن کي کير جي ڦڙي به نه ڏيندي، ڇو جو اڳئين دفعي جڏهن هن جي زال سخت بيمار هئي، تڏهن به هن کير ڏيڻ کان صفا انڪار ڪيو هو. خير سيهڙ بي همت نه ٿيو. هن جي لوڙهي جي ڀرسان اچي ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا، ۽ آخر لوڙهو ٽپي، هُن ڀر ٿيو. پريان ئي ڳئونءَ کان خوش خير عافيت پڇيائين:

”ادي ڳئونءَ ڪيئن آهين؟“ سيهڙ چيو.

”بس ادا،شڪر آهي، مڙيو ئي وقت پيو گذري. تون پنهنجي ٻڌائي؟“

ڳئونءَ چيو.

”شڪر آهي ادي، مڙيوئي آهي زندگي گذارڻي“، سيهڙ پنهنجي چيلهه کي ڪٻو ڪندي چيو.

”ٻار ٻچا ته خوش اٿئي؟“ ڳئون پڇيس.

”هائو ادي، توکي دعائون پيا ڪن. ادو ڍڳو ڪيئن آهي؟“ سيهڙ پڇيس.

”هائو ادا، اهو به خوش چڱو ڀلو آهي“، ڳئون  وراڻيو.

”سامهون وڻ ۾ ڏاڍا پڪل ٻير ٿا لٽڪن، جيڪر ٻه چار هٿ اچي وڃن، ته ڀيڻ، ڪيئن نه بک ئي ڀڄي پوي!“ سيهڙ ٻيرن ڏانهن ڏسندي چيو.

”تون ته پڄي ئي نه سگهندين، ادا سيهڙ“. ڳئونءَ چيو.

”ڀيڻ، جيڪڏهن تون ٿونو هڻي، وڻ کي ڌوڻين ته ڪيترا ٻير هوند هيٺ اچي ڪِرن!“ سيهڙ منٿ ڪندي چيس.

ڇا ڪاڻ جو ڳئونءَ سيهڙ کي ناراض ڪرڻ نٿي چاهيو، تنهنڪري ٿورو پوئتي هٽي، ڊڪندي ڊڪندي وڃي زور سان وڻ کي ٿونو هنيائين، ٺا، پر وڻ مان هڪ به ٻير نه ڪريو، ڇو جو ٻير ته هئا ڪچا جهڙا گاهه. ڳئونءَ ٻيو دفعو زور سان ٽڪر هنيو – ٺا- پر وري به ڪو ٻير ڪونه ڪريو.

ڳئون غصي ۾ پوئتي هٽي. چڱو پنڌ ڪري وڃي. پڇ پٺيءَ تي رکي، وري وٺي وڻ تي جلهه ڪيائين. ٺا آ آ- هوءَ ايترو ته تيز آئي، ۽ اهڙو ته زور سان ٽڪر هنيائين جو سندس ٻئي سڱ وڻ جي ٿڙ ۾ اندر پيهي ويا. ۽ هوءَ اُتي قابو ٿي بيهي رهي. بس ائين ئي ٿيو، جيئن سيهڙ چاهيو پئي. جڏهن هن ڏٺو ته هاڻي ڳئون قابو آهي تڏهن هو آرام سان ڪبوتر جو کنڀ وات ۾ وجهي ويهي رهيو.

”ادا سيهڙ ! اچ، جلدي ڪر، منهنجي جان ڇڏائي!“ ڳئونءَ رنڀندي چيس.

”ڀيڻ! مان ته اتي پڄي ئي نه سگهندس“،  سيهڙ چيو. ” پر مان ڊڪندو ٿو وڃان ۽ وڃي ادي ڍڳي کي سارو احوال ٿو سڻايا“. ائين چئي، سيهڙ وٺي گهر ڏانهن ڀڳو. گهر اچي سڀني ٻارن ۽ زال کي ساڻ وٺي بالٽيون هٿن ۾ لوڏيندو واپس وريو. سڀني کي هٿن ۾ بالٽيون هيون. ننڍن کي ننڍيون، ته وڏن کي وڏيون. سڀني اچي ڦاٿل ڳئونءَ کي وڪوڙيو. بس پوءِ پيارا ٻچڙا، اچي جو ڳئونءَ کي ڏهڻ ويٺا، ته هن جي ٿڻن ۾ هڪ ڦڙي به کير جي ڪانه ڇڏيائون. وڏن سيهڙن به هن کي ڏڌو ۽ ننڍن به. جڏهن سڀني وٽ ڪافي کير گڏ ٿيو. تڏهن ٿو سيهڙ ڳئون کي چوي:

”ڀيڻ خدا توکي خوش رکي. ڏک به ڏاڍو ٿو ٿئي ته تون ڪيئن ساري رات وٿاڻ کان پري هت جهنگ ۾ گذاريندينءَ، پر تون ڪو به فڪر نه ڪر، مان تنهنجن ٿڻن مان کير ڏهي پيو توکي هلڪو ڪندس.“

چاچي ريمس چيو: ”ٻچڙا! ڪيئن، هاڻ ته سمجهيئه نه، ڳئونءَ جو جيڪڏهن کير نه ڏهجي ته هن جا سڄيل ٿڻ هن کي هوند ڏاڍي تڪليف ڏين. انهيءَ ڪري ته سيهڙ پنهنجي ساري ڪٽنب کي آندو هو ته جيئن هن جو کير ڏهي، هن کي تڪليف کان ڇڏائين.

ڳئون ويچاري اتي ئي ڦاٿي بيٺي رهي. هوءَ آهستي آهستي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. سڱن کي ڇڏائڻ لاءِ ٿورو زور به ڏيئي رهي هئي. پر سڱ ايترو ته وڻ ۾ کپي ويا هئس، جو صبح تائين مس مس ڪري هن پنهنجا سڱ ڇڏايا. هوءَ جيئن ئي آزاد ٿي، ته هيڏانهن هوڏانهن چرڻ لڳي، ڇو جو ايترو وقت گاهه جو ڪک به نه کاڌو هئائين. چرندي چرندي، هن جي دل ۾ سيهڙ کان بدلي وٺڻ جو خيال پيدا ٿيو، هن سوچيو ته سيهڙ ضرور هن  کي ڏسڻ ايندو، سو هن ڇا ڪيو جو ٻير جي وڻ وٽ وڃي پنهنجا سڱ ساڳين ٽنگڙن ۾ وجهي بيهي رهي. سيهڙ ته هو سياڻو. هن ته صبح جو ئي لوڙهي وٽان لڪي هن کي چرندي ڏٺو هو.

ڳئون کي ساڳيو ئي وڻ ۾ ڦاٿل ڏسي، هن دل ئي دل ۾ چيو: ”هي ڇا؟ چـڱو! ادي ڳئون، تون خيال نه ڪر، مان اچان ٿو!“

پوءِ هو لوڙهي جو پاسو ڏيئي، سڙڪ تان ٽپندو، سڌو ڳئون وٽ آيو.

”سلام، ادي ڳئون! رات جو ڪا تڪليف ته نه ٿيئي؟ وقت ڪيئن گذريو؟“ هن پڇيس. ”ادا سيهڙ، ساري رات هتي ڦٿڪندي گذري اٿم. مان ته سڱ ڇڏائي ئي نٿي سگهان، پر جي تون مون کي پڇ کان وٺي ڇڪيندين ته پوءِ ممڪن آهي ته مان آزاد ٿي وڃان، ۽ منهنجا سڱ وڻ مان ٻاهر نڪرن!“ ڳئونءَ ويچاري منهن ڪندي چيو.

سيهڙ ٿورو ڳئون جي ويجهو آيو، پر تمام ويجهو نه. ”منهنجي خيال موجب ته ڀيڻ، مان اڪليو ڪافي نه آهيان“، سيهڙ چيو. ”منهنجو وت ئي ڪيترو! ڊپ ٿو ٿئي ته متان تنهنجي لت هيٺيان اچي چيڀاٽجي مري وڃان. تون پنهنجي همت ڪر، ۽ مون کي ڇڏ مان ڪجهه کائي وٺان.“

”بس، پوءَ ڳئون پنهنجا سڱ کڻي وڻ مان ڪڍيا، ۽ وٺي سيهڙ جي ڪڍ پيئي، پوءِ ته سامهو کليل رستي تي سيهڙ هو اڳيان هن جا ڪن هوا ۾ ڦرڙاٽ  ڪري رهيا هئا، ۽ پوئتان هئي ڳئون. جنهن جي منڍي زمين ۾ ۽ پڇ ڪنڊي تي! سيهڙ ڀڄندو پئي ويو، تڪڙو ئي تڪڙو پر اوچتو سامهون ڌٻڻ هئي ۽ هو سڌو ان ۾ وڃي ڪريو. گپ ۾ لپجي، سندس شڪل بدلجي وئي، رنگ مٽجي ويس، ۽ اکيون ڊب ۾ ڦنڊي ٿي ويس. ايتري ۾ ڳئون به اچي پهتي. هن جو منهن اهو ئي زمين ۾ ۽ پڇ ڪنڊي سان لڳو پيو هو.

”ڀلي آئينءَ، ادي ڳئون، ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ سيهڙ آواز بدلائيندي چيس.

”ادا، وڏين اکين وارا، خير هجيئي“، ڳئونءَ چيس. ”هِتان ادي سيهڙ کي ته نه لنگهندو ڏٺئه؟“

”ادو سيهڙ به هاڻي اصلي تنهنجي اڳيان هتان لنگهي ويو آهي“ سيهڙ بدليل آواز ۾ چيس، پر ائين پئي ويو ڄڻ ته بيمار هو!“

”اهو ٻڌي ڳئونءَ وٺي اڃا به زور سان ڊڪڻ شروع ڪيو. هوءَ اهڙو ته تيز ڊڪندي ويئي، ڄڻ شڪاري ڪتا پوئتان پيا هئس. سيهڙ اتي ئي اچي کل ۾ ڇٽڪيو. کلي کلي سندس پاسيريون اچي ڏکڻ لڳيون. هو ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏيئي رهيو هو، ته ڪنهن مهل لومڙ اچي سندس پوئتان پيو. پوءِ ڳجهه لامارو هڻي هن کي کائڻ چاهيو، ۽ ڀيڻ ڳئون ته اڳي ئي هن جي پوئتان هئي. پر سيهڙ آهي جنهن کي اڄ ڏينهن تائين ڪوجهلي ئي نٿو سگهي!“

(اصل ليکڪ: جوئيل چئنڊلر هئرس)

* ميلارام واسواڻي

(ڪهاڻي)

چار هوشيار ڀائر

 

هڪ غريب ماڻهوءَ کي چار پٽ هئا. هن کين چيو ته ”منهنجا پيارا ٻچا، مون وٽ ڪي به ڪينهي جو اوهان کي ڏيان. توهان گهر مان نڪري پنهنجو پنهنجو نصيب آزمائڻ لاءِ وڃو.“ چار ئي ڀائر اهو ٻڌي ڏاڍو اداس ٿيا، پر پوءِ سفر جي تياري ڪيائون، ۽ ضروري سامان پاڻ سان کڻي موڪلائي اُٿي پنڌ پيا. ڪجهه پنڌ ته گڏجي هليا، نيٺ اچي هڪ چؤواٽي وٽ پهتا جتان چئني ڄڻن ڌار ڌار رستو ورتو.

موڪلائڻ مهل وڏي ڀاءُ چين، ”ادا،اسين ڌار ٿا ٿيون، اڄ کان هڪ سال پوءِ اسان چئني کي وري هن جاءِ تي گڏجڻ گهرجي. اسان مان جيڪو پهرين هت اچي سو ٻين لاءِ  ترسي.“

ائين چئي هنن پنهنجو پنهنجو رستو ورتو.

سڀني کان وڏي ڀاءُ کي رستي ۾ هڪڙو ماڻهو مليو. جنهن پڇيس

”ٻيلي، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“

ڇوڪري چيس ته ” پرديس ۾ ڪمائڻ ۽ قسمت آزمائڻ. مرضي اٿم ته ڪو هنر سکان، جنهن مان روٽي ڪمائڻ جهڙو ٿيان.“

مسافر چيس: ‎”تون مون سان گڏجي هل. آءُ توکي چوريءَ جو هنر سيکاريندس ۽ اهڙو چالاڪ ڪري ڇڏيندوسانءِ جو ڪير به تنهنجومٽ نه ٿيندو.“

ڇوڪري چيس:”چوري چڱو ڪم نه آهي، بدناميءَ جي ڳالهه آهي. چور سدائين جيل ڀوڳيندا آهن.“

مسافر:”اوهو! تون جيل کان ڊڄين ٿو. مان توکي اهڙيون اٽڪلون سيکاريندس جو ڪير به توکي پڪڙي ڪين سگهندو.“

مطلب ته انهيءَ شخص هن کي هيٺيون مٿانهيون ٻڌائي نيٺ چوري سکڻ تي راضي ڪيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن کي ڏاڍو حرفتي ڪري ڇڏيائين. ڪهڙن به پهرن ۽ ڪلفن مان شئي اُڏائي ايندو هو.

ٻئي ڀاءُ کي به اهڙيءَ طرح رستي ۾ هڪ مسافر مليو ۽ کائنس پڇيائين ته ‎” ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ هن چيس ته ”ڪمائڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان، اڃا اهو فيصلو ڪين ڪيو اٿم، ته ڪهڙو هنر سکان.“

مسافر چيس ته ”مان نجومي آهيان. مون سان هل ته توکي نجوميت جو علم سيکاريان، جنهنڪري دنيا ۾ ڪا به شئي توکان ڳجهي ڪين رهندي.“

جوان کي مسافر جي راءِ ڏاڍي پسند پيئي ۽ ساڻس گڏجي هليو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو هوشيار نجومي ٿي ويو. جڏهن پنهنجي استاد کان موڪلائڻ لڳو، تڏهن هن هڪ شيشو ڏنس جو اهڙيءَ حڪمت سان ٺهيل هو جو ان مان دنيا جي هرڪا شئي ڏسڻ ۾ پئي آئي.

نوجوان کي استاد جي سوکڙي ڏاڍي وڻي جا وٺي موڪلائي اُٿي هليو.

ٽئين ڀاءُ کي رستي ۾ هڪ شڪاري مليو ۽ کيس پاڻ سان وٺي ويو ۽ ڏاڍو ڪاريگر شڪاري بڻائي ڇڏيائينس. هن جو نشانو ڪڏهن به نٿي گٿو. موڪلائڻ وقت استاد پنهنجي شاگرد کي هڪ تيرڪمان ڏنو ۽ چيائينس ته هن ڪمان جو تير ڪڏهن به نه گسندو.

چوٿين ڀاءُ کي هڪ درزي گڏيو ۽ کيس درزيءَ جي ڪم سکڻ لاءِ چيائين. ڇوڪري چيس ته صبح کان شام تائين گوڏي تي گوڏو رکي ٽاڪا هڻڻ ته سخت مصيبت جو ڪم آهي. درزيءَ چيس ته منهنجي ڪم جو ڍنگ ئي نرالو آهي. تون مون سان گڏجي هل ته توکي ڪهڙو نه سٺو ڪاريگر ٿو بڻايان. آخر ان جوان سندس چوڻ مڃيو ۽ درزيءَ جو ڪم سکڻ لڳو. ڇوڪرو ڏاڍو هوشيار ۽ محنتي هو سو ٿوري وقت ۾ وڏو ڪاريگر ئي پيو.

موڪلائڻ وقت استاد کيس پنهنجي نشاني هڪڙي سئي ڏني. اُن سئي ۾ اُها خوبي هئي جو  نرم کان نرم ۽ سخت کان سخت شئي کي ان سان سبي سگهبو هو ۽ ٽانڪا اهڙا ته سنها ٿيندا هئا جو ڏسڻ ۾ به ڪين ايندا هئا.

پوري هڪ سال کان پوءِ چارئي ڀائر انهيءَ چؤواٽي وٽ اچي مليا ۽ اُتان گهر ڏانهن روانا ٿيا. گهر پهچي پيءُ کي پنهنجو حال ڏنائون ۽ جيڪو هنر سکيا هئا سو پڻ ٻڌايائون.

هڪڙي ڏنهن جڏهن سڀ ڀائر گهر جي اڳيان بيٺل وڻ هيٺان ويٺا هئا ته پڻهن چين: ”اڄ اوهان جو امتحان ٿو وٺان.“ پهريائين نجومي کي چيائين:”پٽ، ڏس وڻ جي چوٽيءَ تي جيڪو سرڻ جو آکيرو آهي ان ۾ ڪيترا آنا رکيل آهن؟“

نجوميءَ پنهنجي شيشي مان ڏسي ٻڌايو ته آکيري ۾ پنج آنا رکيل آهن.

پيءُ وڏو پٽ کي چيو ته ”هاڻي تون پنهنجو هنر ڏيکار. اهي آنا سرڻ جي پيٽ هيٺان رکيل آهن سي اهڙيءَ طرح کڻي اچ جو سرڻ کي خبر به نه پوي.“

ڇوڪرو هڪدم مٿي چڙهي ويو ۽ پنهنجي چوريءَ واري هنر رستي آنا اهڙيءَ طرح سرڻ جي پيٽ هيٺان کڻي آيو جو سرڻ کي اصل سڌ ئي ڪانه رهي.

هاڻي ٻڍي پنج ئي آنا اهڙيءَ ترتيب سان ميز تي رکيا جو هڪ ئي تير سان اهي نشان چٽي سگهجن. پوءِ شڪاري پٽ کي چوڻ لڳو ته هاڻي اهڙيءَ طرح نشانو چٽ جو هڪ ئي وار ۾ پنج ئي آنا اڌو اڌ ٿي پون. شڪاري جوان ڪمان ۾ تير چاڙهي هلايو ۽ جيئن پڻس چيو هوس تيئن آنا اڌو اڌ ڪري ڏيکاريائين.

هاڻ سڀ کان ننڍي جي واري آئي. پڻس چيس ته هاڻ تون پنهنجو هنر ڏيکار ۽ انهن کي سبي سڄا ڪري ڏيکار. ڇوڪري پنهنجي سُئي ڪڍي انهن ٽڪرن کي اهڙي خوبيءَ سان ملائي سبيو جو سلائيءَ جو نشان به ڏسڻ ۾ نٿي آيو. پيءُ وري وڏي پٽ کي چيو ته هاڻي جهڙي طرح کڻي آيو آهين. ساڳيءَ طرح موٽائي اُتي رکي اچ. هو آنا کڻي يڪدم وڻ تي چڙهي ويو ۽ اهڙي طرح سرڻ جي هيٺان رکي آيو جو اُن کي خبر ئي ڪانه رهي.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ آنا ڦُٽا. ۽ انهن مان چُون چون ڪندا جيئرا جاڳندا ٻچا نڪتا. البت انهن جي ڳچيءَ ۾ جتان سلائي ڪئي ويئي هئي ڳاڙهي ليڪ هئي.

پيءُ چئني پٽن جي هنر جو امتحان وٺي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته ”شاباس! اوهان پنهنجو وقت اجايو ڪين وڃايو آهي.“

انهيءَ ڳالهه کي ٿورائي ڏينهن ٿيا هوندا ته شهر ۾ شور ٿيڻ لڳو ته بادشاهه جي ڌيءَ کي ڪو ديو کڻي ويو آهي. بادشاهه پڙهو گهمايو آهي ته جيڪو به شهزاديءَ کي ديو جي چنبي مان ڇڏائي ايندو. ان جي شادي شهزاديءَ سان ڪرائي ويندي.

جڏهن چئني ڀائرن هيءَ خبر ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا ته اسان کي ضرور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪامياب ٿياسين ته ملڪ ۾ اسان جي ڏاڍي عزت ٿيندي.

نجومي چوڻ لڳو ته سڀ کان پهرين منهنجو ڪم آهي شهزاديءَ جو پتو لهڻ. ائين چئي هن شيشو ڪڍيو. ڏسي ته سمنڊ جي وچ ۾ هڪ ڇپ تي شهزادي ويٺي آهي ۽ ديو به ڀر ۾ ويٺو اٿس. نجومي سڌو بادشاهه وٽ ويو ۽ شهزاديءَ جو احوال ٻڌائي چيائينس ته مون کي ٻيڙي ۽ ملاح ڏيو ته مان پنهنجي ڀائرن کي وٺي وڃي شهزاديءَ کي ڇڏائي اچان. بادشاهه يڪدم هڪ مضبوط ٻيڙي ۽ ڪاريگر ملاح گڏي ڏنس.

نجومي، ڀائرن سميت انهيءَ هنڌ پهتو. ان وقت ديو شهزاديءَ  جي گوڏي تي ڪنڌ رکي ننڊ ڪري رهيو هو.

نجوميءَ پنهنجي شڪاري ڀاءُ کي چيو ته هاڻ پنهنجو هنر ڏيکار، تير جي هڪ ئي وار سان ديو کي پورو ڪري ڇڏ. مگر موقعو اهڙو بي ڍنگو هو جو تير هلائڻ ڪري شهزاديءَ جو بچڻ به مشڪل هو. ڇا ڪاڻ جو ديو جو مٿو شهزاديءَ جي گود ۾ رکيل هو.

وڏي ڀاءُ چيو ته مان وڃان ٿو ۽ شهزاديءَ کي اهڙيءَ ته اٽڪل سان کڻي ٿو اچان جو ديو کي خبر ئي ڪانه پوندي. مطلب ته هو وڌيو ۽ ٿوري دير ۾ اهڙيءَ ته چالاڪي سان شهزاديءَ کي چورائي ٻيڙي ۾ کڻي آيو جو ديو کي خبر به نه پيئي.


(1) کامي= سڙي. ويساند= آرام، صبر. (2) پَرين= پڙين، لائق ٿين. (4)ناسيندي=اُڀرندي، ڪَني ڪڍندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com