سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

شهزاديءَ جي وڃڻ بعد اُهو ديو جاڳي پيو ۽ شهزاديءَ کي نه ڏسي تپي باهه ٿي ويو ۽ طوفان وانگر اُڏامي اچي ٻيڙيءَ جي مٿان پيو. شڪاري جوان تير ڪمان سنڀاليو ۽ تير ڪمان مان ڇٽي ديو جي ڳچي مان آرپارهليو ويو. جبل جيڏو ديو اهڙي ته زور سان اچي ٻيڙيءَ جي مٿان ڪِريو جو ٻيڙيءَ جا تختا هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا. سڀيئي ٻڌڻ تي هئا ته چوٿين درزيءَ ڀاءُ يڪدم سئي ڪڍي تختن کي اهڙي ته ڪاريگريءَ سان سبي ڇڏيو جو هڪڙي بوند پاڻيءَ جي به ٻيڙيءَ ۾ اچي ڪين سگهي.

آخر وڏي خوشيءَ ۽ فتحمنديءَ سان ديو کي ماري اچي سلامتيءَ سان ڪناري تي پهتا، ۽ شهزاديءَ کي ساڻ ڪري بادشاهه جي خدمت ۾ وٺي ويا. بادشاهه پنهنجي پياري ڌي کي جيئرو جاڳندو ڏسي بيحد خوش ٿيو. سڄي بادشاهيءَ ۾ خوشيون (ملهائجڻ) لڳيون. هاڻي بادشاهه چئني ڀائرن کي چيو ته اوهين پاڻ ۾ فيصلو ڪريو ته شهزاديءَ جي بچائڻ وارو ڪير آهي ته پوءِ شهزادي جو وهانءُ ساڻس ڪيو وڃي. نجومي چوڻ لڳو ته ”شهزاديءَ جي بچائڻ وارو مان آهيان، ڇا ڪاڻ ته مون ئي ان جو پتو لڳايو ته ڪٿي آهي. انهيءَ ڪري هوءَ منهنجو حق آهي“.

وڏي ڀاءُ چيو : ”خالي پتي لهڻ سان شهزادي ٿورو ئي ملي سگهي ها. هن کي انهيءَ ديو جي قبضي مان ڇڏائڻ وارو ته آءُ آهيان. شهزادي مون کي ملڻ گهرجي.

شڪاري ڀاءُ چوڻ لڳو ته انهيءَ مان ڇا وري ها! جي مان نه هجان ها ته ديو وري به شهزادي کڻي وڃي ها ۽ ان سان گڏ اوهان کي به پورو ڪري ڇڏي ها. انهيءَ ڪري هوءَ مون کان سواءِ ڪنهن کي به نه ملڻ گهرجي.“

درزي- ڀاءُ چوڻ لڳو: ‎” تو بيشڪ ديو کي ماريو ۽ شهزاديءَ کي بچايو، پر ديو ڪرڻ ڪري ٻيڙي پرزا پرزا ٿي پيئي ۽ آءُ تختن کي نه ڳنڊيان ها ته شهزادي ۽ اوهين سمنڊ جي تري ۾ هجو ها. انهيءَ ڪري منهنجو حق اوهان کان زياده آهي.“

هنن جو پاڻ ۾ تڪرار ٻڌي بادشاهه چيو ته” اوهان چئني ۾ ٻڌي ڪانهي. انهيءَ ڪري شهزادي ڪنهن کي به ڪين ملندي. باقي اوهان چئني ڀائرن جي هنر ۽ محنت جو قدر مون کي بيشڪ آهي. ان جو بدلو اوهان کي ٻي طرح ڏيان ٿو.“

بادشاهه پوءِ هڪ هڪ کي جاگير ڏني ۽ پاڻ پنهنجي پياري وڃايل ڌيءَ کي حاصل ڪري خوشيءَ سان گذارڻ لڳو.

پيارا ٻارو! محنت ۽ اورچائي ڏاڍي ڪمائتي شئي آهي ۽ بي اتفاقي ڏاڍي خراب. جيڪڏهن ڀائرن ۾ ڦوٽ نه پوي ها ته بادشاهه هڪ پنهنجي نياڻي پرڻائي ڏي ها ۽ هو سڀ شاهي گهراڻي جا مائٽ ٿي ڪيڏي نه عزت حاصل ڪن ها.

(ڪتاب” ديوستان“ 1935ع تان ورتل)

* مترجم:جوکيو رحيم خان جرس

(روسي لوڪ ڪهاڻي)

ماشينڪا ۽ رڇ

 

”اي ڏاڏا، اوڏاڏي“، ماشينڪا چيو.”مون کي سهيلين سان گڏجي جهنگ ۾ وڃڻ جي موڪل ڏيو“. ڏاڏا ۽ ڏاڏيءَ چيو: ”چڱو ڌيءَ، وڃ، پر سهيلين کان پري نه ٿج، متان منجهامي وڃين“.

سڀ ڌيئريون گڏجي جهنگل ۾ پهتيون. کنبهيون ۽ ٻير چونڊڻ لڳيون. ماشينڪا هڪ وڻ کان ٻئي وڻ ۽ ٻئي کان ٽئين وڻ تائين اڳتي وڌندي ويئي ۽ ساهيڙين کان پري نڪري ويئي ۽ پوءِ هن لوڻو ڦيريو ته ساهيڙيون ڪونه هيون. هن آواز ڏنا، سڏ ڪيا پر ڪو به جواب ڪونه مليو. ماشينڪا ويچاري جهنگ ۾ هلندي ويئي، هلندي ويئي. آخر گس منجهي ويئي ۽ هوءَ پري پري جهنگ ۾ وڃي نڪتي. ڇا ٿي ڏسي ته سامهون هڪڙو گهر آهي. ماشينڪا در کڙڪايو، پر ڪو به جواب ڪونه مليو. در کي ڌڪو ڏنائين ته در کُلي پيو. هوءَ گهر جي اندر ويئي. دريءَ وٽ هڪڙي وڏي ميز پئي هئي ۽ هڪ وڏي ڪرسي به. هوءَ چوڻ لڳي، ”هتي الاجي ڪير رهي ٿو. ڪو ڏسڻ ۾ به ڪونه ٿو اچي“. هي گهر هڪڙي وڏي رڇ جو هو. هو ان وقت ٻاهر ويو هو. شام جو رڇ گهر موٽيو. گهر ۾ هڪڙي ڇوڪري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ”واهه!واهه! هاڻي توکي نه ڇڏيندس، تون مون وٽ رهندينءَ. ٽانڊو ٻارج، ماني پچائج ۽ ڳُڙ ڀت رڌج. مون کي ڳُڙ ڀت وڻندو آهي.“ ماشا ويچاريءَ رُنو، رڙيون ڪيو پر رڇ نه ڇڏيس. آخر رڇ سان گڏ رهڻ لڳي. رڇ ماشينڪا کي چيو: ”مان جهنگ ۾ ماکي ڳولڻ ٿو وڃان ۽ تون گهر کان ٻاهر متان نڪرين. جي ٻاهر ويندينءَ ته کائي ڇڏيندوسانءِ“.

رڇ ته هليو ويو، هاڻي ماشينڪا سوچڻ لڳي ته ڪيئن هن مرونءَ مان جند ڇڏايان. چوڌاري جهنگ ئي جهنگ هو. ڪيڏانهن وڃي، ڪو سَماءُ ڪونه ٿي پيس. پڇي به ڪنهن کان!سوچيندي رهي. پوءِ هن جي سمجهه ۾ هڪڙي ڳالهه آئي. جڏهن رڇ واپس آيو ته ماشينڪا هن کي چيو: ”ماما رڇ، ڙي ماما رڇ، مون کي هڪڙي ڏينهن لاءِ موڪل ڏي، ته آءُ ڳوٺ ڏاڏا ۽ ڏاڏيءَ لاءِ حلوو ٺاهي کڻي وينديس.“ رڇ چيس: ”نه، تون گس ڪونه ڏسندينءَ، منجهي ويندينءَ. تون حلوو ٺاهي مون کي ڏي، آءُ خود پهچائي ايندس.“ پوءِ ماشينڪا ٿالهه حلوي جو ٺاهيو ۽ رڇ کي چيائين:”ڏس، آءُ هن ڏٻي ۾ حلوو وجهي توکي ڏيان ٿي. تون اهو کڻي ڏاڏا ڏاڍيءَ کي ڏيئي اچ. پر حلوي وارو ڏٻو گَس ۾ متان کولين. حلوو متان کائين. آءُ ٻٻر جي وڻ تي چڙهي توکي پيئي ڏسنديس. جي حلوو کائيندين ته آءُ ڏسي وٺنديس.“  ”چڱو چڱو، ڏٻو ته ڏي،“ رڇ چيو.

”ڀلا ٻاهر نڪري ڏس مينهن ته ڪونه ٿو پوي“ماشنيڪا چيو. رڇ ٻاهر نڪري ويو ته ماشينڪا حلوو لِڪائي اڇلي ڇڏيو ۽ ڏٻي ۾ پاڻ گهڙي ويهي رهي ۽ مٿان ڍڪ ڏيئي ڇڏيائينس. رڇ واپس آيو ته ڏٺائين ته ڏٻو تيار رکيو آهي. ڀانيائين ته ماشا ڏٻو تيار ڪري رنڌڻي ۾ ويئي آهي سو ڏٻي کي سڳو ٻڌي رکيائين پٺن تي ۽ اُٿي هليو. بُٺي چڙهيو، نئين لنگهيو، هلندي هلندي ٿَڪي پيو، چيائين:

”هاڻ ڀلا ويهان ٿُڙ تي کان ”حلوو.“

ماشينڪا ڏٻي مان چيو:”ڏسان پيئي ڏسان،

نه ويهي ٿُڙ تي،

نه کاءُ حلوو.“

”کڻي وڃ ڏاڏا لاءِ،

کڻي وڃ ڏاڏيءَ لاءِ.“

”اڙي ڪهڙيون نه تيز اکيون اٿس، ڏسي پيئي،“ رڇ چيو ۽ وري اٿي ڏٻو رکيائين پٺن تي ۽ هلڻ لڳو. هلندو ويو.، هلندو ويو. وري ٿڪي پيو ۽ ٿوري بک به لڳيس. وري چيائين:

”ويهان ٿو ٿڙ تي،

کان ٿو حلوو.“

ماشينڪا وري ڏٻي مان چيو:

”ڏسان پئي ڏسان پئي،

نه ويهي ٿڙ تي،

نه کاءُ حلوو.“

کڻي وڃ ڏاڏا لاءِ.

”مار! ڪهڙي چالاڪ آهي. اڃا پيئ ڏسي. بنهه ڪنهن اوچي وڻ تي چڙهيو پيئي نهاري.“ رڇ  چيو، ۽ وري اٿي هليو، هلندو ويو، هلندو ويو، هاڻي رڇ ڳوٺ ۾ پهتو، ڳولي ڳولي اهو گهر لڌائين جتي ڏاڏا ڏاڏي رهندا هئا. در تي هٿ هڻي چيائين:” کٽ کٽ کٽ، کوليو کوليو، آءُ ماشينڪا وٽان حلوو کڻي آيو آهيان.“

اتي جو ڳوٺ جي ڪُتن کي رڇ جي بانس آئي سو سڀ ڪاهي آيا رڇ تي:” هائُو هائُو....عف عف ڀو ڀو.“ رڇ اهڙو ڊنو جو رکندي ڏٻو در تي اچيو ٿو ڀڄي، اچيو ٿو ڀڄي جهنگ ڏانهن، ته وري لوڻو به ڪونه ڦيريائين.

۽ ڏاڏا ڏاڏيءَ در کوليو ته ڏسن ته در تي هڪڙو ڏٻو رکيو آهي.

”اڙي، هن ڏٻي ۾ ڇا آهي؟“ ڏاڏيءَ چيو ۽ ڏاڏا ڏٻي جو ڍڪ کوليو. ڏسي ته مار! ڏٻي ۾ ته ماشينڪا ويٺي آهي. ڏاڏا ڏاڏي ڏاڍو خوش ٿيا. ماشينڪا کي ڀاڪر پائي چميون ڏنائون ۽ هن جي اٽڪل تي ماشينڪا جي ساراهه ڪيائون ته ماشينڪا ڪهڙي نه ڏاهي هئي.

(اصل ليکڪ: بولانوف)

* مترجم: عبدالرزاق شيخ

(ارجنٽائن جي لوڪ ڪهاڻي)

ڪاڪوئي

 

ڳچ عرصو اڳ، ڏکڻ علائقي جي وڏن جهنگلن جي سرحد تي ٻه ڀيڻ ڀاءُ هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ رهندا هئا. جيستائين ڀاءُ جو تعلق آهي ته اهو هر وقت اها ڳالهه سوچندو رهندو هوته ڪهڙيءَ طرح پنهنجي ڀيڻ کي آرام پهچائي ته جيئن هوءَ خوش رهي سگهي.هو روزانو صبح جو سويل اٿندو ۽ ميدانن يا جهنگلن جو رستو وٺندو ۽ اهڙي شئي ڳوليندو، جا هن جي ڀيڻ کي پسند اچي ۽ هوءَ خوش ٿئي. هو جهنگلي گل ڳولهيندو يا ندين ۽ نَين ۾ مڇيون پڪڙيندو يا ماکيءَ جي مانارن جي ڳولها ۾ ڊگهن وڻن تي چڙهي ويندو. جي ڪا شئي هٿ ايندي ته ان کي گهر کڻي ايندو ۽ پنهنجي ڀيڻ کي ڏيندو. پر ڀيڻس کي ان ڳالهه جو ڪو به خيال نه هوندو هو ته مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿو. هوءَ ڀاءُ جي سڀني مهربانين جي باوجود به ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪندي هئي.جڏهن به هو محنت سان ۽ سڪ مان ڪا سوکڙي آڻيندو هو ته اها نفرت ۽ حقارت سان ان کي قبول ڪندي هئي. هو ان جي لاءِ جيڪي به ميوا ڳولي آڻيندو هو. ان تي بيدلو ٿي چڪ هڻندي هئي ۽ منهن چٻو ڪري ڦٽو ڪندي هئي. اهڙي نموني ڀاءُ کي پنهنجي پر خلوص ڪوشش ۽سڪ جو ڦل ملندو هو.

مَڇين پڪڙڻ لاءِ هو ڪيترا دفعا ته سڄا سڄا ڏينهن وڃائيندو، چيلهه جيتري ٿڌي پاڻيءَ ۾ بيهندو، پر جڏهن ٿڌ ۾ ڏڪندو ڏڪندو گهر موٽندو ته ڀيڻ هن جي آندل مڇين تي پوريءَ طرح اکيون کڻي به نه ڏسندي هئي. پر ان جي بدران اجايا واڪا ڪندي ۽ هن جو مٿو کائيندي هئي. کيس پنهنجين مهربانين جي جواب ۾”مهربانيۡ“ جو هڪ لفظ به نه ملندو هو ۽ سندس مهربانين جا گهڻا ته ٺهيو پر ٿورا به نه مڃيندي هئي. ڀاءُ سان ڳالهائيندي، ته آڪڙ مان کهرو ڳالهائيندي هئي، پر جي قضا سان هٿين خالي موٽندو هو ته قيامت اچي ويندي هئي. هو پيئڻ لاءِ پاڻي گهرندو ته هوءَ وٽو ڀري ايندي،پر جيئن هو وٽو وٺڻ لاءِ هٿ وڌائيندو، هوءَ پاڻيءَ کي هاري ڇڏيندي هئي. هو عجب ۽ اچرج مان ڀيڻ جو منهن ڏسندو ۽ ڀيڻ مٿس چٿرون ڪري ٻئي طرف هلي ويندي هئي. کيس پنهنجي ڀاءُ کي تڪليف پهچائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو.

پر هن جو ڀاءُ صبر سان ڪوشش ۾ هوندو هوته شايد مان ڪنهن ڏينهن اهڙي سوکڙي آڻيان جا منهنجي ڀيڻ کي پسند اچي ۽ هوءَ خوش ٿي مون سان سٺو رويو اختيار ڪري، پر حالتون چوڻ ته ڪير آهي جو اسان جو نالو وٺندو.

هڪ ڏينهن هو جهنگ جي هڪ نئين حصي ۾ پهتو.جتي ڪنڊن وارا وڻ موجود هئا. ڪيترن ڪنڊن لڳڻ جي باوجود به هن ڳولها جاري رکي ۽آخر هن هڪ اهڙو وڻ ڳولي لڌو، جنهن جي چوٽيءَ تي ماکيءَ جو مانارو هو ۽ ان ماناري جي چوڌاري مکيون پئي اڏاميون. پر هودل ٻڌي وڻ تي چڙهيو ۽ ماناري جي ويجهو پهتو.

ماکيءَ جي مکين جو ڏٺو ته اسان جو مانارو ٿو ڦرجي، سو هن تي ڪاهه ڪري آيون، کيس ڏاڍا ڏنگ لڳا، پر هو نه مڙيو.هن تکي چاڪون سان ماناروڪٽيو ۽سوچيو ته اڄ آخرڪار اهڙي شئي ملي ويئي آهي جا منهنجي ڀيڻ کي ضرور خوش ڪندي. جي ڀيڻ خوش ٿي ويئي ته هي ڏنگ وڏي ڳالهه ڪين آهن.

هو رات جو دير سان گهر پهتو. هن جي جسم تي جتي ڪٿي رهنڊون اچي ويون هيون ۽ رت به وهڻ لڳو هو جو منهن ۽ ٻئي هٿ مکين جي ڏنگن ڪري سُڄي دٻا ٿي ويا هئا. پر جڏهن هن ڀيڻ کي ماکيءَ جو ماناروڏنو ته هن وڏائيءَ مان ڏسي.ان کي زمين تي ڦٽو ڪيو۽ جڏهن ڀاڻس پيئڻ لاءِ ۽ ڦٽن جي ڌوئڻ لاءِ پاڻي گهريو ته هوءَ پاڻي کڻي آئي، پر ان کي اڳ وانگر زمين تي هاري ڇڏيو  ۽ ڀاءُ جي ڦٽيل چهري کي ڏسي کلڻ لڳي. ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه.

هاڻ ڇوڪري کي به خدا سمجهه ڏني ۽ هو به ڳالهيون سمجهڻ لڳو جي اڳ هن جي سمجهه ۾ نه اينديون هيون. هن ڏٺو ته گهر ۾ جتي ڪٿي گند پيو آهي  ڪا به شئي صاف ڪين آهي. صبح جو باغ ۾ ويو ته ڏٺائين  ته ٻوٽا سڙي ويا آهن ۽ گاهه به ڪومائجي ويو آهي، ڇو ته ڀيڻس پاڻي ڏيڻ کان صفا نابري واري هئي. گهر جا پالتو جانور بک کان بيحال ۽ ڪمزور ٿي ويا آهن، ڇو ته ڀيڻس کين کاڌو کارائڻ ڇڏي ڏنو هو. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن محسوس ڪيو ته هن جي ڀيڻ ظالم، پٿر دل خود غرض آهي ۽ اڄ تائين جنهن محبت جو هن اظهار ڪيو هو اها سڀ بيڪار وئي آهي.

ڀاءُ جي محبت نفرت ۾ مٽجي وئي ۽ هن بدلي وٺڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ ڏينهن ڀيڻ کي چيو:”مون کي تولاءِ جهنگ ۾ هڪ عجيب شئي ڏٺي آهي. هڪ وڏو گل آهي جو اڳ ڪنهن ڏانڊيءَ تي نه ٽڙيو هوندو.

ڀيڻس چيو، وڃ، ان کي منهنجي لاءِ ڇني اچ.“

”نه“، ڀاڻس چيو، ”اهو وڌيڪ سٺو آهي ته تون مون سان گڏجي هل ۽ ان ڏانڊيءَ تي ٽڙيل ڏس. ڀيڻس ان گل ۾ اهڙي ته دلچسپي ورتي جو هن سان گڏ جهنگ جي هلڻ لاءِ تيار ٿي وئي.هوان کي هڪ ڊگهي وڻ وٽ وٺي آيو. ۽ چيائين، ”اسان کي هن وڻ تي چڙهڻو آهي. تون اڳ ۾ هل، مان تنهنجي پٺيان ايندس.“

ڀيڻ وڻ تي آهستي آهستي چڙهندي وئي ۽ ڀاڻس به ان سان گڏ ڪهاڙي کنيو چڙهندو ويو. ڀيڻس هر هر ٽوڪيس پئي.” مون کي ته پڪ آهي ته اهو گل خراب هوندو. مون کي شايد وڻي به نه ۽ آخر ڪار اهو آهي ڪٿي؟ مون کي ته ڪٿي به نظر ڪين ٿو اچي! تون نهايت بيوقوف آهين، آخرڪار ڌوڪو کائي وئين نه!“

هو برابر چوندو رهيو، ”بس اڃا ٻه ٽي هٿ مٿي.“

اهي ٻيئي چڙهندا رهيا. آخرڪار ڀيڻس وڻ جي چوٽيءَ تي پهچي وئي ۽ هڪدم ڪاوڙ مان چيائين،”انڌا، اکيون ته مون کان وڏيون اٿئي. هتي ته ڪو به گل ڪين آهي، اجايو تون مون کي پريشان ڪيو آهي، آخر تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“

پر کيس ڪو به جواب نه مليو. ڀيڻس هيٺ نظر ڪري ڏٺو ته ڀاڻس وڻ کان هيٺ لهي رهيو آهي ۽ لهندي لهندي هو ٽاريون به ڪٽي رهيو آهي، جن تي پير رکي يا سهارو وٺي هو مٿي آيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com