ٽهڪڙو
سپاهي: (جوابدار کي) ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
جوابدار: سائين ديوانو.
سپاهي: ۽ پيءُ جو نالو؟
جوابدار: مستانو
سپاهي رهين ڪٿي ٿو؟
جوابدار: سائين ڳوٺ ڌڱاڻو.
سپاهي: ته پوءِ هل، گهمايانءِ ٿاڻو.
امتياز منگي
سنڌيڪار پرويز محمد اسلم لغاري
بادشاهه جو حڪم
مشهور فاتح سلطان محمود غزنوي، جيڪو اياز کي تمام
گهڻو ڀائيندو هو، اياز سندس قديم درٻارين مان هڪ
هو. ٻين درٻارين کي اياز تي ڏاڍو حسد هو ۽ هو اڪثر
ڪري سوچيندا هئا ته اياز ۾ ڪهڙي خوبي آهي. جنهن جي
ڪري بادشاهه کيس ايتري عزت ڏئي ٿو. هڪ ڏينهن
درٻارين مان ڪنهن بادشاهه کان پڇيو ته ”توهان کي
اياز سان ايترو پيار ڇو آهي؟ اُن ۾ ڪهڙي خوبي آهي،
جو اوهين اُن تي ايڏا مهربان آهيو.“ بادشاهه چيو
ته ”ٺيڪ آهي، ٻڌايان ٿو ته اياز ۾ ڪهڙي خوبي
آهي!؟“
بادشاهه هڪ بهترين لال گهرايو ۽ ان سان گڏ هڪ
هٿوڙي به، پوءِ وڏي وزير کان پڇيائين، ”ٻڌائي ته
هن موتيءَ جي قيمت ڇا آهي؟“ وزير چيو ته، ”هن جي
قيمت هڪ لک روپين کان به زياده آهي.“ ”منهنجو حڪم
آهي، ته هن کي ٽوڙيو وڃي“، وزير چيو ته توبهه
توبهه!! ايتري وڏي قيمت وارو موتي آئون ڪيئن ٿو
ٽوڙي سگهان. بادشاهه چيو منهنجو حڪم مڃ ۽ هن کي
ڀڃي ڇڏ“، وزير چيو ته ”جناب ايترو قيمتي موتي آئون
ڪڏهن به نه ڀڃيندس“
بادشاهه اُن جي بيحد واکاڻ ڪئي ۽ ان کي تمام گهڻو
انعام ۽ قيمتي ڪپڙا ڏنائين، پوءِ هڪ، هڪ وزير کي
بادشاهه گهرايو، هرهڪ کي ائين چوندو رهيو ته هن
موتي کي ٽوڙيو، هرهڪ انڪار ڪيو ته اهڙي قيمت واري
موتي کي اسين نه ٿا ٽوڙي سگهون. اُن کان پوءِ
بادشاهه مشهور درٻاري اياز کي گهرايو ۽ موتي
ڏيکاري پڇيائينس، ”ٻڌاءِ ته هن جي قيمت ڇا آهي؟“
اياز چيو ته، ”لک کان به زياده،“ بادشاهه هٿوڙي
ڏيئي چيس ته، ”هن موتي کي ڀڃي ڇڏ،“ اياز يڪدم
هٿوڙي ورتي ۽ هڪ ئي وار سان موتي کي ذرڙا، ڊرڙا
ڪري ڇڏيائين. اها، حالت ڏسي، سڀئي حيران رهجي ويا،
درٻار ۾ گوٽ ۽ شور مچي ويو، ته هن هي ڇا ڪيو؟
اياز کي سڀ چوڻ لڳا ته هن کي ڪهڙي جرئت ٿي، جو هن
موتي کي ٽوڙيو. اياز جواب ڏنو، ”بيوقوف! بيڪار
حرڪت توهان ڪئي آهي، منهنجي نظر ۾ موتي جي قيمت
کان بادشاهه جو حڪم، هزار دفعه وڌيڪ آهي، توهان
بادشاهه جو حڪم نه مڃيو آهي، اهڙا هزار موتي
بادشاهه جي حڪم تي قربان ڪري ڇڏيان.“
بادشاهه چيو ته هاڻي توهان کي خبر پئجي ويئي ته
اياز ۾ ڪهڙي خوبي آهي. جيڪا توهان مان ڪنهن ۾ به
نه آهي.
سڀئي درٻاري شرمندا ٿيا ۽ هو اياز سان وڌيڪ محبت ۽
پيار ڪرڻ لڳا، وري ڪڏهن به ساڻس حسد نه ڪيائون.
اختر ملاح مضمون-1
سلسلو-9
چانڊوڪيءَ رات ۾ درياءُ جو سير
قدرتي نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ انسان جي فطري
تقاضا آهي. جنهن جي ماڻڻ ڪاڻ ڪڏهن هو جبلن ۽ پهاڙن
جو سير ڪري ٿو ته ڪڏهن جهنگلن ۽ باغن جو سير ڪرڻ
لاءِ ويندو آهي، ۽ ڏاڍو گد گد ٿيندو آهي، ليڪن
چانڊوڪي رات ۾ درياءُ جي سير مان جيڪو لطف ۽ جيڪا
خوشي حاصل ٿئي ٿي. ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. چنڊ
جڏهن پنهنجي مقرر ڪيل تاريخن تي رات جي وقت آسمان
تي آب و تاب سان اڀري روشن ٿي بيهندو آهي ته
چانڊوڪي سان پوري ڪائنات کي من جيان اڇو اجرو ڪري
ڇڏيندو آهي. رات جي ڪاراڻ چنڊ کي پنهنجي گود ۾ وٺي
لولي ڏيندي آهي. ان ساعت چنڊ جو عڪس پاڻيءَ ۾ پاڻ
مرادو تصوير ٺاهيندو آهي. جيڪو ان مهل ڪنهن شاعر
جي تخيل جو حقيقي روپ ڌاري چٽو چتر ٿي پوندو آهي.
چانڊوڪي رات درياءُ جون لهرون شاهه ڀٽائيءَ جي سُر
سامونڊي جون لاتون لنوڻ شروع ڪري ڏينديون آهن. چنڊ
جيڪو شاعر جي تشبيهه ۽ ان جي سهائي جي علامت آهي،
حُسن ۽ جماليات جي جزن جو، ان جو اُڀرڻ ۽ ڪائنات
کي جڳ مڳ ڪرڻ فطرت جي چٽي چترڪاري آهي. چنڊ جي
روشني درياءُ جي لهرن سان پريم ونڊيندي آهي ته
ائين محسوس پيو ٿيندو آهي، ڄڻ درياءُ تي چانڊوڪيءَ
جي نانءُ هلي رهي هجي. ان مهل دل چوندي آهي ته ان
ناؤ (ٻيڙي) ۾ ويهي درياءُ شاهه جو سير ڪجي. ڪنارن
تي ساوڪ ۾ بيٺل وڻن تڻن سان رهاڻ ڪجي. چانڊوڪي
رات، سا به درياءُ تي! سچ ته سک ۽ امن جي علامت
بڻجي من درين ۾ جهومڻ لڳي ٿي. مٿان وري ٿڌڙي ٿڌڙي
هير من کي لڳندڙ من کي مست بڻائي ڇڏي ٿي. درياءُ
جيڪر ڏينهن جو گجگوڙ سان جنگ جي علامت بڻجي وهندو
آهي ته هو رات سمي مانار ۾ اچي، جڏهن چانڊوڪيءَ
سان رهاڻ رچائي ٿو. تڏهن دل چاهيندي آهي ته سدا
لاءِ چانڊوڪيءَ جي ڇانوريءَ ۾، درياءُ جي سنهري
لهرن تي، مرڪندڙ هوائن جي آڌار تي سک ۽ امن آشتيءَ
جي سيج وڇائي، عمر گذاري ڇڏجي ۽ چانڊوڪي سدائين
هجي، درياءُ سدائين وهندو رهي ۽ سير سدائين ٿيندو
رهي، جيڪو سفر جي صورت اختيار ڪري، منزل از منزل
تي پهچائي، جيڪا جاکوڙ سان حاصل ڪئي ويندي آهي.
محمد ايوب کٽي
مضمون-2
سلسلو-9
چانڊوڪي
رات ۾ درياءُ جو سير
قدرتي نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ انسان جي فطرتي
تقاضا آهي. ڪڏهن هو جبلن ۽ پهاڙن جو سير ڪري ٿو ته
ڪڏهن باغن جهنگلن ۽ دريائن جو سير ڪرڻ لاءِ ويندو
آهي. ۽ ڏاڍو خوش ٿيندو آهي. ليڪن چانڊوڪي رات ۾
درياءُ جو سير مان جيڪو لطف ۽ جيڪا خوشي حاصل ٿئي
ٿي ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. چنڊ جڏهن پنهنجي
مقرر ڪيل جاءِ تاريخن تي رات جي وقت آسمان تي جنهن
جلوي ۽ آب و تاب سان اڀري روشن ٿي بيهندو آهي ته
چنڊ جي اهڙي روشنائي کي چانڊوڪي چئبو آهي.
چانڊوڪي هڪ صاف ۽ ٿڌي روشني آهي. جيڪا انسان جي
اکين کي آرام، دل دماغ ۽ روح کي راحت بخشيندي آهي،
۽ اها انسان جي طبيعت کي گهڻو پسند ايندي آهي.
چانڊوڪي رات ۾ سير ڪرڻ لاءِ سڀ کان بهتري جاءِ
درياءَ جو ڪنارو آهي. ڇو ته درياءَ جو وهڪرو
چانڊوڪي ۾ نهايت سانتيڪو ۽ ماٺيڻو نظر ايندو آهي ۽
چنڊ جو عڪس پاڻي ۾ هڪ عجيب نظارو پسائيندو آهي.
ڄڻڪ درياءَ جي اندر چاندي جو گولو پيو ٻري. ان
موقعي تي درياءَ ۾ رهندڙ جانور به عجيب خوشي ۾ پيا
ٽپا ڏيندا آهن ۽ رکي رکي هڪ اهڙي فرحت بخش ٻولي
ٻوليندا آهن، جو دل جهومي اُٿندي آهي. هونئن به
چنڊ جي چانڊوڪي ۾ انسان جي دل جهومڻ ۽ خوش ٿيڻ
لڳندي آهي. دريائن جي ڪنارن تي، وڻ ٻوٽا ۽ ان ۾
رهندڙ پکي پکڻ به ان سوجهري واري رات ۾ عجيب
ٻوليون ٻوليندا آهن. چانڊوڪي رات ۾ ائين محسوس
ٿيندو آهي ته گوي قدرت طرفان زمين تي چاندي ڇڻڪي
ويئي آهي ۽ هر شيءِ جو رنگ کير جيان اڇو ۽ چاندي
جيان چمڪندو رهي ٿو. چانڊوڪي رات ۽ بهار جي موسم
هجي ته پوءِ گويا سون تي سهاڳي جو ڪم آهي ۽ جيڪڏهن
ان موقعي تي ٻيڙي به ميسر ٿئي ته پوءِ ته واه، واه
ٿي وڃي، جهنگل ۽ بيابان ۾ چانڊوڪي رات ۾ ڏاڍو مزو
هوندو آهي.
ماڪن شاهه رضوي اچو ته سنڌ گهمون
لاڙ جو سير
پيارا ٻارو!
سونهاري سنڌ، ساري دنيا جي، سرسبز و شاداب ۽
خوشحال خطن مان هڪ آهي. هي سون سريکي، سرزمين پنجن
مکيه حصن تي پکڙيل آهي. ٿر، اُتر، لاڙ، وچولو ۽
ڪوهستان/ٿر بابت اوهان کي اڳ ۾ ٻڌائي چڪا آهيون ۽
اڄ اوهان کي لاڙ بابت ٻڌايون ٿا.
ٻارو! لاڙ مان مراد، لڙيل يا جهڪيل اهي. هن جو
مطلب ته هيٺاهون علائقو يعني لاڙ، جو حصو هيٺاهون
آهي. لاڙ ٻن ضلعن تي پکڙيل آهي. هڪ ضلعو بدين ۽
ٻيو ضلع ٺٽو. ضلع بدين ۾ چار تعلقه، ٽنڊوباگو،
بدين، ماتلي ۽ گولاڙچي آهن، ۽ ٺٽو ضلع، سجاول،
جاتي، شاهبندر، ٺٽو وغيره تي مشتمل آهي، لاڙ جي
زمين ڪلراٺي آهي، هتي جا ماڻهو، محبتي، سادا ۽
مهمانواز آهن. لاڙ ۾، ڪمند، ساريون سورج مکي ۽
ٽماٽي جو فصل جام ٿيندو آهي. ڪمند جون ڪيتريون ئي
مکيه جنسون آهن ۽ سارين ۾ وري رتڙيا، گنجا، موتيا،
ايري 6 ايري 8 مشهور جنسون آهن. هاڻي ته هن ڌرتي
تي الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ نوازشن جي ڪري، بدين لڳ،
پيٽرول ۽ گيس جا اڻ کٽ ذخيره به ظاهر ٿيا آهن.
جنهن جي ڪري سنڌ ۽ پوري پاڪستان ۾ لاڙ کي اهم
حيثيت حاصل ٿي آهي. لاڙ ۾ آبپاشي جي لاءِ، واهن جي
ڄار وڇايل آهي. جن ۾ چينل، ڦليلي، جنهن کي گوني به
چون. مولچند، شادي لارج، بهادر واهه، باگو واهه
وغيره مکيه آهن.
انهي کان سواءِ هتي ڪينجهر ڍنڍ به آهي، هي ڍنڍ،
سنڌ جي تاريخ ۾، اهم حيثيت رکي ٿي. نوري ڄام تماچي
جو داستان به هن ڍنڍ سان واسطو رکي ٿو. دنيا جي
عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن به، هن
ڍنڍ کي پنهنجي لافاني ڪلام ۾ شامل ڪري، امر بڻائي
ڇڏيو آهي. ڪراچي شهر کي به هتان پاڻي ملندو آهي،
پاڻيءَ جي گهڻائي سبب هتي مڇي جي پيداوار گهڻي ٿئي
ٿي- ڪُرڙو، ٿيري، موراکو، مُنڍو ۽ چرڪو، مڇي جون
خاص جنسون آهن، جي هتي عام جام ٿين ٿيون. ڪينجهر
ڍنڍ کان سواءِ، ٻُهري واري ڍنڍ ۽ سانگي ڦراهي جي
ڍنڍ مان به مڇي مرندي آهي. مڇي کان سواءِ، پٻڻ،
بِهه، پُوڻي، لوڙه ۽ ڪُم، به ڍنڍن جي ڪري جام ٿين
پٻڻ، لوڙه، ڪُم هڪ طرح سان ڍنڍ جو ميوو آهن، جي
ماڻهو شوق سان کائيندا آهن، ۽ بِهه ٻوڙ ڀاڄي ٺاهڻ
۾ ڪتب ايندو آهي.
لاڙ ۾ ڪمند جي گهڻي پيداوار سبب، حڪومت پاڪستان
هتي کنڊ جي ڪارخانن تي، خاص ڌيان ڏنو آهي. کوسڪي،
تلهار، ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ شيخ ڀرڪيو ۾
کنڊ جا ڪارخانا آهن. جڏهين ته ٽنڊي غلام علي ۽
پنگريه ۾ کنڊ جا نوان ڪارخانا ٺهن پيا. لاڙ جيئن
ته کنڊ پيدا ڪرڻ ۾ ٻين علائقن کان گهڻو اڳتي آهي
انهي ڪري هن کي مٺو ملڪ چوندا آهن.
لاڙ جي سرزمين سنڌ جي تاريخي اهڃاڻن سان سينگاريل
آهي. ڪينجهر ڍنڍ کان سواءِ، مڪلي جو جڳ مشهور
قبرستان ۽ ٺٽو شهر تاريخي هنڌ آهن. انهيءَ کان
سواءِ روپاه ماڙي جا کنڊر مشهور دلير دودي سومري
جي ياد ڏيارين ٿا.
خيرپور گنبو ڳوٺ کان ڇهه ميل اتر طرف، جهڏي ڏانهن
ويندڙ رستي تي، هيمون راٺوڙ جو تلاءُ، ۽ ڪبير شاهه
جي قبر به، تاريخي نشانن مان هڪ آهن. لاڙ ۾ الله
وارا ۽ درويش به گهڻي تعداد ۾ آرامي آهن. جن ۾،
شاهه قادري رح، سمن شاهه سرڪار، ساجن سوائي، غلام
شاهه. شاهه عتيق، شاهه ڪريم رح، جيڪو لطيف سائين
جو ڏاڏو آهي، دفن آهن. انهن درگاهن تي سالانه ميلا
به لڳندا آهن. جن ۾ ٻين سان گڏ ٻارن جي وندر خاطر،
جهولا، چڙيا گهر ۽ سرڪس وغيره جا تماشا به ڏسبا
آهن.
لاڙ ۾ وڏا شاعر ۽ اديب به ٿي گذريا آهن، ته ڪي وري
نئين نسل جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ اڃان به پاڻ
پتوڙين پيا.
سنڌ جو مشهور شاعر مرحوم مولوي احمد ملاح به لاڙ
جو رهاڪو هو. هي پهريون شاعر آهي جنهن قرآن مجيد
جو منظور سنڌي ترجمو ڪيو جنهنڪري سنڌي زبان کي،
اهو فخر حاصل آهي ته دنيا ۾ قرآن پاڪ جو، پهريون
ترجمو، سنڌي زبان ۾ ٿيو.
انهي کان سواءِ، موجوده شاعرن ۾ محمد خان مجيدي،
سرويچ سجاولي، جگر بدينوي، مبين پنائي، واجد ناز،
غلام احمد بيدم، گل هيسباڻي، ابراهيم ڪهيري ۽ نياز
پتافي مشهور آهن، جڏهن ته اديبن ۾ شيخ محمد سومار،
محمد صديق مرهم ۽ بلبل مينڌرو جا نالا اچن ٿا.
پيارا ٻارو!
الله تعاليٰ کان دعا آهي ته شل اسان جو ديس سدائين
سرسبز ۽ سرهو هجي. سندس وک وک آباد قدم قدم شاد
هجي. انشاء الله اوهين، جيڪي اڄ ننڍا آهيو، سڀان
وڏا ٿي، هن ملڪ جي تعبير ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻي
ڪوشش ڪندا، ڇو ته اوهين ايندڙ وقت جا رکوالا ۽
رهبر ٿيندا.
سائين سدائين ڪرين،
مٿي سنڌ سُڪار،
دوست تون دلدار،
عالم سڀ آباد ڪرين.
(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿورن سان.)
|