سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيد ۽ تنقيد نگاري

باب: --

صفحو :9

مولوي الله بخش اٻوجهو، اُها باڪمال شخصيت هئي، جنهن قوم جي اصلاح ۾، پنهنجي زندگي ۽ فڪر وقف ڪيو هو. مرحوم الله بخش، سنڌ جي اُنهن چند هستين مان آهي، جن سنڌ جي مسلمانن ۾، سياسي، ۽ تعليمي انقلاب آڻڻ ۾ حصو ورتو آهي. سندس زندگيءَ تي، نگاه ڊوڙائڻ سان، ايترو معلوم ٿئي ٿو، ته مرحوم انگريزي دور جي ابتدائي زماني ۾، رهيو ٿي. هي اُهو دور هو جڏهن مسلمانن  جي سماجي، معاشي، ۽ معاشرتي بدحالي، انتها کي پهچي چڪي هئي، ۽ جنهن مسلمانن جي مستقبل کي، تاريڪ بڻائي ڇڏيو هو. غدر کي گذري، ٿورو عرصو گذريو هو. مگر اُن جا خوني نشان، اڃا تائين هندوستان جي در، ۽ ديوار تي نمايان هئا. انگريزن، مسلمانن کان حڪومت کسي هئي؛ اِن ڪري، هو حڪمران قوم جي نگاهن ۾، ڪنڊي جيان چڀندا رهيا ٿي. انگريز، مسلمانن کي بدامنيءَ، ۽ فساد جو سرچشمو، ۽ امن، ۽ عافيت جو دشمن خيال ڪندا رهيا ٿي. نتيجو اِهو نڪتو، جو مسلمان پنهنجي آئينده کان نااُميد، ۽ وقت جي حاڪم کان ڪوهين دور ٿي ويا. هن مايوسيءَ، جي مسقبل کي تابناڪ بنائڻ لاءِ اُميد ڏياري. هندوستان جي سرزمين، اِهڙيءَ شخصيت کي جنم ڏنو، جا پنهنجي همہ صفت خصوصيات کان، بلند، ۽ بالا هئي. سر سيّد احمد خان، انساني فطرت جو نبض شناس هو. هن مسلمانن جي حالت جو غور سان مطالع ڪيو، ۽ اُنهن کي سماجي، معاشرتي، ۽ اقتصادي اعتبار کان بلند ڪرڻ جو عزم ڪيو، ۽ مسلمانن ۾،  هڪ ذهني انقلاب پيدا ڪرڻ جو خيال ڪيو هو. سر سيّد احمد خان جي اصلاحي تحريڪ، جنهن چيز تي زور ڏنو، سا تعليم هئي. تعليم قومن جي زندگيءَ ۾، اهميت رکي ٿي. سر سيّد جي تحريڪ، جيتوڻيڪ سياسي هئي، مگر تعليم جي طرف، اِن جو توجهه زياده هو. سر سيّد احمد خان، هن سلسلي ۾، علي ڳڙه ۾ پنهنجو درسگاه کوليو، ۽ مسلمانن ۾، جديد علوم ۽ فنون کي ڦهلائڻ لاءِ، هڪ سائنٽيفڪ سوسائٽي به قائم ڪئي. هن تحريڪ جو، مسلمانن تي گهرو اثر پيو، ۽ مسلمانن ۾، رفتہ رفتہ، هڪ ذهني انقلاب پيدا ٿيڻ لڳو. اصلاح جو خيال، موجون مارڻ لڳو، ۽ سوچڻ جي انداز ۾، تبديلي ٿيڻ لڳي. علم جي پياس، ۽ تهذيبي، ۽ ثقافتي اعتبار کان، ترقي ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿيڻ لڳي.

اِنهن سڀني ڳالهين، نه فقط مسلمانن جي مجموعي حالت ۾ تغير آندو، بلڪه ڪجهه اِهڙيون به هستيون پيدا ٿيون، جي پنهنجي زماني جي رائج الوقت ادبي رجحانات کي ڇڏي، سر سيّد جي اصلاحي تحريڪ ۾، نمايان حصو وٺڻ لڳيون. اِهڙين هستين ۾، شمس العلماءَ الطاف حسين حالي ۽ هن جي مسّدس کي، اهم درجو حاصل آهي. مولانا حاليءَ، پنهنجي هيءَ بي نظير نظم، 1879ع ۾ مدوجز راسلام جي نالي سان لکي، قوم کي پنهنجي حالت سڌارڻ، ۽ اُن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏني.

شاعريءَ جي نڪتہ نگاه کان، هيءَ نظم بلند نه هجي، مگر پنهنجي موضوع، ۽ بيان جي سادگيءَ کان، نهايت ئي بلند، ۽ اهم آهي. ڊاڪٽر عبادت بريلويءَ جي لفظن ۾: هيءَ نظم، هڪ ڏکويل دل جي پڪار آهي، هڪ سچي مسلمان جي دل جي گهرائين مان نڪتل آواز آهي. هڪ مخلص انسان جي اکين مان ڪريل ڳوڙها آهن. هڪ مصلح جو پيام آهي رهنما جو نعرو آهي. مسلمان قوم، جنهن دگرگون حالت، ۽ انحطاط کي پهچي چڪي هئي، تنهنجو مولانا حاليءَ کي شديد احساس هو. مسّدس حالي، اِن ڪري، هڪ زوال آماده قوم جي برباديءَ تي مرثيو آهي. هن ۾ سوگوارانہ ڪيفيت آهي، ۽ مايوسيءَ جو احساس به آهي. مگر اِن جي باوجود، اِن جي نوعيت تخريبي نه آهي، بلڪ تعميري آهي. حاليءَ هن نظم ۾، جو پس منظر پيش ڪيو آهي؛ اُهو تاريڪ آهي. مگر اُن ۾، روشنائي جا ڪرڻا به نظر اچن ٿا، ۽ محسوس ٿي رهيو آهي، ته حاليءَ جي اڳيان، هڪ شاندار مستقبل جي تصوير آهي، ۽ اِن ڪري هن نظم کي، هڪ اصلاحي نظم چئي سگهجي ٿو.

هندوستان جي هن قومي اصلاحي تحريڪن کان، سنڌ وارا بي خبر نه هئا، هن تحريڪ، جن سنڌي بزرگن کي متاثر ڪيو، تن ۾ خانبهادر حسن علي آفندي، ذڪر جي لائق آهي. مرحوم آفندي، سنڌ جو مايہ ناز فرزند آهي. هو ازل کان، هڪ اِهڙي دل وٺي آيو هو، جا پنهنجي، ۽ پرائي جي غم کان بيقرار، ۽ بي تاب ٿي اُٿندي هئي. مرحوم آفندي، سنڌ جي مسلمانن جي پستيءَ، ۽ بي حس، ۽ بي حرڪت زندگيءَ تي غور، ۽ فڪر ڪيو، ۽ اُن کي سمجهيو. هن جي همّت، ۽ استقلال جو نمايان مظهر، سنڌ مدرسة الاسلام آهي، جو اڄ به پنهنجي خاموش زبان سان، ان وقت جي داستان کي دهرائيندو رهي ٿو، جڏهن سنڌي مسلمان جو ڪو به پُرسان حال ڪونه هو. مرحوم حسن علي آفندي، هڪ اِهڙي شمع هو، جنهن تي پروانن جو اَچي مڙڻ، ۽ پچڻ لازمي هو. اُنهن پروانن ۾، جن پنهنجون حياتيون، قومي اصلاح لاءِ وقف ڪيون، تن ۾ مرحوم الله بخش اٻوجهو، بلند مقام رکي ٿو.

مرحوم الله بخش اٻوجهو، جئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالت کي سڌارڻ، ۽ سنوارڻ ۾، اڳرو رهيو. حقيقت ۾، مرحوم اٻوجهو، تعليم ۽ اُن سان متعلق ٻين چيزن لاءِ، پنهنجي زندگي وقف ڪري چڪو هو. سنڌ مدرسة الاسلام جي قائم ٿيڻ سان، هو اِن اداره سان مرڻ گهڙيءَ تائين وابستہ رهيو، ۽ اُن جي بهبوديءَ لاءِ پنهنجي ترقي، ۽ واڌاري جي بهترين جڳهن تان به هٿ کڻڻو پيس. مگر هڪ تعليمي ماهر، ۽ تعليمي ڳالهين سان دلچسپي رکڻ کان سواءِ، هو هڪ قومي شاعر جي حيثيت ۾ به، سنڌي ادب ۾ هڪ مٿانهون درجو رکي ٿو.

اٻوجهو سنڌي ادب ۾، شاعريءَ جي اُن دور سان تعلق رکي ٿو، جڏهن قاسم، فاضل، گدا، بلبل، ۽ سانگيءَ جهڙا باڪمال شاعر، پنهنجي نغمہ نوازيءَ، ۽ سخن سنجيءَ سان سنڌ کي مست ڪري رهيا هئا. سنڌي شاعريءَ جو، هن دور ۾، زياده تر رجحان تغّزل جي طرف هو. مرحوم الله بخش اٻوجهو به شاعر هو، ۽ هڪ پُر حساس دل جو مالڪ. هن جي طبع موزون هئي، ۽ جيڪڏهن هو چاهي ها، ته خود به پنهنجي همعصر شاعرن جيان، پنهنجي ڪلام ۾ حسن، ۽ محّبت جون ڳالهيون ڪري سگهي ها. مگر هن جي دل، قومي درد سان ڀريل هئي، ۽ مسّدس حاليءَ، هن جي سامهون، هڪ اِهڙو ڪتاب هو، جو اُن کان متاثر ٿيڻ، هن لاءِ ناممڪن نه هو. اِن ڪري، قومي ڪلام چوڻ جو شرف، مرحوم اٻوجهي کي نصيب ٿيو، ۽ اِن ۾ نه فقط، کيس اوليت جو درجو حاصل آهي، اُن سان گڏ، هڪ بلند مقام به رکي ٿو. ماستر محمد صديق مسافر اِن بابت لکي ٿو:

سنڌ جي قديم خواه جديد شاعرن ۾، پهريون پهريون شاعر، مولوي الله بخش مرحوم ئي آهي، جنهن جو ڪلام، نج قوميت جي رنگ ۾ بهاريل آهي، ۽ وطني حب جي سامان سان سينگاريل آهي.

(تمهيد: مسدس اٻوجهو)

مرحوم الله بخش اٻوجهي مّسدس حاليءَ، کي سنڌي نظم ۾ آندو آهي. اسلام جو گذشتہ عروج، ۽ اُن جو گذريل شان، ۽ شوڪت، هڪ اِهڙي چيز آهي، جنهن کي نه فقط وساري نٿو سگهجي، بلڪ اُن مان عبرت به حاصل ڪري سگهجي ٿي. عّلامہ شبلي نعماني مرحوم، جيان، اٻوجهي مرحوم جي نگاه به، اسلام جي گذريل شاندار واقعات تي هئي. هو مسلمانن جي آئينده زندگيءَ کي، روشن ڪرڻ جو متمني پڻ هو. مرحوم اٻوجهي لاءِ، اِن ڪري مسّدس حاليءَ کان سواءِ، ٻيو ڪو به ڪتاب هن جي اِن تمنّا کي، پورو نٿي ڪري سگهيو. هي آهي مسّدس اٻوجهي جي تيار ٿيڻ جو پس منظر. مگر اِها حقيقت آهي، ته مرحوم اٻوجهي، مسّدس جي سموري مضمون کي، بلڪل صفائي سان ترجمو ڪيو آهي ايتري قدر، جو پڙهندڙ جيڪڏهن مسّدس حاليءَ کان غير واقف هوندو، ته ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪندو، ته اِهو ڪو اُردو نظم جو ترجمو آهي. پروفيسر لطف الله صاحب بدويءَ، اِن ترجمي متعلق هئن ٿو لکي:

مسّدس حاليءَ جي هن ترجمي کي پڙهڻ سان خبر پوندي، ته اٻوجهي اُن جي ترتيب کي، ۽ مطلب کي برقرار رکڻ ۾، سخت ڪوشش ورتي آهي. هن ترجمي کي بهترين ترجمو سڏي سگهجي ٿو.

(تذڪره لطفي: ج 3)

هن هيٺ مسّدس حالي مان، چند بند پيش ڪيا وڃن ٿا، تان جو مسّدس اٻوجهي جي ترجمي سان، اُن جو آسانيءَ سان موازنو ٿي سگهي. حقيقت ۾، جئن بيگم صالحہ عابد حسين، يادگار حاليءَ ۾ لکيو آهي ته: مسدس ۾ بعض مقامات، پنهنجي جڳهه ايتري قدر ته پُر اثر ، دلڪش، ۽ فنّي اعتبار کان لاجواب آهن، جو اُهي اُردو ادب لاءِ هميشه فخر جو باعث رهندا. ساڳيءَ طرح، گوڪ هي مرحوم اٻوجهي جو ترجمو آهي، مگر اِن جي باوجود، هي ڪتاب ايترو ته سليس، ۽ دلڪش آهي، جو صدين تائين زنده رهي سگهي ٿو. پيغمبر اسلام حضرت محمد مصطفيٰ صلعم جي نعت ۾؛ سالن کان ڇا ڇا نه لکيو، ۽ چيو ويو آهي. مگر هيٺين بندن ۾، جا عقيدت، محبّت، ۽ صداقت جو اظهار ڪيل آهي؛ سا هڪ نرالي چيز آهي:

يکايک هوئي غيرت حق کو حرکت

بڙها جانب بوقيس ابر رحمت

اَدا خاک بطحانـﻶ کي وه وديعت

چلـﻶ آتـﻶ جس کي ديتـﻶ شهادت

هوئي پهلوئـﻶ آمنہ سـﻶ هويدا

دعائـﻶ خليل اور نويدِ مسيحا

هوئـﻶ محو عالم سي آثار ظلمت

که مطالع هوا ماه برج سعادت

نه چهڻکي مگر چاندني ايک مّدت

که تها ابر مين ماهتاب رسالت

يه چاليسوين سال لطفِ خدا سـﻶ

کيا چاند نـﻶ کهيت غارِ حرا سـﻶ

مرحوم اٻوجهي مٿين بندن جو هن طرح ترجمو ڪيو آهي.

ڏسو ته ڪيترو نه سليس ۽ وڻندڙ آهي:

آئي اوچتو غيرت حق کي حرڪت

وڌيو جانب بوقيس ابر رحمت

ڪئي خاڪ بطحا ادا سا امانت

ٿي ڏيندا پي آيا جنهين جي شهادت

ٿي هو پهلوئي آمنہ کان هويدا

دعائي خليل ۽ نويد مسيحا

ٿيا محو عالم کان آثار ظلمت

جو اُڀريو اَچي ماهتاب سعادت

عرب ۾ ڇٽي چاندني بعد مَّدت

جهڙن ۾ هو هو ماهتاب رسالت

وڏو لطف ۽ مهرباني خدا جي

جو قسمت وري ڦيرين غار حرا جي.

 

مسلمانن جي گذريل عروج جي تصوير، هن طرح چٽي اَٿائين:

نهين اس طبق پر کوئي بّرِ اعظم

نه هون جس مين ان کي عمارات محکم

عرب، هند، مصر، اندلس، شام، ويلم

بنائون سـﻶ هـﻶ ان کي معمور عالم

سر کوہ آدم سـﻶ تا کوه بيضا

جهان جاؤگـﻶ کهوج پاؤگـﻶ اُنکا

_________

هوا اندلس ان سي گلزار يکسر

جهان اُن کـﻶ آثار باقي هين اکثر

جو چاهـﻶ کوئي ديکهه لـﻶ آج جاکر

يه هـﻶ بيت حمراء کي گويا زبان پر

که تهـﻶ آل عدنان سـﻶ ميرـﻶ باني

عرب کي هون مين اس زمين پر نشاني

 

مسّدس اٻوجهي ۾، اِنهن بندن کي جنهن نموني پيش ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ ساڳي ئي سادگي، ۽ فصاحت قائم رکي وئي آهي:

نه آڪره شرقي تي ڪو بّر اعظم

عمارات ناهن جتي تن جون قائم

عرب، هند، مصر، اندلس، شام، ويلم

اُنهن جي بنائن کان معمور عالم

وٺو ڪوه آدم کان تان ڪوه بيضا

وڃو ۽ ڏسو پير پڌرا اُنهن جا

__________

ٿيو اُندلس تنهن کان گلزار يڪسر

جتي تن جا آثار ڏسجن ٿا اڪثر

ڏسو جي وڃي سڀ نشانيون سراسر

ڪري بيت حمراء ٿو هيءَ ڳالهه ظاهر

ته ها آل عدنان جا منهنجا باني

رهيس هن زمين تي عرب جي نشاني

 

حالي چيو وڃي ٿو، ته قطرتاً اُداس، ۽ غمگين رهڻ جو عادي هو. مگر هن جي هيءَ اُداسي، ۽ غمگيني هن کان عمل، ۽ تعمير جو جذبو کسي نٿي وٺي. حالي اِن احساس جو اظهار هئن ٿو ڪري:

وگر نه هماري رگون مين لهو مين

همارﻵ اِرادون مين اور جستجو مين

دلون مين زبانون مين اور گفتگو مين

طبيعت مين فطرت مين عادت مين خو مين

نهين کوئي ذره نجابت کا باقي

اگر هو کسي مين تو هـﻶ اتفاقي

_______

نه قومون مين عزت نه جلسون مين وقعت

نه اپنون سي الفت نه غيرون سي ملت

مزاجون مين سستي دماغون مين نخوت

خيالون مين پستي کمالون سي نفرت

عداوت نهان دوستي آشکارا

غرض هي تواضح غرض کي مدارا

 

مرحوم اٻوجهي اِهڙيءَ طرح، سموريءَ مسّدس کي، نه فقط سليس، ۽ وڻندڙ بڻايو آهي، بلڪ اُن جي مطلب، ۽ مفهوم کي به ڪمال طريقي تي قائم رکيو آهي.

مسّدس اٻوجهي جو ٻيو حصو، سنڌ مدرسة الاسلام، ۽ اُن وقت جي سماجي، سياسي، ۽ تعليمي ڳالهين تي مشتمل آهي. هي حصو، مرحوم جو طبعزاد آهي. سنڌ ۾ اُن زماني ۾، جو سماجي، ۽ معاشرتي بحران هو، اُن تي مرحوم اٻوجهي تفصيلي روشني وڌي آهي. مسلمان ڪهڙي حالت ۾، اُن دور مان گذري رهيا هئا، تنهنجو مختصر خاڪو، مٿي بيان ڪيو ويو آهي. اِن جو احساس سنڌين کي به هو. مرحوم اٻوجهي اِن جو هن طرح اظهار ڪيو آهي:

جڏهن هاڻ اڻ هوند گهيريو گهرن کي

ورايو اَچي وير اسلامين کي

پئي ڪل عظمت جي هاڻ ئي ڪرين کي

ورايو اَچي تار پاڻيءَ پين کي

تڏهن ٿيا ڪرڻ پاڻ دانهن تي دانهون

ته تاري ڪو هي تار پاڻي اُتاهون

ٿيون سنڌ ۾ پوءِ مشهور خبرون

ته دانهون پيون ساب اسلامين جون

پيون هند ۾ مدرسن جون بنائون

سڌاري جا مضبوط پايا وڌائون

ڪئي وئي هئي پهرين ڪوشش شتابي

پريندي اِنهيءَ ۾ ٿي ناڪاميابي

 

مگر هن ناڪاميابيءَ، منجهن نااُميدي پيدا نه ڪئي، بلڪ هڪ بيداريءَ، ۽ خود شناسيءَ جي عملي صورت پيدا اختيار ڪئي. ۽ جيڪي به تحريڪون، اُن زماني ۾ پيدا ٿيون هيون، تن جو مرحوم اٻوجهي مفصل ذڪر ڪيو آهي. مرحوم اٻوجهي، ۽ خانبهادر حسن علي آفندي، اُن وقت جي مجمع محمدي ڪلڪتہ، جنهن جو روح روان، مرحوم سيد امير علي هو، تنهن کان بي حد متاثر ٿيل هئا. مرحوم اٻوجهي، اِن طرف هئن اشارو ڪيو آهي:

هي دانهون ڪيون جيڪي بيدار مغزن

صدائون وڃي پيون سرڪار جي ڪن

ضرورت ڏسي ڪئي امداد ڏاهن

ڪئي ٻاجهه ٻڏندن مٿي ٻاجهه وارن

چي علم ۽ هنر ۾ وڃي ڀاڳ ڳوليو

وٺو پنهنجا مڪتب وڃي ڌار کوليو

اِهڙيءَ طرح، مرحوم اُن زماني جي سمورين حالتن جو، مسّدس ۾ ذڪر ڪيو آهي؛ جنهن مان سندس عزم، استقلال، ۽ همّت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، ته سنڌ مدرسة الاسلام، مرحوم آفندي جي اَڻ ٿڪ، ۽ نيڪ ڪوششن جو نتيجو آهي. مگر جن مسّدس کي غور سان پڙهيو هوندو، اُهي هن ڳالهه جو بخوبي اندازو لڳائي سگهن ٿا. ته مرحوم آفنديءَ کي، مدرسہ کي قائم ڪرڻ وقت، جي مالي مشڪلاتون، ۽ عوام جي طرفان جي مخالفتون ٿي رهيون هيون، تن جي دور ڪرڻ ۾، اٻوجهو مرحوم ساڻس نه هجي، ته هي خواب شايد حقيقت نه بڻجي ها. مگر اِن جي باوجود، مرحوم اٻوجهي هن سموري ڪارنامي جو جَسُ مرحوم آفنديءَ کي ڏنو آهي. هن مان سندس بي نظير شخصيت، ۽ عالي ڪردار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

سٻوجهي وڏا وقت پنهنجا وڃايا

انهيءَ خير ۾ پير پنهنجا ڄمايا

وڏي هوش سان ڪارخانا هلايا

وڏي عقل سان ٺاه ڏاڍا ٺاهيا

سڀئي مشڪلاتون ويون حل ٿينديون

۽ آسانيون پير پنهنجا ڀرينديون

سٻوجهي ڪيون هوشمنديءَ جون کيڏون

نهاري ڏسو هن آفنديءَ جون کيڏون

انهيءَ طالع ارجمنديءَ جون کيڏون

سندس هوش ۽ عقلمنديءَ جون کيڏون

وٺي ميمبرن فوج جنهن پار آيو

وڌائين سڀئي مشڪلاتون وڃايو.

 

مرحوم اٻوجهو، پنهنجي زماني کان مطمئن نه آهي. هن کي هن ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي، ته هن جا هم وطني، نه فقط پنهنجي فرض کان ناآشنا ٿي چڪا آهن، بلڪ منجهانئن انساني خصوصيتون به غائب، ۽ فنا ٿي چڪيون آهن. جڏهن هو، پنهنجي زماني جي هيءَ عام روش ڏسي ٿو، تڏهن سندس قلم مان جو هڪ هڪ لفظ نڪري ٿو، سو درد ۾ ٻڏل آهي:

نه صحبت نه الفت محبت اسان ۾

نه ڪا هڪ ٻين سان مروت اسان ۾

نه ڪا يار جي غرض سنگت اسان ۾

نه ڪا پنهنجي پيرن تي بنگت اسان ۾

بگهڙ ٿو ڏسي هر ڪوئي هڪ ٻين کي

واجهائن پيا يار واگهو وجهن کي

دلين ۾ اثر يا نه ڪو ڊپ ٿئي ٿو

نه ڪوڪن جي واعظن پٽاندڙ هلي ٿو

سڀو راه دلخواه پنهنجي وٺي ٿو

وڻيس دل کي جو ڪم اُهو ڪري ٿو

ڏسو حق نظر سان چئو سچ ڇا هي

اِها واقعي ڳالهه آهي ڪ ناهي

مرحوم اٻوجهي، قوم جي انحطاط جي، ڪهڙي نه حقيقت سان ڀريل تصوير ڪڍي آهي، ۽ هڪ اهڙو آئينو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ زوال آماده قوم جو هر فرد، پنهنجي صورت ڏسي سگهي ٿو.

مگر اٻوجهو رئڻ ۽ رئارڻ جو عادي نه آهي. هو ڪڏهن به نااُميد نٿو رهي، ۽ ياسيت، ڪڏهن به هن کي پنهنجو شڪار نٿي بڻائي سگهي. اِها ئي هڪ چيز آهي، جا کيس قومي شاعر ٿي بڻائي. هن وٽ اِنڪري، زندگيءَ جي تغيّر جو شعور موجود آهي، ۽ زماني جي بدليل حالتن جي سانچي ۾، هو قوم کي وجهڻ گهري ٿو. البت هي سڀ ڪجهه، هو انگريزن جي زير سايہ ڪرڻ گهري ٿو، ڇو ته هن جي خيال ۾، انگريزن سنڌ کي امن، ۽ امان ڏنو هو، ۽ ترقي جا طريقا ٻڌايا ها:

ڏسو ٿا عجائب انهن جا سڌارا

ڪيا جن هزارين عجائب پسارا

وڏا تن جا ڪيا علم و فن جا وڌارا

کنيا تن سڌاري ڪرڻ جا اُجارا

مشقت وٺڻ تن جي فطرت ۾ آهي

ذرو ڀور سستي طبيعت ۾ ناهي

_____

ڏسو ٻاجهه سرڪار جي ماڻهن تي

سڀئي اختياريون عطا ٿيون اُنهن تي

ٻڌو ڪوٽ سارو سندن مرضين تي

رکيائين سڀئي ڪم ڪاريون سڀن تي

ملي مٺ ڪري پنهنجا نائب هلايو

سٺي تي سڀئي ڪم ڪاريون هلايو

حقيقت ۾، اٻوجهو اُن وقت، سر سيد جي اصلاحي تحريڪ کان متاثر ٿيل هو، اِن ڪري هن لاءِ هي نهايت ئي ڪٺن هو، جو هو اُن وقت جي خيالات، ۽ تحريڪن کان، پاڻ کي علحدو رکي سگهي.

مسّدس اٻوجهو، حقيقت ۾، هڪ افادي نظم آهي. اِن افاديت ۾، جيتوڻيڪ ڪنهن به گهري فلسفيانه نظريہ کي دخل نه آهي، مگر اِن جي باوجود، اِن ۾ هڪ پيغام آهي، جو قوم کي عمل ڪرڻ لاءِ اُٿاري ٿو، ۽ تعميري ڪمن ڏانهن کين آماده ڪري ٿو. اِئين برابر آهي، ته اٻوجهي جو پيغام، سادن، ۽ معمولي لفظن ۾ آهي، مگر اُهو هڪ اُميد افزا آهي، ۽ روشن مستقبل جو نشان ٻڌائي ٿو:

جڏهن ڪم پنهنجا پرايا ڪري ٿو

نه ڪا غرض مطلب منجهس ڪا رکي ٿو

عبادت ۾ سو ڪم داخل ٿئي ٿو

وڏا اَجر اعظم خدا کي لهي ٿو

جڏهن ڏيتي ليتيءَ جو بازار لڳندو

سچو سڪو هلندو ۽ کوٽو نه هلندو

_____________________

ته يعني رکو پاڻ ۾ ملنساري

رهو پاڻ ۾ ٿي برادر پياري

ڪريو مشڪلاتن ۾ هڪ ٻي جي ياري

ته برڪت پوي ڪار ۾ ڪردگاري

اِهي سڀ اُپاءُ ٿئي اسان جي ملڻ جا

محبت ۾ هڪ ٻي جي خوش ٿي رهڻ جا

_____________________

جو ٻي جي چڱائي ڀلائي گهري ٿو

ڀلو خير خلق خدائي گهري ٿو

چڱو ٻين جي پڻ چڱائي گهري ٿو

ڀلائي صفائي سدائي گهري ٿو

رکي جو سڀن سان هو صاحب سلامت

نه زحمت ڏسي ڪا مصيبت ۾ آفت

مرحوم اٻوجهو، مذهب جي بندشن کان نهايت ئي بلند آهي. هو انسان جي ڪنهن به دين، ۽ مذهب سان غرض نٿو رکي، بلڪ هن جي طرز عمل، ۽ هن جي ڪارنامن سان کيس دلچسپي آهي، اِها ئي هن جي اڳيان، هڪ انساني عظمت به آهي.

ڪوئي ڪهڙو ئي دين و مذهب رکي ٿو

انهي کان خدا آخرت ۾ پڇي ٿو

انهيءَ ڳالهه جو ڪم خدا سان پوي ٿو

حساب اُن کان سڀ ڪوڙ سچ جو وٺي ٿو

وٺو ٿا اوهين ليکا ڇو هڪ ٻين جا؟

کڻون ٿا هي ڏوراپا ڇو هڪ ٻين جا؟

______________

اڙي ڀائرو هوش ۽ ڌيان ڌاريو

هي پرڪار سارا اڍنگا وساريو

ذرو ملڪ جي فائدن ڏي نهاريو

ڪڍي ڪفر دل مان ملي مٺ گذاريو

سکي ٿي پوي ڏيهه ۾ خلق ساري

وڃي ڏرت نڪري لهي بي قراري

چڱا ٿا رکن دل ۾ ٻئي جي چڱائي

چڱا روز ڪن پهرين ٻئي جي ڀلائي

لڱا ٿا رکن من ۾ ٻئي جي لڱائي

برا روز ڪن فائدا منجهه برائي

خدا وٽ چڱن کي چڱائي ملي ٿي

برن کي اُها ئي برائي ملي ٿي

__________

صلح سانت سان جي سڀئي گڏ گذاريو

اِنهي ڳالهه ۾ جي سچي سمجهه ڌاريو

نمي ننگ وطني اوهين جي نهاريو

اِنهي ڳالهه کي غور سان جي وچاريو

ته ڪهڙو نه سک ٿي پوي سڀ ڪنهين کي

ٿئي سنڌ ڪشمير وطني ٻنهين کي

 

مسّدس اٻوجهو، پنهنجي موضوع جي خيال کان، سنڌي ادب ۾، نه فقط هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، بلڪ هڪ لحاظ کان اِها عظيم نظم پڻ آهي. هن نظم جي عظمت، هن ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو مرحوم اٻوجهي، پنهنجي دور جي مذهبي، تعليمي، معاشي، معاشرتي، ۽ سياسي حالتن کي، وضاحت سان پيش ڪيو آهي. مسّدس اٻوجهو، ٻوليءَ، ۽ زبان جي لحاظ کان، هڪ سادي سودي نظم آهي، مگر هن سموريءَ نظم تي، اٻوجهي جو بي پناه خلوص ڇانيل آهي. اِن ڪري هن نظم، گويا زندگيءَ جي افادي زاويہ نظر جي تخليق ڪئي آهي. نه فقط ايترو، بلڪ اِن مان، وقت جي فڪري رجحانات ۽ عمل جي معلومات به ملي ٿي. ماستر محمد صديق مسافر جو، هن نظم بابت رايو، ڪيترو نه صداقت سان ڀريل، ۽ معنيٰ خيز آهي. چوي ٿو:

هن ڳالهه ۾ ذرو به وڌاءُ ڪونهي ته مضمون جي مد نظر تي، مسّدس اٻوجهو، مسلمانن جي ماضي، ۽ حال جي سڄي تصوير، سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالت، ۽ ترقيءَ جي روشن تاريخ، ۽ سنڌ جي رهاڪن، خاص طرح مسلمانن لاءِ، قيمتي نصيحت نامو آهي.

(تمهيد: مسدس اٻوجهو)

(1955)

_____________

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com