سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيد ۽ تنقيد نگاري

باب: --

صفحو :6

 

قاضي نذر الاسلام

بنگال جو باغي شاعر

 

ڊاڪٽر اختر حسين رائيپوريءَ، پيام شباب(1) جي شروعاتي صفحن ۾، بنگال کي اٽليءَ سان تشبيهه ڏيندي لکيو آهي، ته آب و هوا هنن ٻنهي قومن ۾، رومان ۽ نغمي لاءِ محبت پيدا ڪري ڇڏي آهي. سچ به هيئن آهي، ته جيڪڏهن ٻنهي قومن کي، پنهنجي پنهنجي حالت تي ڇڏيو وڃي، ته هو بلڪل امن پسند آهن- ۽ اهڙين سڀني چيزن جون شوقين، جيڪي برسات، ۽ گرميءَ ۾ طبيعت کي وڻنديون آهن. هنن جي زبان شيرين، ۽ قدري نسوانيت ڀريل آهي. هنن جو ادبي ذوق حقيقت جي طرف نه، بلڪ رومان جي طرف گهڻو لاڙ رکي ٿو- ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اٽليءَ جيترا درويش، ۽ بنگال جيترا ساڌو ۽ سوامي پيدا ڪيا آهن، اوترا شايد ئي، ڪنهن ملڪ پيدا ڪيا هجن. علم ۽ ادب، شعر ۽ نغمي، ۽ سياسي جدوجهد جي لحاظ کان به، بنگال هندستان جي ٻين صوبن کان اڳتي رهيو آهي. اُڻويهين صديءَ کان وٺي اڄ تائين، بنگال ادبي ميدان، ۾ وڏا وڏا شاعر، ناول نگار، افسانه نويس، ۽ ڊرامه نگار پيدا ڪيا آهن.

بنگالي ادب جي موجوده دور کي، ٽيگور جو دور چيو وڃي ٿو. ٽيگور جي شخصيت، هونئن ته بنگالي ادب جي، هر شاخ تي ڇانيل آهي؛ مگر اسين هت فقط سندس شاعريءَ جو ذڪر ٿا ڪريون: ٽيگور جو هي ڪمال آهي، جو هن بنگال جي روح کي ڳولي لڌو. بنگالي زبان جي ميٺاج کي، هن زياده مٺو بنايو، ۽ اُتان جي آبهوا کي، هن پنهنجي نظمن ۾ سمايو. بنگالي شعر جي صنفن ۾ به، هن انقلاب آندو. بنگالي شاعريءَ کي، هن خيالات جي بلندي، ۽ شعله فشاني ڏئي، وڏو مرتبو بخشيو آهي: مگر جيستائين غلاميءَ کان نفرت، سرمائيداري کان بغاوت، ۽ اقتصادي ڪشمڪش کان نجات جو تعلق آهي، ٽيگور ڪابه اڳواڻي ڪانه ڪئي آهي. اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، ٽيگور غير ملڪي حڪومت جو دشمن آهي؛ پر ان سان گڏ، هيءُ به قبول ڪرڻو پوي ٿو، ته هو هندستان جي طبقاتي ڪشمڪش کان نهايت ئي دور هو. ۽ اهو ئي سبب آهي، جو هن بنگال جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾، پنهنجي تخيّل کي، شانتي نڪيتن جي روپ ۾ حقيقت بخشي، ۽ پوءِ هو رقص و سرود، نغمه و چنگ، ۽ آسماني تصورات ۾ گم ٿي ويو: هن زندگيءَ جي عڪاسي ته ڪئي، مگر اها ڪنهن حد تائين عينياتي ۽ تصوراتي هئي.

ٽيگور جنهن اَمن، ۽ عافيت جو تصّور قائم ڪيو هو، اُن ۾ ڪڏهن ڪڏهن دهشت پسندن جا بم گولا به گونجيا ٿي؛ ۽ ائين معلوم ٿي ٿيو، ته هي حسن، ۽ نيڪيءَ جو خواب، جو ڪاليداس جي زماني کان شروع ٿيو آهي، سو جلد ئي ختم ٿيڻ وارو آهي. عدم تعاون جي تحريڪ، اسان جي سياسي تاريخ جو، هڪ اهم واقعو آهي. هن تحريڪ جي اهميت، هن ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو هن ۾، هارين به حصو ورتو هو. ان وقت، ائين معلوم ٿي رهيو هو، ته اُهو آتش فشان جبل، جو مدت کان سرد هو، سو هينئر اندرينءَ باه کان گرم ٿي رهيو آهي، ۽ سندس غلاميءَ جون زنجيرون، اجهو رجي پاڻي ٿي ختم ٿي وڃڻ واريون آهن. بنگالي عوام، جو قومي تحريڪن جي پيداوار هو، هن هيجان جو خاموش تماشائي نه هو. حقيقت ۾، هندستان ۾، بنگالين کان وڌيڪ ٻيو ڪو به وطن پرست نه آهي؛ پر هنن جو جوش، اُن نديءَ جيان آهي، جنهن جي جواني، سانوڻيءَ جي موسم جي دم تائين آهي. جڏهن هوءَ اَمنگ ۾ ايندي آهي، ته پنهنجي اڳيان، سمورن بندن کي ٽوڙي ڇڏيندي آهي. هن هنگامه خيز دور ۾، اُتي جيتريون به سياسي تحريرون قلمبند ڪيون ويون، تن جو شمار نه آهي. بنگال ۾ هيءُ سياسي جوش ته آيو ويو، پر جيڪا چيز باقي رهجي وئي، اُهو نئون دور هو؛ جو بنگال جي آرٽ، ۽ ادب ۾ شروع ٿيو، ۽ اڄ تائين هليو اچي ٿو. ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي، جو زمانو وڏن وڏن انقلابن، ۽ هنگامن جي ياد؛ صرف اُنهن چند سٽن، ۽ ٿورن جملن ۾ ڇڏي ٿو، جي ڪنهن ملڪ جي تعمير جي طرز، ۽ بيان جي نموني ۾ رهجي وڃن ٿا!

هن نئين دور جي بانيءَ، ۽ علمبردار جو نالو، قاضي نذرالاسلام آهي. نذر الاسلام، پنهنجا باغيانه خيالات، ۽ نوان مضمون پيدا ڪيا، ۽ پراڻن مضمونن کي اهڙيءَ طرح نظر انداز ڪيو، جو ٽيگور اسڪول جا حامي، حيران رهجي ويا. اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته ٽيگور جا شائق، ۽ اُن جي شاعريءَ تي جهومڻ وارا بيشمار هئا؛ پر اُنهن ۾ گهڻو تعداد وري انهن جو هو، جي هن پراڻيءَ، ۽ بيڪار سماج کي زنده رکڻ لاءِ آتا هئا: هو رات ڏينهن گل وريحان، نغمه وسرود، ۽ چنگ و رباب جي سرمستين ۾ غرق هئا؛ جن جي اڳيان انقلاب، ۽ بغاوت جي معنيٰ صرف لفظن تائين هئي؛ جي زمين کان پري ٿي چنڊ، سج، قوس و قزح، بادلن، ۽ ستارن جا خواب ڏسندا هئا، ۽ ٻيءَ صف ۾؛ بنگال جا اُهي نوجوان هئا، جي نذرالاسلام جي انقلابي ترانن کي پڙهي، دولت، ۽ سرمائيداريءَ، ظلم، ۽ ستم جي خلاف مورچي بندي ڪري رهيا هئا.

آهه، ٻڌو!

جڏهن مون پهريون دفعو دنيا ۾ اکيون کوليون،

ڀيانڪ طوفان منهنجي مرحبا ڪئي،

گهر جي ڇت طوفان جو لقمو ٿي وئي.

۽ دروازا طوفان جو تاب نه جهلي، چُور چُور ٿي ويا!

نذرالاسلام مغربي بنگال جي بردوان جي هڪ ڳوٺ چوريليا ۾ 1897ع ۾، پيدا ٿيو. هن جو خاندان، پنهنجي غربت کان مشهور هو. اِها ڳالهه، ته سڀڪو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، ته بنگال جي هارين جي اقتصادي حالت، نهايت ئي زبون آهي. اِهو ئي حال، نذرالاسلام، ۽ ان جي خاندان جو هو. سندس ڄمڻ کان ٿورا سال پوءِ سندس پيءُ ماءُ گذاري ويا، ۽ سندس پرورش هن جي چاچيءَ ڪئي. هوءَ نذرالاسلا، کي، نهايت ئي پيارو گهرندي هئي، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو کيس تعليم ڏيڻ جي خيال کان، هن ٿورا پئسا به گڏ ڪري رکيا هئا. نذرالاسلام کي پهريائين، سندس ڳوٺ ۾، هڪ مولويءَ وٽ پارسي زبان سکڻ لاءِ ويهاريو ويو، مگر هن جي ڇڙواڳ طبيعت، ڪتابن تي ڄمي نه سگهي- ته به هن پارسي، عربي، بنگالي ۽ ڪجهه انگريزي تعليم حاصل ڪري ورتي.

پهرين عالمگير لڙائيءَ جو زمانو هو. بيشمار هندستاني بک، ۽ بيروزگاريءَ جي وڌندڙ تڪليفن کان گهٻرائجي، فوج ۾ ڀرتي ٿي رهيا هئا. نذرالاسلام هي سڀ ڏسي رهيو هو. هن جو پيٽ خالي هو- مٽ مائٽ، بک، ۽ غريبيءَ جي زد ۾ هئا. بنگال جا ڪڙمي، اناج پيدا ڪرڻ جي باوجود، فاقا ڪڍي رهيا هئا. نذرالاسلام هي سڀڪجهه ڏٺو، ۽ پاڻ کي خطري ۾ وڌو: پر اِها حقيقت آهي، ته هن جي فطرت کي، فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ ئي جوهر ڏيکارڻ جو موقعو مليو. هن ڪراچي ڪئمپ مان، پنهنجي ذهني ڪيفيت، هڪ خط جي ذريعي، هيئن بيان ڪئي آهي:

هينئر اسان کي تياريءَ جو حڪم مليو آهي، ۽ جلد ئي عربي سمنڊ پار ڪرڻ کان پوءِ، ميسو پٽيما جي باهه ۾ ٽپي پونداسين. مون باهه جي خواهش ڪئي هئي- صرف باهه جي: مون خواهش ڪئي هئي ته هوا ۾، آسمان ۾، ۽ هيڏانهن هوڏانهن، چئني طرفن کان باهه جون ڄڀيون اُٿن  ۽ مان انهن ڄڀين جي وچ ۾ بيٺو هجان! هڪڙي خواهش ٻي به هئي- رت پيئڻ جي. دل چاهي ٿي، ته سڄي دنيا جي انسانن جي رڳن جو خون چوسي، پنهنجي پياس کي مٽايان- پر ڇا پياس مٽجي ٿي؟ سوچيان ٿو، ته مون کي آخر انسانن سان ايتري دشمني ڇو آهي؟ مگر مان ان جو جواب ڏيئي نٿو سگهان؛ ڪنهن کي خبر، ته فطرت، ۽ طبيعت جي اندر جفاڪاري، ۽ ستمگريءَ جي خواهش ڇو ٿي جاڳي! مان بنسريءَ جي سريلي تان ڇيڙي، هرڻيءَ کي پنهنجي ويجهو آڻيان ٿو... ۽ وري ان جي سيني ۾ خنجر ٿو ٽنبيان- ۽ ان ۾ ئي منهنجي خواهش جي پورائي آهي!

خط جي هن ٽڪر مان، هيءَ ڳالهه ظاهر آهي، ته نذرالاسلام جي فطرت ۾ جوش، ۽ همت، ۽ شجاعت جو هڪ سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي، ۽ اُن جي هر موج ۾، بي پناهه جولانيون آهن.

رات ڇائنجي چڪي هئي- هڪ ڀيانڪ رات! هر طرف خاموشي، ۽ انڌيرو! ڪڏهن ڪڏهن فضا م، هوائي جهاز جي گڙ گڙاهٽ کان هلچل مچي ٿي وئي. کاهين ۾ سپاهي راحت جي ننڊ ڪري رهيا هئا. پر نذرالاسلام جاڳي رهيو هو. ان وقت، هو پنهنجي اندر ۾ عجيب بيقراري، ۽ بي چيني محسوس ڪري رهيو هو، ۽ هن جي دماغ ۾، سڄي ڏينهن جي هولناڪ جنگ جو گهرو نقشو هو، ۽ ان نقشي لفظن جو لباس ٿي پهرڻ گهريو. پر هو لکي، ته لکي ڇا؟ هر طرف اونده هئي- روشنيءَ جو هڪ ذرو به نه هو؛ ته به هن پنهنجي بيقرار جذبات کي، لفظن جو جامو پهرايو، ۽ صبح جو انهن جملن کي ڏسي، هن جي حيرت، ۽ تعجب جي حد ئي نه رهي! هن بنا ارادي، هڪ نظم لکي ڇڏيو. هيءُ هن جو پهريون مطبوعه نظم شط العرب آهي.

جنگ جا هولناڪ شعلا دٻجي چڪا هئا، ۽ هر طرف صلح جو پيغام گونججي رهيو هو. هوائي جهازن جي گڙگڙاهٽ ۽ توبن جو شور گهٽجي چڪو هو. رهيل سپاهي، پنهنجي پنهنجي ديس ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا. مايوس ۽ نااميد! هلندي هلندي هنن سوچيو ٿي، ته جنگ ۾ شامل ٿيڻ سان کين ڇا مليو؟ انهن جي تمنائن جي مکڙي نه ٽڙڻي هئي، سا نه ٽڙي؛ ۽ انهن جي خواهشن تي، اڳي جيان اونداهي ڇانيل هئي. نذرالاسلام به هڪ حوالدار بڻجي آيو. پر جڏهن هو هندستان پهتو، ته ان وقت خلافت جي تحريڪ، ۽ عدم تعاون جي چنگاري، هيڏانهن هوڏانهن ڦهلجي چڪي هئي. انگريزي شهنشاهيت کان عوام بيزار ٿي ڏسڻ ۾ آيو. هي سڀ ڪجهه ڏسي، هو نهايت ئي خوش ٿيو. ڇو ته جا باهه، هو پنهنجي سيني ۾ دٻائي کڻي آيو هو، ۽ جنهن جا شعلا، هن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪا هئا، سي هو ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان، ٻيءَ ڪنڊ تائين، چڱيءَ طرح ڏسي رهيو هو.

هندستان جي هن بي چينيءَ، ۽ بي قراريءَ کي ڏسي، هن باغيءَ جهڙو لازوال نظم لکيو- هن جو اهو نظم، جنهن کيس باغي شاعر (دروهي ڪوي) جو لقب لکيو آهي

باغي اسان جي ادب ۾، پنهنجي قسم جي هڪ نرالي چيز آهي. وڪٽر هيوگو (طوفان)، سوئين (هرٿا)، ۽ لارڊ بائرن (تخريب) جهڙن باڪمال شاعرن، هن موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آهي؛ پر باغي جي رفعت، ۽ عظمت هن کان بلند آهي. هن ۾ بلا جو زور آهي، ۽ جا خوبي هن جي ذرن ۾ موجود آهي، تنهن شاعر کي، هڪ باه جو مجسم بڻائي ڇڏيو آهي. بغاوت جو اهڙو رنگ، مشڪل سان ڪٿ ٻيو ملي سگهي ٿو.

چئي ڏي، اي جوان مرد! چئي ڏي ته مان سر بلند آهيان!

ايترو سر بلند، جو هماليه جي چوٽي به منهنجي اڳيان جهڪيل آهي.

مان سرڪش، سنگدل، ۽ آتش زبان آهيان

مان قيامت جو دوست آهيان، تباهي آهيان، دهشت آهيان:

مان دنيا جي لاءِ سراپا هلاڪت آهيان:

چئي ڏي، اي جوان مرد! چئي ڏي ته، مان سر بلند آهيان!

مان باغي آهيان ۽ وطن جو سرڪش اولاد؛

منهنجي راه ۾ جيڪا چيز اچي ٿي، تنهنکي مان چور چور ڪري ڇڏيان ٿو؛

پنهنجي خوديءَ کان سواءِ، ٻئي ڪنهن جي به زير احسان ڪين آهيان؛

مان اسرافيل جي صور جو پڙاڏو آهيان؛

قيامت جي ديوتا جو جهنڊو، ۽ جبريل جي لٺ آهيان؛

جڏهن بگڙجي اُٿان ٿو، ته آسمان به مون کان لرزش کائي ٿو؛

۽ جهنم به مون کان ڪنبي ٿو؛

مان شهاب ثاقب، مريخ ۽ دمدار ستارو آهيان؛

زهريلي نانگ جي ڦڻ آهيان؛

مان اُن ڏينهن مطمئن ٿيندس، جڏهن مظلوم جي آه آسمان ۾ نه گونجندي؛

جڏهن جنگ جي ميدان ۾ تلوارن، ۽ خنجرن جا خوفناڪ ترانا ٻڌڻ ۾ نه ايندا!

دروهي (باغي) جي اشاعت، بنگال جي ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڏني. اخبارن ۾ مهينا، هن نظم جو چرچو ٿيندو رهيو. قدامت پسندن، سخت واويلا مچائي ڏني. حقيقت ۾، هن جا نوان بحر، ۽ نوان مضمون، هڪ نئين دور جو، اعلان ڪري رهيا هئا. ٽيگور اسڪول جي حامين کي ياد نه آهي، ته ڪنهن بنڪم چٽرجي، ۽ ڊي. ايل راءِ جي روايتن کي ٽوڙي، پنهنجي لاءِ ڪڏهن ڪو نئون رستو بڻايو هو. بنگالي ادب کي، نذرالاسلام هيءَ هڪ بي بها سوکڙي ڏني هئي. پر سڀ کان زياده اهم اُهو پيغام هو، جو هن پنهنجي قوم لاءِ آندو هو. هي اُنهن جانبازن جو پيغام هو، جي انسانيت کي نجات ڏيارڻ لاءِ، ديس پرديس ۾، سوريءَ تي چڙهي رهيا هئا، ۽ موت جي ڪوٺڙين ۾ بند هئا. پر اُها طرز، جنهن جي وسيلي، هن پنهنجي پيغام کي پيش ڪيو، سا گهٽ اهم نه هئي. شاعريءَ، يا ادب جي هر شعبي ۾، طرز ۽، اُسلوب کي، سڀ کان زياده مرتبو حاصل آهي، ۽ سٺي ۾ سٺو مضمون به، اُسلوب جي نقص ڪري، بي اثر، ۽ بي جان رهجي وڃي ٿو. نذرالاسلام، هن راز کي سمجهيو، ۽ پنهنجي جذبات جي اظهار لاءِ، هن جيڪو لباس چونڊيو، تنهنجي چمڪ ڌمڪ نرالي هئي.

هن قسم جي نظمن جي اشاعت جو، هي لازمي نتيجو هو، جو اسان جي شاعر کان حوالداري کسي وئي، ۽ هن جي مختصر پينشن به بند ڪئي وئي. نه صرف ايترو، بلڪ حڪومت هن جي نظمن جا مجموعا به ضبط ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ هن کي ٻه دفعا جيل به موڪليو.

هڪ دفعي، نذرالاسلام، پنهنجي ٿورن دوستن سان، ڪجهه وقت جي لاءِ ڪوميلا ويو. موٽڻ بعد، هن ڪلڪتي مان، بنگالي زبان ۾، هڪ هفتيوار اخبار ڌوم ڪيتو، جي نالي جاري ڪئي. هن اخبار جي جاري ٿيڻ سان، بنگالي ادب ۾، انقلاب جي لهر ڊوڙي وئي. انقلابي نوجوانن جي رهنمائي هيٺ، اشتراڪيت جو جهنڊو بلند ڪيو، ۽ سرمايه داري جي خلاف تحريڪ جي ابتدا ڪئي. نتيجو هيءُ نڪتو، جو هن جي مشهور نظم آگمني (آمد) جي اشاعت کان پوءِ، جلد ئي حڪومت هن جي نالي، گرفتاريءَ جو وارنٽ جاري ڪيو. پر، هي پوليس کان پاڻ بچائي، حال في الحال روپوش ٿي ويو. ڪيترن ڏينهن جي پريشانيءَ کان پوءِ، پوليس کيس ڪوميلا ۾ گرفتار ڪيو.

جيل جون لوهي سيخون، مرده دلين جي همت کي پست ڪري ڇڏينديون آهن، پر ارادي جي قوت، پخته دل، ۽ دماغ وارا، هتان ئي مٿي چڙهندا آهن. بغاوت، ۽ سرڪشيءَ جي چڻنگ، جا اندر ئي اندر دکيل هئي، سا هت شعلو ٿي پئي. نذرالاسلام جي رڳن ۾ عوام جي محبت ڪم ڪري رهي هئي، پوءِ ڀلا، کيس جيل جي انڌيري ڪوٺڙيءَ ۾، ڪيئن ٿو آرام ملي! حڪومت مٿس تشّدد پسنديءَ جو الزام لڳايو، ۽ کيس جيل، اِن لاءِ بند ڪيو، جيئن سندس سورش پسندي وڌي نه وڃي. پر جڏهن، سمنڊ جون موجون طوفان بڻجي پونديون آهن، تڏهن اُنهن جي اڳيان؛ ڪابه چيز سلامت نه رهي سگهندي آهي. اهائي حالت، نذرالاسلام جي هئي. موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ به، هن جو شعور بيدار رهيو- جذبات ۾، اُمنگ پيدا ٿيندا رهيا، ۽ خيالن ۾ تيزي وڌندي رهي.

پر هو، پنهنجي باغي خيالن کي گڏ ڪيئن ڪري؟ ڪاغذ، ۽ قلم هُت ڪيئن ٿي ملي سگهيو! هو پريشان ٿي اُٿيو، ۽ پريشاني جي عالم ۾، سيخن پٺيان گهمڻ لڳو. يڪايڪ، هن جي نگاه آڱرين جي ننهن تي پئي؛ سوچڻ لڳو: هنن آڱرين کان خنجر، ۽ چاقوءَ جو ڪم وٺي ٿو سگهجي. هنن ننهن کي، پنهنجي رڳن ۾ پيوسته ڪري، خون ڪڍي ٿو سگهجي، ۽ اهي ئي ننهن، ديوار تي خيالات جمع ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿا سگهن. مان اِنهن ئي ننهن سان، ديوار تي لکندس. ۽ نذرالاسلام، موت جي ڪوٺڙيءَ جي ديوار کي، پنهنجي دماغ ۾ جمع ٿيل خيالات سان سرخ بڻائي ڇڏيو. ديوار تي، سفيديءَ جي بدران سرخي ئي سرخي نظر اچڻ لڳي. هن جي دل جي گهراين ۾، انگريز، ۽ اُن جي سامراجيت خلاف، شديد نفرت جو احساس جاڳي اٿيو هو. هن نٿي چاهيو، ته هندستان جو غريب طبقو، اِن سامراجيت جي شڪنجي ۾ پيڙبو رهي. هن هر پيٽ کي ڀريل، ۽ هر دل کي آسودو ڏسڻ ٿي گهريو. جيئن ته نذرالاسلام، خود هڪ هاريءَ جو پٽ هو، ۽ هن هارين جي تڪليفن، ۽ مصيبتن جي ڀيانڪ تصوير ڏٺي هئي، ان ڪري، هو هڪ گهڙيءَ لاءِ، به هي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، ته ڪو چانديءَ، ۽ سون جا ديوانا، پنهنجي ظلم، ۽ ڏاڍ کي جاري رکندا رهن. افلاس جي گود ۾، هن اکيون کوليون، ۽ افلاس جي ڇانوَ ۾ هو وڌيو، ۽ مٿي چڙهيو:

اي افلاس، تو ئي مون کي هيءَ عظمت بخشي آهي!

عيسيٰ جي مٿي تي، ڪنڊن جو تاج ڪهڙو نه سهڻو ٿو لڳي؛ مرحبا، جو تو مون کي به اِن زينت سان سرفراز ڪيو، ۽ اها جوالمردي عطا ڪيئي؛

منهنجي اکين کي آتش فگن، ۽ زبان کي تند خو بڻايو؛ ۽ هيءَ تنهنجي ئي تربيت آهي، جو منهنجو نغمو اُڀيءَ تلوار کان به تيز آهي!

نذرالاسلام ئي اُهو پهريون شاعر آهي، جنهن صدين جي پراڻين، ۽ بي جان چيزن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن بار بار، پنهنجي نظمن ۾، اسان کي هي سبق ڏنو آهي ته: زندگيءَ جو ٻيڙو، هميشہ اڳتي وڌندو ٿو رهي. هو مزور، ۽ هاريءَ جو همدم، ۽ همنوا آهي. هن تهذيب جي، اُنهن کنڊرن کي ٽوڙي ڇڏيو، جي ڊيڄاريندڙ لاشن وانگر، انسان کي اڄ گهوري رهيا آهن. هو زندگيءَ جو گيت ڳائي ٿو- هو مزور، ۽ هاريءَ جو گيت ڳائي ٿو، جن جي کيتن مان، نئون سورج اُڀرڻ وارو آهي:

اُها گهڙي اچي وئي آهي!

جنهن هٿوڙن سان پهاڙن کي ڪاٽيو ٿي،

۽ جنهن جي ٻنهي طرفن کان هن جا هڏا پکڙيل آهن،

اُهو ئي. صرف اُهو ئي مزور مڪمل انسان آهي.

۽ مان اُن جا گيت ڳايان ٿو.

هن جي دکايل دل هڪ نئين زندگيءَ جي تعمير ڪندي.

هيءَ اُميد نه رک، ته ڪو هي خاڪ نشين، صرف اِن ڪري تنهنجي عزت ڪندا،

ڇاڪاڻ ته تون بالا نشين آهين.

جي ماڻهو محبت وچان زمين کي پنهنجو بستر بنائين ٿا،

انهن کي اها زمين بخشي ڇڏ؛

مان اُنهن قدمن کي چمان ٿو، جن تي هيءَ خاڪ پاڪ لڳل آهي

اڄ مظلومن، ۽ بيڪسن جي خون ۾ رڱجي، زمين جي پيٽ مان آفتاب ٿو اُڀري؛

هينئر اِنهن سڀني ٻنڌڻن، ۽ بندشن کي ٽوڙي اڇلائي ڇڏ.

اڄ آسمان کي گهرجي، ته هو اسان جي گهر تي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪِري؛

اسان جي مٿي تي چنڊ، ۽ ستارا گل ٿي ڪرن، ڇو ته اسان هڪ نئين جهان جو ٻج پوکيو آهي.

ساريءَ دنيا ٻڌو آهي، ته اسان سڀ هڪ ئي قافلي جا مسافر آهيون،

جيڪڏهن هڪ کي تڪليف پهچندي، ته سڀ ان جي درد کي محسوس ڪن ٿا،

هڪ جي بيعزتي انسانيت جي بيعزتي آهي:

نئين دنيا، نون خواهشن، ۽ نون ارادن سان، زندگيءَ جي راه تي گامزن آهي،

جنهن کي ڏسي، خدا مشڪي ٿو، ۽ شيطان خوف کان لرزش ۾ آهي.

1926ع جو سال، نذرالاسلام لاءِ بلڪل منحوس ثابت ٿيو. ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان وٺي، ٻيءَ ڪنڊ تائين، فرقيوار فساد جي باهه ڀڙڪو کائي اٿي هئي، ۽ بغض، ۽ نفرت جا شعلا، تيزيءَ سان بلند ٿيندا ٿي ويا.

هنن شعلن جي ڄڀيءَ ۾، ايترو ته تاءُ هو، جو نذرالاسلام به ان کان بچي نه سگهيو. هن جي خلاف، هر طرف کان حملا شروع ٿي ويا- هندو، هن جي خون جا پياسي ٿي پيا، ڇو ته اُنهن ڏينهن ۾، هن هڪ هندو ڇوڪريءَ پرميلاسين سان شادي ڪئي هئي. حڪومت جو قهر، پنهنجي جڳہ تي قائم هو. مسلمان به، هُن کان بگڙجي چڪا هئا. نذرالاسلام پنهنجي هڪ نظم آتم ڪهاڻي ۾، هن ڪيفيت کي هيئن پيش ڪيو آهي:

مان موجوده زماني جو شاعر آهيان: مستقبل جو پيغمبر نه آهيان.

مون کي شاعر چئو، يا ٻيو ڪجهه؛ بهرحال مان سهندو رهان ٿو.

ڪو چوي ٿو، ته جيل جي هوا کائي برباد ٿي چڪو آهيان،

ڪو ٿو چوي، ته جيل جي اندر ئي بهتر هوس:

مولوي منهنجي چهري تي ڏاڙهي نه ڏسي، مايوسيءَ وچان پنهنجي ڏاڙهي کنهي ٿو:

هندو چون ٿا، ته مون هندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي، ان ڪري فرقي پرست آهيان.

عدم تشّدد جو اوتار، خفي آهي، ته مان بغاوت جا گيت ڳايان ٿو.

مرد سمجهن ٿا، ته مان عورت پرست آهيان؛

۽ عورتون، مون کي نسوانيت جو دشمن سمجهن ٿيون.

دوستو! مون کي اِن جي پرواهه نه آهي، ته ڪو مستقبل مون کي ياد ڪندو يا نه:

منهنجي تمنا صرف هيءَ آهي، ته ٽيٽيهن ڪروڙ خدا جي خلق کي، بک ۾ تڙپائڻ وارن لاءِ، منهنجي هيءَ خونچڪان تحرير، موت جو پيغام ثابت ٿئي!

نذرالاسلام جي باغيانه شاعريءَ جي، سڀ کان زياده خصوصيت هيءَ آهي، ته هن جي اندر، بلا جو جوش، ۽ غضب جو طوفان آهي. هو رستي ۾، حائل ٿيندڙ هر چيز کي ٽوڙي اڳتي وڌي ٿو، ۽ ٻين کي به اهو ئي پيغام ٿو ڏئي. هو انقلاب جو لقب، ۽ غلاميءَ جو دشمن آهي؛ هو پنهنجي هڪ نظم اڳيان ويندڙ واٽهڙو ۾ نوجوانن کي هيئن ٿو خطاب ڪري:

اڳيان ويندڙ واٽهڙو، اڳتي وڌو!

نوجوانو هٿيار کڻي وٺو!

ڪٿي آهي هٿوڙو ۽ _ڏاٽو؟

ساٿيو ڪوچ جو وقت اچي ويو آهي، دير نه ڪيو:

اسان ٻرندڙ ڏئي جي تيز لاٽ آهيون، اسان بهادر آهيون:

اسان نئين بهار جا ٻج ٿا پوکيون:

اڳيان ويندڙ واٽهڙو، اڳتي وڌو!

آئرلنڊ، عرب، مصر، ڪوريا، چين،

ناروي، اسپين، روس،

هر جڳهه اسان جي خون جا قطرا موجود آهن؛

۽ اسان سڀ ساٿي، هڪ ئي دک جا شڪار آهيون:

اڳيان ويندڙ واٽهڙو، اڳتي وڌو!

اسان مٺي ننڊ، ۽ ٿورين گهڙين جي خوشي نٿا چاهيون:

اسان نٿا چاهيون، ته ڪو ٿورين گهڙين جي لاءِ،

راحت، ۽ سڪون، مخمل، ۽ قالين امن، ۽ سستي شهرت

حاصل ڪيون.

هيءَ سڀ سڙيل دولت آهي!

اڳيان ويندڙ واٽهڙو، اڳتي وڌو!

مان ڇا ٻڌي رهيو آهيان!

نئي صبح جو راحت ڀريو گيت:

ساٿيو، توهان به ٻڌو!

هينئر تيار ٿي وڃو وڌو-

اڳتي اڃا اڳتي!

پنهنجي حق تي قبضو ڄمايو!

اڳيان ويندڙ واٽهڙو، اڳتي وڌو!

نذر الاسلام هندستان جي شاعرن ۾، اُهو پهريون شاعر آهي؛ جنهن جيئريءَ جاڳنديءَ زندگيءَ جا گيت ڳايا، زندگيءَ جا اُهي گيت، جي اڳتي وٺي هلن ٿا. هن اسان جي، پراڻين روايتن سان بغاوت ڪئي آهي. زندگيءَ جي واديءَ ۾، گهمي ڦري، هن هي صاف ڏٺو آهي، ته دنيا ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي. هڪ طرف، انسانن جي اڪثريت جهالت، ۽ افلاس ۾ گهٽجي رهي آهي، ۽ ٻئي طرف، اُنهن جي محنت جو ميوو، ٿورا مطلب پرست انسان هڙپ ڪري رهيا آهن. اِن ڪري هن ڪڏهن به هندستان جي ٻين شاعرن جيان، تصّوف جو آڌار نه ورتو آهي، ۽ نه وري، هن زندگيءَ جي بي ثباتيءَ، ۽ انسان جي مجبوريءَ تي ماتم ڪيو آهي: بلڪ هن، ذهني غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي، اهڙن خيالن کي جنم ڏنو آهي، جنهن مان بيداري، ۽ سجاڳي پيدا ٿئي ٿي.

هينئر المناڪيون ختم ويون آهن، ۽ شعلا بلند ٿيڻ لڳا آهن؛

دانهون ڇاتي ڦاڙي ٻاهر نڪري رهيون آهن؛

سمنڊ پلٽجي پيو آهي؛ آسمان ۾ لرزش اَچي وئي آهي؛ ۽ هوا ۾ بجلي پوشيده آهي؛

ڌرتي ڏڪي رهي آهي؛ ۽ ديوتائن ڍالون سنڀاليون آهن:

ڏسو، شهاب ثاقب، ڪائنات کي ابتو ڪري رهيو آهي:

اڄ مان ڪيترو نه خوش آهيان، ۽ خوشيءَ وچان، منهنجي چمن جون مکڙيون، به ٽڙي پيون آهن.

اڄ ريگستان جا خشڪ چپ مشڪي رهيا آهن؛

پهاڙن، ۽ جهنگلن ۾ لرزش اچي رهي آهي؛

هيبتناڪ طوفان اچي ويو آهي؛ سمنڊ جا بند ٽٽي پيا آهن؛

بيقرار دل پاڳلن جيان ڊوڙندي رهي ٿي:

ڏسو، اڄ سموري ڪائنات ۾، خوشين جا نغما ڇڙي پيا آهن!

هڪ ٻئي نظم ۾، هن جي شعلي باري ڏسو:

جوان مرد، تيز قدمن سان جنگ جي ميدان ۾ وڃي رهيا آهن-

هٿن ۾ خوني تلوارون اٿن:

بگل وڄڻ جو آواز قيامت برپا ڪري ٿو ڇڏي-

موت جو ڀوت ڀڄي ويو، ڏک، ۽ تڪليفون مٽجي چڪيون آهن؛

هزارين سج جا شعاع ڌرتيءَ تي ڦهلجي چڪا آهن!

هو قدم قدم روان دوان آهن-

ڪڏهن ريگستانن جي تتل ميدانن ۾، ڪڏهن همت شڪن پربتن تي.

هنن کي ڪنهن جي به پرواه نه آهي1

پنهنجي بدناميءَ جي داغ کي، خون جي سرخ قطرن سان صاف ڪري رهيا آهني

هن عجيب ۽ غريب قربانيءَ کي ڏسي، مندر جو گهڙيال ڏڪي رهيو آهي؛

۽ قديم زماني جا ظالم، ۽ سفاڪ سورما آسمان مان لڪي لڪي ڏسن ٿا؛

ڏسو، گهنگهور بادلن ۾، برباديءَ جو جهنڊو ڦڙ ڦڙ ڪري رهيو آهي،

۽ آزاديءَ جي طبل جي شور کان، آسمان جي ڇاتي ڌڙڪي رهي آهي!

نذرالاسلام جو هيرو اُهو آهي، جو هن ڏاڍاين ڀريل نام کي بدلائڻ لاءِ لڙي ٿو. باغي، هن ئي مجاهد جو ترانو آهي، ۽ ايترو عظيم جو اِن کي ٻڌي، اسان حيرت ۾ رهجيو وڃون ٿا، ۽ دير تائين اِئين ٿا محسوس ڪيون؛ ڄڻ ته هر طرف تاريڪي ئي تاريڪي آهي، ۽ ويجهو ان تاريڪيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ، ڪڪرن ۾ ڪا بجلي تڙپي رهي آهي. درحقيقت، نذرالاسلام ئي اُهو شاعر آهي، جنهن جي شاعري، سنبل، ۽ ريحان، تصّوف، ۽ تصّور جي موضوعات کان دور، انقلاب، بغاوت، ۽ مساوات جي گود ۾ پلجي وڏي ٿي آهي. هن زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي ڏٺو آهي، ۽ فراريت کان دور رهيو آهي. هو جبر، ۽ تشدد جي باه ۾ جلڻ جي باوجود، مشڪندو اُٿي ٿو، ۽ بزدلن کي پيغام ٿو ڏئي:

هيءَ زندگيءَ ڪڏهن به فنا نه ٿيندي: هن کي بقا حاصل آهي-

جي زنده انسانن جيان رهڻو اٿوَ، ته پنهنجي مٿان طوفان جي سايي کي رهڻ ڏيو؛

۽ پنهنجي پيرن مٿان، موت جي دريا کي وهڻ ڏيو؛

زندگيءَ جو پيالو جوانيءَ جي شراب سان ڀري پيو؛

مست ٿي وڃو، ڇو ته طوفان سان همرڪابي ڪرڻي اٿو!

(1954)


(1)   هن مضمون کي لکندي، منهنجي اڳيان پيام- شباب، ۽ شاهراه دهلي رهيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com