زلزلو
هڪ تمام ٿلهي عورت پنهنجي پلنگي تي ستي پئي هئي ته
اوچتو زلزلو آيو ۽ اهو عورت پلنگ تان هيٺ ڪري پئي.
ٻئي پلنگ تي ان عورت جو مڙس ستو پيو هو. ان اکيون
کوليندي چيو: بيگم! زلزلو اچڻ سان تون ڪرين آهين،
يا تنهنجي اچڻ سان زلزلو آيو آهي!
امتياز منگي
قاضي آصف (اسان جا اديب)
انٽرويو وٺندڙ:
زيب سنڌي
پيارا ٻارو! اڄ توهان جي خدمت ۾ سنڌ جي سٺي اديب
زيب سنڌي جو انٽرويو کڻي حاضر ٿيو آهيان.
سندس گهر جو نالو محمد خان شيخ آهي. 7 سيپٽمبر
1957ع تي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. سنڌي ادب ۾ ايم-اي
ڪيل اٿس. سندس لکيل، ترجمو ڪيل، سهيڙيل، ڪتابن جو
تعداد ست آهي. هن ٻارن لاءِ پڻ ڪجهه ڪهاڻيون لکيون
۽ ترجمو ڪيون آهن. هن وقت هو سنڌيءَ جي هڪ مشهور
ادبي اداري سڳنڌ پبليڪيشن جو مالڪ آهي، ۽ لاڙڪاڻي
۾ رهي ٿو. اچو ته کائونس سوال جواب ڪريون.
آصف: توهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو؟
زيب: مون کي چڱيءَ طرح ياد ناهي شايد 1971ع جو سال
هو ۽ ڇهين درجي ۾ پڙهندو هئس. تڏهن مون اخبارن جي
ٻارڙن جي صفحن، ۾ پنهنجن اصلي نالي، محمد خان شيخ
جي نالي سان ننڍڙيون ننڍڙيون ڪهاڻيون لکڻ شروع
ڪيون هيون، 1974ع کان مان پنهنجي ادبي نالي زيب
سنڌيءَ سان، باقاعدي ٻارڙن ۽ وڏن لاءِ لکڻ شروع
ڪيو.
آصف: توهان ٻارن لاءِ ڪيترو لکيو آ؟
زيب: ڇهه ست، ڪهاڻيون پنهنجيون لکيل اٿم، ۽ ڪجهه
ٻيون ٻين ٻولين جون ترجمو ڪيون اٿم، جيڪي گل ڦل ۽
ٻارن جي ٻين رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن، ۽ هاڻي جلدئي
اهي ڪتابي صورت ۾ ڇپبيون.
آصف: اسان جا سنڌي ٻارَ، ٻي ٻولي جا ديو، پرين،
جاسوسي، فلمي ڪتاب وٺي پڙهن ٿا، ان جو ڏوهدار ٻار
آ يا ڪو ٻيو؟
زيب: ڏوهه ٻار جو ناهي، ڇو ته ٻار ڏاڍو معصوم ٿئي
ٿو. ڏوهاري ٻار جا وڏا ۽ سنڌي لکندڙ آهن. ٻار جي
وڏي جو اهو فرض آهي ته، هو ٻار کي سٺو ادب پڙهڻ
لاءِ همٿائي، ساڳئي وقت اسان جو اديب ٻارن لاءِ نه
لکڻ، يا بنهه گهٽ لکڻ جو ڏوهاري آهي.
آصف: اوهان جي خيال ۾، سنڌي ٻارڙن کي ڪهڙي قسم جو
ادب پڙهڻ گهرجي؟
زيب: اهڙو ادب جنهن کي پڙهڻ سان ٻار جو ذهن، وهمن
۾ مبتلا نه ٿئي، پر سندس لاڙو، تعميري سوچ ڏانهن
ٿئي.
آصف: اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ لکڻ ۾، پنهنجي
گهٽتائي ڇو سمجهي ويندي آهي؟
زيب: ٻارن لاءِ لکڻ ۾ جيڪڏهن ڪو ليکڪ، پنهنجي
گهٽتائي سمجهي ٿو ته، اها سندس غلطي آهي. هونئن به
سڄ جو ٻار سڀاڻ وڏو ٿي، پوءِ ڪنهن ليکڪ کي پڙهي،
انهيءَ کان وڌيڪ فائدي واري ڳالهه ليکڪ لاءِ به
اها آهي ته، اڄ جو ٻار انهيءَ ليکڪ کي، سندس ٻار
لاءِ لکيل لکڻين جي وسيلي، اڄ ئي پڙهي. انهيءَ
صورت ۾ ليکڪ کي ايندڙ نسل، پنهنجي سانڀر کان وٺي
سڃاڻندو.
آصف: ٻارن کي هينئر ڇا ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته سنڌي
اديب کين لاءِ گهٽ ٿا لکن؟
زيب: ٻارن کي، پاڻ به لکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيئن
اڄ جا ننڍڙا لکندڙ، اڳتي هلي ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي
پورو ڪري سگهن، ساڳئي وقت، اڄ جي ننڍڙن لکندڙ کي
اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته، اڳتي هلي جڏهن هو وڏو ليکڪ
بڻجي ويندو، تڏهن به ٻارن لاءِ ضرور لکندو رهندو.
آصف: جي سنڌي ٻار عالمي عدالت ۾ اديبن تي ڪيس ڪري
ته، کٽندو؟
زيب: جيڪڏهن انصاف ڪيو وڃي ته ٻار ضرور کٽندو.
آصف: ٻارن ۾ ڪاپي جي لاڙي وڌڻ جو، توهان جي خيال ۾
سبب ڪهڙو آهي؟
زيب: درسي ڪتابن ۾ جيڪڏهن موجوده دؤر جي لحاظ کان
تبديليون ڪيون وڃن ته ڪو سبب ناهي جو ٻار انهن سان
لڳاءُ پيدا نه ٿئي. راڪيٽ جي زماني ۾، ٻارن جي
درسي ڪتابن ۾ اسان کي ڏاند گاڏيءَ جي دور جون
ڳالهيون ملن ٿيون. جڏهن ته اڄ جو ٻار اک ٻوٽ کان
وڌي وڊيو گيم تي پهتو آهي. اها ڳالهه رڳو شهرن سان
واسطو نه ٿي رکي پر، مواصلاتي ذريعن، خاص ڪري
ٽيليويزن ٻهراڙيءَ جي ٻار کي به ذهني طور تي گهڻو
متاثر ڪيو آهي.
آصف: ڪو پنهنجي نوجواني جو اهڙو واقعو ٻڌايو، جڏهن
توهان کي ٻار ٿيڻو پيو هجي؟
زيب: مان ته هاڻي به روزانو ڪجهه وقت ٻار ٿي
گذاريندو آهيان. منهنجو ٻن سالن جو ننڍڙو پُٽ،
جبران ۽ مان گڏجي، راند ڪندا آهيون.
آصف: توهان جي هٿ ۾ هڪ ساکائتو، ڪتابن جي ڇپائي جو
ادارو آهي. ڇا توهان وٽ، ٻارن لاءِ ڪو مستقبل ۾
پروگرام آهي؟
زيب: نه رڳو ليکڪ جي حيثيت ۾، پر ڪتابن ڇپائڻ واري
هڪ اداري جي مالڪ جي حيثيت ۾ به، مون تي سنڌي ٻارن
جو ادبي قرض آهي.
مان ڪوشش ڪندس ته پنهنجي اداري طرفان جلدئي، ٻارن
لاءِ ڪجهه ڪتاب ڇپرايان.
آصف: آخر ۾ ڪو ٻارن لاءِ سنيهو؟
زيب: تعليم حاصل ڪريو، ادب پڙهو، ۽ پنهنجي سڃاڻپ
برقرار رکو.
ماڻڪ موتي
”ماڻڪ موتي“ نالي ڪتاب، الحاج رحيم بخش ”قمر“ جو
لکيل آهي. هي ڪتاب هڪ سؤ ٻياسي صفحن تي مشتمل آهي.
سمورو ڪتاب دنيا جي عظيم شاعر لڄادار لطيف رحمة
عليہ جن جي بيتن ۽ واين جي تشريح جو مجموعو آهي.
جنهن ۾ ڀٽائي گهوٽ جن جي زندگيءَ جو احوال ڏنل
آهي. هي ڪتاب شاهه جي ڪلام ۽ معلومات جو هڪ خزانو
آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل نهايت خوبصورت ۽ وڻندڙ آهي.
ڪتاب جو ملهه ويهه رپيا آهي.
گهرائڻ لاءِ لکو:
الحاج رحيم بخش ”قمر“
گلزار مسجد، نواب شاهه، سنڌ.
ننڍڙا اديب
اچو ته سنڌ گهمون
اچو ته ٻارو ڪري چوياري، |
گڏجي گهمون سنڌ سونهاري. |
1- سکر، بکر ڀي آهن اوج تي،
روهڙيءَ ۾ آ عجب بهاري، |
مهراڻ وهي ٿي پڻ موج تي،
گڏجي گهمون سنڌ سونهاري. |
|
|
2- آباد ڏسون ٿا ٻنيون ٻارا،
پوکين هردم هاري ناري، |
ڪڻڪ، ٻاجهر ۽ وونئڻ پيارا،
گڏجي گهمون سنڌ سونهاري. |
|
|
3- کيڙيُن مان خوشبوءِ اچي ٿي،
ڏسو ته ڌرتي هيءَ دل واري، |
مُشڪ، عنبر جان مون کي لڳي ٿي،
گڏجي گهمون سنڌ سونهاري. |
|
|
4- ٿر مِٺو ۽ لاڙ، اُتر،
هر ڪنڊ اٿس ڪلنگيءَ واري، |
ڪوٽڙي، ڪراچي، ٺٽو ننگر،
گڏجي گهمون سنڌ سونهاري. |
|
|
5- گلستان ۾ جيئن گل پيارا،
محنت ڪريو ته ٿئي بهاري، |
توهين به سنڌ جا روشن تارا،
گڏجي گهمون سنڌ سونهاري. |
|
|
- حافظ علي گل ٻرڙو
عجيب طالب علم
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته، هڪ ڇوڪرو رات جي
وقت، ڏيئي جي روشنيءَ تي، ڪتاب پڙهي رهيو هو، ان
مهل بادشاهه جو هڪ جلوس ٿي آيو جنهن ۾ ماڻهن جي
هٿن ۾ روشنيءَ جا فانوش هئا. اهو ڇوڪرو انهن
فانوسن جي روشنيءَ تي ڪتاب پڙهندو انهن جي پويان
هلندو رهيو.
جڏهن جلوس شاهي مهل وٽ پهتو ته هي به ساڻس هلندو
رهيو. بادشاهه جي نوڪرن چاهيو ته کيس منع ڪريون،
پر بادشاهه کين اشارن سان منع ڪئي ۽ چيو ته هن کي
نه روڪيو، ڇڏي ڏيو. ڏسون ته ڪاڏي ٿو وڃي. آخرڪار
هي طالب علم ڪتاب جو مطالعو ڪندي ڪندي محل جي اندر
پهچي ويو ۽ اتي به ڪتاب پڙهندو رهيو جڏهن ڪتاب ختم
ٿيو ته ڇوڪر پاڻ کي محل ۾ ڏسي حيران ۽ پريشان ٿيڻ
لڳو بادشاهه سندس پريشاني ڏسي سمجهي ويو ۽ کيس آٿت
ڏيندي چوڻ لڳو ته جيڪا به ضرورت هجيئي اها ٻڌائي،
”بادشاهه جي اهڙي نرم دل ڏسي طالب علم صرف گاسليٽ
۽ بتيءَ جي گهر ڪئي ته جيئن هو ڪتابن جو مطالعو
ڪري سگهي بادشاهه يڪدم هن جو اهو مطالبو پورو ڪيو.
مترجم: عبدالرزاق ناپر
ٻڌي
ڪنهن ڳوٺ ۾ ٽي دوست انور، اسلم ۽ خالد رهندا هئا.
ٽنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي دوستي هوندي هئي ۽ هڪ ٻئي جي
ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندا هئا. سندن جيڪو به وڙهندو هين
ته ٽئي گڏجي ان کي مار ڏيندا هئا. مطلب ته پاڻ ۾
ڏاڍو اتحاد هين. انور ۽ اسلم صبح جو ڪو شڪار ڪرڻ
لاءِ ويندا هئا، پويان خالد گهر جو خيال رکندو
هيو. اُهي ٻئي شڪار ڪري ايندا هئا پوءِ ٽئي اُن
ڪيل شڪار کي هڪجيترا حصا ڪندا هئا، ۽ پوءِ هرڪو
هڪ، هڪ حصو کڻندو هيو، پوءِ کائيندا هئا. هڪ دفعي
رات جي وقت هنن جي گهر ۾ ٻه چور چوري ڪرڻ آيا، اُن
تي ٽئي سجاڳ ٿي پيا ۽ وٺي چورن کي مار ڏيئي ڀڄائي
ڇڏيائون. اُهي ٻئي چور هنن کان بدلو وٺڻ لاءِ
ترڪيب سوچڻ لڳا. نيٺ هنن هڪ ترڪيب سوچي. پوءِ صبح
جو جڏهن انور ۽ اسلم شڪار تي ويا ته هڪ چور
فقيراڻو لباس پائي هنن جي گهر آيو، ۽ خالد کي
چيائين، ”ته تون هتي ائين ويٺو آهين، ۽ هو ٻئي ڄڻا
گهڻو شڪار ڪندا آهن ان شڪار جا پنج حصا ڪندا آهن
اُن مان ٻه حصا پاڻ اُتي ئي کائي ايندا آهن، ۽
باقي ٽي حصا تو وٽ کڻي ايندا آهن ۽ اُن مان به هڪ،
هڪ حصو وٺندا آهن،“ خالد اِهو ٻڌي اُنهن ٻنهي تي
ڏاڍو ڪاوڙيو. ۽ چور واپس موٽي ويو. جڏهن شام ٿي ته
ٻئي همراهه گهر آيا، ته خالد هنن سان وڙهڻ لڳو ۽
چوڻ لڳو ته، ”توهان مون سان چالاڪي ڪندا آهيو، هڪ،
هڪ حصو اُتي به کائي ايندا آهيو ۽ هتي اچي به
کائيندا آهيو.“ پوءِ خالد هنن کان جدا ٿي ويو ۽
وڃي ٻئي گهر ۾ رهڻ لڳو.
انور وارا سمجهي ويا ته هن کي ڪنهن ڀڙڪايو آهي.
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن انور ۽ اسلم شڪار ڪرڻ لاءِ
ويا ته هنن چورن کي ڏسي ورتو، مگر چورن هنن کي نه
ڏٺو. چور چئي رهيا هئا ته، ”ڪيئن اُنهن جي دوستي
کي ختم ڪيوسين، هاڻي زندگي ڀر اُنهن جي دوستي ختم
ٿي ويئي ۽ زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳا، ها... ها... ها.“
ايتري ۾ هڪ چور انور ۽ اسلم کي ڏسي ورتو ۽ وٺي
ڀڳا. انور وارا سمجهي ويا ۽ ٻئي ڄنا خالد وٽ آيا ۽
ساري ڳالهه ٻڌايائون تنهن تي خالد ڏاڍو شرمندو ٿيو
۽ ٻنهي کان معافي ورتائين ۽ ٽيئي ساڳئي طرح سان
ٻڌي ۽ پيار سان رهڻ لڳا.
ٻارؤ! سياڻن سچ چيو آهي ته، ”ٻڌي ۾ وڏي طاقت آهي.“
عبدالوحيد لاڙڪ
دوستي
احمد ۽ مشتاق جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي هوندي هئي. هو
هر وقت گڏ هوندا هئا. هڪ دفعي احمد پگهر ۾ شل جڏهن
گهر پهتو ته پڻس چيو، ”پٽ، تون هاڻي مشتاق سان گڏ
نه گهمندو ڪر ڇاڪاڻ ته هو هڪ غريب هاريءَ جو پٽ
آهي ۽ اسان سيٺ ماڻهو.“ انهيءَ تي احمد پيءُ کي
چيو ته، ”بابا انهي ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. دوستيءَ
۾ امير ۽ غريب جو ڪهڙو فرق آهي، دوست آخر دوست
هوندو آهي پوءِ اهو امير هجي يا غريب!“
انهيءَ تي پڻس ڪاوڙجي گهر کان ٻاهر هليو ويو. هڪ
دفعي احمد ۽ سندس پيءُ ڪار ۾ ڪنهن ڪم سان وڃي رهيا
هئا ته انهن جي ڪار جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو. انهيءَ
وقت سيٺ کي رت جي سخت گهرج هئي. هو نوجوان ڇوڪرو
اسپتال ۾ آيو ۽ پنهنجو رت ٽيسٽ ڪرايو. هن جو رت ۽
سيٺ جي رت جو گروپ هڪ هو. هن سيٺ جي لاءِ مفت ۾ رت
ڏنو. جڏهن سيٺ ٿورو ٺيڪ ٿيو ته هن ڊاڪٽر کي چيو
ته، ”ڊاڪٽر صاحب، توهان جي وڏي مهرباني جو توهان
منهنجي جان بچائي. ڊاڪٽر چيس ته اهو ته منهنجو فرض
هو. مگر توهان کي ٿورو انهيءَ جو ادا ڪرڻ گهرجي
جنهن توهان جي لاءِ رت ڏيئي توهان جي جان بچائي
آهي. سيٺ جڏهن ڏٺو ته ڏاڍو شرمندو ٿيو ڇاڪاڻ ته
سندس جان بچائيندڙ اهوئي غريب ڇوڪر مشتاق هو. احمد
پيءُ کي چيو ته بابا ڏٺوَ اسان جي دوستي. دوستيءَ
۾ امير ۽ غڙيب جو ڪوبه فرق نه هوندو آهي. ڪاڏي ويا
توهان جا اهي شاهوڪار دوست جيڪي ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه
ڀيرا ڦيرا ڪندا هئا. انهيءَ تي سندس پيءُ ڏاڍو
شرمندو ٿيو ۽ پٽ کي چيو ته ”واقعي دوستيءَ ۾ امير
۽ غڙيب سڀ برابر هوندا آهن.“ ۽ پوءِ هن مشتاق کي
گلي لڳايو ۽ دعا ڪئي ته خدا ڪري توهان ٻنهي جي
دوستي هميشہ قائم رهي.
شمس تصور ملاح
صبر جو ڦل
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ اچي ڏڪر پيو.
ماڻهو بُک ۾ مرڻ لڳا. اُن شهر ۾ هڪ خدا ترس امير
رهندو هو. اُن کان غريبن جي بک ۽ فاقه ڪشي ڏٺي نه
ٿي. اُن ڪري اُن اعلان ڪرائي ڇڏيو ته شهر جا سڀ
ٻارڙا ٻيئي وقت مون وٽ اچي ماني کائين. هڪ ڏينهن
لنگر چالو هو ٻار ماني تي اچي وريا. اُتي هڪ ننڍڙي
ڇوڪري جيڪا اِنهي نيت سان آئي هئي پر بجاءِ ڪجهه
گهرڻ جي خاموش ڪنڊ ۾ بيهي رهي جڏهن سڀ ٻار ٽڪر ڀور
وٺي هليا ويا ته اُن ڇوڪري جو وارو آيو. پر مانين
جي ڇٻي ۾ صرف هڪ سڙيل ماني هئي، ڇوڪري سڙيل ماني
کڻي گهر هلي ويئي. پر اَمير شخص جي دل تي انهي
ڳالهه جو وڏو صدمو پهتو. ٻئي ڏينهن اُن حڪم ڏنو ته
هڪ ماني ۾ هڪ اشرفي رکي وڃي ۽ اشرفي واري ماني
سڀني مانين جي هيٺ رکي پڃي. نوڪرن ٻئي ڏينهن ائين
ڪيو.
اهڙي طرح ٻئي ڏينهن سڀ ٻار ماني وٺندا ويا پر اُها
ڇوڪري اڄ به ماٺڙي ڪري ويهي رهي ۽ سڀني ٻارڙن جي
وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. ٿوري دير کان پوءِ سڀ ٻار
ويا هليا ۽ ماني به هڪ وڃي بچي جا هيٺ پيئي هئي.
ڇوڪري اُها ماني کڻي گهر هلي ويئي. گهر پهچڻ شرط
ڇوڪريءَ ماني کولي ته ان اندر اشرفي نڪتي ڇوڪري
اشرفي ڏسڻ شرط ان امير جي گهر رواني ٿي ۽ اها
اشرفي امير کي وڃي ڏنائين. امير ان ننڍڙي جي ايتري
سچاي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اها اشرفي ان ڇوڪري کي
ڏيئي چيائين ته ٻچا اها تنهنجي ”صبر جو ڦل“ آهي.
هي اشرفي کڻ پر سئو رپيا به وٺ.
پيارا ٻارو! ڏسو صبر جو ڦل ڪهڙو نه ڀلو ۽ مٺو آهي.
اسان کي به گهرجي ته صبر ڪريون.
کيمچند شرما
ٽهڪڙو
استاد: شاگرد کي، طوفان ڪيئن ايندو آهي؟
شاگرد: معصوميت سان، ”سائين جڏهن آسمان تي فرشتا
ٻهاري ڏيندا آهن.
يوسف مغل
گل ڦل قلمي دوستي
151- نالو: جاويد انور عباسي
عمر: 13 سال
وندر: ڪتاب پڙهڻ
ڪلاس: اٺون
ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول آرائين تعلقو ڳڙهي
ياسين.
152- نالو: فياض علي خاصخيلي
عمر: 14 سال
وندر: علم سان چاهه
ڪلاس: اٺون اي
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري.
153- نالو: نور الرحمان ابڙو
عمر: 13 سال
وندر: گل ڦل پڙهڻ
ڪلاس: اٺون
ائڊريس: مڊل اسڪول مانجهند ضلع دادو.
154- وحيد حسين خاصخيلي
عمر: 15 سال
وندر: ريڊيو ٻڌڻ
ڪلاس: اٺون اي
ائڊريس: هاءِ اسڪول حسين آباد تعلقو ڪوٽڏيجي.
155- نالو: پوڪر مينگهواڙ
عمر: 14 سال
وندر: ٽيلي ويزن ڏسڻ
ڪلاس: اٺون اي
ائڊريس: هاءِ اسڪول حسين آباد تعلقو ڪوٽڏيجي.
156- نالو: فرحان عبدالله مٺواڻي
عمر: 9 سال
وندر: گل ڦل پڙهڻ
ڪلاس: چوٿون
ائڊريس: مٺواڻي محلو ڏيپلو.
157- نالو: ظفر حشين
عمر: 15 سال
وندر: رسالا پڙهڻ
ڪلاس: ڏهون
ائڊريس: احسان جنرل اسٽور گچيرو روڊ مورو.
158- نالو: وزير علي شيخ
عمر: 13 سال
وندر: ديسي ڪتاب پڙهڻ
ڪلاس: اٺون
ائڊريس: هاءِ اسڪول باقر خان نظاماڻي تعلقو
شهدادپور.
159- نالو: محمد ايوب ميمڻ
عمر: 14 سال
وندر: قلمي دوستي رکڻ
ڪلاس: اٺون
ائڊريس: مڊل اسڪول مانجهند ضلع دادو.
نوٽ: (هيڊ ماستر صاحب جي مهر کان سواءِ نالو شايع
نه ٿيندو).
ايڊيٽر
اچو ته مضمون لکون-11
اچو ته مضمون لکون سلسلو ٻارن ۾ تمام گهڻو مقبول
ٿي ويو آهي. ان مقبوليت کي ڏسي، اسان پهريون ۽ ٻيو
نمبر ايندڙ مضمون نگارن کي انعام ۾ ڪتاب موڪليندا
آهيون.
شرط:
سورنهن سالن تائين عمر جو ٻار مضمون لکي سگهي ٿو.
هن ئي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون 11 يارهن جو ڪوپن
ڀرڻ ضروري آهي.
مضمون اهڙي طرح موڪليو، جو اسان وٽ 5 فيبروري
1986ع تائين پهچڻ گهرجي.
مضمون گل ڦل جي ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي نه هجي.
مضمون پني جي هڪ پاسي لکيل هجي، ٻنهي پاسي لکيل
مضمون کي مقابلي ۾ شامل نه ڪيو ويندو.
مضمون سان گڏ پوري ائڊريس لکڻ گهرجي. (گهڻا ٻار
مڪمل پتو نه ٿا لکي موڪلين. ان لاءِ انعامي ڪتابن
نه ملڻ لاءِ ادارو ٻڌل نه آهي.)
اچو ته مضمون لکون-11
عنوان
(معاشري ۾ ٻار جو ڪردار)
مضمون موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد.
نتيجو اچو ته مضمون لکون- 9
ماهه نومبر جي پرچي ۾ ”اچو ته مضمون لکون“ جي
عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين
ٻارن حصو ورتو.
اختر ملاح 2- محمد ايوب کٽي 3- نويد سومرو رتوديرو
4- الهداد چانڊيو گهوگهارو 5- سڪندر سومرو ٺل 6-
رسول بخش مغيري ٺل 7- پورڻ ڪمار شيرواڻي قادرپور
8- نانڪ رام پريالوءِ 9- نور احمد منگي رستم 10-
غلام مصطفيٰ ڪراچي 11- گاهي خان رتو ديرو 12-
سڪندر لاڙڪ 13- سعيد حسين دستي 14- عبدالمجيد
ناکئو 15- غلام محمد چشتي 16- انور حسين دائود
پوٽو ميرپورخاص 17- حبيب الرحمان چوهان کار پاڙو
18- هينسن رميش شهداد ڪوٽ 19- انعام الحق سومرو
خيرپورميرس 20- عبدالوحيد انصاري سکر 21- فدا حسين
رئونر بدين 22- جاويد اڪبر سيال ميروخان 23- لعل
ڏنو ملاح عمر سيٺر 24- حبيب الله عباسي نبي آباد
25- محمد علي شيخ سکر 26- فيصل عالم ٽنڊو محمد خان
27- ڪاهومل مينگهواڙ هٿونگو 28- عبدالرحيم ڀٽو
آرائين 29- امداد علي جلباڻي ميرپور ماٿيلو 30-
فيض محمد سولنگي ٽنڊو محمد خان 31- گرمک داس
نانڪاڻي گهوٽڪي 32- غلام عباس ڪلوئي ڊگهڙي 33-
محمد قاسم راهو سوائي راهو 34- محمد عثمان ميمڻ
کهڙا 35- عبدالرحمان پنهور دوڙ 36- اقبال سهتو وڏا
سهتا 37- آفتاب احمد آرائين ڳڙهي ياسين 38-
عبدالغني ميربحر نبي آباد 39- علي نواز مشوري
سڪرنڊ 40- دوست محمد راڄپر ڪوٽ ڏجي 41- پون ڪمار
پنو عاقل 42- لطف علي لغاري دادو 43- خادم حسين
ڀنڀرو شهر بڇيري 44- علي حيدر ڏوڪري 45- عبدالستار
ملاح خانواهڻ 46- ارشد حسين ارشد ٽنڊوالهيار 47-
نادر علي جکرو ڳڙهي ياسين 48- مفتي فيض محمد سومرو
ميرپور ٻرڙا 49- سارنگ مهر گهوٽڪي 50- چاڪر خان
برهماڻي بڇيري 51- منير احمد منير 52- خالد حسين
شيخ پراڻي باڊهه 53- اسد علي لغاري نواب شاهه 54-
عبدالرحمان پنهور دڙو 55- غلام شمير سومرو
محرابپور 56- عبدالرحيم ٻروسر گل محمد ٻروسر 57-
دلمراد جوکيو 58- امداد الاهي سومرو نواب شاهه 54-
ممتاز لطيف تلهار 60- عبدالغفور سومرو رستم 61-
عبدالواحد سومرو رستم 62- فقير محمد سليم ڀريا شهر
63- محمد خان سومرو دڙو 64- غلام نبي شاهه فتح
آباد 65- شير خان جروار ڊگهڙي 66- محمد حسين
زرداري غلام علي زرداري 67- اياز سنڌي داد لغاري
68- عذرا پروين عباسي نواب شاهه 69- محمد حيات
بروهي نواب شاهه 70- غلام شبير چاچڪ 71- عبدالوحيد
خاصخيلي ٽنڊو محمد خان 72- محمد رحيم جروار
ٽنڊوالهيار 73- زاهد بروهي ڳوٺ فارسي 74-
عبدالوحيد سومرو رستم 75- خان محمد ٻروسر لانڍي
76- خان محمد زرداري، ارباب زرداري 77- ايم زمان
شاهه پرديسي سجاول 78- ڪمال الدين کوسو جوهي 79-
گدا حسين نئون امروٽ 80- حبيب الله ابڙو لاڙڪاڻو
81- اسماعيل سومرو عرضي ڀٽو 82- محمد نديم ڪلوئي
ٽنڊو آدم 83- بصرالدين ڳاهوٺي هالا نوان 84-
الهڏنو ميمڻ دڙو 85- منظور ميمڻ ڪراچي 86- منظور
مڱڻهار پنوعاقل 87- راجا ڏاهر جويو ڏوڪري 88- ولي
محمد وسطڙو نوشهرو فيروز 89- عرفان الله شاهه
سجاول 90- ناهيد مغل حيدرآباد 91- آفتاب ميمڻ دڙي
جاکري 92- هاشم نبي آباد 93- اسحاق مغل ٺل 94-
اشفاق احمد لاڙڪاڻو 95- غلام مصطفيٰ سميجو نئون
ديرو 96- سڪندر جوڻيجو ڇڄڙا 97- حفيظ الله عباسي
نبي آباد 98- غلام نبي سليرو رتو ديرو 99- سهيل
احمد ملاڻو 100- غلام محمد عباسي نبي آباد 101-
حفيظ الرحمان ڏيپلو 102- حضور ٻرڙو الهورايو ٻرڙو
103- مجاهد علي نئون ديرو 104- محمد شريف جروار
ٽنڊوالهيار 105- اخلاق حسين تنيو ڪنڊيارو 106-
منظور علي ڳاهيجا 107- عبدالجبار سومرو رتو ديرو
108- مير محمد ڀٽو آرائين 109- شمس الدين جوکيو
مورو 110- حيدر کوسو نصرپور 11- ارشد ميرجت
ٽنڊوالهيار 112- جئه ڪمار بالائي ڪرمون 113-
عبدالرشيد جلباڻي رتو ديرو 114- جيرام داس رتو
ديرو 115- شفيق الرحمان سڪرنڊ 116- مير مشتاق علي
وڳڻ ٺارو شاهه 117- سارنگ سنڌي نئين باڊهه 118-
بشير احمد لاشاري نواب شاهه 119- محمد هارون بروهي
102- رشيد احمد سومرو آباد لاکا 121- غلام علي
ٽانوري 122- خوشحال داس ڍورو نارو 123- آفتاب احمد
نيو ملڪ 124- فيض محمد رند شهداد پور 125- جميل
ميمڻ ڪراچي 126- عبدالرسول شر بلوچ 127- ظفر ڏهراج
محمود آباد 128- الهه بخش راٺوڙ مورو 129- تاج
محمد نظاماڻي باقر خان نظاماڻي 130- امير علي شاهه
راڌڻ اسٽيشن 131- هريش ڪمار سائناڻي گمبٽ 132-
غلام رسول قريشي ڪراچي 133- فريد احمد نظاماڻي نم
لياري 134- امام الدين سومرو شهدادپور 135- ضمير
حسين باڊهه 136- حافظ عبيدالله لاکو 137- انور
عادل، حاجي عمر ڪاڪيپوٽو 138- محمد موسيٰ تنيو
پوعاقل 139- شڪيل نائچ، دودو نائچ 140- پرشوتم داس
هٿونگو 141- نياز اي نائچ بچل سنگراسي 142- منصور
سومرو لاڙڪاڻو 143- غلام مرتضيٰ نظاماڻي باقر
نظاماڻي 144- بشير احمد مهيسر کيانتو مهيسر 145-
نند لعل قادرپور 146- ساڌو مل ولاسائي ڏيپلو 147-
عبدالغفور ڪونڌر خانواهڻ 148- سلميٰ ناز ميمڻ مورو
149- رضوان ميمڻ ٽنڊو محمد خان 150- خليل ميمڻ
ٽنڊو محمد خان 151- عبدالستار مشوري هٽڙي 152-
کينراج چوهاڻ 153- گريش ڪمار راٺي 154- اقبال
شاهاڻي چوهڙپور 155- جاويد انور عباسي نبي آباد
156- اشفاق صديقي گڏيجي 157- رسول بخش چنو
حيدرآباد 158- محمد موسيٰ خاصخيلي شاهپورچاڪر 159-
قربان چوهان سيتا روڊ 160- عبدالوحيد لاڙڪ ڪشمور
161- اسرار جوکيو رتو ديرو 162- عبدالوحيد ملاح
ڪنڊيارو.
ججن جي فيصلي موجب هيٺين مضمون نگارن جا مضمون
پهريون ۽ ٻيو نمبر ڏنا ويا آهن، اهي پنهنجي صحيح
ائڊريس موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.
اختر ملاح ڳوٺ موريو ملاح حيدرآباد.
محمد ايوب کٽي پرائمري اسڪول بدين.
هڪ سؤ رپين جي شاندار ورڇ
گل ڦل خال ڀريو-9 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن. کين هڪ سؤ رپين
جا ڪتاب حضي آهر موڪليا ويندا.
جواب: 1-2 سال. 2- 1961ع. 3- 1809ع. 4- گنج شريف.
5- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي.
محمد قاسم راهمون قاضي احمد.
فيصل عالم ولد فيروز خان بيت الفرخ مير محلو ٽنڊو
محمد خان.
گل ڦل خال ڀريو-11
هڪ سؤ رپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تارخ: 5- فيبروري 1986ع
نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 6- فيبروري 1986ع
گل ڦل خال ڀريو جا هيٺيان اصول ۽ شرط آهن.
هن سلسلي ۾ 16 سالن تائين عمر جا ٻار حصو وڍي سگهن
ٿا.
جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا انهن کي حصي آهر سؤ
رپين جا ڪتاب انعام هڪ غلطي وارن ٻارن کي ڏنا
ويندا. جي هڪ غلطي ۾ به ڪنهن ٻار جو جواب صحيح نه
آيو ته اهو انعام رد سمجهيو ويندو.
گل ڦل خال ڀريو-11
شاهه جهان 3 جنوري ................. سال ۾ پيدا
ٿيو هو.
مارڪو پولو ................. ملڪ ۾ پيدا ٿيو هو.
مولانا محمد علي جوهر ............. شهر ۾ پيدا
ٿيو.
ڪشف المحجوب ڪتاب جو مصنف مشهور اولياء
.............. آهي.
جامع القرآن حضرت ................... کي چوندا
آهن.
موڪليندڙ جو نالو:
پورو پتو: |