سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيد ۽ تنقيد نگاري

باب: --

صفحو :11

 

تنقيد ۽ تنقيد نگاري(1)

انسان ۾، جڏهن شعوري قوتون پيدا ٿينديون آهن، تڏهن هو، نه فقط پنهنجي گرد ۽ پيش جي چيزن کي ڏسندو آهي، بلڪ ان تي غور، ۽ فڪر به ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو انسان جي فطرت ۾، انهن چيزن کي ڏسڻ، پنهنجو ڪرڻ، ۽ ان تي سوچڻ جون قوتون به موجود آهن، جنهنڪري هو ترقيءَ جون، ايتريون منزلون آسانيءَ سان طي ڪري چڪو آهي. نه ته زندگي، هڪ جڳهه تي بيهي وڃي ها، ۽ انسان اُن جي، ڪنهن به شعبي کي، بدلجندو نه ڏسي ها، ۽ دنيا ۾، تهذيب ۽ تمدن جو نالو نشان به نه هجي. بس انسان،، جهڙيءَ طرح دنيا ۾ آيو هو، ان ئي نموني، زندگي بسر ڪري ها. زندگي جون هي نيون نيون تبديليون، اسان کي، هن ڳالهه جو يقين ڏيارين ٿيون، ته زندگي هميشہ اِنقلاب، ۽ تبديلي سان همڪنار رهي آهي. ۽ اهو ئي سبب آهي، جو انسان زندگيءَ کي زياده کان زياده حسين، ۽ دلڪش بڻائي ٿو. هي خواهش انسان ۾، اُن وقت پيدا ٿئي ٿي، جڏهن هو زندگيءَ تي، گهري نظر وجهڻ کان پوءِ، ان جي خامين کي محسوس ڪري ٿو. ۽ هن جو شعور اِهو به سمجهي ٿو، ته جو ڪجهه زندگيءَ ۾، اڄ اسان کي ملي ٿو، ان ۾، جيڪڏهن اسان ٿوري تبديلي آڻيون، ته اِها زياده دلڪشي پيدا ڪري سگهي ٿي. نه فقط ايترو، پر انسانيت جي لاءِ، اها چيز زياده کان زياده مفيد به ٿي سگهي ٿي، ۽ زندگي ٿورو اڳتي هلي، ترقيءَ جي منزل سان همڪنار ٿي سگهي ٿي. انسان جو اِهو ئي احساس، سڀ ڪجهه آهي، ۽ ان ئي احساس کي، اسان تنقيد جي معنيٰ ۾ وٺون ٿا.

زندگيءَ سان گڏوگڏ، اها چيز ادب لاءِ به لازمي آهي. ڇو ته ادب، بهرحال زندگيءَ جو ترجمان آهي، ۽ اِن سان گڏ هلندو رهي ٿو. اِن ڪري، جن چيزن جو زندگيءَ تي اثر پوي ٿو، تن جو ادب تي پوڻ به لازمي آهي. زندگيءَ جيان، ادب کي به صحيح رستي تي لڳائڻ، ان جي متعلق سوچڻ، ان لاءِ صحيح راءِ قائم ڪرڻ، ۽ ان ۾ زياده کان زياده دلڪشي، ۽ ڪيفيت پيدا ڪرڻ، ادب سان دلچسپي رکڻ وارن جو پهريون، ۽ مکيه فرض آهي، ۽ جو بلڪل فطري آهي. ادبي دنيا ۾، اِن ڪري، تنقيد جو آواز زياده ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. چنانچه ادب ۾، تنقيد کي پنهنجي اهميت آهي، ۽ ان ڪري هڪ مستقل فّن جي حيثيت حاصل آهي.

ادبيات ۾، سڀ کان بلند چيز تخليقي ادب (Creative Literature) آهي؛ جنهن جو مطلب آهي زندگيءَ جي تشريح. اِن ڪري، هڪ بلند تنقيد جي صحيح معنيٰ، هيءَ هئڻ گهرجي ته: ادب کي اُنهن سڀني چيزن تي غور ڪرڻ گهرجي، جنهن جي ذريعي، زندگيءَ جي تشريح ڪئي وڃي ٿي. ان غور مان نتيجو نڪري، اُهو ئي هڪ نقاد جو فيصلو آهي. ٻين لفظن ۾، ائين به چئي سگهجي ٿو؛ ته جنهن وقت، ادب جي تخليق جي شروعات ٿئي ٿي، تنهن وقت، تنقيد وجود ۾ اچي ٿي، ۽ هي خيال صحيح به آهي. ڇو ته، تخيّل جي سهاري، جڏهن اَسان، ان زماني تي نظر ڊوڙايون ٿا جنهن وقت، انسان اِبتدائي پيدائش مان اچي، هن دنيا ۾ پنهنجو پهريون تخليقي ڪارنامو پيش ڪيو هو، ته اِئين محسوس ٿئي ٿو، ته اُن وقت هن جي دل ۾، ضرور هي خيال پيدا ٿيو هوندو، ته هن جي تخليق ٿوريءَ ڦير ڦار کان پوءِ، زياده خوبصورت، ۽ وڻندڙ ٿي سگهي ٿي. اِن جو هڪ واضع ثبوت، هي آهي، ته وحشت جي دور جو آرٽ، ابتدا ۾، گندو نظر اچي ٿو، مگر وقت سان گڏوگڏ، جئن جئن دنيا تهذيب، ۽ تمدن جي سانچي ۾ پلٽبي وئي، ته اُن ۾ زياده کان زياده سونهن، ۽ سوڀيا پيدا ٿيندي وئي. اِهو انسانن جي فنّي شعور جي پختگيءَ کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به نه آهي.

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته تنقيد جو ذوق، بلڪل فطري آهي، ۽ اُن جو وجود، دنيا جي پيدا ٿيڻ کان وٺي آهي. مگر صدين جي لڳاتار انقلابن کان پوءِ، اِن باقاعدي علم جي صورت، هن صديءَ ۾ اختيار ڪئي آهي. نياز فتحپوريءَ، پنهنجي ڪتاب انتقاديات ۾، تنقيد جي قدامت تي بحث ڪندي لکيو آهي ته: عرب ۾، هيءُ فن، اِبتدائي منزل تائين محدود رهيو، ۽ جيڪڏهن اسم الرجال ۽ حديث جي اُصول کي مذهبي ادب سمجهي، جدا ڪيو وڃي، ته لغت کان سواءِ، هنن وٽ ٻيو ڪو به تنقيدي سرمايو ڪونه آهي. مغربي مصّنفن، هن فّن تي، ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. مگر اوليت جو شرف، يونان کي حاصل آهي. روم جا رهاڪو، جڏهن قسطنطنيه جي فتح کان پوءِ، اطاليہ ۾ اچي رهيا، ته اُتان جي اميرن، علم، ۽ ان جي اشاعت ۾، تمام گهڻي مدد ڪئي. ان ۾ تنقيد جو فّن به آهي. پوئين زماني ۾، علم ۽ فّن جي گهڻائي ٿي، ۽ هڪ ئي موضوع تي، ماڻهن مختلف رايا پيش ڪرڻ شروع ڪيا. ضرورت هئي، ته اُنهن مختلف خيالن جي اسڪول کي سمجهڻ لاءِ، ڪوئي صحيح معيار قائم ڪيو وڃي. اِن ڪري يورپ، جي سڀني قومن، هن طرف توجهه ڏنو، ۽ خصوصيت سان فرانس جتان جي ماڻهن کي غور، ۽ فڪر، ۽ ذهن رسا سان گڏ، ظرافت جو به حصو هو - ۽ جو تنقيد جي فّن لاءِ نهايت ئي ضروري آهي، هن ڏانهن زياده ڌيان ڏنو.

تنقيد جي لغوي معنيٰ: پرکڻ يا چڱي ۽ بري جو فرق معلوم ڪرڻ آهي. اصطلاح ۾، محاسن ۽ معائب جو صحيح اندازو لڳائڻ، ۽ اُن تي ڪا به راءِ قائم ڪرڻ کي، تنقيد چيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾، تنقيد جي لاءِ Criticism جو لفظ استعمال ٿئي ٿو، جنهن جي اصلي معنيٰ، عدل يا انصاف آهي. اِن خيال جي پيش نظر، هڪ انگريزي نقاد، هڊسن لکيو آهي: ادبي نقاد، ان کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾، ڪنهن فّن جي شہ پاري جي سمجهڻ، ۽ ان تي غور ڪرڻ جي خاص صلاحيت هجي. هن فّن جي ماهر جو، هي ڪم آهي، ته ڪنهن فّني تخليق کي ڏسي سمجهي، غور ڪري، ۽ اُن جي چڱاين، ۽ براين جي جاچ ڪرڻ کان پوءِ، اُن جي قدر، ۽ قيمت جو صحيح اندازو لڳائي. مگر جڏهن اسان تنقيدي ادب جو ذڪر ڪيون ٿا، ته عدل، انصاف، ۽ راءِ ڏيڻ، يا ڪنهن ٻي قسم جو خيال ظاهر ڪرڻ ئي تنقيد نه آهي؛ بلڪ اُهو سمورو ادب، تنقيد ۾ اچي وڃي ٿو، جو ادب جي ٻين شعبن متعلق لکيو ويو آهي؛ پوءِ اهو، ادب جي قسمن جي تشريح ڪري، تجزيو ڪري، يا ان جي قدر، ۽ قيمت کي معلوم ڪري. تنقيد، ادب جي سڀني شعبن، يعني شاعريءَ، افسانہ نگاريءَ، ڊراما نويسيءَ، ۽ خود تنقيد نگاريءَ سان واسطو رکي ٿي. اِن ڪري، اگر اسان اهو قبول ڪيون، ته ادب زندگيءَ جو ترجمان آهي؛ ته پوءِ ادب جي ترجماني، وري تنقيد ڪري ٿي. ان مان ثابت ٿئي ٿو، ته تنقيد ادبيات ۾، خاص رتبو رکي ٿي.

تنقيد جي تعريف ۾، اختلاف آهن. مختلف لکڻ وارن، تنقيد جي جدا جدا نموني تعريف ڪئي آهي. ڪيترن جو خيال آهي، ته تنقيد جي ضرورت ئي ڪانه آهي. تنقيد کان سواءِ، به ادب زنده رهي سگهي ٿو، ۽ وڌي ويجهي ٿو. ڪيترن ماڻهن، هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي، ته تنقيد صرف فنڪارن جي ذلت جو ذريعو آهي، ۽ تنقيد نگار اُهو ٿئي ٿو، جو تخيلي ادب جي ميدان ۾ ناڪام ٿئي ٿو، ۽ پوءِ تنگ ٿي تنقيد نگاريءَ جو پيشو اختيار ڪري ٿو. آئزڪ ڊز ريلي هڪ جڳهه تي لکيو آهي: تنقيد نگار اهو ٿئي ٿو، جنهن کي ادب ۽ آرٽ ۾ ناڪامي ٿئي ٿي. مگر حقيقت انهن سڀني ڳالهين جي، بلڪل برعڪس آهي. تنقيد ادب ۾، بي انتها ضروري، ۽ اهم آهي. اِها ادب کي مضبوط بڻائي ٿي، ۽ ادب کي سنواري ٿي. ان ڪري، ان جو وجود به لازمي آهي. تنقيد نگار، حقيقت ۾ تخليقي چيزن کي پيش ڪرڻ وارن جي برائي نٿو ڪري، بلڪ اُن کي صحيح رستي تي لڳائي ٿو، ۽ اُن کي نيون نيون ڳالهيون سمجهائي ٿو. جي ماڻهو، فنڪارن جي صرف برائي ڪن ٿا، تن کي صحيح معنيٰ ۾، تنقيد نگار چئي نٿو سگهجي. تنقيد نگار، اُنهن سڀني چيزن کان بلند ٿئي ٿو. تنقيد نگار جي لاءِ، ائين چوڻ؛ ته هو ادب ۽ آرٽ جي دنيا م ناڪام ٿيڻ کان پوءِ تنقيد ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، سو ڪنهن به طرح عقل تي مبني ٿي نٿو سگهي. تنقيد خود تخليقي ادب جي شاخ آهي، ۽ تنقيد کي تخليقي ادب ۾ شمار نه ڪرڻ، هڪ وڏي غلطي آهي. ڪنهن تخليقي شاهڪار جي متعلق، ڪجهه به چوڻ، بذات خود هڪ تخليق آهي، ۽ جڏهن تنقيد نگار ادب جي جمالياتي خوبين سان، ان کي سينگاري پيش ڪري ٿو، تڏهن ان کي، تخليقي تنقيد قبول ڪرڻ، ۾، ڪو به عذر ڪونه آهي. ان ڪري، تنقيد تخليقي ادب جي هڪ شاخ آهي؛ جا پنهنجي نوعيت کان، ادب جي ٻين شعبن؛ يعني شاعري، افسانہ نگاريءَ، ۽ ڊراما نويسيءَ کان مختلف آهي. مگر ان کي ڪنهن به طرح، ادب جي اُنهن شاخن کان گهٽ اهميت نٿي ڏيئي سگهجي.

اسان کي، هاڻي هي ڏسڻو آهي، ته هن فّن، ادبيات کي ڪيتري حد تائين متاثر ڪيو آهي. اڳين زماني ۾، تنقيد جو مدار اُهي اصول، ۽ قاعدا هئا، جي متقدمين علم، ۽ فّن مان ورتا هئا. مثلاً: جيڪڏهن ڪوئي شخص، علم لغت تي ڪو ڪتاب لکي ٿو، ته اُهو اُن وقت تائين صحيح تسليم ڪيو ويندو، جيستائين آئمہ لغت جي ڪلام مان ماخوذ ٿئي ٿو، يا ان جي مقرر ڪيل اصولن تي تيار ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته، قدماء جي اصولن کي، لازوال حقيقت تسليم ڪيو ويندو هو، مگر ارڙهين صديءَ کان علوم، ۽ فنون جو نئون دور شروع ٿئي ٿو، ڇو ته ان زماني ۾، فنون جي ترقيءَ جو مدار، صرف بحث، ۽ تجربو سمجهيو ويو هو. اُهو زمانو، جڏهن ارسطو جا قول، هڪ صحيح حقيقت جي حيثيت رکندا هئا، گذري ويو، ۽ دنيا جي جديد تمدن سان گڏوگڏ انڌي تقليد، ۽ قدماءَ جي تسلّط کان آزاد ٿي، بجائي ماثوره قول جي، صرف مشاهدي ۽ تجربي، بحث ۽ نقد کي معيار سمجهيو ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو سموري علم ۽ فّن ۾، نمايان ترقي ٿيڻ لڳي، ۽ هڪ هڪ مسئلي تي اهم ڪتاب تصنيف ٿيڻ لڳا. انهن ۾، هڪ تنقيد جو فن به آهي، جنهن اڳتي هلي، هڪ مستقل صورت اختيار ڪئي آهي.

هن سلسلي ۾، نياز فتحپوري جي راءِ درج ڪرڻ، دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. چوي ٿو: هن فّن جي ضرورت، صرف ايتري تائين آهي، ته تصنيفن، ۽ ان جي موضوع تي بحث ڪيو وڃي، ۽ مصنّف ۽ مصنّف جي باهمي مناسبت کي ظاهر ڪري، اُنهن ڪتابن سان مقابلو ڪيو وڃي، جي ڪنهن خاص موضوع تي مختلف وقتن، ۽ ملڪن ۾ لکيا ويا آهن. اڳتي هلي، هن پنهنجي خيال کي، اڃا به واضح ڪيو آهي: علمي راين تي اظهار ڪرڻ، نقاد جو ڪم نه آهي؛ ڇو ته نقاد جي لاءِ، هر موضوع تي مهارت رکڻ به ضروري نه آهي؛ البت هر عهد، ۽ هر ملڪ جي علمي تاريخ مان واقفيت رکڻ، يقيناً لازمي آهي؛ ڇو ته تنقيد جي فّن، ۽ علم ۽ ادب جي تاريخ جو، پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي. منهنجو اردو جي هن بالغ نظر نقاد سان اختلاف آهي. هڪ نقاد لاءِ نهايت ئي ضروري آهي، ته هن کي دنيا جي سموري علم، ۽ فّن تي عبور حاصل هجي، ڇو ته بالغ نظري؛ گهرو مطالع، ۽ غور ۽ فڪر ئي، هڪ نقاد کي صحيح راءِ قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ۽ تنهن کان پوءِ ئي، هو ادب جي مختلف پهلوئن جو جائزو وٺي سگهي ٿو. ان ڪري، هڪ نقاد کي دنيا جي سموري علوم، ۽ ادب جي ڄاڻ لازمي آهي. ڊاڪٽر مولوي عبدالحق جو چوڻ به اِن سلسلي ۾ اهم آهي، چوي ٿو: صحيح تنقيد اُن وقت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ادب جي هر رخ کي ڏٺو، ۽ جاچيو وڃي.

تنقيد جي مختلف نظرين جو، هت جائزو وٺڻ به ضروري آهي. پهريائين پهريائين، جنهن نظريي تي، اسان جي نظر پوي ٿي؛ اُهو ڪلاسيڪي نظريو آهي. حقيقت ۾، ڪلاسيڪي تنقيد جي اثر هيٺ، اِهو خيال ڪيو ويندو هو، ته ادب ۽ آرٽ، زندگيءَ جو نقل آهي؛ جنهن جو ڪم ان کان سواءِ، ٻيو ڪو به نه آهي، ته اُهو انسان جي تفريح جو سامان گڏ ڪندو رهي. اُڻويهين صديءَ کان اڳ، تنقيد جو جو وجود رهيو، اُن ۾، ڪنهن به سائنٽيفيڪ نقطہ نظر کي دخل نه هو. مگر اُڻويهين صدي ۾، يورپ اهڙا ڪيترائي نقاد پيدا ڪيا، جن مختلف انداز سان ادب ۽ آرٽ کي، سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر ان ۾، جذبات کي گهڻو دخل رهيو. ان دور جا نقاد اسان کي ٻڌائين ٿا: ته ادب، ۽ آرٽ ڇا آهي، ۽ ڪهڙين خصوصيتن جو حامل آهي. پر اِن لاءِ، وٽن ڪي دليل ڪونه هئا. ان کان پوءِ، جذباتي، ۽ روحاني تحريڪ جي ابتدا ٿي، ۽ ادب برائي ادب جو نظريو عام ٿيو. ان نظريي جي علمبردارن ۾: ڪيٽس، پيٽرا، ۽ آسڪروائلڊ، وغيره آهن. هنن نٿي چاهيو، ته ڪو ادب ۽ شاعريءَ کي، ڪنهن مقصد جو پابند بڻايو وڃي. حسن جو احساس هئڻ، بذات خود هڪ وڏي ڳالهه آهي؛ ڇو ته اِن مان، انسان کي، هڪ اَبدي مسّرت حاصل ٿئي ٿي. مذهب، ۽ اخلاق کي ادب سان وابسته ڪرڻ، هنن لاءِ عبث هو. هنن جو خيال هو، ته فنڪار بري ۾ بري چيز، ۽ بدصورت کان بدصورت چيز کي، فّن جي سهاري، خوبصورت بڻائي پيش ڪري سگهي ٿو. ادب جو، هي خالص جمالياتي تصور، ڪافي عرصي تائين، ادبي دنيا تي ڇانيو رهيو. مگر جئن ته، حسن جو تصور، انسان کي ڪو به سڪون نٿو پهچائي سگهي. اِن ڪري اِن جو ردعمل ٿيڻ لازمي هو، جنهن جي نتيجي ۾، ڪي اهڙيون تحريڪون به پيدا ٿيون، جن ادب ۽ آرٽ کي بامقصد بڻايو. انهن تحريڪن جو مقصد هو، ته ادب صرف حسن ڪاري ئي نٿو ڪري، بلڪ انسانيت کي بلند، ۽ برتر بنائڻ ۾ به ان جو حصو آهي.

هي ڪارل مارڪس، ۽ اينگلز جا خيالات هئا. جن کي سڄي دنيا ۾ هڪ انقلاب آڻڻ جي تمنّا هئي. انهن جي خيال ۾، ادبي تنقيد نگاريءَ جو بنياد، هروڀرو جمالياتي فلسفي تي قائم نه ٿو ڪري سگهجي، يعني جيستائين، اُن تي سائنس جي روشنيءَ ۾، غور نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ان جو پوريءَ طرح سمجهه ۾ اچڻ، مشڪل آهي. درحقيقت، جئن ممتاز حسين لکيو ته: مارڪسي تنقيد، دنيا جي اديبن کان، هڪ عالمگير نظريي جي توقع رکي ٿي. هوءَ زندگيءَ، ۽ نفسيات کي، الڳ الڳ نٿي ڏسي، بلڪ هڪ ئي وقت، زندگيءَ جي ڀرپور طاقت کي ڏسڻ گهري ٿي. مارڪسي تنقيد کي، ان سان ڪو به واسطو نه آهي، ته ڪوئي اديب يا شاعر،محنت ڪش طبقي جي حمايت ڪري ٿو، يا نه، بلڪ پوريءَ سماجي زندگيءَ کي، هڪ ئي وقت، ۽ هڪ ئي ڪردار جي زندگيءَ ۾، منعڪس ڏسڻ چاهي ٿو. اِن جو مطلب آهي، ته ادب، ۽ آرٽ لاءِ؛ ٻه چيزون ضروري آهن: يعني ادب اِفاديت Utility ۽ جماليات Aesthatics جي خوبين جو حامل هئڻ گهرجي. هي گهٽ وڌ، اُهو ئي نظريو آهي، جو مٿيو آرنلڊ پيش ڪيو آهي. هن جي اڳيان: ادب زندگيءَ جي تنقيد آهي. هن مان، هن جو مقصد هو؛ ته ادب زندگيءَ کي، بهتر بنائڻ جو ڪم ڪري ٿو، ڇو ته انسان لاءِ اڳتي هلڻ جو خيال، سڀ کان زياده اهم آهي. مارڪس، ۽ اينگلز جي اِن خيال، آرٽ جي اندر، حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ کي هوا ڏني، جنهن جو بنياد سائنٽفڪ ۽ عقلي خيالن تي قائم آهي.

هنن تنقيدي خيالن، ۽ تنقيدي نظرين، ڪيترائي اسڪول قائم ڪيا آهن. هن دور ۾، جي طرح طرح جون تنقيدي تحريڪون هلي رهيون آهن، تن پنهنجي نقطہ نظر کان، ادب ۽ آرٽ جي جمالياتي، ۽ اِفادي پهلوئن جي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ سڪول جو خيال آهي، ته صرف جمالياتي نظر سان ئي، ادب کي ڏسڻ گهرجي. اُنهن جي خيال ۾، ادب مان، سماج کي ڪو به فائدو ڪونه آهي. هو قديم جمالياتي نقادن جيان، اَڄ به ادب، ۽ آرٽ کي، سواءِ ادب، ۽ آرٽ جي، ڪنهن ٻئي چيز سان ڳنڍڻ نٿا گهرن. هو نه فلسفيانہ اهميت جا قائل آهن، ۽ نه زندگي جي هم آهنگي Harmony سان، اهڙن ماڻهن جو تعلق، ڪلاسيڪي، ۽ روماني تنقيد نگارن جي نظرين سان آهي. اِن فڪر ۾، هڪ رجحان هي به آهي، ته فنّي تخليق کي، اُن وقت تائين نه سمجهي سگهيو؛ جيستائين اسان کي، اُن زماني جي ذهني، ۽ سماجي حالتن جو اندازو نه ٿيو آهي؛ ڇو ته، انهن حالتن ۾ ئي تخليق جو راز لڪل آهي. هن نظريي ۾، ڪيترائي اضافا ٿيا آهن، ۽ مارڪسي تنقيد جو بنياد اِن تي ئي قائم آهي.

هڪ ٻيو رجحان، جو تنقيد نگاريءَ ۾ پيدا ٿيو آهي؛ اهو علم تحليل نفسيءَ سان واسطو رکي ٿو. تحليل نفسي Psycho-Analysis جي نظريي جو علمبردار، فرائڊ آهي، جو ٻين ڳالهين سان گڏوگڏ، ادب، ۽ آرٽ کي به، اُنهن دٻيل خواهشن جي اثر جو نتيجو سمجهي ٿو، جي انسان جي تحت شعور Sub Conscious ۾ پيدا ٿين ٿيون. جيڪڏهن هن نڪتہ نظر سان ڏٺو وڃي، ته اَدب، ۽ آرٽ کي، ان وقت تائين سمجهي ئي نه سگهبو، جيستائين اُن جي تخليق ڪرڻ واري جي نفس جو تجزيو نه ڪيو ويو آهي.

اِن کان سواءِ، سائنس جا تجربا، جئن جئن وڌندا رهن ٿا، تئن تئن تنقيد جو دائرو وسيع ٿيندو وڃي ٿو. ڇو ته، سمورا نظريا، علم تحليل نفسيءَ جي نظريي جيان، اُن تي اثر انداز ٿيندا وڃن ٿا. ٽي ايس ايليٽ جي خيال ۾؛ سڀ کان زبردست رجحان، موجوده تنقيد ۾ اِهو آهي، ته هو پنهنجي دائري کي، وسيع ڪري رهيو آهي، ۽ زندگيءَ جي ساريءَ ڪشمڪش، ايجادن جا ڪرشما، ۽ نظرين جون سموريون هيٺ مٿانهيون، اِن ۾ بي نقاب نظر اچن ٿيون. غرض، اهڙيءَ طرح دنيائي ادبيات ۾، تنقيد جا جدا جدا نظريا قائم آهن.

ادب ۾، تنقيد کي بلند درجو حاصل آهي. تنقيد، نه صرف ادب کي سينگاري، ۽ سنواري ٿي، بلڪ هڪ فنّڪار جي صحيح رهنمائي به ڪري ٿي. حقيقت ۾، تنقيد جي پرورش ڪرڻ، نهايت ئي ضروري آهي؛ ۽ جيڪڏهن ادب ۾، تنقيد کي اهميت نه ڏني ويندي، ته فنڪار پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ويندو؛ جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو، جو اَدب، ۽ آرٽ بلند تخليق ٿي ئي نه سگهندو.

(1955)

___________


(1)  هن مضمون جي لکڻ وقت، منهنجي اڳيان هيٺيان ڪتاب رهيا آهن:

1.       اُردو تنقيد کي ارتقا- ڊاڪٽر عبادت بريلوي.

2.      انتقاديات- نياز فتح پوري.

3.      An Introduction to the study of Literature

        By: W.H.Hudson

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com