ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارو،
سال 1985ع جو سورج 31- ڊسمبر جي شام جو آخري ٽٻي
هڻي، وري 1- جنوري 1986ع تي صبح جو سوير ڳاڙهسري
روشني ڌرتي تي پکڙيندو نروار ٿيو آهي. 85- سال
اسان کي ڇا ڏنو ڇا ورتو. تنهن کي درگذر ڪري، صرف
ڌڻيءَ در اهائي دعا ٿا گهرون ته هي نئون سال اسان
جي ملڪ لاءِ سڀاڳو ٿئي ۽ هر ديس واسي جي اکين ۾
لڙڪين بجاءِ مرڪون آڻي.
ٻارؤ، توهان به نئين سال سان واعدو ڪريو ته توهان
نقل ٿيل مواد ڪونه موڪليندو، ڇو ته اسان وٽ ٽي حصا
مواد نقل ٿو اچي. جيڪا چڱي ڳالهه ڪانهي ڪا، ٿورو
گهڻو پنهنجو لکو ته سٺو، ڇو ته نقل ڪندڙ ماڻهو
ڪڏهن به ڪجهه پرائي نه سگهندو آهي، اسان، ڇو ته
نقل ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به ڪجهه پرائي نه سگهندو آهي،
اسان جا دستوري ڪالم آهن ئي انهيءَ لاءِ ته اوهان
۾ جيئن لکڻ جي سگهه پيدا ٿئي، توهان لکندا رهو ۽
اهو وقت ضرور ايندو جڏهن توهان پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ
جا سٺا ليکڪ ٿيندؤ.
ٻارؤ، اهو ضروري نه آهي ته سڀ ٻار ليکڪ هجن، پر
اهو اوهان جو فرض آهي ته پنهنجي ٻوليءَ کي وڌائڻ
لاءِ ان ٻوليءَ ۾ ڇپيل معياري ادب پڙهندا ڪريو،
جيئن اوهان جي ڄاڻ ۾ واڌارو اچي.
ٻارؤ، جيڪڏهن ڪنهن ٻيءَ ٻولي ۾ لکيل ڪهاڻي اوهان
کي سٺي ٿي لڳي ته اها ان مصنف جي نالي سان گڏ
ترجمو ڪري موڪليو. سال 1986ع جو ڪلينڊر دستور موجب
هن سال به رسالي ۾ شامل آهي. جنهن جا ڪابه ڌار
قيمت ڪانهي ڪا. بوڪ اسٽال تان رسالو خريد ڪرڻ وقت
ڪلينڊر وٺڻ نه وسارجو. سڀني ٻآرن کي نئين سال جون
واڌايون هجن.
چڱو ساٿ سلامت
اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي
الحاج رحيم بخش ”قمر“
لطيفي لات
دنگي وچ درياء، ڪين ٻڏي ڪين تري،
هو جي واڍي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا،
متي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
ڀٽائي گهوٽ رحمت الله عَليہِ جن جو، ڀلارو بيت،
سندن رسالي مبارڪ جي سُر، ”سريراڳ“ تان ورتو ويو
آهي.
سمجهاڻي:
شاهه صاحب جن، ملاح کي خبردار ڪندي، ٻڌائين ٿا ته
اي ملاح تنهنجي ٻيڙيءَ ۾، فرنگي يعني دريائي
ڌاريان چور اچي چڙهيا آهن. ان ڪري اي ٻيڙيءَ وارا.
انهن چورن جو خيال رکج، کين سڃاڻي پنهنجيءَ ٻيڙيءَ
مان لاهي ڇڏ. اي ناکئا! جيسين تائين ٻيڙيءَ کي پتڻ
تائين نه پهچائين تيسين تائين، خبردار ٿي ۽ ننڊ
هرگز نه ڪج.
معنيٰ:
دنگي
= ٻيڙي، ڪشتي. اُپڙي
= تري واڻي مان منهن ٻاهر ڪڍي. واڻيا
=
جوڙيا، ملايا. سونهڻ
=
ڪاٺ جون ڪليون. ڦلنگي يا فرنگي
=
دريائي چور. ملاح
=
ٻيڙيءَ هلائڻ وارو. ڍينگ
=
وڏا وڏا! پربت جيڏا بحري جهاز. ڍريا
=
ڍرڪي پيا، غرق ٿي ويا.
شاعري
نثار بزمي
اعلان
اسلام جو هر جاءِ تي اعلان ڪنداسين،
هن راهه ۾ سر ساهه کي قربان ڪنداسين.
شهزور ۽ شهباز اسين اڳ ۾ ئي آهيون.
آئي جي مٿان مهل ته ميدان ڪنداسين.
الله جي رحمت جو سهارو آ اسان کي،
دردن جو اسين پاڻ ئي درمان ڪنداسين.
هن ديس جي ڌرتيءَ سان محبت آ اسان کي،
مرنداسين مگر ان جو مٿي مان ڪنداسين.
عظمت آ محمد جي غلامن جي نرالي،
ڪافِر کي سبق ڏيئي مسلمان ڪنداسين.
ناموسِ وطن لاءِ اسين ڇا نه ڪنداسين،
حرِفت سان حڙيفن کي به حيران ڪنداسين.
مشڪل يا مصيبت کان اسين ڪونه ڊڄون ٿا،
مشڪل کي اسين عزّم سان آسان ڪنداسين.
محنت سان ملي مان ٿو انسان کي ”بزمي“
همت سان اسين بَرَ کي به بُستان ڪنداسين.
ادل سومرو
پڪوڙائيءَ جو هوڪو
منهنجي هٽَ تي ڊوڙي آءُ،
ڪڙڪ پڪوڙا وٺي کاءُ.
گيهه ۾ آءٌ تريندو آهيان،
سڀ کان سستا ڏيندو آهيان،
ٻن روپين ۾ پورو پاءُ،
ڪڙڪ پڪوڙا وٺي کاءُ.
مرچ پٽاٽي واڱڻ وارا،
شوق منجهان ٿو ٺاهيان سارا،
جدا جدا سڀني جو ساءُ،
ڪڙڪ پڪوڙا وٺي کاءُ.
ٻار ٻڍا ۽ جوان ٿا کائن،
کائي منهنجا ڳُڻ ٿا ڳائن،
وريو آ منهنجي بخت جو واءُ،
ڪڙڪ پڪوڙا وٺي کاءُ.
منهنجا پڪوڙا آهن مشهور،
کائي وساري ڪوبه نه مُور،
تون به چهر ڪر منهنجا ڀاءُ،
ڪڙڪ پڪوڙا وٺي کاءُ
ذوالفقار سيال
گدڙ ۽ انگور
هڪ هو گدڙ
ناناءُ جو ڦندڙ
ڏاڍو هوندو
هو مغرور
وڻدا هئس
مٺا انگور
هڪڙي باغ ۾
ايندو هو، هُو
ڀڀ ڀري پو
ويندو هو، هُو
باغ جي مالهي
اٽڪل سوچي
ٻڌي ڇڏيائين
ول به اوچي
آيو گدڙ
ڪونه پڳو هو
هيڏي هوڏي
خوب ڀڳو هو
ويندي ويندي
هي چيائين
آئون نه کاوان
ٻارو مور
کٽا سارا
هي انگور
عبدالمالڪ شاهه
ڪاغذ جو گل
ڪاغذ مان ٺهيل هڪ گل ڏٺم،
اوچتو هلي هن کي سنگهيم. |
ان مان عجب لڳو مون کي،
ان ڪاغذي گل کي چيم. |
|
|
اي کِليل خوشنما گل جي مثل،
عجب جهڙو ڪو ورتو تو. |
جاءِ ڏني توکي مٿي تي،
هن حسين و جميل ڇوڪري. |
|
|
هتي تنهنجي ته جاءِ نه آهه،
هي جاءِ تنهنجي لاءِ به نه آهه. |
ڪاغذي گل کِلي مون کي چيو،
هن ۾ ڪهڙو عجب توکي آهه. |
|
|
جيڪڏهن خوشبو مون ۾ نه آهه،
گل جيان حسن و زيبائي مون ۾ به آهه.
امتياز علي شاهه عبدو
غزل
سُندر سهڻا سنهڙا مٺڙا پنهنجي ديس جا ٻار،
جرئت همت وارا ننڍڙا پنهنجي ديس جا ٻار.
تارن وانگر ٽمڪن ٿا هي، ڌرتيءَ جا ته ستارا،
گهر جي زينت آهن گلڙا پنهنجي ديس جا ٻار.
روپ نرالو آهي تن جو، منهن ۾ تن جي مڻيا.
هوشو دودي دولهه جهڙا پنهنجي ديس جا ٻار.
اَمڙين جا ته پيارا آهن، اکڙين جا هي تارا،
ويس ته پهرن ڪهڙا ڪهڙا، پنهنجي ديس جا ٻار.
مقصود گل
پالش وارو ٻالڪ
پالش وارو آهيان ڪاڪا پالش وارو آهيان،
ننڍڙن هٿڙن سان ٿو ڪاڪا بوٽ وڏا چمڪايان.
آهه ”بلاسم چيريءَ“ واري پالش ڏاڍي پياري،
”ڪي وي“ پالش ڀي آه جڳ ۾ ڏاڍي نالي واري،
جيڪا چئو مان سائي پالش بوٽن کي ته لڳايان.
پهريون صاف ڪري مان جوتا پالش پوءِ هڻان ٿو،
نازڪ برش کڻي پوءِ ان کي رڳڙو ڏئي رڳڙيان ٿو،
آخر ۾ ڪپڙي سان مهٽي ان کي مُن بڻايان.
جيڪو منهنجي محنت ڏسندو راصي مون تي ٿيندو،
آڌيءَ هڪ جي عيوض مون کي روڪ سو ڏيندو،
ڏاڍي محنت سان ٿو مان ڀي جوتن کي جرڪايان.
بابو منهنجو ٻيڙي ڇڪي ٿو آهي مڙس موالي،
بيماريءَ ۾ کڳهندي، کڳهندي، کيسا ٿي ويس خالي،
سارو ڏينهن ڪمائي ٿو مان، سارو خرچ هلايان.
صبح جو ساجهر ويندو آهيان مڪتب ڏي روزانو،
علم وڏي آ دولت ٻارو آهي خوب خزانو،
علم پرائڻ خاطر هر دم ويٺو درد پرايان.
هرهڪ ٻالڪ جي لئه جڳ ۾ آهي علم ضروري،
آس اٿم هي علم پڙهيان مان آس ٿئي شل پوري،
گرمي سرديءَ ۾ محنت کان مور نه ٿو گهٻرايان.
پالش عيب نه آهي ٻارو محنت آ مرداني،
محنت واري کي گهٽ سمجهڻ آهه وڏي ناداني،
همت، محنت ڪوشش سان گل منزل آخر پايان.
غلام محمد لاکو
مخدوم نوح هالائي
سنڌ سونهاري جڏهن اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿي، تڏهن
هتي به صوفي، درويشن ۽ بزرگن جو اچڻ وڃڻ شروع ٿيو.
ان سان گڏ خود سنڌي ماڻهن به رياضت ۽ عبادت توڙي
علم عرفان ذريعي، دنيا ۾ پنهنجو خاص مقام پيدا ڪري
ورتو. ان ڏس ۾ پهريون نالو شيخ بو علي سنڌيءَ جو
ورتو وڃي ٿو.
سنڌ جي تاريخ پڙهندي اسان کي، گذريل چوڏهن صدين “
پيدا ٿيل صوفين جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو نظر اچي ٿو.
هنن بزرگن، شعر و سخن توڙي علم ادب ذريعي، سنڌي
سماج جي خدمت سان گڏ، انهن جي جاڳرتا لاءِ به وڏو
ڪردار ادا ڪيو. هن سڳوري سرزمين اهل حق ۽ سچ وارن
کي وڏي تعداد ۾ جنم ڏنو آهي. اهڙن عالمن ۽ اهل دل
بزرگن ۾ مخدوم نوح هالائي کي وڏو دخل حاصل آهي.
مخدوم صاحب سن 911هه ۾ پراڻن هالن “ صديقي خاندان
۾ پيدا ٿيا. پاڻ ٽن سالن جي عمر جا هئا ته، سنڌ جو
آزاد ۽ ڀلارو حاڪم ڄام نندو فوت ٿيو. ان بعد سنڌ
جي نڀاڳ جي شروعات ٿي. هاڻي ارغونن ۽ ترخانن جو
دور آيو. جڏهن مخدوم صاحب سن 998هه ۾ وفات ڪئي،
تڏهن هي ملڪ اڪبر اعظم جو لشڪر فتح ڪري رهيو هو.
ان بعد سنڌ هڪ سو سالن لاءِ دهليءَ جي تابع رهي.
مخدوم صاحب جو زمانو، سنڌ جي ڏکن ۽ مصيبتن جو
زمانو آهي. سنڌي ماڻهو، حڪمرانن جي ظلمن، ڏاڍاين ۽
گهرو لڙاين ڪري ڪافي پريشان هئا.
اهڙي ظلم ۽ بربريت واري زماني ۾، مخدوم نوح نه رڳو
سنڌين جي ڦٽيل زخمن ۽ ڏکويل انسانن جي داد رسيءَ
لاءِ ڪوشش ڪئي، پر ان سان گڏ پاڻ روحاني رمزن
ذريعي، ماڻهن جي ديني ۽ اخلاقي تربيت به ڪري رهيا
هئا. مخدوم صاحب پنهنجي دور جو فارسي، سنڌي ۽
عربيءَ جو وڏو عالم فاضل انسان هو. هن اهل قلم
بزرگ، هندي ننڍي کنڊ ۾، پهريون ڀيرو ڪلام پاڪ جو
فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هي ڪلام پاڪ جو ترجمو، اڄ
دنيا ۾ پنهنجي ادبي ۽ علمي حيثيت مڇائي چڪو آهي.
هي ترجمو تازو علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن،
وڏي محنت سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايو
آهي.
مخدوم صاحب جن سنڌي شعر و سخن جي به خدمت ڪئي آهي.
سندن دور ڪافي پر آشوب گذريو آهي. سنڌ جي ڀڃ ڊاهه،
حاڪمن جا ظلم ۽ ڏاڍ، سنڌي عوام جي بيڪسي ۽ بي وسي
توڙي محرومي ۽ مجبوري سندن دل ۽ دماغ تي گهرو اثر
ڇڏيو ڏسجي ٿو. ان ڏس ۾ هي شعر ڌيان جو مستحق آهي:
پيئي جا پرڀات،
سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهئا،
روئي چڙهي رات،
ڏسي ڏکوين کي!
خاطري آهي ته مخدوم نوح، ڪافي شعر چيو هوندو، جنهن
ذريعي اسين ان دور جي سنڌي سماج جو اڀياس ڪري
سگهون ها. افسوس جو زماني جي ڏاڍاين، سندن ڪلام
ضايع ڪري ڇڏيو. هن بيت کان سواءِ چند شعر جيڪي ملن
ٿا، انهن ۾ هن دور جي روحاني دنيا جو مطالعو ڪرڻ
سولو ٿي پيو آهي.
مخدوم نوح سهروردي طريقي جا بزرگ هئا. مخدوم نوح
جو همعصر مخدوم جعفر سندن صحبتي هو. هي صآحب به
وڏي پايي جو عالم ٿي گذريو آهي. مخدوم نوح خليفن
جو وڏو حلقو ڇڏيو، جنهن ۾ شاهه خيرالدين سکر واري
۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري کي وڏي اهميت حاصل
آهي. سندن وفات بعد، حضرت جن جو فرزند مخدوم محمد
امين گادي نشين ٿيو. جڏهن پاڻ 998هه ۾ وفات
ڪيائون، تڏهن کين پراڻن هالن ۾ دفن ڪيو ويو. بعد ۾
درياهه جي پائڻ ڪري، سندن خاڪي جسد نون هالن ۾
دفنايو ويو، جتي اڄ به سندن عاليشان مقبرو موجود
آهي. اها اطمينان جي ڳالهه آهي ته، هن خاندان اڄ
سوڌو سنڌي شعر و ادب جي خدمت جاري رکي آهي. ان ڏس
۾ مخدوم طالب الموليٰ صاحب جون خدمتون ڪنهن به
تعارف جي محتاج نه آهن.
3 ميل ڊگهي تصوير
دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو عالم چنا ته خير سان وٽ
سنڌ ۾ آهي پر ڊگهي ۾ ڊگهي تصوير نيويارڪ جي هڪ
مصّور جان بنوارڊ 1840ع ۾ ٺاهي هئي. اها تصوير ٽي
ميل ڊگهي ڪينواس تي ٺاهي وئي آهي ۽ ان تي هڪ هزار
ٻه سؤ ميل ڊگهي زمين جي ايراضيءَ جا منظر چٽيل
آهن. بنوارڊ اها تصوير چار سؤ ڏينهن ۾ ٺاهي. آرٽ
جي نقادن جو خيال آهي ته ايتري ڊگهي تصوير نه ڪڏهن
ٺهي آهي ۽ نه ڪڏهن ٺهندي.
- غلام مصطفيٰ سولنگي
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
پاڪستان جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو
پاڪستان جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو عربن کان ٽالپرن
تائين سنڌ تي لاڳيتو مسلمانن جي حڪومت رهي آهي،
ٽالپرن کان پوءِ انگريزن جي حڪومت شروع ٿي، ته سنڌ
جي عالمن توڙي عوام کي انگريزن کان نفرت پيدا ٿي.
ان کان پوءِ برصغير پاڪ و هند ۾ آزاديءَ جون جيڪي
به تحريڪون قائم ٿيون؛ اُنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن وڏي
جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو.
سنه 1914ع ۾ ديوبند جي حضرت شيخ الهند مولانا
محمود الحسن برصغير پاڪ و هند کي انگريزن جي
غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ خفيه تحريڪ هلائي.
ان ۾ سنڌ جي عالمن: حضرت مولانا تاج محمد اَمروٽي،
مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي
(ڪراچي) واري اَهم ڪردار ادا ڪيو اها تحريڪ 1917 ع
۾ ناڪام ٿي. هن کي ”تحريڪ ريشمي رومال“ جي نالي
سان سڏيو وڃي ٿو.
اُن زماني ۾ ترڪيءَ جو بادشاهه مسلمانن جو خليفو
سڏيو ويندو هو. ترڪي خلافت خلاف جڏهن انگريزن ۽
ٻين مغربي حڪومتن جون دشمنيون وڌي ويون، تڏهن
برصغير پاڪ و هند جي مسلمانن 1919ع ۾ ”آل انڊيا
خلاف ڪاميٽي“ قائم ڪئي. سنڌ جي مسلمانن ليڊرن توڙي
عوام خلافت تحريڪ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو، ۽ وڏيون
قربانيون ڏنيون.
اُن زماني ۾ سنڌ جدا صوبو نه هو، پر بمبئي سان
گڏيل هو. انهيءَ ڪري سنڌ جي مسلمانن سنڌ کي جدا
صوبو بنائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي، آخر مسلم ليگ ۽
قائداعظم به انهيءَ تحريڪ جي پٺڀرائي ڪئي، ۽ سنه
1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي.
سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي، ته سنڌ جي هندن، سنڌ جي
مسلمانن جي مفاد خلاف سازشون شروع ڪيون. انهيءَ
ڪري سنڌ جي مسلمانن محسوس ڪيو، ته هندو ڪڏهن به
سندن خيرخواهه ٿي نه سگهندا. اِهوئي سبب آهي، جو
هنن پنهنجي بهتري ۽ ڀلائي مسلم ليگ ۾ سمجهي. شيخ
عبدالمجيد سنڌي جي ڪوششن سان سنه 1938ع ۾ سنڌ جي
صوبائي مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. آڪٽوبر 1938ع
۾ سنڌ مسلم ليگ پاران ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس
سڏائي ويئي، جنهن جي صدارت قائداعظم ڪئي. ڪانفرنس
۾ هڪ ٺهراءُ پاس ٿيو، جنهن ۾ واضح لفظن ۾ طالبو
ڪيو ويو، ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي،
اُتي مسلمانن جي حڪومت بنائي وڃي، ته جيئن ٻئي
قومون جدا جدا آزاد حڪومتون قائم ڪري سگهن. اهڙيءَ
طرح پاڪستان جي تحريڪ جو پهريون پٿر سنڌ ۾ رکيو
ويو. ان کان ڏيڍ سال پوءِ لاهور وارو ٺهراءُ پاس
ٿيو.
آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ”حر تحريڪ“ جو به وڏو حصو آهي.
سنڌ جي مجاهدن (حرن) انگريزن جي وڏي طاقت سان
بهادري، دليري ۽ جوانمرديءَ سان مقابلو ڪري، وڏيون
جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون.
برصغير پاڪ و هند جي سڀني صوبن کان اڳ، سنڌ ۾ مسلم
ليگ جي وزارت قائم ٿي. اُن کان پوءِ اهم ۽ بنيادي
قدم کڻندي سنڌ جي صوبائي اسيمبلي سنه 1943ع ۾
پاڪستان قائم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو. 9 ڊسمبر
1946ع تي ملڪ ۾ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ڪرايون
ويون. انهن ۾ مسلم ليگ کي ڪاميابي حاصل ٿي، پر ان
کي وڏي ڪاميابي سنڌ ۾ حاصل ٿي. اهڙيءَ طڙح سنڌ جي
مسلمان ليڊرن، عوام ۽ شاگردن پاڪستان جي تحريڪ ۾
ڀرپور حصو ورتو، ۽ ان جي استحڪام ۾ به سنڌ جي
مسلمانن اهم ڪردار ادا ڪيو.
آصف مٺياڻوي
علم روشني آهي
ڏنل اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. هو جڏهن پنجن سالن
جو ٿيو ته هن جي ماءُ ستاڀي هن دنيا کي الوداع چئي
پٽ کي پنجاهه سالن جي نابين پيءُ جي حوالي ڇورو
ڇنو ڇڏي ويئي.
ڏنل جي پيءُ کي چار ايڪڙ زمين هئي جيڪا هن جو هاري
ڪوڙل ڪاهيندو هو، ۽ زمينداري حصي مان ٻئي پيءُ ۽
پٽ پنهنجو پيٽ پاليندا هئا.
ڏنل کي ننڍي هوندي وارن ڏکن اڳتي وڌڻ لاءِ همٿايو.
ڏنل ماءُ جي جهول جهڙا مٺا مزا ۽ پياريون لوليون
ياد ڪري روئي ويهندو هو، سندس ماءُ جي مري وڃڻ ڪري
ڏنل جي پالنا هن جي پڦيءَ مريم ڪئي. ڏنل جڏهن
سمجهه وارو ٿيو ته شهر جي ٻارن کي ڪتاب هٿن ۾ ڏسي
هن کي به پڙهڻ جو شوق جاڳيو ۽ هن پنهنجي پيءُ کي
داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ چيو، پر جيئن ته هن جو پيءُ اڻ
پڙهيل هو سو جواب ڏنائين ته، ”پٽ پڙهي ڇا ڪندين،
ڪهڙو اسان جي وڏن به پڙهي پڄايو هو. ماٺڙي ڪري
ڏاندن جو جوڙو وٺي، پنهنجي ٻني کيڙ ته جيئن ٻئي
پيءُ پٽ سٺي زندگي گذاري سگهون.“ ڏنل کي پيءُ جا
اهي لفظ ٻڌي، دل ئي دل ۾ غصو اچڻ لڳو، پر چئي نٿي
سگهيو. نيٺ هڪ ڏينهن دل ٻڌي پيءُ کي چيائين،”بابا
آئون پڙهندس، ڇو ته علم بنا انسان انڌو آهي ۽ علم
ئي روشني آهي. جيئن توهان هن وقت نور بنا ڪجهه به
نه ٿا ڏسي سگهو، تيئن علم بنا انسان توهان وانگر
آهي. نه ته هو ڪجهه پڙهي سگهندو ۽ نه ئي ڪجهه ڏسي
سگهندو!“
ڏنل جون اهي ڳالهيون ٻڌي هن جي پيءُ جي سوچ ۾ ڦيرو
اچي ويو ۽ يڪدم لٺ هٿ ۾ کڻي ڏنل کي ساڻ ڪري ڳوٺ
واري پرائمري اسڪول ۾ وڍي ويو ۽ هيڊ ماستر صاحب کي
ڏنل جي داخلا لاءِ عرض ڪيو.
هيڊ ماستر صاحب ڇوڪري جي شوق کي ڏسي ان کان پڙهڻ
بابت ڪجهه معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڏنل کي پهرين
درجي ۾ داخل ڪيو ۽ هن جي پيءُ ٻنيءَ مان ايندڙ فصل
مان پئسا بچائي ڏنل کي ڪتاب وٺي ڏنا ۽ اسڪول جي في
پڻ ڏني اهڙي طرح قناعت سان پيٽ پالڻ لڳا.
ڏنل جي دلچسپي ۽ ذهانت کي ڏسي هيڊ ماستر ان کي
پيار ڪرڻ لڳو ۽ هڪ سال ۾ ٻه امتحان ڏيڻ لاءِ تيار
ڪيو، ڏنل ايڏو ته ذهين ۽ هوشيار هو جو هر سال
پهرين پوزيشن کڻندو رهيو ائين ئي اٽڪل ٽن سالن کان
پوءِ ڏنل پنج درجا سنڌي پاس ڪيا ۽ انگريزي ڇهين
درجي ۾ پڙهڻ لاءِ تيار ٿي پيءُ کي ساڻ ڪري شهر
واري هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر وٽ وٺي آيو ۽ سندس
پيءُ هن جي داخلا لاءِ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر کي
عرض ڪيو. جيئن ته ان اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد تمام
گهڻو هو ۽ فرنيچر جي کوٽ هئي تنهنڪري هيڊ ماستر
ڏنل جي پيءُ کي ڏنل جي داخلا کان جواب ڏنو، پر ڏنل
جي پنجين درجي جي سرٽيفڪيٽ ڏسڻ کان پوءِ هيڊ ماستر
هڪدم ڏنل کي داخلا ڏيئي ڇڏي، اهڙيءَ طرح ڏنل جون
گهرجون وڌنديون رهيون غربت جي ڪري ڏنل هيڊ ماستر
کي اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڪئي، جيڪا هن لاءِ
ماهوار 25 روپيا منظور ٿي. اهڙي طرح ڏنل ڪجهه
اسڪالرشپ ته ڪجهه زمين جي پيداوار تي پڙهندو رهيو
۽ وقت گذرندو رهيو.
اٽڪل لڳاتار ٻارهن تيرهن سالن کان پوءِ ڏنل ڊاڪٽر
جي روپ ۾ پنهنجي پيءُ جي سامهون آيو. پوءِ هو پيءُ
جي اکين بابت سوچيندو رهيو.
سال کن جي لڳاتار ڪوشش سان ڏنل پنهنجي مقصد ۾
ڪامياب ويو ۽ هن جي پيءُ جي اکين جي روشني وري
موٽي آئي.
ڪجهه عرصي کان پوءِ ڏنل جي شادي سندس پيءُ جي
رضامنديءَ سان پنهنجن عزيزن مان ڪرائي ويئي. جنهن
مان ان کي هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. اڄ به هن جو
پيءُ زنده آهي ۽ پنهنجا پوٽا ۽ پوٽيون ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيندو آهي ۽ پٽ کي دعائون ڏيندو آهي.
ڏنل اڄ ڊاڪٽر ڏنل سڏجڻ لڳو آهي ۽ پنهنجي اباڻي گهر
جي سادگيءَ سان گذاري رهيو آهي. سندس پيءُ هن جي
اولاد کي ڏسي ٿڌا شوڪارا ڀري سوچيندو رهي ٿو ته
جيڪڏهن ڏنل جي ماءُ به زندهه هجي ها ته ڪيڏي نه
مون وانگر خوش هجي ها، ۽ پنهنجي سڪيلڌي پٽ جا ڪاڄ
ڪري ها، پر افسوس جو سندس ماءُ پٽ جون خوشيون ڏسي
نه سگهي ۽ اڳي ئي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي ملي.
باقي ڏنل ۽ هن جو پيءُ گهر جي ڀاتين سان ڏاڍو خوش
آهن ۽ هرهڪ ٻار کي پڙهڻ جي تلقين ڪندا رهن ٿا ته
علم ئي روشني آهي. |