سنڌي ادب ۽ افسانه نگاري
قصن ڪهاڻين جو ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ، انسان جي فطرت ۾، ازل کان داخل آهي.
اِن جو سبب، جيتري قدر ظاهر ۾ معلوم ٿي رهيو آهي،
اِهو آهيِ ته انساني دل ۽ دماغ، هميشہ لطيف ۽ پر
حساس جذبات ۽ ڪيفيت کان متاثر ٿيندا رهيا آهن. قصن
۽ ڪهاڻين ۾، انساني زندگيءَ ۽ اُن جا سمورا واقعات
۽ جذبات، احساس ۽ ڪيفيتون چٽيل آهن؛ ۽ جن ۾، اسان
جي روزمره زندگيءَ جو عڪس سمايل آهي. شايد اِهوئي
سبب آهي، جو پروفيسر وقار عظيم، افساني کي مادي ۽
روحاني ڪيفيتن جو مجموعو سڏيو آهي.
اسين جڏهن، دنيا جي اديبات تي نگاه ڊوڙايون ٿا، ته هر ترقي
يافته قوم جي زندگيءَ ۾، اسان کي افسانه ملن ٿا.
مشرق کان وٺي مغرب تائين، هر جڳهه افساني جي
ابتدائي شڪل، هزار سال پهريائين ملي ٿي، جڏهن
تهذيب ۽ تمدن جو پرتو، انساني زندگيءَ تي اڃا نه
پيو هو، ۽ دنيا اخلاق جي بندشن کان آزاد، صرف فطرت
جي آغوش ۾ پلجي رهي هئي. اُن زماني ۾، انسان کي
صرف پنهنجيءَ ذات سان محبت هئي ۽ افساني ۾، هن جي
هستي مختلف صورتن ۾ جلوه گر ٿي نظر آئي.
افساني جي دنيا تي، جيڪڏهن نگاه ڊوڙائي وڃي، ته اسان بخوبيب
محسوس ڪري سگهنداسين، ته انسان جڏهن پهريائين
پهريائين دنيا ۾ پيدا ٿيو: ته هن جي زندگيءَ جون
ضرورتون ۽ خواهشون زياده هيون ۽ اُنهن کي حاصل ڪرڻ
جا ذريعا نهايت ئي محدود – خواهشون غالب پئجي
رهيون هيون، ۽ اُن جي تڪميل نظر نٿي آئي! ظاهر
آهي، ته انسان اِن حالت ۾ ضرور پنهنجي قؤت بازوءَ
۽ دليريءَ تي ڀروسو رکي، اُنهن کي حاصل ڪيو هوندو.
ان کان سواءِ، ٻي اهم ۽ ضروري ڳالهه جنهن ابتدائي
انسان جي ذهن تي اثر وڌو؛ سا هئي انساني تعلقات ۽
جنسي خواهشن جي تسڪين لاءِ مختلف واقعا- عورت ۽
عورت جي محبت سان، انسان کي هميشہ دلچسپي رهي آهي
۽ عورت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه مرد هميشہ هڪ ٻئي کان
غير مطئمن رهيا آهن. نتيجو ظاهر آهي، ته انسان جو
ان خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ، هميشہ تلوار تي هٿ
رهيو ٿي ۽ خون خرابيءَ لاءِ آماده. زندگيءَ جي هن
پهرين منزل جو عڪس، به لازمي طور تي اهڙو ئي هئڻ
گهربو هو. اِن ڪري قريب قريب هر ملڪ جا ابتدائي
قصا، عموماً جانبازيءَ ۽ دليريءَ جي افسانن سان
ڀريل آهن. بهادريءَ جي قصن کان پوءِ افسانوي دنيا
تي مذهب جو اثر نظر اچي ٿو. مذهب انسان جي دل تي،
هر جڳهه ۽ هر زماني ۾، اثر وڌو آهي ۽ جو اڄوڪي
تهذيب ۾ به قائم آهي. اِهو اثر ابتدائي زماني ۾،
نهايت ئي عميق هو، جنهنجي ثبوت لاءِ، اُهي افسانه
پيش ڪري سگهجن ٿا، جي مذهبي روايتن کي ٻين تائين
پهچائڻ لاءِ لکيا ويا. اهڙا قصا، عموماً هر ملڪ ۽
هر قوم ۾ لکيا ويا آهن، ۽ هر زبان ۾ اِهڙن قصن جو
ڪافي تعداد، افسانوي ادب جو پيشرو آهي.
مذهبي قصن کان پوءِ، عام طرح اِهڙا قصا لکيا ويا، جن جو مقصد
تلقين ۽ اخلاق هو. هر هڪ ملڪ ۽ هر زبان ۾ اِهڙن
افسانن جو هڪ خاص دور رهيو آهي، ۽ هي قصا ڪيترين
زبانن ۾ ايترا ته مقبول آهن، جو اڄ به اِنهن جي
اهميت اِهڙي آهي، جهڙي اڳ هئي. اِهڙن افسانن ۾،
’ايسپ جون آکاڻيون‘ پيش ڪري سگهجن ٿيون. اِنهن
اخلاقي قصن کان پوءِ، رومانس ڪجهه دخل ڪيو ۽ يورپ
جي ادب ۾، خصوصاً ڪهاڻين ۽ قصن ۾ رومانس ۽ محبت جي
عنصر کي اهم سمجهيو ويو. مگر جئن ته، انهن ڪهاڻين
۾، لطيف فن ۽ سحرڪاري ڪانه هئي، ان ڪري يورپ جي هر
حصي ۾ ناول جو دور رهيو، جنهن ۾ فرانس ۽ اٽليءَ کي
امتياز حاصل آهي.
مگر ’مختصر افسانو‘ اسان جي، پنهنجي زماني جي پيداوار آهي. هن
جي بناوت تي نظر ڊوڙائڻ سان، ائين معلوم ٿيندو، ته
افسانو جنهن زماني جي چيز آهي، اُن زماني جي مزاج
جي سموري خصوصيت اِن ۾ سمايل آهي. زمانو تيز رو
آهي ۽ هو پنهنجي اِن تيز رويءَ کان جلد ٿڪجي پوي
ٿو. هن زماني جي مشغول ۽ مصروف انسان کي، پنهنجيءَ
دلچسپيءَ لاءِ، ڪنهن اِهڙيءَ چيز جي ضرورت آهي، جا
هن جو زياده وقت صرف نه ڪري، جنهن کان هو جلد ٿڪجي
نه پوي، جنهن کان هنجي دل ۽ دماغ تي ڪو بار نه
پوي. هن کي، ڪنهن اِهڙيءَ چيز جي ضرورت آهي، جنهن
۾ فن جي نزاڪت هجي، مختصر ۽ دلچسپ هجي، تفصيل کان
زياده تصور آفريني هجي ۽ هن جي جذبات تي تيزيءَ
سان اثر انداز ٿيڻ کان سواءِ، هن جي تخيل کي عمل
جو موقعو ڏي. هن مصروف ۽ مشغول، ٿڪي ۽ ماندي انسان
کي، حقيقت جي تلخ ۽ ترش دنيا کان بچائي، ٿوريءَ
دير لاءِ، پنهنجي نازڪ ۽ نرم ٻانهن ۾ پناه ڏئي
سگهي. افساني، نئي زماني جي انسان لاءِ، اُهو سڀ
ڪجهه مهيا ڪيو آهي؛ جنهنجي کيس ضرورت هئي. افساني
اِن ڪري آهسته آهسته مقبوليت حاصل ڪئي آهي ۽ اڄ
ادب جو هڪ اهم حصو آهي(1).
افساني جي متعلق مختلف رايا آهن. افساني جي تعريف، ’اڊاگرالن
پو‘ هئن ٿو ڪري: ”افسانو هڪ اهڙو نثري داستان آهي،
جنهن جي پڙهڻ ۾، اسان کي اڌ ڪلاڪ تائين وقت لڳي
ٿو.“ مگر هيءَ تعريف ايتري جامع نه آهي، ۽ افساني
جي ٻين خصوصيتن کي قطعي نظر انداز ڪيو ڇڏي. هڪ ٻي
مغربي نقاد جو رايو آهي ته: ”افسانو، هڪ اهڙو
مختصر فڪري داستان آهي، جو ڪنهن هڪ خاص واقعي، ۽
ڪنهن هڪ خاص ڪردار تي روشني وجهي ٿو. ان ۾ پلاٽ
هجي، اُن جا واقعات هڪ ٻي ۾ ڳتل هجن، ۽ ان جو بيان
ايتري قدر ته منظم هجي، جو ان جو اثر متحد ٿي
پوي.“ هيءَ راءِ ظاهري طرح، ٻين گهڻن راين کان
بهتر آهي. ليڪن پروفيسر وقار عظيم جي چوڻ موجب، اڄ
جو افسانو فن جي حيثيت کان برابر اڳتي وڌندو رهي
ٿو، ۽ جا اڄ اُن جي تعريف ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ شايد
سڀاڻي خامي نظر اچي. اِن جو سبب اِهو آهي، ته
افساني جي هر پهلو تي، نفسيات جي نون نون نظرين جو
اثر پوندو وڃي ٿو.
افسانو، جنهن شڪل ۽ صورت ۾، اڄ اسان جي اڳيان اچي ٿو، اُن جا
نقّاد چار قسم مقرر ڪيا آهن: طويل افسانو، طويل
مختصر افسانو، مختصر افسانو ۽ خاڪو.
افساني لاءِ جي چيزون ضروري آهن، سي آهن: پلاٽ يا رٿا ۽ ٻيو
ڪردار نگاري. افساني جو، هڪ باقاعدي پلاٽ هئڻ
گهرجي، ۽ جي واقعات ان ۾ بيان ڪيا وڃن، ان سان گڏ
ڪردار به اهڙائي پيدا ڪيا وڃن؛ جئن اُنهن جو پلاٽ
سان گهرو سٻنڌ يا ربط قائم رهي. هتي هي بيان ڪرڻ
به لازمي آهي، ته افساني جو موضوع نهايت ئي وسيع
آهي: يعني دنيا جي هر شيءِ، ۽ ڪائنات ۾ پکڙيل هر
چيز، افساني جي دنيا ۾ سمائجي سگهي ٿي. بهشت ۽
دوزخ جا خيالي ۽ حقيقي تصورات، افساني ۾ شامل ٿي
سگهن ٿا، رومانس ۽ محبت کان سواءِ، روحانيت ۽
ماديت جا ڪرشما به هن ۾ جلوه گر آهن. خواب ۽ خيال
جي دنيا، هن جو دلچسپ موضوع آهي. حسن ۽ عيب، گناه
۽ پاڪدامني، فطرت ۽ اُن جون رنگينيون، فلسفو ۽ اُن
جي باريڪ بيني، نفسيات ۽ اُن جون هيٺ مٿاهيون؛ غرض
هر چيز افسانو جو مواد ٿي سگهي ٿي.
هن طويل، مگر مختصر تمهيد کان پوءِ، آءٌ پنهنجي مقصد ڏانهن وڌان
ٿو، جو، اسان جي اڄ جي صحت جو موضوع آهي. سنڌي
ادبيات تي نگاه ڊوڙائڻ سان، اسان کي، ڪابه اِهڙي
حقيقت نطر نٿي اَچي، جنهن مان صحيح طرح اندازو
لڳائي سگهجي، ته سنڌي ادب ۾ افسانه نگاريءَ جي
ابتدا ڪڏهن ٿي. مگر جيتري قدر، منهنجو مطالع
منهنجي رهنمائي ڪري سگهي ٿو، ته اِئين معلوم ٿئي
ٿو، ته انگريزن جي دور ۾، سنڌي ادب ۾ قصه نويسيءَ
۽ افسانه نگاريءَ جي ابتدا ٿي چڪي هئي. هي اُهو
زمانو آهي، جڏهن فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتہ ۾، ڊاڪٽر
جان گلڪرائسٽ جي تحريڪ سان، مير اَمن ۽ سيد حيدر
بخش حيدري ’باغ و بهار‘ ۽ ’آرائش محفل‘ ۾ چئن
درويشن جي قصي ۽ حاتم طائي جي سير ۽ سفر کي لکي
رهيا هئا. سنڌي اديب به ان حقيقت کان غافل نه هو.
هن اِنهن قصن کي سنڌي زبان ۾ آندو. مرحوم حاجي
امام بخش ’خادم‘ چار درويش، حاتم طائي ۽ الف ليلہ
جي قصي کي سنڌي زبان ۾ لکيو. ان کان پوءِ، مرحوم
لطف الله هالائي، جان عالم ۽ انجمن آرا جي قصي کي،
’گل خندان‘ جي نالي لکيو؛ جو براه راست، مرزا رجب
علي بيگ ’سرور‘ جي ڪتاب، ’فسانهءِ عجائب‘ جو ترجمو
آهي. ان کان پوءِ، ڪجهه ٻيا به مافوق الفطرت ۽ نيم
تاريخي قصا سنڌي زبان ۾ نظر اچن ٿا. مگر هيءُ
سمورو سرمايو، نه ته ناول جي دائري ۾ اَچي سگهي
ٿو، ۽ نه افساني جي. مگر اِنهن جو هت ذڪر ڪرڻ، اِن
ڪري ضروري محسوس ڪيم، ته جئن اسان تي اِهو روشن
ٿئي؛ ته سنڌي ادب ۾ ڪئن افسانه نگاريءَ جون
ابتدائي منزلون طي ٿي رهيون هيون.
هنن مافوق الفطرت ڪتابن کان سواءِ، ٻه ٻيا ڪتاب به نظر اچن ٿا؛
جي آهن: ’ڀنڀي زميندار جي ڳالهه‘، ۽ ’سڌا تورو ڪڌا
تورو.‘ هنن قصن جو پلاٽ، اخلاق ۽ نيڪيءَ تي رکيل
آهي. افسانوي دنيا ۾، هنن ڪتابن کي، اِن ڪري اهميت
حاصل آهي؛ جو چار درويش ۽ گل خندان جي برعڪس، هنن
قصن ۾، روزمره زندگيءَ جا واقعات ۽ حقيقي ڪردار
پيش ڪيا ويا آهن، ۽ منجهن مقامي رنگ به سمايل آهي.
سنڌي ادب ۾، حقيقي افسانه نگاريءَ کي، شروع ٿئي، ڪو گهڻو وقت
ڪونه گذريو آهي: مشڪل سان ٽيهه سال گذريا هوندا.
جيتوڻيڪ، سنڌي ادب ۾، افسانه نگاريءَ ڪا نمايان
ترقي ڪانه ڪئي آهي، مگر ابتدائي منزلون طي ڪري،
سنڌي افسانو، اڄ جنهن منزل تي پهتو آهي، سو ڪنهن
به حالت ۾؛ ’اُردو افساني‘ کان گهٽ نه آهي.
سنڌي ادب ۾، پهريائين پهريائين ڪنهن افسانو لکيو، تنهن جو
اندازو لڳائڻ، جي ناممڪن نه آهي، ته به مشڪل ضرور
آهي. مگر اِن هوندي به، مختلف سنڌي رسالن کي
اُٿلائيندي، جي افسانه نگار نظر اچن ٿا، اُهي شيخ
عبدالله ’عبد‘ ۽ محمد عثمان حبيب الله آهن؛ جي
’علمي دنيا‘ ۾ افسانا لکندا رهيا ٿي. عبدالله صاحب
جي افسانه نگاري، زياده تر اخلاقي مسئلن ڏانهن
مائل آهي؛ جنهن ۾ ’ماسترياڻي‘ امتيازي درجو رکي
ٿي. ان کانسواءِ، هنجي ڪيترن افسانن ۾ رومانيت جو
عنصر به آهي، جنهن ۾ ’اتفاق‘ ذڪر جي لائق آهي.
هن زماني جي لڳ ڀڳ، شڪارپور مان ’سنڌو رسالو‘ نڪرن شروع ٿيو؛
جنهن ۾، ادب جي مختلف موضوعات تي لکيو ٿي ويو، ۽
جنهن ۾، ادب جي مختلف موضوعات تي لکيو ٿي ويو، ۽
جنهن ۾ افساني به پنهنجي لاءِ جڳهه حاصل ڪري ورتي.
حقيقت ۾، ’سنڌو رسالي‘، سنڌ ۾ افسانه نگاريءَ کي
گهڻو فروغ ڏنو، ۽ افساني کي، صحيح معنيٰ ۾، پيش
ڪرڻ جون ڪامياب ڪوششون شروع ٿي ويون. هن زماني جي
افسانه نگارن ۾: لطف الله بدوي، مرزا نادر بيگ،
ڌرمداس مير چنداڻي، آسانند مامتورا، تارا چند
’ڦٽيل‘ ۽ گوبند ’مالهي‘ اهم آهن. هنن افسانه نگارن
۾، جن کي امتيازي شان حاصل آهي، اُهي آهن: لطف
الله بدوي، نادر بيگ ۽ آسانند مامتورا.
لطف الله بدويءَ جي افسانه نگاري، جامع خصوصيتن جي حامل آهي.
هنجي افسانن تي، حقيقت نگاريءَ سان گڏ، مقامي رنگ،
نهايت ئي گهريءَ طرح ڇانيل آهي. هو صاحب، شايد
اُهو پهريون افسانه نگار آهي، جنهن ڪائنات جي رنگ
۽ بوءِ ۾ رهي به، زندگي جي تلخ ۽ ٺوس حقيقتن کي
پنهنجي افساني جو موضوع بڻايو آهي، ۽ زمين وارن
سان تعلق رکندڙ مسئلن تي، سوچيو ۽ لکيو آهي. ان
ڪري، کيس افسانه نگاريءَ ۾ اوّليت جو درجو حاصل
آهي؛ جو هن پنهنجي زندگيءَ کي، پنهنجي فن جو موضوع
بڻايو آهي. هنجي اِهڙن افسانن ۾، ’غريبيت‘ ۽
’خوفناڪ بدلي‘ کي امتيازي شان حاصل آهي. مرزا نادر
بيگ مرحوم کي به، افسانه نگار جي حيثيت ۾ سنڌي ادب
۾، اهميت حاصل آهي. مرزا صاحب، هندستان وارن جي
رسمن ۽ انهن جي گهرو مسئلن کي، پنهنجي افساني جو
موضوع بڻايو آهي- ننڍپڻ جون شاديون ۽ غميون، فضول
خرچيءَ جا مهلڪ نتيجا، قرض ۽ بي راه رويءَ جون
مصيبتون ۽ مشڪلاتون. اِن خيال کان، هن زندگيءَ جي
مختلف پهلوئن کي پنهنجي افساني جو پلاٽ بڻايو آهي.
مگر هڪڙي ڪمزوري جا نظر اچي ٿي، سا اِها آهي، ته
مرزا صاحب سنڌ جي مقامي رنگ کان دور ٿي، هندستان
جي هندن جي مسئلن تي گهڻو بلڪ اڪثر سوچيو ۽ لکيو
آهي، ۽ اِن ڪري مٿس ’سدرشن‘ جو رنگ نمايان آهي.
بهرحال، اِهي افسانا به اسان جي سنڌي ادب جي هڪ
خال کي گهڻي حد تائين ڀرين ٿا. اَسانند مامتورا جي
افسانن کي پڙهندي، اسان جي دل تي، جو اثر ويهي ٿو،
سو آهي ته مٿس رومانيت جو اثر گهريءَ طرح ڇانيل
آهي، ۽ هن عشق ۽ محبت جي داستان کي، پنهنجي افساني
جو موضوع بڻايو آهي.
هن زماني ڌاري، ’سندر ساهتيه‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾، هڪ
رسالو شروع ٿيو؛ جنهن کي ميلا رام منگترام ترتيب
ڏئي رهيو هو. ’سندر ساهتيه‘ ۾، جي افسانا ڇپجي
رهيا هئا، اُهي زياده تر بنگالي، هندي ۽ اُردو
افسانن تان ترجمو ٿيل هئا. ميلا رام منگترام ۽
هنجي حلقي ۾، جي ٻيا افسانه نگار پيدا ٿيا، سي
آهن: سرائي اُميد علي ۽ دلدار حسين موسوي. هنن ٻن
افسانه نگارن، ڪيترائي افسانه ترجمو ڪيا، ۽ پنهنجي
افسانن ۾ زبان جي سادگيءَ ۽ سلاست کي برقرار رکيو
آهي. ۽ ظاهر آهي، ته هن نئي رجحان جو اثر، اسان جي
افسانن تي پئجي رهيو هو، ۽ اِهڙن افسانه نگارن ۾،
’منشي پريم چند‘ جي افسانه نگاري، نهايت ئي گهريءَ
طرح سان اثر انداز ٿي رهي هئي، ايتري قدر، جو اُن
وقت، منشي صاحب جي ڪيترن افسانن کي، سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيو ويو، جن ۾ ميلا رام جو ترجمو ڪيل
افسانو، ’لوڻ جو داروغو‘ اهميت رکي ٿو.
عثمان علي انصاريءَ به ڪجهه طبعزاد افسانا لکيا آهن، جي ’پنج‘
جي نالي سان، شايع ٿي چڪا آهن. انصاري صاحب، وقت
جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، مختصر افسانا لکي، سنڌي
افسانه نگاريءَ، ۾ اهم درجو حاصل ڪيو آهي. انصاري
صاحب جا افسانا: طرز تحرير کان سواءِ، موضوعن جي
خيال کان به، نهايت ئي دلچسپ ۽ بلند پايه آهن.
هنجي افسانن جو مرڪزي خيال، زياده تر رومانيت
ڏانهن آهي، مگر هن جي ڪن افسانن ۾ انساني فطرت ۽
نفسيات جو به تجزيه ٿيل آهي، جنهن ۾ هو ڪامياب
رهيو آهي، ۽ اِن خيال کان، هو سنڌي افسانه نگاريءَ
۾، هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو.
شيخ اياز، سنڌي افسانه نگاريءَ ۾ جو رنگ پيدا ڪيو آهي، اُهو
بلڪل نئون آهي، ۽ شايد هن وقت، اياز کان زياده
ڪامياب افسانه نگار، ٻيو ڪوبه نه آهي. هن جي
افسانن ۾، اسان کي رومان ۽ حقيقت جو امتزاج ملي
ٿو، جو اسان جي روزانه زندگيءَ ۽ فطرت جي عين
مطابق آهي. اياز جو اسلوب بيان ۽ طرز ادا به دلڪش
آهي، ۽ اِهڙيءَ شعريت سان ڀرپور ۽ مٺڙي زبان،
شايدئي ڪنهن سنڌي افسانه نگار کي نصيحت هوندي.
اياز جي افسانن جو مجموعو، ’سفيد و حشي‘ جي نالي
سان شايع ٿي چڪو آهي. هن سلسلي ۾، هڪ ٻي نوجوان
افسانه نگار جو ذڪر ڪرڻ به لازمي آهي؛ جو آهي: رام
امر لعل پنجواڻي، رام جي افسانن تي فرانسيسي
افسانه نگار، ’موپاسن‘ جو نهايت ئي گهڻو اثر پيل
آهي، ۽ هن جا افسانا، جن ۾ جنسي پهلو نمايان آهي؛
سي آهن: انساني مرغي، ٻيڙيءَ جو گهر ۽ راشننگ
گرل.، مٿين، مختصر خاڪي مان چڱي طرح معلوم ٿيندو،
ته اسان جو افسانو، مختلف منزلون طي ڪندو، پنهنجي
آخري منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي؛ جو نهايت ئي درخشده
۽ چمڪندڙ آهي.
سنڌي ادب ۾، سماجي ۽ سياسي حالتن تي به ڪي افسانا موجود آهن.
سنڌي افسانن ۾ هن رجحان کي پيدا ڪرڻ ۾، ٻن رسالن،
’باغي‘ ۽ ’نئين دنيا‘ نمايان حصو ورتو آهي. آءٌ
ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾؛ اِنهن تي تفصيلي بحث ڪندي.
(ريڊيو پاڪستان، 1953)
|