سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :6

حصو ٻيو

 

دلي دوست سان مشورو

مشوري ڪرڻ جو فلسفو بيان ڪندي فرمائن ٿا ته پاڪباز ۽ حق شناس انسانن سان مشورو ڪرڻ هميشه فائديمند هوندو آهي. جيڪڏهن آدم عليه السلام خدا تبارڪ و تعاليٰ يا ملائڪن سان مشورو ڪري ها ته ابليس هيءَ ترغيب ڏئي رهيو آهي. توهان جي نزديڪ هن ۾ ڪا برائي يا نافرماني ته ڪانه آهي. ته خدا تعاليٰ يا ملائڪ ان کي تنبيهه ڪن ها. آدم عليه السلام صرف پنهنجي مرضيءَ تي هلي ٺوڪر کاڌي. جيڪو شخص به اهل خلوص وصدق سان صلاح مشورو ڪرڻ کان بغير ڪو قدم کڻندو ته اهو ضرور ٺوڪر کائيندو. انسان ذات کي هن مان هدايت حاصل ڪرڻ گهرجي. فقط پنهنجي عقل تي ڀروسو ڪري ڪنهن ٻئي جي ڳالهه تي وزن نه ڏيڻ انسان کي مطلق العنان جاهل بنائي ٿو ڇڏي. فرمائين ٿا ته يارسان مشورو ڪرڻ نجات جو سبب آهي. مخلص يار تنهنجي اک آهي. پنهنجي زبان سان اهڙي مٽي ۽ ڪک پن نه اڏايو جيڪي ان اک ۾ پئجي وڃن. مؤمن مؤمن جو آئينو هوندو آهي (المؤمن مراته المؤمن- حديث) ان کي خراب نه ڪرڻ گهرجي. آئيني جي منهن تي اهڙيون بيهوديون ڦوڪون نه ڏيو جو هو ڌنڌلو ٿي حقيقت نه ڏيکاري. طبيب ۾ ڪشادگي ڪنهن هم جنس جي صحبت سان ٿيندي آهي. غير جنس (يا ناجنس) جي موجودگيءَ سان دل پريشان ٿيندي آهي. جڏهن باغ ۾ گهڻا ڪانو اچي گوڙ مچائيندا آهن ته بلبل اتان هلي ويندي آهي، يا لڪي خاموش ٿي ويندي آهي. هن کان اڳ مولانا رحمت الله عليه فرمائي چڪا آهن ته اک ۾ هڪ وار پئجي وڃڻ سان شيون نظر نه اينديون آهن، يا نظر اينديون آهن ته صحيح صورت ۾ نظر نه اينديون آهن. هاڻي وري انهيءَ تشبيهه ڏي ٿا اچن. فرمائين ٿا ته اک ۾ وار پئجي وڃڻ سان موتي به پٿر وانگر نظر ايندو آهي، جيڪو موتيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهٽ قيمت وارو آحي. اهڙي طرح غلط باطل ۽ بيهودا خيال بصيرت جي اکين کي دوکو ڏيڻ لڳندا آهن ۽ انسان اجايا پهه پچائڻ لڳندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ حضرت عمر رضي الله عنه جي زماني ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ ماڻهو هڪ جبل تي چڙهيا. حضرت  عمر رضي الله عنه به انهن سان گڏ هو. هڪ شخص چيو: امير المؤمنين هي ڏسو چنڊ حضرت عمر جن جي نگاهه نهايت تيز ۽ صاف هئي. خوب غور سان ڏٺائون ليڪن آسمان تي چنڊ بنجي نظر ٿو اچي. ان ڪري فرمايائون ته اکين کي ذرا چڱيءَ طرح ڌوئي صاف ڪري پوءِ ڏس. اکيون صاف ڪري ڏٺائين ته پوءِ چوڻ لڳو ته هاڻي چنڊ نظر ڪونه ٿو اچي. مولانا رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته جڏهن هڪ وار سان نظر ۾ ايترو فرق ٿو اچي ته ان مان اندازو لڳايو ته بصيرت جي اک ۾ جڏهن مٽي ۽ ڪک پئجي وڃن ته پوءِ خاڪ نظر ايندو، جيڪي ماڻهو ناجائز خواهشن ۽ باطل خيالن کان پرهيز نه ٿا ڪن. انهن لاءِ ڪڏهن به حقيقت ظاهر نه ٿيندي.

 

مال جي محبت – ايمان جو رهزن

فرمائين ٿا ته مال جي محبت انسان جي گلي ۾ اهڙي طرح اٽڪندي آهي، جو حقيقت جو آب حيات ان جي نڙيءَ مان هيٺ نه لهي سگهندو آهي. اقتدار ۽ مال جي محبت وڌي ته سمجهو ته شيطان بغلگير ٿيو. عام طور تي ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته مال کي چورن ۽ ڊاڪن کان خطرو آهي. ليڪن مردان خدا جي نزديڪ مال پاڻ هڪ وڏو رهزن آهي. جيڪڏهن ڪو شخص توهان جو فالتو ۽ اخلاق کي خراب ڪندڙ مال چورائي وڃي ته سمجهو ته هڪ چور کي ٻيو چور کڻي ويو. هن جو هڪ مثال ٿا بيان فرمائين ته هڪ نانگن کي پڪڙڻ واري جو ڪو ماڻهو نانگ چورائي ويو. انهيءَ نانگ انهيءَ چور کي ڏنگ هنيو ۽ هو مري ويو. نانگ جي مالڪ ٻڌو ته هڪ شخص نانگ جي ڏنگ سبب مري ويو آهي، ته اهو ڏسڻ ويو ۽ سڃاڻي ورتائين ته منهنجي ئي نانگ هن شخص کي ڏنگ هنيو آهي. مان دعا پئي گهري ته مون کي نانگ جو چور ملي وڃي ته مان ان کان پنهنجو نانگ واپس وٺان. خدا جو شڪر آهي ته نه مون کي اهو نانگ مليو ۽ نه چور مليو. اهو نانگ ته وڏو زهريلو هئو. جيڪڏهن مون وٽ رهي ها ته ضرور مون کي ماري وجهي ها. انهيءَ تي مولانا رحمت الله عليه انسانن کي هن حقيقت کان روشناس ڪرائڻ ٿا گهرن ته انسان کي پنهنجي حقيقي نفعي ۽ نقصان جو ڪو علم ڪونه هوندو آهي. ان ڪري اهڙين شين ۽ خواهشن لاءِ دعائون ڪندو آهي جو جيڪڏهن پوريون ٿي وڃن ته ان جي تباهيءَ جو سبب بنجي وڃن. قرآن حڪيم ۾ فرمايل آهي ته: عيسيٰ ان تکر هوا شيئا وهو خير لکم و عسيٰ ان تحبوا شيئا وهو شر لکم جڏهن دعا قبول نه ٿي ٿئي ته خدا سان شڪايت ڪندڙ ٿي ٿا پون. سمجهن ٿا ته خدا ٻڌي ئي ڪانه ۽ يا اگر ٻڌي اٿس ته اسان تي مهربان نه آهي، جو اسان جي خواهش پوري ڪري. اهو نه ٿا سمجهن ته خدا تبارڪ و تعاليٰ رحم ۽ ڪرم جي سبب انهن کي نقصان ڏيندڙ تمنا کي پورو نه ڪيو. زندگيءَ جي مصلحت کي الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کان بهتر ٿو سمجهي. انسان جو ته هي حال آهي جو پنهنجي خواهش جي فريب ۾ ٿاڦل آهي.

 

سلوڪ جي رستي جون منزلون

صوفي سالڪ جن منزلن کي طئي ڪندو آهي ۽ جيڪي واردت ان تي ٿيندڙ آهن انهن جوبيان مولانا رحمت الله عليه تجربي جي بنياد تي هڪ تشبيهه سان ٿا ڪن، فرمائن ٿا ته صوفيءَ جو علم ڪتابي نه هوندو آهي. ان کي جو ڪجهه حاصل هوندو آهي، اهو تذڪيئه نفس (نفس جي پاڪيزگي) سان حاصل ٿيندو آهي. هو عرفان الهيٰ جون سڀ منزلون دل جي صفائيءَ ۽ ترقي ڪري ڪندو آهي. ظاهري علمن سان دانش حاصل ڪرڻ وارا ڪتابن ۾ معلومات کي ڳوليندا هن ۽ پهريان عالم جيڪي قلم جا آثار ڇڏي ويا آهن. انهن کي ڏسي دانش حاصل ڪندا آهن. عالم وٽ بس اهائي معلومات هوندي آهي. ليڪن صوفي وٽ الله تعاليٰ جا قديم انوار هوندا آهن، جن جي روشنيءَ ۾ هو رستو طئي ٿو ڪري. ان جو مثال هڪ اهڙي شڪاريءَ جو آهي جيڪو هرڻ جي شڪار ۾ هرڻ جي قدمن جي نشانن تي ڪجهه مفاصلو هلي ان جو پيڇو ڪندو آهي. ليڪن جڏهن ان جي قريب پهچندو آهي ته ان جي بوءِ ان جي رهبري ڪندي آهي. پوءِ هو آثارن کان نظر هٽائي ڇڏيندو آهي. اسين جيڪي هن راهه کان بيگانا آهيون، ڇا سمجهي سگهنداسين ته قدمن جي انوارن جي تجلي ۾ ڇا پيش ايندو آهي ۽ پوءِ خوشبوءِ ڪاڏي ٿي وٺي وڃي. قلم جي آثارن جي عقلمندي تائين ته اسان جي پهچ آهي. اڳتي جي حقيقت اهي ئي سمجهن. جن هي رستو طئي ڪيو آهي. اڳتي بيان ٿا فرمائين ته عارف جيڪو الله تعاليٰ جي تخت گاهه تائين سير ٿو ڪري، ان جي بصيرت ڪيتري قدر حقيقت تي پهتل هوندي آهي. جتي توکي ديوار وچ ۾ نظر ٿي اچي اتي هن کي دري ٿي نظر اچي. لوهه جو پردو به هن جي لاءِ حجاب نه آهي. تون جنهن کي محض پٿر ٿو سمجهين. الله تعاليٰ جي تجليءَ سان اهو هن کي گوهر ٿو نظر اچي.

 

وحدت الوجود

مولانا رحمت الله عليه جا حڪمت سان لبريز فِڪِرَ، صوفين جي وحدت الوجود ۽ قرآن حڪيم جي توحيد جي وچ م گردش ڪندا ٿا نظر اچن. ڪوبه وحدت الوجود جو قائل جيترا به شعر ۽ افڪار چاهي ته مثنويءَ مان ڳولي ٿو سگهي. اهڙي طرح وحدت الشهود جي قائل کي به مولانا رحمت الله عليه جي تائيد حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ سڌي سادي قرآني توحيد به جا بجا موجود آهي. مثنويءَ جي شروعات ۾ ارواح جي عالم کي هڪ ازلي نيستان سان تشبيهه ڏني اٿس ۽ بانسري تي جيڪي شعر چيا اٿس، انهن تي ارواح غير مخلوق پنهنجي اصل يعني ذات الهيٰ کان فراق زده ڏسڻ ۾ ٿا اچن. جيڪي وري ازلي وصال جا طالب آهن. ارواح جو ذات مطلق سان هن قسم جو تعلق منطق يا جزوي عقل جي لاءِ ناقابل فهم آهي ۽ هر تشبيهه روح جي لاءِ ڪجهه تسڪين سان گڏ ذهن جي لاءِ هڪ ڳجهارت بنجي ٿي وڃي. پاڻ ئي فرمائن ٿا ته روح هڪ ئي آهي مگر اسان جي جسمن ۾ مجازي تعداد نظر ٿو اچي ۽ تشبيهات سان به ان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ته درياهه هڪ ئي آهي ليڪن هوا جي ڪري ان ۾ لهرون پيدا ٿيون ٿين ته درياهه ڪيترين ئي لهرن جو مجموعو ٿونظر اچي يا هينئن سمجهو ته سج ۽ ان جي روشني ۾ ته ڪا تقسيم ۽ تعداد ڪونهي. ليڪن مختلف جاين تي اهو نور واحد تقسيم ٿي ٿو وڃي. هن کان اڳ هڪ تشبيهه ۾ چئي آيا آهن ته نور ازلي جيڪو واحد آهي. ڪوٽ جي ڪنگرن ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ٿو وڃي. ڪوٽ جي ڪنگرن کي هٽايو ته پوءِ اهو هڪ ئي سج ۽ اهو هڪ ئي هن جو نور ڦهليل ٿو ڏسجي. هن انداز جي نظرئي مان مختلف قسم جا گمان ٿا پيدا ٿين. انسان جي انفرادي شخصيت ائين ئي رهجي ٿي وڃي، نيڪي ۽ بدي، جزا ۽ سزا مطلب ته پنهنجي افعالن جي ذميداري خطري ۾ پئجي ٿي وڃي. ليڪن مولانا رحمت الله عليه هن منطقي اضطراب کان گهٻرائن ڪونه ٿا ۽ چون ٿا ته عقل کي ان سان ڪهڙو ڪم. هستي حقيقي وحداني به آهي ۽ نفس انساني پنهنجي ڪردار جو ذميدار به آهي.

 

دنيادار مڪار جو تواضع

دنيادار مڪار جيڪو خوشامند ۽ ڪوڙي تواضع سان ٻين کي لٽڻ ٿو چاهي. ان جو مثال ڪاسائيءَ جهڙو آهي. جيڪو جانور کي پيار جا هٿ گهمائيندو وٺي ٿو هلي ۽ ان کان پوءِ ان کي ذبع ڪري، ان جي کل لاهي ٿو ڇڏي. هو تنهنجي پيرن تي ڪري ٿو. جهڙي طرح ڪاسائي جانور کي ڪهڻ لاءِ هن جي پيرن ڏي جهڪندو آهي ۽ پوءِ ان کي ٻڌي ڪيرائي ڇڏيندو آهي. غني ڪشميري به چوي ٿو ته ڪنهن سرڪش جي تواضع ۽ نهٺائيءَ مان ڌوڪو نه کائجانءِ. ان جو ڪِرڻ اهڙو آهي جهڙو ڪنهن باهه جو ڪنهن گهر يا سامان تي ڪرڻ.

مولانا رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته ڪجهه ماڻهو ابليس هوندا آهن. مگر لاحول پڙهندا آهن. حالانڪ انهن جي نفس جي پيتي اهڙي هوندي آهي جو خود شيطان انهن تي لاحول پڙهي. انهن ابليسن جي روحاني صورت ڏسو ته توهان کي نانگ نظر اچن. انهن کي زهريلو نانگ سمجهو يا ڪاسائي. هي نه ڪنهن جا دوست آهن نه ڀائر، ته اهڙن ماڻهن جي چرب زباني ۽ شيرين بانيءَ جو اهوئي مثال آهي جيڪو حضرت علي ڪرم الله وجه ڏنو آهي، ته ڪنهن چلهي جي خاڪ يا گند ڪچري جي جاءِ تي ڪڏهن ڪڏهن ساوا سلا نڪري پوندا آهن. انهن جي عارضي ساوڪ کي گلشن ۽ گلزار نه سمجهجو.

 

جنت ۽ دوزخ

فرمائن ٿا ته سڀني پليتين جي مرڪز جو نالو دوزخ آهي. انسان جي اندر جيڪا پليتي موجود هجي، اها انهيءَ مرڪز جو هڪ جزو آهي. اهڙن ماڻهن جي دوزخ ۾ وڃڻ جي معنيٰ هي آهي ته جز پنهنجي مرڪز جي طرف مائل ٿي ان سان گڏجي رهيو آهي. کل شيءِ يرجع اليٰ اصله انهيءَ ئي قانون جو نفاذ صالح عملن سان به آهي. سڀني خوبين ۽ نعمتن جي مرڪز جو نالو جنت آهي. انسان ۾ جيڪا به خوبي ڏسڻ ۾ اچي اها جز آهي ۽ هي خوبيون انسان کي انهيءَ مرڪز ڏي وٺي ٿيون هلن جنهن کي: ”خلد نسيم“ چوندا آهن. حسد ۽ ڪيني کي جيڪو محاوري ۾ باهه چئبو آهي، اهو انهيءَ ئي حقيقت جو اظهار آهي. دنيا ۽ آخرت ٻنهين جاين تي انسان جي زندگي ان جي باطني فڪر سان ٿي ٺهي. ان کان علاوه انسان جي اندر ۾ جيڪي ڪجهه آهي اهو گوشت وغيره آهي، جيڪو جانورن ۾ به آهي.  جڏهن عملن جو گل آهي ته توکي مٿي تي يا کيسي جي ڪنڊ تي رکبو ۽ جيڪڏهن گندگي آهي ته پوءِ توکي ٻاهر گندگيءَ جي ڍير تي اڇلائي ڇڏبو. (دوزخ انهيءَ گندگيءَ جي ڍير جو نالو آهي) فرمائين ٿا ته هن دنيا ۾ به ڏسو ته هڪ جهڙيون شيون هڪ ئي جاءِ تي رکبيون آهن. عطار جي دوڪان تي هم جنس شيون سهڻي طريقي سان ويجهو ويجهو رکيون وينديون آهن. اهڙي طرح سٺا ۽ برا فڪر ۽ عمل جدا جدا ڪري ڇڏيا ويندا. فرمائين ٿا ته اهڙي قسم جي تقسيم ۽ ترتيب، فڪر ۽ عمل جي جنس کي الڳ الڳ ڪرڻ هن دنيا ۾ انهيءَ وقت ظاهر ٿيندو آهي. جڏهن  ڪونبي تبليغ ۽ تلقين شروع ڪندو آهي. نبي جي مبعوث ٿيڻ کان اڳ هن جي قوم جي فردن ۾ صالح ۽ ناصالح ۾ ڪو واضح قسم جو فرق نه هونود آهي. سٺا ماڻهو جيڪي غريب ۽ مظلوم آهن، انهن کي ذليل سمجهيو ويندو آهي ۽ مالدار متڪبر ظالمن کي قوم جو وڏو چيو ويندو آهي. ڪا خبر ڪانه پوندي آهي ته ڪنهن کي بدڪار چئجي ۽ ڪنهن کي نيڪو ڪار. ڪير فطرتا ابو جهل ۽ ابو لهب آهي ۽ ڪير اميرالمؤمنين آهي. نبين سڳورن جي ڇاڻڻ کان پوءِ هم جنس مؤمن الڳ ٿي هڪ گروهه بنجي ويندا آهن ۽ هم جنس ڪافر الڳ ٿي هڪ ٻئي جا مددگار ٿي پوندا آهن. نبي جو بعثت کان اڳ ڪوبه ڪنهن جي متعلق صحيح راءِ قائم نه ڪري سگهندو هو ۽ نه ڪنهن کي معلوم هو ته منهنجو هم جنس ڪير ڪير آهي. نبين جي ڇاڻڻ ۽ ڇنڊڻ کان پوءِ بُهُه الڳ ٿي ويندو آهي ۽ داڻا الڳ ڪفر جي انڌيري ۾ سچي ۽ ڪوڙي سڪي ۾ تميز نه ٿي سگهي. فرمائين ٿا ته مادي شين ۾ به تميز ڏينهن جي وقت ٿي سگهندي آهي. ورنه رات جي وقت ته سڀ جانور هڪ ئي رنگ جا ٿي ويندا آهن. انڌيري رات ۾ رنگن جو فرق ڪير ٻڌائي سگهندو؟ ان ڪري الله تعاليٰ قيامت کي قيامت جو ڏينهن چيو آهي. قيامت جو رات ڪونه چيو اٿس، ڇو ته قيامت جو مقصد ئي اهو آهي ته هرهڪ سيرت جي اصلي رنگ نمايان ٿي پوي.

 

مختلف انسانن جي لاءِ تعليم ۽ تلقين جو انداز مختلف هجڻ گهرجي

 

فرمائين ٿا ته تعليم ۽ تلقين مختلف مشغلن ۽ فرضن لاءِ سامان مهيا ڪندي آهي. ليڪن جهڙي طرح دنيا ۽ دين جا ڪم مختلف آهن. ان ڪري انهن کي پوري ڪرڻ لاءِ ماڻهو به مختلف آهن ۽ انهن جي حال جي مناسبت سان سامان به مختلف بقول حضرت مسيع عليه السلام خنزيرن جي آڏو موتي وجهڻ سان انهن کي ڪهڙو فائدو، نه هو ان جي حسن کان لذت حاصل ڪندا ۽ نه انهن جي قيمت جي ڪا خبر اٿن. اهڙي طرح مينهن جي آڏو بين وڄائڻ يا ان جي وات ۾ بين رکڻ ته من اها به وڄائي هڪ بيڪا حرڪت آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته انسانن جي تعليم ۾ انهن جو مخصوص فطرتن ۽ انهن جو ڪمال ۽ نقص جي درجن جو لحاظ نه رکڻ نفع جي بجاءِ انهن کي نقصان پهچائيندو. سوناري جا اوزار موچيءَ جي هٿ ۾ هجن ته ان مان ڇا فائدو؟ تلقين جا الفاظ غلط ڪنن ۾ وجهڻ اهڙو آهي جهڙو واريءَ ۾ پوک لاءِ ٻج ڇٽڻ. اهڙي طرح موچيءَ جي هٿ ۾ هاريءَ جا اوزار ڏيڻ اهڙو ئي بيڪار آهي. جهڙو ڪنهن ڪتي جي اڳيان گاهه وجهڻ. بي مهل تلقين مان جڏهن ڪنهن تعليم حاصل ڪرڻ واري کي فائدو نه ٿو پهچي ته اهو ان تعليم کي ئي باطل سمجهڻ ٿو لڳي ۽ اهو نٿو سمجهي ته نقص هن جي استعداد ۾ آهي، پٿر کي مٽيءَ تي هڻبو ته ڪا چڻنگ ڪانه نڪرندي. البته لوهه تي هڻبو ته ان مان چڻنگون نڪرنديون. کلموا الناس عليٰ قدر عقولهم – جيستائين مناسبت جي لحاظ کان تعليم نه ڏبي تيستائين ڪو فائديمند نتيجو ڪونه نڪرندو. فرمائين ٿا ته ڪي ماڻهو پنهنجي زبان تيز هلائڻ لاءِ ماڻهن تي پنهنجي علم جو رعب قائم ڪرڻ لاءِ مناظري ۽ بحث و مباحثي ۾ مٿاهون رهڻ لاءِ علمي معلومات حاصل ڪندا آهن. تقريرن ۽ تحريرن ۾ علم جو وڏو زور ڏيکاريندا آهن. ليڪن انهن جي فطرت ۾ نه حڪمت جو ذوق هوندو آهي ۽ نه وري معرفت جو شوق. نه پنهنجي اصلاح جو ڪو فڪر هوندو اٿن ۽ نه عوام جي فلاح جي ڪا غرض رکندا آهن. اهڙا ماڻهو حڪمت کي انهن بيڪار مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ ٿا گهرن. ليڪن حڪمت انهن کان زنجيرون ٽوڙائي پري ٿي ڀڄي، پر جيڪڏهن تو ۾ قلب جو سوز موجود هجي ۽ دل ۾ حڪمت جي پياس هجي ته پوءِ علم تنهنجو مطيع ٿي پوندو جيئن پاليل پکي- خالي علم يعني معلومات جو مجموعو ٻي شيءِ آهي ۽ حڪمت ٻي شيءِ آهي جنهن کي الله تبارڪ و تعاليٰ خير ڪثيت فرمايو آهي. حڪمت ۽ دانش انهيءَ علم کان الڳ شيءِ آهي جيڪو رڳو حافظي تي بوجهه هجي، انسان ان تي سوار نه آهي. بلڪ هو انسان تي سوار آهي ۽ اهو گڏهه وانگر ڪتابن سان لڏيو ٿو وتي. مولانا رحمته الله عليه فرمائين ٿا ته اهڙو علم جيڪڏهن نه به هجي ته ڪو نقصان نه آهي. اصل شيءِ سوز قلب آهي، جيڪڏهن اها موجود آهي ته عمل انسان جي مطيع ۽ ان لاءِ مفيد ٿو بنجي وڃي. نااهل شخص علم جو جيڪو حال ڪندو آهي. ان لاءِ هڪ تمثيل ٿابيان فرمائين ته هڪ باز بادشاهه وٽان اڏامي هڪ مفلس جي جهوپڙيءَ ۾ هليو ويو. اتي عورت ٻارن لاءِ ڪجهه پچائڻ لاءِ اٽو ڇڻي رهي هئي، انهيءَ عورت باز کي پڪڙي ٻڌي ڇڏيو. ان جا پر ۽ ننهن ڪپي ڇڏيا ۽ کائڻ لاءِ ان جي اڳيان گاهه وڌو ۽ چوڻ لڳي ته خبر نه آهي ته تون ڪهڙن نااهلن وٽ هئين، جن نه ته تنهنجي حجامت ڪرائي ۽ نه وري ننهن ئي لاٿا، تنهنجا پر ۽ ننهن ڪيترا نه وڏا ٿي ويا هئا، هن عورت کي ڪهڙي خبر ته شهباز ڇا ٿيندو آهي ۽ هي وڏا پر ۽ تيز ۽ وڏا ننهن ئي اصل ان جو امتياز هوندا آهن. فرمائين ٿا ته جاهل کي جيڪڏهن ڪجهه علم هٿ اچي وڃي ته ان سان انهيءَ نادان عورت وارو سلوڪ ڪندو آهي. جاهل جي مهرباني ۽ دوستي انهيءَ قسم جي هوندي آهي. هو پنهنجي طرفان جيڪا مهرباني سمجهي ڪندو اهودراصل ظلم هوندو.

 

توحيد جي دولت جي بيقدري

 

جڏهن ڪنهن شخص کي جيڪو بي هنر ۽ نااهل آهي. عمده شيون ۽ گهڻو مال ورثي ۾ ملي وڃي ته پوءِ اهو ان جو ڪو قدر نه ڪندو آهي ۽ ان جو صحيح استعمال نه ڄاڻندو آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته هن وقت مسلمان موحد سڏائن ٿا. ليڪن جيئن ته توحيد هنن کي مفت ملي وئي آهي. ان ڪري ان جي قدر ۽ قيمت کان واقف نه آهن، حضرت محمد رسول ﷺ جن کي بتن جي پوڄا کان ماڻهن کڌي نجات ڏيارڻ ۾ ڪيتري قدر جدوجهد ڪرڻ پئي، جيڪڏهن نبي ڪريم ﷺ جن جون قربانيون ۽ ڪوششون نه هجن ها ته هن وقت اسين به وڏن وانگر بت پرست ئي هجون ها. هاڻي گهڻن مسلمانن جا اعمال اهڙي قيمتي ميراث جي بي قدري ٿا ظاهر ڪن. پنهنجي ڪمائي ڪونهي. ان ڪري توحيد جو به قدر ڪونهي. اڪبر بادشاهه جي سوانح ۾ لکيل آهي ته هڪ ڏينهن هو ڪنهن مٿاهين جاءِ تي ويهي سامهون لگهندڙ خلقت کي ڏسي رهيو هو. هڪ شخص کي ڏٺائين ته هو پنهنجي نهايت قيمتي شال سان پنهنجو معمولي جوتو صاف ڪري رهيو هو، بادشاهه چيو ته هن احمق جي هن حرڪت کي ڏسو. نورتن کان پڇيائون ته توهان جي نزديڪ هن حماقت جو ڪهڙو سبب آهي؟ بيربل چيو هي شال هن کي هن جي پيءُ جي ورثي ۾ ملي آهي۽ جوتو هن جي پنهنجي ڪمائيءَ مان خريد ڪيل آهي. هن احمق کي گهرائي پڇيو ويو ته هن انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي.

هاڻي مسلمان توحيد جي قيمتي شال سان جيڪا انهن کي مفت ورثي ۾ ملي آهي، پنهنجا ميرا جوتا ئي صاف ٿا ڪن. انهن کي خبر نه آهي ته شرڪ خفي ۽ جليءَ سان هو ڪهڙي نه بي بها شيءِ جي بي قدري ڪري رهيا آهن.

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا اهڙي قسم جا مقلد موحد ظاهري بتن جي پوڄا کان ته پرهيز ٿا ڪن. ليڪن جيئن ته توحيد دل تي اثر نه ڪيو آهي. ان ڪري باطن ۾ بت خانه موجود آهن. وري ۾ حاصل ڪيل توحيد جي بدولت هنن کي هاڻي گهرجي ته قدم اڳتي وڌائي باطن جي بتن کان به نجات حاصل ڪن.

 

 

ظاهر دار ۽ پرخور صوفي

اقتدار ۽ مال جي محبت ۾ گرفتار ۽ گهڻو کائڻ وارن صوفين جي متعلق فرمائين ٿا ته هي وضو ڪندي ۽ منهن ڌوئندي ته نظر اچن ٿا. جيئن ٻلي پنهنجي ظاهر صفائيءَ جو گهڻو خيال رکندي آهي. هي ماڻهو ظاهر ۾ ٻليءَ وانگر آهن ۽ اندر ۾ ڪتن وانگر ايترو ٿا کائن جو پيٽ دهل وانگر ٿيو پوين.

حق جا ڪلما ۽ ”هو حق“ جو گهڻو زور هوندو اٿن. ليڪن باطن ۾ ذرو به روحانيت نه هوندن. هڪ قصو مشهور آهي ته اهڙن صوفين کي ڪنهن امير نياز جي دعوت ۾ سڏايو ۽ مختلف قسم جون مرغن غذائون گهڻي تعداد ۾ هنن جي سامهون رکيائين. هو کائيندا ويا. ايتري قدر جو انهن مان ٻه صوفي مري ويا. انهن تي اناالله پڙهي انهن جي لاشن کي هڪ طرف ڪيو ويو ته فارغ ٿي پوءِ تدفين جو انتظام ڪبو. جڏهن ٻه مري ويا ته انهيءَ امير باقي بچيلن کان پڇو ته اوهان ڍءُ ڪيو يا نه؟ هنن جواب ڏنو ته اسين اڃان ڪاٿي ڍاوا آهيون جن ڍءُ ڪيو اهي هي پيا آهن.

 

متوڪل نيڪوڪار جي روزيءَ جو خدا ضامن آهي

غير متوڪل ۽ ڪمزور ايمان وارا ماڻهو پنهنجي قيمتي عمر جو وڏو حصو معاش جي فڪر ۾ ضايع ڪري ڇڏيندا آهن، جائز روزيءَ لاءِ ڪوشش شرط آهي. ليڪن مومن مرد ان لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت محسوس نه ڪندا آهن، جيڪي ماڻهو معاش جي فڪر کي بي پرواهه ٿي خدمت خلق ۽ الله تعاليٰ جي ياد ۾ مصروف رهيا آهن، الله تعاليٰ هميشه جي جائز ضرورتن جو پورائو ڪيوآهي، ڪوبه نبي سڳورو، ولي يا قوم جي اصلاح ڪندڙ ڪڏهن به سادي ماني ڪپڙي ۽ زندگي گذارڻ جي سادي سامان کان محروم ڪونه رهيو آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته روح ۽ بدن جو مثال حضرت نوح عليه السلام ۽ ان جي ٻيڙيءَ جي مثل آهي. سڄو جهان ٻڏي ويو. ليڪن نوح عليه السلام ۽ ان جو ضروري سامان سندس ٻيڙيءَ ۾ موجود هو جيڪو ٻڏڻ کان بچي ويو يا هينئن سمجهڻ گهرجي ته روح هڪ مقبول لشڪر جو خدائي سپهه سالار آهي ۽ بدن ان جو خيمو آهي، ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته بادشاهه ان وفادار امير لاءِ خيمي ۾ ضروري سامان مهيا نه ڪري، جائز ڪوشش ڪرڻ وارن ۽ خدا تي ڀروسو رکندڙن کي خدا ڪڏهن به محتاج ۽ بي نوا نه ڇڏيندو آهي. الله تعاليٰ جي عشق ۾ گرفتار اهل دل کي روزيءَ جو فڪر نه هئڻ گهرجي. حضرت مسيع عليه السلام ماڻهن کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن توهين هتي هن ئي زندگيءَ ۾ عرفان ۽ نفس جي پاڪيزگي سان خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيو ته توهان جون جائز خواهشون پوريون ڪيون وينديون.

 

ڪوري تقليد

جهڙي طرح قرآن ڪريم تقليد ۽ ابن ڏاڏن جي اجاين رسمن جي پرستش کان جا بجا مزمت ٿو فرمائي ساڳي طرح فارسي زبان ۾ قرآن پاڪ جي تفسير ڪرڻ وارو مولوي معنوي (حضرت مولانا روم رحمت الله عليه) به بغير تحقيق جي مقلدن کي حڪمت کان خالي ۽ دين جي روح کان بيگانو ٿو سمجهي. مثنويءَ ۾ سوين شعر اهڙن مقلدن جي خلاف موجود آهن. مولانا رح فرمائن ٿا ته انڌي تقليد هر قسم جي نيڪيءَ لاءِ آفت آهي. انڌا ڌنڌ ٻين جي پيروي ڪرڻ وارو انسان پنهنجي ڪابه شخصيت نه ٿو رکي. اهو ذهني غلاميءَ ۾ مبتلا آهي جنهن سان انسان جو نفس ذليل ۽ خوار ٿي پوندو آهي، مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته تقليد جو جبل به هڪ ڪک جي برابر اهميت نه ٿو رکي. انبياءِ ڪرام عليهم السلام انسانن کي تقليد کان تحقيق جي طرف آڻڻ گهرندا هئا، وکذالک ما ارسلنا من قبلک في قريته من نذير الا قال مترفوها انا وجدنا آباءَ نا علي امته وانا عليٰ آثارهم مقتدون.

(ترجمو اڳي جڏهن ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄارڻ وارو موڪليو ويو ته اتان جي مالدار ماڻهن اهو ئي چيو ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ڏٺو ۽ اسين ته انهن جي ئي تقليد ڪنداسين) مولانا رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته هيءَ ڪوري تقليد ڪندڙ انڌا آهن. جيڪڏهن ڪو انڌو ٿلهو متارو تيز مزاج ۽ لٺ مار به هجي تڏهن به اهو صرف گوشت جو هڪ لوٿڙو آهي، ڪيترا دفعا مقلد ٻڌل ۽ پڙهيل باريڪ ڳالهيون به ڪرڻ لڳندا آهن. ليڪن انهن جي حقيقت کان بلڪل بي بهرا هوندا آهن، ناواقف ماڻهو ڌوڪو کائي انهن کي صاحب تحقيق سمجهڻ لڳندو آهي. ۽ هو پاڻ به پنهنجي بيان سان پيو مست ٿيندو آهي. ليڪن هيءَ محض نقالي آهي. انهن جو مثال انهيءَ نهر وانگر آهي، جيڪا زمينن کي سيراب ڪري ٿي ۽ ٻين کي پاڻي پياري ٿي. ليڪن پاڻ پاڻي نه ٿي پئي. هي ممڪن آهي ته انهيءَ مقلد جون عارفاڻيون ڳالهيون ٻڌي ٻين جا قلب متاثر ٿين. ليڪن خود کيس ڪوبه فائدو نه پهچي. پاڻي نهر مان ان ڪري لنگهندو هليو ويندو آهي جو نهر کي ان جي اڃ ڪانهي يا ان جو مثال هڪ بانسريءَ وانگر آهي جنهن مان دردناڪ گانا نڪرن ٿا يا اهو ڪاروباري ڳائڻيءَ جو قسم آهي. جيڪا معاوضو وٺي ماتم ٿي ڪرائي يا ماتم ڪري ٿي. هي هڪ پليت ڪاروبار آهي. هن ڪاروبار جا ڪرڻ وارا مرد يا عورتون گهڻو ڪري ايران ۾ هوندا آهن. ليڪن برصغير به انهن کان خالي نه آهي.

مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته مجلسن ۾ سوز ۽ گداز سان رقت پيدا ڪرڻ وارا روحانيت جي آوازن جي گونج آهن. پاڻ ڪجهه به نه آهن. هن سلسلي ۾ مولانا رحمت الله عليه کي هڪ عجيب تشبيهه ذهن ۾ ٿي اچي، فرمائين ٿا ته بيل گاڏيءَ ۾ تمام گهڻو وزن رکيل آهي. ان جي ڇڪڻ جي مصيبت ويچارن ڏاندن تي آهي جيڪي ويچارا صبر ۽ خاموشيءَ سان هلي رهيا آهن. ليڪن بي جان گاڏيءَ جي ڦيٿن مان مسلسل آهه ۽ زاريءَ جهڙا آواز اچي رهيا آهن. اهڙي طرح اصل سوز عشق الاهيءَ وارا مردان خدا ته دم بخود خاموش آهن ۽ پويان ڇڪجي هلڻ وارا مقلد سوز ۽ گداز جا پيڪر بنجي ويا آهن. ان کان پوءِ فراخدليءَ کان ڪم وٺندي فرمائين ٿا ته هن مقلد ۽ نقل ڪندڙ کي به ڪجهه نه ڪجهه ملي ٿو وڃي. جيئن مرثيه خوان کي ڪجهه اجرت ملندي آهي. سٺين شين جو نقل ڪرڻ به برين ڳالهين کان بهتر آهي. ان جو امڪان آهي. سٺين شين جو نقل ڪرڻ به برين ڳالهين کان بهتر آهي. ان جو امڪان آهي ته نقل مان به ڪجهه اصل جي چاشني حاصل ٿي وڃي ٿي. هي نقل ڪندڙ ۽ مقلد جيڪي ياد ڪيل الفاظ زبان مان ڪڍي ٿو. انهن مان هڪ به لفظ هن جي دل ۾ گهڙي وڃي ته هو خدا رسيده ٿي پوي، مگر هن جو مثال ته ان جي گداگر وانگر آهي، جيڪو صبح کان شام تائين قرآن ڪريم جون آيتون رستي تي هلندي پڙهي خيرات ٿو پني. پر جيڪڏهن هڪڙي آيت به هن جي دل ۾ گهڙي وڃي ته جيڪر ٻنهي جهانن کان بي نياز ٿي وڃي. مگر هو ته هڪ گڏهه آهي، جنهن تي قرآن لڏيل آهي. هڪ تمام ڪمزور مزدور کان ڪنهن پڇيو ته توکي ڪهڙي شيءِ اهڙو ضعيف ۽ ڪمزور بنايو آهي؟ هن چيو ته گيهه، ٻڌڻ واري تعجب سان پڇيو ته گيهه سان ته انسان ٿلهو ٿيندو آهي، تون ڪمزور ڇو ٿيو آهين؟ هن چيو ته گيهه کائڻ سان ماڻهو ٿلهو ٿيندو آهي. مگر مون کي ته گيهه کائڻ لاءِ نصيب ئي ڪو نه ٿو ٿئي. مان ته گيهه جا دٻا ڪلهن تي کڻي صرف مزدوري ڪندو آهيان ۽ اجرت ايتري ٿي ملي جو بس سڪل ماني پاڻي ۾ ٻوڙي کائيندو آهيان. اهوئي حال انهن مقلد مزدورن جو آهي. قرآن پاڪ جا جلد ڍوئڻ وارن گڏهن کي ان جي تعليم مان ڇا حاصل؟ مولانا رحمت الله عليه وري مثال لاءِ هڪ ڌنار جو قصو ٿا بيان ڪن. جنهن پنهنجو ڍڳو مال جي بندر سان ٻڌي ڇڏيو هو. رات جي اونداهيءَ ۾ شينهن آيو ۽ ڍڳي کي کائي ويو ۽ ڍؤ جي مستيءَ ۾ اتي ئي ڍڳي جي جاءِ تي ويهي رهيو. رات جي اونداهيءَ ۾ اهو ڌنار آيو ۽ اونداهيءَ ۾ شينهن کي پنهنجو ڍڳو سمجهي ان جي پٺيءَ تي هٿ گهمائڻ لڳو، شينهن دل ۾ چوڻ لڳو ته هي جاهل جيڪو مون سان گستاخي ۽ حجت ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هي مون کي ڏسي وٺي ته هن جو جيڪر هنياءُ ڦاٽي پوي، اهوئي حال انهن جاهلن جو آهي جيڪي قرآن پاڪ کي صرف طوطي وانگر پڙهندا رهن ٿا ۽ ان کي پنهنجو ڍڳو ٿا سمجهن. جيڪڏهن انهن کي معلوم ٿي وڃي ته هي خدائي شير آهي ته جيڪر هنن جون دليون ڏڪي وڃن.

لو انزلنا هذاالقرآن عليٰ جبل لرائيته خاشعا متصدعا من خشيته الله و تلک الامثال نضربها للناس لعلهم يتفکرون (سورت حشر)

(ترجمو: جيڪڏهن اسين قرآن پاڪ کي هڪ جبل تي نازل ڪيون ها ته ڏسو ها ته اهو خدا جي خوف کان جهڪي پوي ها ۽ ڦاٽي پوي ها ۽ هي مثال آهن جيڪي اسين ماڻهن لاءِ بيان ٿا ڪيون ته جيئن هو ڪجهه سوچين)

مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته هي ماڻهو جيڪي عيسائي، يهودي يا مسلمان ٿا سڏائن. انهن مان تحقيق جي لحاظ کان ڪير پنهنجي دين تي آهي؟ هي سڀ پنهنجي ابن ڏاڏن جا مقلد آهن. جيڪو مذهب پيءُ ماءُ جو اهوئي مذهب هنن جو. اصل ديندار اهو آهي، جنهن جو دين ۽ ايمان ذاتي تحقيق، تجربي ۽ وجدان جو نتيجو هجي، باقي سڀ مقلد آهن. هي انهيءَ حديث شريف جو مضمون آهي جنهن ۾ رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو هرهڪ ٻار صرف انساني فطرت ۾ پيدا ٿو ٿئي. ان کان پوءِ ان جا والدين ان کي يهودي، نصراني يا مجوسي بنائي ٿا ڇڏين. گهڻو ڪري انسان جو اهوئي حال آهي. تقليد جو مضمون جاري رکندي مولانا رحمته الله عليه هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه ٿا ٻڌائين ته هڪ صوفي ڪنهن خانقاهه ۾ شام جي وقت پهتو ۽ پنهنجي سواري گڏهه کي گاهه داڻو وغيره کارائي ۽ پاڻي پياري احتياط سان بندر سان ٻڌي ڇڏيو. اتي جيڪي ٻيا درويش گڏ ٿيا هئا. اهي ڪي روحاني شخصيتون ته ڪونه هئا. صرف مفت خوريءَ ۾ خانقاهه ۾ رهندا هئا، هرروز ته حلوا پوريون ملڻ ممڪن نه هيون. ڪڏهن ڪڏهن فاقه به ايندا هئا، يا خشڪ مانيءَ تي گذارو ڪرڻو پوندو هو، اهڙن ۾ ڀلا ڪهڙو دين ۽ ايمان هوندو. رسول الله ﷺ جن سچ فرمايو آهي ته مفلسي ۽ محتاجي انسان کي ڪفر جي ويجهو وٺي ٿي اچي. رات جي مانيءَ جو محتاج جڏهن شام جو نماز لاءِ ٿو بيهي ته دل ۾ خدا جي طرف متوجهه ٿيڻ جي بجاءِ هي سوچڻ ٿو لڳي ته صبح جو منهنجا ٻچا ڇا کائيندا؟ حضرت بابا فريد شڪر گنج جو هڪ قول مشهور آهي، ته اسلام جا ارڪان پنج نه بلڪ ڇهه آهن ۽ ڇهون رڪن ماني آهي. هي ڇهون رڪن اهڙو ته ضروري آهي جو جيڪڏهن هي نه هجي ته باقي پنج رڪن به متزلزل ٿي پون ٿا.

مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته هي سڏائڻ وارا درويش محتاجيءَ جي سبب ايمان ۽ بلند اخلاقن کان ڪمزور هئا. مولانا تنبيهه ڪندي فرمائين ٿا ته اي مالدار شخص جنهن جو پيٽ ريل آهي. اهڙن ضعيف ايمان وارن تي ٽوڪون نه ڪر، محتاجيءَ هنن جو هي حال ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا ماڻهو پيٽ پالڻ لاءِ ناجائز ڳالهيون ڪري ويندا آهن، ليڪن شريعت جي لحاظ سان اضطرار ۾ حرام ۽ مردار به مباح ٿي پوندو آهي. انهن درويشن کي ڪافي عرصي کان پيٽ ڀري کاڌو نه مليو هو. طمع جيڪا اخلاق کي خراب ڪرڻ واري آهي. انهيءَ هنن کي اهو سمجهايو ته هن مسافر صوفيءَ جو گڏهه وڪڻي ان مان اڄ رات زوردار دعوت ڪجي ۽ قواليءَ جي اهڙي محفل ڪجي جو مزو اچي وڃي. ائين ڪري دسترخوان تي سٺا سٺا طعام رکي مسافر صوفيءَ جي به سٺي آئوڀڳت ڪيائون. پاڻ به خوب کاڌائون ۽ هن صوفيءَ کي به خوب کارايائون. ان کان پوءِ سماع شروع ٿيو. ان ۾ هڪ قوال جنهن کي هن سڄي دعوت جي حال جي خبر هئي. تنهن کي اها شرارت ذهن ۾ آئي جو تصوف جي رنگ ۾ ”گڏهه هليو ويو، گڏهه هليو ويو“ جا الفاظ نهايت جوش ۽ مستيءَ ۾ اچي سڄي رات انهن سان شريڪ ٿي اهوئي ڳائيندو رهيو. ۽ وجد ڪندو رهيو. صبح ٿيڻ وارو هو ته فقيرن جو هي ٽولو هلڻ لڳو. مسافر صوفيءَ سوچيو ته هاڻ مان به پنهنجو سفر شروع ڪيان. بندر وٽ آيو ته ڏٺائين ته هن جو گڏهه آهي ئي ڪونه. سوچيائين ته شايد خانقاه جو خادم کولي پاڻي پيارڻ ويو هوندو. ليڪن جڏهن سڄي حقيقت معلوم ٿيس ته منهن مٿو پٽڻ لڳو ۽ افسوس سان چوڻ لڳو ته هنن پيٽي گڏهن جي تقليد انهن وانگر ”گڏهه هليو ويو“ جي رٽ لڳائي ۽ انهيءَ تقليد، مون کي ڪٿان جو به نه ڇڏيو. ڪيترا ذڪر اذڪار جي رٽ لڳائڻ وارا اهڙي طرح رٽ لڳائن ٿا. جنهن مان ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي. الٽو پنهنجي سواري جو گڏهه به غائب.

مولانا رحمت الله عليه هن قصي ۾ پهريائين انهن بکين صوفين جو ذڪر ڪري فرمائين ٿا ته هي محتاج ضرورت جي وقت مردار کائڻ وارا آهن. انهن ويچارن کي زياده ڪجهه نه چئو، انهن بکين فقيرن کي جيڪي صوفي ٿا سڏائين ۽ اسان وٽ گهڻو ڪري ملا اهڙي قسم جا هوندا آهن. سٺن کاڌن جو حرص ان ڪري هوندو اٿن جو سٺا طعام ڪڏهن ڪڏهن ملندا اٿن، وري جڏهن ملندا اٿن ته گهڻو کائي ويندا آهن. مولانا فرمائين ٿا ته اصل صوفي ته هزارن ۾ ڪو هڪ هوندو آهي. باقي سڀ گهڻو کائڻ وارا ملا آهن ۽ کائڻ لاءِ صوفي بنجي ويٺا آهن. مولانا رحمت الله عليه هن قصي کي گهڻو طويل ڪيو آهي. مطلب هي آهي ته فقيرن بکيو هجڻ جي ڪري محفل مڪاريءَ سان لڳائي ۽ هي صوفي مسافر محض تقليد سماع ۾ شريڪ ٿي مار کائي ويو. سماع ۽ قواليءَ جي محفل ۾ عجيب ۽ غريب ڪيفيتون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. هڪ محفل ۾ قوال هي غزل ڳائڻ شروع ڪيو. جيڪو صوفيانه معارف سان لبريز آهي. ”گلاب اندر“ ۽ ”رباب اندر“ جي رديف قافيه ۾ نهايت حڪميانه ۽ وجد آفرين معارف بيان ڪيا ويا آهن. ذات الهيٰ جو سمنڊ لامتناهي ڪهڙي طرح انسان جي روح ۾ اچي ٿو وڃي ان کي حيرت انگيز انداز سان هن مصرع ۾ ادا ڪيو آهي.

”اين طرفه تماشابين دريا به حباب اندر“

هڪ صاحب جيڪو قواليءَ جي محفل ۾ شريڪ ۽ فارسي بان کان ناواقف هو. ”دريا به حباب اندر“ کي ”دريا مين بها بندر“ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لڳو ۽ غالبا پنهنجي هستيءَ جي پستيءَ کي بندر سان مشابه سمجهي، جيڪو آخر وحدت جي درياهه ۾ وهي ويو. هن کي شديد وجد ۽ حال آيو ۽ زور شور سان ”دريا مين بها بندر“ دهرائيندو ”هو حق“ ڪندو رهيو. هي حرڪتون ضبط نفس جي گهٽتائي ۽ اعصابي ڪمزوريءَ کان پيدا ٿينديون آهن. جيڪڏهن عشق الاهي جو نتيجو هجن ها ته ڪنهن اصحابي ۾ نظر اچن ها. اصل اسلام ۾ هنن ڳالهين جو ڪو نالو نشان نظر ڪونه ٿو اچي. هي عجمي قومن جي طبيعتن جو ڪرشمو آهن. مولانا رحمت الله عليه هن مضمون کي جاري رکندي هي سوال ٿا ڪن ته انهيءَ صوفيءَ تقليد ۾ هن قسم جي مار ڇو کاڌي. هي ايتريقدر بيوقوف  ڇو بنيو ؟  ان جو  جواب اهو ٿا ڏين ته مرغن دعوت جي طمع ان جي اکين تي پردو وجهي ڇڏيو. هڪ  دعوت جو مزو ۽ وري سماع جو لطف-

تر لقمو ۽ دلڪش نغمو ٻنهين گڏجي هن کي غافل ڪري ڇڏيو فرمائن ٿا ته طمع اهڙي ته بري بلا آهي جيڪا آئيني وانگر صاف قلب جيڪو هر شيءِ جي اصليت کي معڪس ٿو ڪري اگر ان تي به طمع غالب اچي ته هو به منافق ٿي پوي. جنهن مان ڪجهه حاصل نه ٿئي. ان کي بدصورت بنائي ڇڏي. اهڙي طرح جيڪڏهن تارازيءَ ۾ لالچ پيدا ٿي پوي ته ڪڏهن به صحيح نه توري، روشن ضمير ۾ عقل ۽ عدل جو ظهور ٿيندو آهي ۽ اهو حقيقت جو آئينو بنجي ويندو آهي. اهڙي طرح عقل هڪ تارازي آهي. ليڪن هي به غرضمنديءَ سبب خير ۽ شر کي صحيح نه ٿي توري.

 

نبي دليل به آهي دلال به

 

انبياءَ ڪرام عليهم السلام جي متعلق مولانا فرمائي ٿو ته هر نبي دليل  يعني رهبر به هوندو آهي ۽ دلال به. ليڪن فرق هي آهي ته دنياداري ۾ رهبر ۽ معلم معاوضو گهرندو آهن ۽ نبي ڪنهن انسان کان ان خدمت جو معاوضو يا اجرت نه گهندو آهي ”يا قوم لا اسئلکم مالا ان اجري الا علي الله“ ۽ نبي ﷺ جي دلالي به الڳ قسم جي آهي. دلال خريد ڪرڻ واري کان به دلالي جي اجرت طلب ڪندو آهي ۽ وڪڻڻ واري کان به. مگر نبي ﷺ جيڪو نجات جي دلالي ٿو ڪري. اهو ٻنهين طرفن جي اجرت فقط وڪڻڻ واري يعني حق تعاليٰ کان وٺندو آهي. ليڪن نبي ﷺ خدا کان به ڪهڙي مزدوري طلب ڪندو آهي. حور ۽ محلات نه بلڪ ديدار الاهي جو طالب هوندو آهي.

 

خيالات جو زندگيءَ تي اثر

 

فرمائن ٿا ته انسان جا خيالات ان جي زندگيءَ جي انداز کي متعين ٿا ڪن. تن ۽ من ٻنهين جي صحت ۽ تندرستيءَ جو دارومدار خيالات تي آهي، غم وارن خيالن سان انسان ميڻ وانگر ڳرندو ويندو آهي. ۽ سٺن خيالن سان روح ۽ جسم ٻئي تر ۽ تازا رهندا آهن. ان ڪري خيالن کي صالح بنائڻ جي ضرورت آهي. زندگيءَ جا حالات ڪهڙا ئي خراب هجن. ليڪن سٺا ۽ صالح خيال انهن جي تخريبي عمل کي فنا ڪري ٿا ڇڏين. فڪر صالح اهڙي ته سعادت جي ڪيميا آهي جيڪا خراب احوالن کي بدلائي دل کي خوش ڪندڙ بنائي ٿي سگهي جيئن رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته مومن کي سٺن ۽ برن هر قسم جي خيالن مان نفعو پهچندو آهي. حالات خراب هجن ته صبر ڪندو آهي. جنهن جو ثمر روحاني لحاظ کان شيرين آهي ۽ جيڪڏهن نعمت حاصل ٿئي ته شڪر ڪندو آهي. جنهن کان روح کي شادماني ٿيندي آهي ۽ نعمت ۾ اصافو ٿيندو آهي. اهڙا مردان خدا موجود آهن جو نانگ انهن جي آڏو سر تسليم خم ڪندو آهي. هن چيو ته محبت جو جادو حيوانن تي به هلندو آهي. مون هن جي دل ۾ محبت وڌي ته هو به مون سان محبت ڪرڻ لڳو، جيڪڏهن هو مون سان خوفزده هجي ها ته ضرور مون کي ڏنگ هڻي ها. پاڪيزه ۽ محبت ڀريل خيالات ٻين کان محبت جي خواهش ٿا ڪيو ته صرف محبت جو مطالبو نه ڪريو بلڪ انهن سان خود محبت ڪريو، سڄي محبت اثر ڪرڻ کان بغير نه ٿي رهي سگهي. خيالن کي ڪيميا سان تشبيهه ڏيڻ محض شاعري نه آهي، بلڪ بدتر خيالن کي به ڪندن بنائڻ سٺن خيالن جوئي نتيجو آهي.

 

سٺا گمان (حسن ظن) ۽ برا گمان

فرمائن ٿا ته انسانن جي متعلق به سٺن گمانن کان ڪم وٺڻ گهرجي ماڻهن ۾ ڪجهه سٺيون ۽ ڪجهه برين صفتن جي ملاوٽ هوندي آهي. هڪ ماڻهوءَ کي نانگ ٿو سمجهي. ليڪن ٻئي جي نظر ۾ اهوئي محبوب هوندو آهي. ڳالهه هيءَ آهي ته هڪ ماڻهو ان جي خوبي ٿو ڏسي ۽ ٻيو ماڻهو ان جو عيب ٿو ڏسي، ڪنهن ماڻهو کي توهين ڪافر سمجهندو ته اهو ڪار ئي معلوم ٿيندو ۽ جيڪڏهن مؤمن سمجهو ته مؤمن نظر ايندو. سبب اهو آهي ته سيرت ۾ ڪو شخص نه بلڪل سفيد آهي ۽ نه بلڪل ڪارو بلڪ ان ڳئونءَ وانگر آهي. جنهن جي چمڙي ڪجهه سفيد هوندي آهي ۽ ڪجهه ڪاري- صرف ڪاراڻ کي ڏسڻ وارو ان کي ڪاري چوندو ۽ سفيديءَ تي نظر رکڻ وارو ان کي سفيد ئي هوندو ۽ ٻين لاءِ به عارف جي نگاهه هنر کي ڏسندي آهي ۽ حاسد جي نگاهه عيب کي ڏسندي آهي. ٻين جي متعلق پنهنجي دل ۾ سٺا خيال رکو ان سان توهان جي دل به پاڪ رهندي ۽ ٻئي تي به ان جو سٺو اثر ٿيندو. جنهن کي سٺو تمام سمجهندو ته اهو ڪوشش ڪندو ته سٺو بنيو رهي، ته جيئن توهان جو خيال ان جي متعلق نيڪ رهي ان مان برن جو به سڌارو ٿي ٿو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com