سنڌي ڪتاب
هر ٻوليءَ جي جياپي جو دارومدار ان جي ادب تي
هوندو آهي. ڇا توهان پنهنجي ٻولي کي وڌندو ۽
ويجهندو ڏسڻ چاهيو ٿا؟ جي ها؛ ته پوءِ اهو اوهان
جو قومي فرض آهي ته گهڻي ۾ گهڻا سنڌي ڪتاب خريد
ڪريو.
- ادارو
ليکڪ: ملڪ سيف الرحمن
سنڌيڪار: علي حسن عباسي
پڪنڪ
واديءَ ڪاغان جي پهاڙي سلسلي جي هڪ خوش نما دامن ۾
سهن جي چند خاندانن پنهنجو هڪ ڳوٺ ٺاهي ڇڏيو هو.
انهن سهن ۾ مختلف شڪلين ۽ عادتن وارا سها هئا. ڪي
ننڍڙا ننڍڙا ۽ گول مول، ته ڪي وري وڏين اکين وارا
۽ مڇن وارا، ڪجهه ڦڙتيلا ۽ ڪجهه خاموش ۽ اداس
طبيعت، ڪجهه شرارتي ۽ ڪجهه معصوم صورت وارا خاموش
۽ اداس اداسم انهن ۾ ئي ٻه سها تمام گهڻو مشهور
هئا. جو جُو ڏاڍو خوش مزاج ۽ کل مک ۽ ٻيو چون چون
جيڪو ح درجي جو ساڙيلو، خارباز ۽ فسادي هو. ان جي
انهن عادتن جي ڪري ئي ڪوبه هن جو دوست بڻجڻ پسند
نه ڪندو هو ۽ نه ئي پنهنجي ڪنهن پروگرام ۾ هن کي
شامل ڪندا هئا. جو جو راند رون ۽ صحتمند پروگرامن
جو ڏاڍو شوقين هو. ڪڏهن ڊوڙ جو مقابلو ڪرائي رهيو
آهي ته ڪڏهن نچڻ ڳائڻ جو. ڪڏهن گڏجي اک ٻوٽ کيڏي
رهيا آهن ته ڪڏهن ڪشتي مطلب ته ڳوٺ ۾ سڀ جوجو جي
عزت ڪندا هئا. چون چون کي اها ڳالهه بلڪل پسند
ڪانه هئي. ۽ ظاهر آ پسند به ڪيئن ٿي ڪري سگهيو
جڏهن ته هن جو نالو ناپسنديده وارن جي فهرست ۾ هو.
هڪ ڏينهن جو جو کي سير و تفريح جو خيال آيو. ڇو نه
ڳوٺ کان ٻاهر ڪنهن پُر فضا جاءِ ۾ پڪنڪ ملهائي
وڃي.
انهيءَ خيال جو اچڻ جو جو، قسم قسم جا ميوا،
سبزيون، گجرون گوبيءَ جا پن مطلب ته هر اها شيءِ
جيڪا آس پاس جي انساني آباديءَ مان ان کي ملي. هن
کڻي اچي کڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
هڪ ڏينهن جڏهن موسم تمام سٺي هئي ٿڌڙي ٿڌڙي هوا
گهلي رهي هئي. هو پنهنجي ماءُ وٽ ويو ۽ چيائينس،
”م،ون کائڻ جون گهڻيون شيون جمع ڪيون آهن. منهنجي
دل ٿي چاهي ته ڪنهن سٺي جا تي هلي هي سڀ شيون
کائجن. اهڙي طرح سير به ٿي ويندو ۽ گڏجي ويهڻ جو
موقعو به هٿ اچي ويندو.“
جوجو جا ڀائر، ڀينر جيڪي ويجهو ئي ويٺا اها ڳالهه
ٻڌي رهيا هئا. خوشيءَ کان ٽپ ڏئي نچڻ لڳا.
اسان پڪنڪ ملهائينداسين،
گجر گوگڙو کائينداسي،
جوجو ڀاءُ ڳائيندو،
ڏاڍو مزو ايندو،
هو جي هو، هو جي هو.
جوجو جي ڀائرن، ڀينرن چيو، ”امان جيڪڏهن توهان کي
اعتراض نه هجي ته اسان پنهنجي دوستن کي سڏي اچون.“
”ڀلا ان کان سٺي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.“ ماءُ
جهٽ رضامندي ظاهر ڪئي ۽ پروگرام ٺهي ويو. ٻار
خوشيءَ وچان پاڳل ٿي رهيا هئا ۽ ماءُ پيءُ خوشيءَ
۾ نه ٿي ماپيا. اک ڇنڀ ۾ سڀني دوستن کي ٻڌايو ويو
۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڀ سها جوجو جي گهر جي ٻاهران
جمع ٿي ويا.
چون چون حيرانيءَ وچان سڀني کي ڏسي رهيو هو ته سڀ
ڪهڙي خوشيءَ ۾ ايتري مست آهن. پر ڪنهن کي ايتري
واندڪائي ڪٿي هئي جو هن جي سوالن جا جواب ڏئي
سگهن. هن جنهن کان به پڇڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته
ڳالهه ڇا آهي. ته اهو جواب ڏيڻ کان نٽائي ڀڄندو
هليو ٿي ويو. هڪ بيمار ڪراڙو سهو اس ۾ ويٺو هو.
چون چون جي پڇڻ تي ان ٻڌايس ته جوجو انهن سڀني کي
پڪنڪ جي دعوت ڏني آهي.
چون چون جي تن بدن ۾ باهه لڳي وئي. ان ڪري جو هن
کي ته گهرايو ئي ڪين ويو هو. ڪاوڙ مان ڦوڪون هڻندو
ٻوڙن ۾ لڪندي ڏسي رهيو. سڀ سها خوش خوش ٽوڪرا کنيو
وڃي رهيا هئا. جن ۾ ڳارهيون ڳاڙهيون گجرون، صوف،
گوگڙو ۽ نه ڄاڻ ڇاڇا ڀريل هو. هن جي دل ته ڏاڍو
چاهيو پر ڇا پئي ڪري سگهيو. سڀ هليا ويا ته هي به
ٻوڙي مان نڪتو ۽ سوچڻ لڳو ته هاڻي ڇا ڪيو وڃي؟
اهڙي ڪا ترڪيب ڪئي وڃي جو انهن سڀني کي خبر پئي
ته، چون چون کي پڪنڪ تي نه وٺي وڃڻ جو ڪهڙو انجام
ٿيندو آهي! سوچيندي سوچيندي هن کي هڪڙو خيال آيو ۽
خوشيءَ مان ٽپ ڏئي، واهه واهه ڪهڙي ته ترڪيب آئي
آهي، هاڻي ڏسجان سڀن کي ڪهڙو ٿو مزو چکايان. هو
ڪڏي ڪڏي پاڻ کي شاباس ڏئي رهيو هو ته هو ڪيترو
ذهين آهي.
سڀ سها کلندي کلندي ڪڏندي جهنگل جي آخري ڇيڙي جي
طرف وڃي رهيا هئا. جتي گهاٽن وڻن جي هيٺان ٿڌي ۽
مٺي پاڻيءَ جو چشمو هو ۽ ٻيريون هيون.
چون چون لڪندو ڇپندو انهن جي پويان هلي پيو ۽ انهن
جي ويجهو ئي هڪڙي گهاٽي ٻوڙي ۾ لڪي ويٺو ۽ موقعي
جو انتظار ڪرڻ لڳو.
سڀئي سها ڏاڍو خوش خوش ٿئا. ڪنهن اس ۾ قلابازيون
ٿي ڏٺيون ته ڪو وري ڊڪڻ ۾ مصروف هو. پوڙها اس
جهٽيندي گپ شپ ۾ مصروف هئا. مطلب ته هرڪوئي لطف
اندوز ٿي رهيو هو. ايتري ۾ کاڌي جو وقت ٿي ويو.
جوجو ۽ ان جي ننڍي ڀاءُ دسترخوان وڇايو ۽ سڀني
کاڌي ٺاهڻ ۾ انهن جي مدد ڪئي ۽ سڀني کي سڏ ڪيو ۽
ڏسندي ئي ڏسندي سڀ دسترخوان تي جمع ٿي ويا.
چون چون انهيءَ ئي گهڙيءَ جي انتظار ۾ هو. اڃا
ڪنهن پهريون گرهه ئي مس کنيو جو هي ”بگهڙ اچي رهيو
آهي بگهڙ اچي رهيو آهي“ جو شور مچائيندو هو هڪ
ٻوڙي کان ٻئي ٻوڙي ڏانهن ڊڪي وڃي لڪي ويٺو.
هيڏانهن پڪنڪ ملهائڻ وارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ڪو هتي
لڪيو، ڪو هُتي لڪو ۽ جهٽ پٽ ۾ ميدان صاف ٿي ويو.
چون ڇون کل ۾ کيرو لڳو پيو هو هو ليٽي رهيو هو.
ڪهڙي نه ڪاميابي سان سڀني کي ڀڄايم. وڏي فخر سان
سينو تاڻيو آڪڙيو اچي دسترخوان جي ويجهو پهتو.
ڪهڙي شيءِ جيڪا اتي موجود نه هئي. ڇا کاوان ۽ ڇا
نه کاوان. هو انهيءَ سوچ ۾ هو ته هن کي پويان ٿورو
کڙڪو محسوس ٿيو. هن جا ڪن جلدي اڀا ٿي ويا. پوئتي
ڦري جو ڏٺائين ته پنهنجي جاءِ تي بت بڻجي ويو.
ٻوڙن مان سچ پچ بگهڙ پنهنجي ڳارهين اکين سان سهي
کي تڪي رهيو هو ۽ وقفي وقفي سان سامهون واري
چوٽيءَ تي لڏندڙ باز کي به ڏسي رهيو هو. جنهن کان
هڪ ٻن موقعن تي اڳ ۾ به هو شڪار کسي چڪو هو ۽ هاڻي
وري شايد ساڳي صورتحال هئي. ڇو ته سامهون سهي تي
بگهڙ ۽ باز جي نظر هڪ ئي وقت پئي هئي. اها جدا
ڳالهه هئي ته بگهڙ سهي کي ڏسي رهي هو ۽ باز جي نظر
بگهڙ تي هئي جيڪو ڪيترن ئي موقعن تي هن جو شڪار
کائي چڪو هو.
چون چون ڪنڌ جهڪايو بي حس و حرڪت بيٺو هو مگر هن
جون ٽنگون ڏسي رهيون هيون. هو دل ئي دل ۾ دعا گهري
رهيو هو ته جيڪڏهن مان بچي ويس ته عمر ڀر جي لاءِ
پنهنجون خراب عادتون ڇڏي ڏيندس ۽ نيڪ ٿي ويندس.
بگهڙ غرڙاٽ ڪندي چيس. ”ڇو ميان اڪيلو ئي اڪيلو
ايترو کاڌو چٽ ڪري ويندي. کاءُ کاءُ فائدو منهنجو
ئي آهي. ڇو ته جيترو تون متارو ٿيندين اوترو
منهنجو پيٽ وڌيڪ ڀربو.“
هو هوريان هوريان اڳتي اچي رهيو هو ۽ هيڏانهن باز
به جهڙپ لاءِ تيار هو. سامهون کان ايندڙ بگهڙ ۽
مٿان اڏندڙ باز کان بچڻ جي اميد ته هئي ئي ڪانه.
بگهڙ ٻوڙي مان نڪتو ۽ چون چون تي جهڙپي پيو. باز
گهت هنئي ۽ بگهڙ جون اکيون ڪڍڻ لاءِ جهڪيو ۽ ان جي
منهن جي کل اڊڙيندو هوا ۾ مٿي هليو ويو. بگهڙ سور
کان ڪنجهندي هڪ طرف جهڪيو ۽ چون چون تيزيءَ ۾ هڪ
کڏي ۾ وڃي گهڙيو.
باز جهنگل جي طرف لامارا هڻي رهيو هو ۽ بگهڙ لڪندو
ڇپندو پنهنجي غار جي طرف هلي پيو. چون چون کڏي ۾
گهڙيو ڦر ڦر ڏڪي رهيو هو ان جي اکين اڳيان اڃان به
انڌيرو هو. اڃا به ان جا وار اُڀا هئا. هو موت کان
مس مس بچيو هو ۽ اهو سڀ هن جي بدنيتيءَ جو نتيجو
هو نه ئي ٻين لاءِ برو سوچي ها ۽ نه ئي نتيجو هن
جي اڳيان اچي ها.
سهن جڏهن هر طرف خاموشي محسوس ڪئي ته هو لڪندي
لڪندي ٻوڙن کان ٻاهر آيا. چند بزرگ سهن پنهنجي حصي
جو کاڌو کنيو ۽ اهڙين جڳهن تي ويٺا جتان خطري جي
صورت ۾ سڀني کي ٻڌائي سگهن. باقي سها کاڌي تي ڪري
پيا. ٿوري دير پهرين جو خوف هو سو ختم ٿي چڪو هو ۽
هو وري پهرين وانگر کل خوشيءَ ۾ مشغول ٿي ويا.
چون چون جڏهن ڏٺو ته سڀ ٻاهر موجود آهن ته هو به
پنهنجي پناهه گاهه مان نڪرندي شرمندگيءَ واري صورت
۾ سڀني ڏانهن آيو. پر هي ڇا سڀني هن کي ڏسي خوشي
مان، ”چون چون زنده آباد، چون چون زنده آباد.“ جا
نعرا هنيا ۽ گڏجي هن کي ڪنڌ تي ويهاريائون هڪ بزرگ
سهي هن جي ڪنڌ تي ٿڦڪي ڏيندي چيو. ”تو اسان جون
جانيون بچايون آهن. جيڪڏهن تون بر وقت اطلاع نه
ڏين ها ته بگهڙ اسان سڀني کي کائي وڃي ها.“
چون چون شرم کان زمين ۾ گهڙندو ٿي ويو. سڀ هن کي
کاڌي جي پيشڪش ڪري رهيا هئا، پر ڪائي به شيءِ هن
جي نڙيءَ کان هيٺ نه ٿي لٿي. هن منجهندي منجهندي
سڄو قصو ٻڌايو ۽ معافي وٺندي چوڻ لڳو. ”بزرگن سچ
چيو آهي ته جيڪو ٻين لاءِ کڏ کڻندو آهي ان ۾ پاڻ
ڪرندو آهي.“ مان توهان جي لاءِ خراب سوچيو پر مان
خود ايتري خطرناڪ ۽ تلخ تجربي ۾ ڦاسي پيس.
سڀني ان کي معاف ڪيو ۽ کلندي ڪڏندي پنهنجي ڳوٺ
ڏانهن موٽي آيا. اهو ڏينهن ۽ اڄ جو وڏينهن چون چون
برادريءَ جي هر پروگرام ۾ شريڪ ڪيو ويندو آهي.
انهيءَ ڪري جو هن پنهنجون سڀ خراب عادتون ڇڏي
ڏنيون آهن.
امام راشدي نئون ديرو
چالاڪ ڪوئا
پيارا ٻارو! هڪ گهر ۾ تمام گهڻا ڪوئا رهندا هئا.
پاڻ ۾ سڀ گڏجي خوش رهندا هئا. اوچتو هڪ ڏينهن
ٻليءَ کي به خبر پئجي وئي ته ٻيلي هتِ ته ڪو ڪوئن
جو ڌڻ ٿو رهي سو ٻلي اچي ڪوئن پٺيان پئي روز هڪ ٻه
ڪوئو کائي مزا ڪندي هئي. هوڏانهن وري ڪوئن اها
حالت ڏسي ٻه ٽي ڏينهن ته ٻِر کان ٻاهر ئي ڪونه
نڪتا. هيڏانهن وري ٻليءَ کي ڏاڍي پريشاني ٿي ته
ڪوئا مري ويا، يا وري هتان ٽپڙ ٻڌي ويا. ٻلي به هر
روز پئي ٻر جي ڀر سان لڪي ويهندي هئي ته ڪو ڪوئو
نڪري ته کان. هڪ ڀيري هڪ ڪوئو ٻِر کان ٻاهر نڪري
آيو ۽ اچي ٻاهريون سُڌ سماءُ ورتائين. پريان وري
ٻليءَ بيٺي اهو لڪاءُ ڏٺو تنهن کڻي ڪوئي مٿان ٽپ
ڏنو. ويچارو ڪوئو جيڪو واءُ سواءُ لهڻ آيو هو سو
خود شڪار ٿي ويو. آخر ڪوئا به منجهي پيا ته ٻليءَ
مان جان ڪيئن آزاد ڪرائجي. سو پاڻ ۾ ڪوئن هڪ ميٽنگ
ڪوٺائي. جنهن ۾ هنن هڪ اٽڪل تيار ڪئي. پوءِ هڪ
ڏينهن سڀ ڪوئا ٻاهر ٻر مان نڪري اچي بيٺا.
ٻليءَ جو هيترن سارن ڪوئن کي ٻاهر بيٺو ڏٺو ته
ڏاڍي خوش ٿي ۽ پُڇ کي لوڏيندي چپ چَٽيندي اچي ڪوئن
اڳيان بيٺي ٻليءَ سوچيو ته آخر هيترا سارا ڪوئا
اچي ٻاهر ڇو بيٺا آهن. سو ٻليءَ ڪوئن کان پڇيو ته،
”اڙي ڪمبختو! توهان کي ڪهڙي اعزرائيل کنيو آ جو،
منهنجي سامهون خاموش ٿيا بيٺا آهيو.“ اهو ٻڌي سڀني
ٿيا بيٺا آهيو.“ اهو ٻڌي سڀني ڪوئن هڪ آواز ۾ چيو
ته، ”ماسي اسان تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ جو تون
اسان کي کائڻ لاءِ بيتاب آهين“ ٻليءَ چيو توهان
وڏا بدمعاش آهيو منهنجي گهر جي مالڪن جا ڪپڙا ٽُڪي
ٿا وڃو ۽ ڀاڄيون وغيره به کائي ٿا وڃو. سو مالڪن
جي گهر جي حفاظت لاءِ مون کي به حق آهي ته گهر ۾
ڪنهن دشمن کي چَرندو نه ڏسان. اهو ٻڌي ڪوئن چيو ته
اسان سان تون به ٻڌي ڪر ۽ اسان کي گهر ۾ رهڻ ڏي ۽
اسان توکي روز دعوتِ طعام کارائينداسين. خوب کير،
مڇيون ۽ ٻيون گهڻيون شيون به کارائينداسين. اهو
ٻڌي ٻلي به خوش ٿي ۽ ڪوئن کي سختي سان تاڪيد به
ڪيائين ته جيڪڏهن روز دعوت نه کارائيندا ته مان
اچي توهان ۾ ٽاڪوڙا هڻندس ۽ ٻي ٽي ڪوئا روز
کائينديس ڪوئن چيو ته ٺيڪ آ. ته پوءِ ماسي ٻلي
پوءِ سڀاڻي کان تنهنجي دعوت جاري آ. ڪوئا به کلندا
هليا ويا ۽ ٻلي به دعوت لاءِ پَهَه پڇائيندي گهر
آئي. سڀاڻي تي ڪوئن هڪ سٺي دعوت جو بندوبست ڪيو.
ٻلي به آئي ڪوئن ٻليءَ جي ڏاڍي خاطر تواضح ڪئي.
ٻليءَ به خوش ٿي راهي ٿي. آخر ٻلي روز دعوت
کائيندي رهي. هڪ ڏينهن جيئن ئي ٻلي دعوت تي آئي ۽
اچي پلنگ تي ٽيڪ ڏئي ويٺي گهڻي دير کان پوءِ جڏهن
ڪوئن ماني آندي ته ٻلي ڪجهه ڪاوڙيل هئي ۽ منهن
ڪِنو ڪري کائڻ لڳي ۽ ڪوئن کي چوڻ لڳي ته جيڪڏهن
آئنده اهڙي دير ڪيوَ ته پوءِ اوهان جو خير نه
ٿيندو. سمجهوَ. ڪوئن چيو، ”ٺيڪ آ ٺيڪ آ اسان کي
اهي دڙڪا ۽ اکيون ڦوٽاري نه ڊيڄار.“
ڪوئن جو جواب اهڙو بي رخو ٻڌي ڏاڍي خار لڳس ۽ ٽپ
ڏئي هڪ ڪوئي کي چڪ هنيائين، ۽ چوڻ لڳي ته، ”اڙي
ڪوئي، ڪوئي جا پٽ توهان کي ايتري جُرئت جو مون کي
گهٽ وڌ ٿا ڳالهايو ڪوئي وٺي رڙيون ڪيون، ايتري ۾
ٻين ڪوئن کي وارو مليو ۽ سڀ ڪوئا چڙهي ويا ٻليءَ
جي مٿان ٻليءَ کي ڪوئن رانڀوٽا ۽ ڌَڪ وغيره هنيا،
ٻليءَ کان ته ڪوئو ڪري پيو وات مان پر هاڻي ٻلي
جان ڇڏائڻ ۾ اچي ڦاٿي ڏاڍيون رڙيون ۽ کيکراٽ
ڪيائين ڪوئن به اهڙي ته ٻليءَ کي مار ڏني جو ٻلي
وڏي جاکوڙ کان پوءِ جنا ڇڏائي وٺي ڀڳي ۽ اچي گهر
ساهي پٽي. ٻه ٽي ڏينهن ته ٻلي بستري ۾ پئي دوا
ڪرائي. مَس وڃي ٻلي ٺيڪ ٿي. پر ٻليءَ کي انتقام جي
آڳ دل ۾ ڏکڻ لڳي ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان بعد رات جو
چوريءَ ڪوئن جي گهر آئي جتي سڀ ڪوئا ننڊ ۾ سُتل
هئا. ٻلي به آهستي آهستي اچڻ لڳي اوچتي هڪ ڪوئي جي
ٿي اک کُلي وڃي پوءِ ته ڪوئي وٺي رڙيون ڪيون تنهن
تي سڀ ڪوئا سجاڳ ٿيا ۽ اچي ٻليءَ جي مٿان ڪڙڪيا.
ٻلي جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ ته بستري تان اٿي هئي تنهن
کي ويتر ڪوئن اهڙي ته مار ڏني جو ٻلي کان رتُ به
نڪري پيو ۽ رتُ ڳاڙيندي اچي گهر پهتي ۽ ٻه ٽي
ڏينهن ٻيا به سور پچائيندي رهي ۽ پوءِ وري ڪوئن کي
کائڻ جو به خيال ڪڏهن نه آندائين. ائين ڪوئن جي به
جان آزاد ٿي. ٻلي به گهر ڇڏي هميشہ هميشہ لاءِ هلي
وئي.
روئندڙ منارو
ترڪيءَ جي هڪ مسجد ۾ هڪ اهڙو منارو آهي، جنهن جي
چوٽيءَ کان چوويهه ئي ڪلاڪ پاڻي جا قطرا وهندا رهن
ٿا. اتي اڪثر رهواسي ان مناري جو پاڻي پنهنجن گهرن
۾ کڻي ويندا آهن. پنج سؤ سال گذري چڪا آهن. اهو
سلسلو بدستور جاري آهي، اڄ تائين هي راز ڪير به
معلوم نه ڪري سگهيو آهي.
موڪليندڙ: غلام مصطفيٰ سولنگي
بيوس عبدالغني ڪليري
بابا زندهه هجي ها!
”پياري امان. تون، خاموش ڇو آهين، تون سٺا سٺا
ڪپڙا ڇو نه ٿي پائين. هاڻي تون پاڻ ڪم ڇو ٿي ڪرين.
کاڌو به تون ٿي رڌين، ٿانو ۽ ڪپڙا به تون پاڻ ٿي
صاف ڪرين. امان امتيا ڪاڏي ويو آهي، جو اسان جو
کاڌو رڌيندو هو. ۽ مون کي اسڪول ڇڏي ايندو هو. ۽
ها، پوڙهي امان به، نه ڪپڙا ڌوئڻ اچي ٿي. نه وري
ڪپڙن کي استري ڪري ٿي.... ڇو؟“
”پياري امڙ توکي ڇا ٿي ويو آهي جو تون سڄو ڏينهن
اداس ويٺي هوندي آهين.“
امان تون عزيزن وٽ ڇو نه ٿي وڃين. ۽ مائٽ اسان جي
گهر ڇونه ٿا اچن. اڳ ۾ هو، جڏهن به اسان جي گهر
ايندا هئا ته منهنجي لاءِ چاڪليٽ، رانديڪا ضرور
آڻيندا هئا. ڇهه مهينا ٿي ويا آهن ته هو نه آيا
آهن.“
”ها امان اڄ مان بابا جي نوڪر کي ڏٺو هو. اهوئي
مون کي بازار گهمائڻ وٺي ويندو هو. ۽ مون کي هنج ۾
ويهاري پيار به ڪندو هو. امان اڄ مون کي هن نه
کنيو. نه وري پيار ئي ڪيائين. هن مون کي ڏٺو پر
پاسي مان لنگهي ويو ۽ مان هن کي ڏسندو رهيس، هاڻي
هن کي ڇا ٿي ويو آهي جو مون کي سڃاڻي به نه ٿو؟“
”پٽ هن دنيا ۾ ماڻهو، مطلبي آهن. چوندا آهن ته ڪم
لٿو ڊکڻ وسريو، وقت کي سلام آهي. پٽ، جڏهن تنهنجو
پيءُ حيات هو ته هرڪو ماڻهو اسان جو سلامي هو ۽ اڄ
اهي ٽي ماڻهو اسان کي سڃاڻڻ ئي ڪونه ٿا.“
”امان هو جو منهنجو دوست اشفاق آهي نه جيڪو مون
سان گڏ پڙهندو هو. ڪالهه هن جو پيءُ هن لاءِ نوان،
نوان ڪپڙا وٺي آيو هو. ۽ تمام سٺا ڪپڙا امان، نوان
بوٽ به. پياري امڙ هاڻي مون کي به نوان بوٽ وٺي
ڏي. نه تون پاڻ ئي ڏس ته منهنجو بوٽ بلڪل ڇڄي ويو
آهي. ۽ ڪوٽ به پوئين سال جو آهي انهي جي هڪ ٻانهن
به ڦاٽي پئي آهي.“
”امان. جيڪو ماڻهو الله تعاليٰ وٽ ويندو آهي سو
واپس ايندو آهي يا نه؟“
”نه پٽ. ڪير به واپس نه ايندو آهي.“
”امان، ڇا منهنجو بابا واپس نه ايندو؟“
”امان تون ڇو روئين ٿي؟ تون نه روءِ؟ امان.“
”منهنجا جگر مان ڪونه ٿي روئان.“
”امڙ مان ڪالهه گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هوس ته عامر
۽ مختيار ٻئي ڀريل ٿيلهي مان لڏون کائي رهيا هئا.
جڏهن مان هنن جي ڀرسان لنگهي رهيو هوس ته عامر
مختيار کي چئي رهيو هو ته هي ويچارو يتيم آهي هن
کي به لڏون ڏي، دعا ڪندو. مختيار مون کي ٻه لڏون
ڏنا.“
”امان يتيم ڪنهن کي چوندا آهن؟“
”پٽ ڪنهن جو پيءُ يا ماءُ مري ويندو آهي نه ته هن
کي يتيم چوندا آهن.“
”امان هو گهر جو مالڪ توسان جهڳڙو ڇو ڪندو آهي؟“
۽ هو اسان کي گهر مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڇو ڏيندو
آهي، ڇا ان کي تو ٻن مهينن جي مسواڙ نه ڏني آهي...
امان تو مون کي اسڪول جي في به نه ڏني آهي. استاد
صاحب اڄ مون تي ڪاوڙجي ويو هو. ۽ مون کي چوڻ لڳو
ته جي في نه ملي ته تنهنجو نالو ڪڍي ڇڏيندس.“
”امان هاڻي مان ڇا ڪيان. مون کي ته ڪجهه به سمجهه
۾ نه ٿو اچي مان ته مجبور ٿي ويو آهيان.“
”امڙ تون ڇو روئي رهي آهين؟“
منهنجا پٽ منهنجي جان تون فڪر نه ڪر. سڀ ٺيڪ ٿي
ويندو. اڄ سڀاڻي خدا جو فرشتو اسان جي گهر ايندو ۽
اسان جي لاءِ گهڻا پئسا کڻي ايندو. ۽ پوءِ مان
تنهنجي لاءِ نوان نوان ڪپڙا ۽ نوان بوٽ وٺي ايندس.
۽ تنهنجي اسڪول جي في. مالڪ مڪان کي به مسواڙ
ڏيندس ۽ پوءِ به اسان وٽ گهڻي رقم بچي پوندي.“
”امان اسان کي ايترا پئسا ڪير ڏيندو؟“
”پٽ ايترا پئسا اسان کي مسلم انشورنس ڪمپني وارا
ڏيندا. ڪالهه هڪ ماڻهو ڪاغذ ڀرائي کڻي ويو آهي. هو
ڪمپني جو ماڻهو هو. ڪمپني ۾ تنهنجي پيءُ زندگي جو
ويمو ڪرايو هو.“
جڏهن ڪمپني جو نمائندو تنهنجي پيءُ وٽ آيو هو. پر
مان هن جي زندگيءَ جي ويمي جي سخت خلاف هيس. خدا
جيئن نه ڪري جو هن کي موت نه اچي ها. خدا مون کي
اهي پئسا نصيب نه ڪري ها. جو هن جي زندگي جي بدلي
نه ملن ها. نه ڄاڻ تنهنجي پيءُ مون کان چوري ويمو
ڇو ڪرايو؟“
”جڏهن تنهنجي پيءُ وفات ڪئي ۽ پوءِ به مان ڪمپني ۾
هن جي مرڻ جو اطلاع نه ڏنو. پر تنهنجي چاچي اهو
راز کوليو ۽ ڪمپني وارن کي هن جي مرڻ جو اطلاع
ڏنائين.“
”(مرحوم پنهنجي زندگي ۾ به اسان جو ڪيڏو خيال
رکندو هو. پر مرڻ کان پوءِ به اسان کي نه وساريو
اٿئين. ڪيترو نه سٺو هو تنهنجو پيءُ.“
”خدا سڀني کي اهڙا پيءُ ڏئي. جيئن تنهنجي پيءُ
هو.“
”امان سڏڪا ٿي ڀرين. امان نه روءِ. منهنجي جيجل نه
روءِ.“
”پُٽ اچي منهنجي جهوليءَ ۾ ويهه.“
”ڇا تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها. منهنجا لعل نه روءِ.“
”امان بابا هجي ها ته نوان ڪپڙا، نوان بوٽ، اسڪول
جي في، گهر جي مسواڙ جلد ڏيئي ها.
ڪاش منهنجو بابا زندهه هجي ها. |