سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :2

حصو پهريون

 

تشبيهات رومي

 

عارف رومي رحمت الله عليه جن تشبيهه ۽ تمثيل جا بادشاهه آهن، هر قسم جي اخلاقي ۽ روحاني مسئلن کي سمجهائڻ لاءِ اگرچه حڪيم معنوي هجڻ سبب منطقي دليل به ڏنا اٿن ليڪن ڳالهه دلنشين ۽ يقين ڏياريندڙ ان وقت ٿئي ٿي جڏهن اها ڪنهن تشبيهه يا مثال جي ذريعي اصل مطلب کي واضح ڪري. سندن مثنوي حڪمت ۽ عرفان جو سمنڊ آهي ۽ سندن بيان ۾ دليل سان گڏ ذاتي وجدان به موجود آهي. پاڻ صوفي ۽ شاعر آهن، پاڻ شاعريءَ ۾ جيڪا ڳالهه جيئن طبيعت ۾ اڀري اٿن ساڳي طرح قلم جي سپرد ڪئي اٿن، ليڪن قدرت کين هي هڪ غير معمولي اعزاز عطا فرمايو آهي ته هر باريڪ نڪتي جي وضاحت لاءِ کين دلنشين (يعني دل ۾ گهڙي ويندڙ) تشبيهه ذهن ۾ آئي آهي، جيڪا يقين ڏياريندڙ به هوندي آهي ۽ وجد ڏياريندڙ به. سڄي دنيا ۾ سڀني زبانن جي ادب جو جائزو وٺندڙ هن نتيجي تي پهتا آهن ته نبين سڳورن جي صحيفن کي ڇڏي روحانيت ۽ معرفت جو ڪوبه ڪتاب مثنوي معنويءَ جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. سڀني نبين ولين جا وجدان هن ۾ هڪ ٿي ويا آهن ۽ پڙهڻ واري کي اهو محسوس ٿو ٿئي ته چوڻ وارو صرف ٻين جي تجربن ۽ تعليم کي پيش ڪونه ٿو ڪري بلڪ ذاتي وجدان سان تحقيق ۽ تجربي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. جيئن ته سڀني انسانن جي ذهني سطح هڪ جهڙي نه هوندي آهي ان ڪري سٺو استاد هر طبقي لاءِ مختلف طرز بيان اختيار ڪندو آهي. ”کلموا الناس عليٰ قدر عقولهم“ نبين ۽ ولين جي ئي اها خوبي آهي ته هو تشبيهه ۽ مثال کان ڪم وٺي حڪمت پسندن جي حڪمت اندوزيءَ ۾ به اضافو ٿا ڪن ۽ عام انسانن لاءِ به ڳالهه کي قبول ڪرڻ جي قابل ۽ دلڪش بنايو ٿا ڇڏين.

مان ڪير آهيان؟ زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ هيءَ زندگي ڪٿان اچي ٿي ۽ ڪاڏي وڃي ٿي؟ خالق ۽ مخلوق جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ انهن جا جواب دين وارا به ڳولهين ٿا ۽ عقل وارا به.

مولانا رومي رحمت الله عليه مثنويءَ جي شروعات ۾ بانسريءَ وڄائڻ شروع ٿا ڪن ۽ بانسريءَ جي تشبيهه سان انسان جي روح جي ضرورت ۽ ان جي مقصد ۽ ميلان کي دلنشين ۽ دلسوز طريقي سان پيش ٿا ڪن. مولانا جي بانسريءَ جو مضمون سندن پوري مثنوي ۽ پوري تصوف جو لُبِ لباب آهي. هنن شروعاتي شعرن جو باقي سڄي مثنوي سان ڪجهه اهڙوئي تعلق آهي جهڙو سوره فاتحه جو قرآن ڪريم سان. جهڙي طرح سڄي قرآن ۽ اسلام جو عطر سوره فاتحه ۾ موجود آهي. اهڙي طرح مولانا رحمت الله عليه جي بانسري وارن شعرن ۾ جيڪي مثنوي جي شروعات ۾ آهن، انهن جو تصوف ۽ فلسفو به هڪ هار وانگر جڪڙيل آهي.

موسيقيءَ جي نسبت انسانن جو عام تجربو هي آهي ته اها جيتري قدر درد انگيز ۽ سوز و گداز سان ڀريل هوندي اوتروئي انسان جي روح کي متاثر ڪندي آهي. موسيقيءَ جي نسبت حڪيمن، صوفين ۽ نفسيات جي ماهرن مختلف نظريا قائم ڪيا آهن. انهن مان ڪي اهل دل ۽ اهل نظر هن يقين تي پهتا آهن ته هڪ خاص قسم جي موسيقيءَ جي ذريعي سان انساني روح پنهنجي ماهيت (ضرورت) بلڪ ضرورت حيات ۽ ڪائنات ۾ غوطا هڻندو آهي. اهڙي قسم جو عرفان نه ظاهري حواسن سان حاصل ٿي ٿو سگهي ۽ نه عقل ۽ استدلال سان، محسوسات ۽ معقولات فقط زندگيءَ جي ظاهري سطح تي ترندا نظر ٿا اچن يا ائين چئجي ته اهي حقيقي هستيءَ جا حجاب ۽ نقاب آهن. اگرچه عارف جي لاءِ اهي پردا به ساز جا پردا بنجي ٿا وڃن.

موسيقي انسان کي هن جسماني واسطي سان روحاني عالم ۾ پهچايو ٿي ڇڏي. مولانا روم رحمت الله عليه خود انهي تي حيرت ٿا ڪن ۽ فرمائين ٿا ته رباب کي ڏسو، ان جي تار به مادي آهي، ان جي ڪاٺي به مادي آهي ۽ ان تي چڙهيل چمڙو به مادي آهي، پر جيئن ئي وڄائڻ واري تارن کي ڇيڙڻ شروع ڪيو فورا انساني روح جي ازلي دوست جو دلنواز آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچڻ لڳو.

خشک تار و خشک چوب و خشک پوست

ازکجامي آيد اين آواز دوست

(رومي)

رباب جي متعلق مولانا رح جو شعر نهايت روح پرور معنيٰ سان ڀريل آهي، ليڪن بانسري سان عارف رومي رح جيڪي مضمون پيدا ڪيا آهن. اهي ڪنهن ٻئي ساز سان پيدا نه ٿي سگهيا. بانسريءَ جي روحانيت ۽ الوهيت سان تعلق هندن ۾ به تسليم ٿيل آهي. چنانچه ڪرشن ان جي تصور ۾ بانسري نواز ئي ڏسڻ ۾ ٿو اچي. سازن مان اهڙا نغما نڪرن ٿا، جن سان انسان جا خراب جذبا جوش ۾ اچي سگهن ٿا. ليڪن بانسريءَ جي سر ۾ اها ڳالهه نه آهي. هن ۾ هميشه سوز و گداز ئي هوندو آهي، ۽ هڪ اهڙي حسرت پيدا ٿيندي آهي. جنهن جو نه ڪو منڍ معلوم ٿيندو آهي ۽ نه ڪو موضوع يا مقصد مولانا رحمت الله عليه انهيءَ حسرت جو سبب ٿا ٻڌائن اهو سبب اهو آهي ته سڀ روح الارواح يعني الله تبارڪ و تعاليٰ جي مطلق هستي جي طرفان ئي آيا آهن. انسان روح پنهنجي اصلي ماخذ جي طرف موٽڻ ٿو چاهي، جيستائين ان کي ٻيهر وصال حاصل نه ٿيندو. تيستائين هن جي شڪايت ڀريل حڪايت درد انگيز طريقي سان بيان ٿيندي رهندي.

زندگيءَ جو راز انهيءَ فراق جي درد ۾ ئي سمايل آهي حقيقت کي منور ڪرڻ وارو نور اک ۽ ڪن ۾ نه آهي جان جيڪا جسم ۾ لڪل آهي محسوس نه ٿي ٿي سگهي، اهو ئي حال هن ازلي سُر جو آهي جنهن ۾ انسان جو روح غوطا ٿو هڻي. محبت ۽ عشق کي عام طور تي باهه سن تشبيهه ڏني ويندي آهي. ان ڪري مولانا رح فرمائن ٿا ته بانسريءَ ۾ بظاهر هوا گردش ٿي ڪري ليڪن اها هوا نه آهي. بلڪ عشق جي باهه جا شعلا آهن. جنهن روح ۾ هن باهه جي گرمي نه آهي ان جي هستيءَ کان ته نيستي ئي بهتر آهي.

آتش است بانگ ناهي و نيست باد

هرکه اين آتش ندارد نيست باد

موسيقي ڪيفيت جي لحاظ کان غم انگيزي ۽ غمگساري جي جامع آهي. هن ۾ وصال جو ذوق فراق جي ملال سان گڏ آهي هن جو درد مسرت کان زياده دلڪش محسوس ٿو ٿئي. مادي عالم ۾ ته زهر ۽ ترياق گڏ ٿي نٿا سگهن. ليڪن روحاني عالم جي نفسيات ئي نرالي آهي.

بانسريءَ جي تشبيهه ۾ ٻيون خوبيون به آهن. بانسريءَ جا ٻه منهن ٿيندا آهن. هڪ بانسريءَ وڄائڻ واري جي چپن ۾ هوندو آهي ۽ ٻئي منهن مان آواز نڪرندو آهي. انسان جي روح جي بلڪل اهائي ڪيفيت آهي، ان جو هڪ منهن ازلي بانسري وڄائڻ واري جي منهن ۾ آهي ۽ ٻيو منهن اهو آهي جنهن مان سڀني ظاهر ٿيندڙن جو آواز پيدا ٿو ٿئي. جنهن هستيءَ جو وصال مقصود آهي، فراق ڏيندڙ به اها هستي آهي. ان ڪري فراق جي شڪايت جو ماخذ به پاڻ ئي آهي.

بانسريءَ جي تشبيهه ۾ ٻي خوبي هي آهي ته هن جو سينو سوراخن سان چاڪ چاڪ هوندو آهي. جيڪا ڳالهه محض آواز سان ادا ٿي نه ٿي سگهي اها سيني ۾ سوراخ ڪري نڪرڻ لڳي ٿي، ائين کڻي چئجي ته درد جي ڪري سينو به چاڪ چاڪ ٿي پيو.

روحاني موسيقي هر مذهب ۾ عبادت جو حصو شمار ڪئي ويندي آهي. اهڙي ئي موسيقيءَ کي روح جي غذا چوندا آهن. ليڪن دنيا ۾ سٺي ۾ سٺي شيءِ جو غلط استعمال به ٿيندو آهي. سماع جي جائز ۽ ناجائز هجڻ تي فقهه جي عالمن ۽ صوفين گهڻا بحث ڪيا آهن. ليڪن بهترين جواب اهوئي آهي، جيڪو عارف روميءَ رح ڏنو آهي. اهو سماع ٻڌڻ جائز آهي جيڪو ٻڌڻ وارو پاڪيزه جذبات رکندڙ هجي ۽ انهن جي پرورش لاءِ روحاني غذا جو طلبگار هجي ۽ ٻيو اهو ته موسيقي اهڙي انداز جي هجي جيڪا حيواني جذبن کي اڀاريندڙ نه هجي. قرآن ڪريم جي قرائت سٺي آواز  سان ڪرڻ به موسيقي آهي. جنهن سان ٻڌڻ واري جي قلب تي رقت طاري ٿيندي آهي ۽ انساني روح هيٺان کان مٿي طرف مائل ٿي پوندو آهي.

مثنويءَ ۾ هڪ قصو آهي ته هڪ يهوديءَ جي ڇوڪريءَ اسلام ڏي مائل هئي ۽ هن جي والدين کي ان جو ڪو رستو نظر نه پيو اچي. مگر هڪ بدآواز بانگي جي بانگ ٻڌي هن جي دل اسلام کان ڦري وئي.

 

حرص

انسان جي حرص جي ڪا انتها ڪانهي. دولت جو حرص موت تائين مسلسل ترقي ڪندو ٿو رهي. حرص هڪ بيماري آهي. جيڪڏهن ان جو ڪو علاج قناعت (ڪفايت شعاريءَ) سان نه ڪيو وڃي ته پوءِ ڏينهون ڏينهن ان ۾ اضافو ئي ايندو ٿو وڃي. هر هڪ مرض جو قانون آهي. اها بيماري خواهه جسماني هجي يا قلبي، ”في قلوبهم مرض فزادهم الله مرضا“ حريص انسان جي اکين کي بقول سعدي رح يا قناعت پرکند يا خاک گور (يا قناعت پُرُ ڪندي يا قبر جي مٽي) مولانا رح فرمائي ٿو ته حريص ڪڏهن به هن واضح حقيقت تي غور نه ٿو ڪري ته پنهنجي خواهش کي هڪ حد تائين پورو ڪري ٿو سگهجي، ان حد کان اڳي وڌڻ کان پوءِ مقصد پورو ٿيڻ جي بجاءِ مقصد ئي بلڪل ختم ٿي ٿو وڃي. ڪيترا ماڻهو کائڻ پيئڻ جي لذتن جو شڪار ٿي پوندا آهن. انهن جو پيٽ ڀرجي ويندو آهي. ليڪن نظر نه ڀربي اٿن.

گو هاتهه مين جنبش نهين آنکون مين تو دم هي

دهني دو ا بهي ساغر و مينا ميري آگي

جڏهن ضرورت کان وڌيڪ کائي ويندا آهن ته الٽي اچڻ شروع ٿي ويندي اٿن يا دستن جي مرض ۾ مبتلا ٿي پوندا آهن ۽ آهستي آهستي هاضمو اهڙو ته خراب ٿي پوندو اٿن جو پوءِ ڪوڙيون ۽ بد ذائقه دوائون ئي کائڻيون پونديون اٿن. سٺي غذا جو گرهه نڙيءَ مان نه ٿو لهين ۽ طبيب هدايت ڪرين ته جيڪڏهن تندرستي گهرين ٿو ۽ مرڻ کان بچڻ ٿو چاهين ته پوءِ پرهيز لازمي اٿئي. هاڻي اهڙو ماڻهو تندرست ماڻهو کي ڏسي سڪندو آهي ته هو عمدا کاڌا پيو کائي ۽ هضم به ٿيو ٿا وڃنس پوءِ ڏاڍي افسوس جا هٿ مليندو ٿو رهي.

هنري فورڊ جيڪو دنيا جو تمام وڏو دولتمند هئو پنهنجي سوانح حيات ۾ پاڻ ئي لکيو اٿس ته مون کي پنهنجي ذات جي لاءِ دولت ڪمائڻ جو حرص ڪڏهن به ڪونه پيدا ٿيو. جيڪي ڪجهه عام ماڻهو کائين ٿا منهنجي به اها غذا آهي، جيڪڏهن ڏهه وڏا محلات ٺهرايان ته به هڪ ڪمري کان وڌيڪ استعمال نه ٿو ڪري سگهان. هڪ بستري کان وڌيڪ منهنجي سمهڻ لاءِ ضرورت نه آهي. شريفاڻي قسم جا چند ڪپڙا منهنجي لاءِ ڪافي آهن، پنهنجي ذات جي لاءِ مال ۾ حرص منهنجي ڪهڙي ڪم ۾ اچي ٿو سگهي.

مولانا رحمت الله عليه انهيءَ حقيقت کي دلنشنين تشبيهه سان واضح ڪيو آهي. فرمائن ٿا ته هڪ لوٽي يا ڪنئري ۾ جيڪڏهن سڄو سمنڊ پاڻيءَ جو به وجهبو وڃبو ته به سڄو ٻاهر نڪرندو ويندو لوٽي ۾ ته صرف ايترو پاڻي بيهندو جيتري ان جي گنجائش آهي. پوءِ ايترو وڌيڪ پاڻي وجهڻ سان لوٽي کي ڇا فائدو؟

مال جي حرص جي متعلق مولانا رحمت الله عليه هڪ ٻي تشبيهه استعمال ڪئي آهي. فرمائين ٿا ته اسان جي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ کي هلائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان جي هيٺيان ايترو پاڻي هجي جو ان کي تاري اچي ڪناري تي لڳائي ان کان وڌيڪ پاڻي جي ٻيڙيءَ کي ضرورت نه هوندي آهي. جيڪڏهن ان جي هيٺيان پنج ميل اونهو سمنڊ به هوندو ته اهو ان لاءِ سڀ فالتو آهي. ٻيڙيءَ جي روانيءَ کي ان مان ڪوبه فائدو ڪونه ٿو پهچي. ضرورت کان وڌيڪ مال جو حرص جڏهن انسان جي اندر پيدا ٿو ٿئي ته اهو ان جي زندگيءَ جي خرابي جو سبب ٿو بنجي. بلڪل هن طرح جيئن پاڻي جڏهن ٻيڙيءَ ۾ اندر داخل ٿيڻ شروع ٿئي ته اهو ان کي ٻوڙي ڇڏيندو، زندگيءَ جي فطري ۽ حقيقي مقصد لاءِ ضرورت جيترو مال لازمي آهي. پيغمبر سڳورن کي دين جي استحڪام ۽ اشاعت لاءِ ڪجهه مال جي ضرورت ٿيندي هئي. ليڪن مال اهل دل لاءِ خير جو ذريعو ٿيندو آهي. اهو خود مقصد نه ٿو بنجي. دل جي اندر مال جي ڪابه حيثيت ڪانهي. مال صالح (حلال) رحمت آهي ۽ مال غير صالح (حرام) تمام گهڻي زحمت ۽ آفت آهي.

حرص جو واحد علاج سٺين صفتن جو عشق آهي. جن جو ڪمال الله تعاليٰ جي ذات ۾ ملي ٿي. اهڙي قسم جو عشق سڀني جسماني ۽ روحاني بيمارين جو علاج آهي. ”تخلقوا باخلاق الله“ (الله تعاليٰ جا اخلاق پيدا ڪيو) اهو ئي زندگيءَ جو مقصد آهي. ان جو رستو ۽ ذريعو عشق الاهي آهي. جيڪو سڀني ننڍن ۽ بيڪار ۽ فنا ٿي ويندڙ تمنائن کي جلائي ٿو ڇڏي. جسماني حڪمت ۽ روحاني حڪمت سڀني جو سرچشمو اهوئي آهي.

 

دل جو آئينو

دل جي لاءِ آئيني جي تشبيهه عام آهي. حقيقت هيءَ آهي ته انهيءَ کان بهتر تشبيهه ٿي به نه ٿي سگهي. سڄي ڪائنات انسان جي دل ۾ ئي عڪس جي صورت ۾ اچي ٿي. ليڪن انهيءَ عڪس لاءِ بيحد ضروري آهي ته دل جو آئينو به صاف هجي. حرص، هوس ۽ دنياداريءَ جي ڪشمڪش، خواهشن سان محبت هن دل جي آئيني کي زنگ آلود ڪيو ڇڏي ۽ حقيقتن جي سڃاڻڻ (عرفان) کان سواءِ زندگيءَ جو مقصد ئي حاصل نه ٿو ٿي سگهي. سينو ڪيني ۽ بغض کان صاف ۽ دل شفاف آئيني وانگر هجڻ گهرجي، ته جيئن هر حقيقت جيئن آهي ائين ئي ان ۾ عڪس جي ذريعي نظر اچي. عام ماڻهن جا قلب زنگ لود هئڻ سبب حقيقتن کان آشنا نه ٿا ٿين.

عقل جي حڪيمن جي نزديڪ علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو يا ته محسوسات آهن ۽ يا وري معقولات (عقل ۾ ايندڙ) انسان پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي سان استخراج ۽ استقراءَ جي ذريعي معلومات ڪندي ان ۾ اضافو ڪندو ٿو رهي. ليڪن روحاني حڪيمن جو تجربو هي آهي ته حقيقي علم ظاهري معلومات کي گڏ ڪرڻ سان نه پر باطن جي ذريعي قلب کي صاف ڪرڻ سان پيدا ٿو ٿئي. صفائي ئي هر قسم جي گندگيءَ کي صاف ڪرڻ جو علاج آهي. ظاهري معلومات سان انسان علت ۽ معلول جون ڪڙيون جوڙيندو ٿو رهي ۽ هي سلسلو ڪٿي به ختم نه ٿو ٿئي. ان کان علاوه زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ضد شڪن سان ڀريل هوندا آهن. ان ڪري ئي دليلن واري حڪمت شڪن ۽ گمان جي دائري کان اڳتي قدم رکي ئي نه ٿي سگهي. صوفي بزرگن جو چوڻ آهي ته ظاهري معلومات جا انبار لڳائيندو رهڻ جي بجاءِ جيڪڏهن انسان قلب جي صفائيءَ جي ڪوشش ڪري ته علم اليقين کان اڳتي وڌي عين اليقين تائين پهچي وڃي جتي علم ”لاريب فيه“ (ان ۾ ڪو شڪ نه آهي) ٿي ٿو وڃي. ان کان پوءِ شڪن ۽ گمانن جا ڪنڊا دل ۾ نه ٿا چڀن. انهيءَ سلسلي ۾ مولانا رح هڪ حڪايت لکي آهي ته: هڪ بادشاهه رومي ۽ چيني نقش و نگار جي ماهرن جي فن جو ڪمال مقابلي ڏسڻ لاءِ هڪ محل ۾ آمهون سامهون ٻن ديوارن کي منتخب ڪيو ۽ ٻنهين ديوارن جي وچ ۾ هڪ پردو ٽنگائي ڇڏيو انهن کي حڪم ڏنائين ته چيني هڪڙي ديوار تي مصوريءَ جو ڪمال ڏيکارن ۽ رومي ٻي ديوار تي ۽ ٻئي مقابلو ڪندڙ گروهه هڪ ٻئي جون تصويرون ڪم پوري ٿيڻ تائين نه ڏسن. جڏهن ٻنهين گروهن جو ڪم پورو ٿيندو تڏهن وچ وارو پردو هٽائي ڏسڻ وارا ٻنيهن جي فن جو مقابلو ڪندا. چيني ته نقاشيءَ جي ڪم ۾ پورو پورو زور لڳائيندا رهيا ۽ سهڻا سهڻا نظارا ٺاهيندا رهيا. ليڪن رومي صرف پنهنجي ديوار کي صاف ڪندا رهيا حتاڪه اها ديوار آئيني وانگر صاف ۽ شفاف ٿي وئي. جڏهن پردو هٽايو ويو ته چينين جا ٺاهيل سڀ نقش ۽ نگار رومين جي شيشي جهڙي صاف ديوار تي نظر اچڻ لڳا. مولانا رح فرمائي ٿو ته اهو ئي حال حقيقت جي علم کي حاصل ڪرڻ جو آهي. هڪ گروهه قلم جي ڪوشش ۽ رنگ آميزي سان تصويرون ٺاهيندو ٿو رهي ۽ ٻيو قلب کي صاف ڪري سڀ حقيقتون پنهنجي اندر عڪس جي ذريعي حاصل ڪندو ٿو رهي.

حُسن آئينه حق اور دل آئينه حُسن (اقبال)

زنگ کي هٽائڻ کان پوءِ اهائي ڳالهه پيدا ٿي ٿئي جيڪا رنگ جي حسن پيدا ڪئي هئي. صفائيءَ سان دل نه صرف آفاق جي مظهرن جو آئينو بنجي ٿي وڃي بلڪ ان ۾ باطني حقيقتون به عڪس پيدا ٿيون ڪن.

 

عشق ۽ عقل

 

اهو عشق جيڪو مصدر ۽ مقصود حيات آهي ۽ ڪائنات جي تڪوين ۽ ارتقاءِ جو سبب آهي، جيڪو هر موجود جي رڳ رڳ ۾ جاري ۽ حجر و شجر و نباتات کانسواءِ حيوان ۽ انسان تي ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ طاري آهي، ان جو هيءُ، جزوي عقل جڏهن دليلن سان شرح ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته سندس ڪيفيت اهڙيءَ طرح هوندي آهي جيئن هڪ گڏهه ڪنهن چڪڻ ۾ ڦاسي پوي ۽ ان مان جيئن نڪرڻ جي ڪوشش ڪري تيئن گپندو وڃي، ڇو ته عشق جو تعلق وجدان سان آهي بيان سان نه.

 

سج جو پاڇو

مطلق هستي يعني باري تبارڪ و تعاليٰ جلشانه جي پاڪ ذات ۽ مخلوق وموجودات جي پاڻ ۾ نسبت ڪجهه اهڙي انداز جي آهي، جيئن سج ۽ ان جي پاڇي ۾ آهي. جيڪڏهن سج نه هجي ته پاڇي جو وجود به نه ٿو ٿي سگهي. هيءَ ڪائنات اهڙي ئي طرح رب پاڪ جو پتو ٻڌائي ٿي جهڙي طرح پاڇو سج جي خبر ٿو ڏي. اگرچه پاڇو به هڪ طرح سج جو دليل آهي. ليڪن انهيءَ کان گهٽ آهي جو خود سج جو اڀرڻ سج جو دليل آهي. جيڪڏهن ڪو پڇي ته ان جو ڪهڙو ثبوت آهي ته سج اڀريو آهي ته ان جو جواب اهوئي آهي ته اکيون کولي ان ڏي منهن ڪري ڏسو ان لاءِ ڪنهن به دليل جي ضرورت ئي ڪانهي.

آفتاب آمد دليل آفتاب، گر ليلت بايد از وي رومتاب

از وي ارسايه نشاني ميد هد، شم هر دم نور جاني مي دهد

دنيا ۾ جيڪي به نباتاتي ۽ حيواني زندگيون آهن. اهي سڀ سورج جي ڪري آهن. حيات بخشيندڙ سج آهي نه سج جو پاڇو اهڙي طرح ساري موجودات پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ ازلي سج جي محتاج آهي. صرف موجودات جي چڪر ۾ ڦاٿل ائين آهي. جيئن ڪو شخص هميشه پاڇي ۾ ويٺو هجي. پاڇي ۾ ته ائين ننڊ اچي ويندي آهي جيئن ڳالهيون ٻڌندي ننڊ اچي ويندي آهي. ليڪن زندگيءَ جو مقصد بيداري آهي، ننڊ ۾ پيو رهڻ نه.

سج جي سامهون صرف پاڇو ئي بي حقيقت نه هوندو آهي. بلڪ چنڊ به جيڪو ان کان نور حاصل ٿو ڪري، جيڪڏهن سج جي سامهون اچي وڃي ته جيڪر تمام هلڪو ٿي پوي ليڪن حقيقت جو سج اسان جي شمسي نظام وارو سج نه آهي. هتان وارو سج ته ويچارو هر وقت مسافرن وانگر گردش ۾ مبتلا رهندو آهي ۽ انهيءَ سان ئي ڏينهن ۾ تبديلي ٿيندي آهي ۽ ايندا ويندا رهندا آهن. حقيقت جو سج ”اَلاَنَ کَمَا کَان“ رهندو آهي. ظاهري سج جي صورت ته تصور ۾ اچي ٿي وڃي ليڪن ازلي سج جو ڪو مثال ئي ڪونهي ”ليس کمثله شيءُ“ افلاڪ ۾ جيڪو هي بلند بي حساب آسمان آهي. اهو پاڻ حقيقت جي سج جو محتاج آهي ۽ ان جي مرضيءَ جو محتاج آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ جو نظير نه ذهن ۾ اچي ٿو سگهي ۽ نه ظاهر ۾ ڪاٿي ملي ٿو سگهي.

 

آرزوءَ ۾ اعتدال

انسان جي دل ۾ جيڪي به آرزو (خواهشون) پيدا ٿيون ٿين. اهي اصل ۾ انساني جبلت جوئي نتيجو آهن. ڪابه آرزو پنهنجي حيثيت جي لحاظ کان سراسر رد ڪرڻ جي قابل نه هوندي آهي. مگر انسان ذات جي حياتيءَ ۾ خراب ۽ انتشار انهي ڪري ٿو پيدا ٿئي جو هر آرزو ”هل من مزيد“ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. کائڻ پيئڻ هجي يا جنسي لذت يا مال ۽ جاه جي محبت، غرض سڀني جو اهو ئي حال آهي. نفس جي گهرجن تي جيڪڏهن حد نه لڳائي وڃي ته نفس اماره ٿي ٿو وڃي. بجاءِ محڪوم هجڻ جي هر انسان تي مطلق العنان ٿي حڪمراني ڪرڻ ٿو لڳي.

انسان جو ظرف ۽ ان جون قوتون محدود آهن. هڪ حد تائين ته انسان کي فائدو ٿو پهچي ۽ ٻين کي ان مان ڪوبه نقصان ڪونه ٿو پهچي. ليڪن نفس تي آرزو (خواهشون) وجهندا وڃو ته نه اهي پوريون ئي ٿين ٿيون ۽ نه وري انهن مان ڪا لذت يا خوشي محسوس ٿي ٿئي. مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته انسان خواه مخواه پنهنجي ڪمزور جسم تي خواهشن جا جبل کڻي ٿو وجهي. الله تبارڪ و تعاليٰ جي قدرت کي ڏسو ته هر جاندار هستي ان جي گرمائش مان فائدو ٿي حاصل ڪري پر جيڪڏهن سج زمين جي بلڪل ويجهو اچي وڃي ته سڀ ڪجهه سڙي خاڪ ٿي وڃي. انسان کي به انهيءَ فطرت جي عمل کان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪا شيءِ سج وانگر زندگيءَ لاءِ لازمي به هجي تڏهن به ان مان فائدو صرف انهيءَ حالت ۾ ئي حاصل ٿي سگهندو جڏهن انسان تناسب (اعتدال) کي هٿان نه ڇڏي هرهڪ سٺي شيءِ جي تمنا ڪري. ليڪن هڪ حد اندر يعني اعتدال سان.

 

نفس جي تشخيص ۽ تحليل

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته جهڙي طرح انسان جي جسم ۾ ڪو سنهو ڪنڊو چڀي وڃي ۽ ڏسڻ ۾ نه اچي ته هڪ ڪڍڻ ۾ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي. ساڳئي طرح انسان جي نفس ۾ ظاهر نه ڪرڻ جهڙيون خواهشون به باريڪ ڪنڊي وانگر چڀي ۽ لڪي ٿيون وڃن. جنهن جي نفس ۾ اهڙا خواهشن جا ڪنڊا چڀي ويا آهن. اهي هن ۾ سخت خلش ۽ بيچيني پيدا ٿا ڪن ليڪن خود ويچاري مظلوم انسان کي نظر ڪونه ٿا اچن ڇو ته ”تحت الشعور“ ۾ گهڙي ويا آهن  ۽ شعور جي هٿ ۾ اچڻ کان پري ٿي ويا آهن. جيستائين ڪو نفساني طبيب پوري نفساني تحقيق کان پوءِ انهن کي نه ڪڍي، اهي مسلسل تڪليف ڏيندا ٿا رهن. انسان تڪليف ۾ جيترا به هٿ پير هڻي ٿو اوتروئي مرض ۾ اضافو ٿو اچيس. ڪي ٻار شرارت ڪري گڏهه کي پڪڙي ان جي پڇ سان ڪجهه ڪنڊا اٽڪائي ڇڏيندا آهن. گڏهه پريشان ٿي ڊوڙ ڊڪ ۾ ليٿڙيون پائڻ شروع ڪندو آهي. ته جيئن هن نامعلوم آفت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ليڪن انهن بيتابيءَ وارين حرڪتن کان ڪنڊا ان جي کل ۾ اڃا به وڌيڪ چڀندا ويندا آهن. جڏهن ته انسان جي به اهائي ڪيفيت ٿئي ٿي جو نفس اندر خواهشن جا ڪنڊا چڀي ويا هجن ته انهن جو علاج نفساني طبيب ئي ڪري سگهندو. هڪ ٻيو قصو مولانا رحمت الله عليه هڪ ٻانهيءَ جو لکيو آهي جيڪا بادشاهه کي ڏاڍي پياري هئي. ليڪن ڪنهن اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي هئي جو جسماني بيمارين جو علاج ڪرڻ وارا طبيب عاجز ٿي پيا هئا. آخرڪار هڪ نفساني طبيب هن جي نبض تي هٿ رکي نهايت حڪمت عمليءَ سان ان کان سندس زندگيءَ بابت سوال پڇڻ شروع ڪيا ۽ هر سوال جي جواب تي نبض جي حرڪت تي پورو غور ڪندو ويو. اهڙي طرح هن معلوم ڪري ورتو ته ڪهڙي ڳالهه ان کي اندر ئي اندر پريشان ٿي رکي ۽ پوءِ ان جو علاج آسان ٿي پيو. دل ۾ اندر لڪل ڪنڊا جڏهن نڪري وڃن ته پوءِ انسان جو غم ۽ بيچيني ختم ٿي وڃي ٿي.

 

راز کي لڪائڻ

هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه آرزو ۽ ڪجهه مقصد اهڙا هوندا آهن جو انهن کي لڪائڻ سان ئي مقصد حاصل ٿيندا آهي. جيڪي ماڻهو پيٽ جا هلڪا هوندا آهن. اهي ڪنهن به سٺي يا خراب ڳالهه کي لڪائي نه سگهندا آهن ۽ بڙ بڙاهٽ سان پنهنجو ۽ ٻين جو نقصان ڪندا آهن.

سٺيون خواهشون ۽ سٺا مقصد جيڪڏهن ڪجهه عرصي تائين سيني ۾ لڪائي رکجن ته خاموشيءَ ۾ ڪجهه انهن جي پرورش ٿيندي رهي ٿي. ايستائين جو ان جي ظاهر ٿيڻ ۽ مڪمل ٿيڻ جو وقت اچي ٿو وڃي. جيڪڏهن انسان هر ڪنهن سان ان جو ذڪر ڪندو رهي ته ڪڏهن به مقصد کي پهچي نه سگهندو. روحاني زندگي به خاموشيءَ ۾ ئي پرورش ٿي حاصل ڪري. مولانا رحمت الله عليه ان جي متعلق هڪ حديث شريف پيش ٿا ڪن ”من کَتَمَ سره حصل مراده“ (يعني جنهن پنهنجي راز کي لڪايو ان پنهنجي مراد حاصل ڪئي.) ان کان پوءِ فرمائن ٿا ته ڏسو ته داڻو (ٻج) جيڪڏهن زمين ۾ ڪجهه وقت لڪل نه رهي ها ته ڪڏهن به سرسبز ٿي گل ڦل ۽ ميوو نه ڏئي ها. سون، چاندي، لعل ۽ جواهر سڀ کاڻين جي اونداهيءَ ۾ هڪ وڏو عرصو گذاري هن حالت ۽ هن قيمت کي پهچن ٿا.

 

عملن جي پاداش

انسان گهڻو ڪري عملن جي نتيجي ۽ اثر جيڪي شروعات ۾ ظاهر تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ انسان ڌوڪي ۾ ٿو رهي ته انهن جو ڪو خراب اثر باطن تي ڪونه ٿيو جيئن هڪ شخص ڪنهن کي ظلم سان قتل ٿو ڪري يا ڪنهن مظلوم جو مال کسي ٿو وٺي، جيڪڏهن هو قانون ۽ سياست جي پڪڙ ۾ نه آيو ته سمجهي ٿو بس منهنجو ڪجهه به ڪونه بگڙيو. مولانا رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته اهو نفس جو ڌوڪو آهي هي جهان سزا ۽ جزا جي معاملي ۾ هڪ جبل وانگر آهي هتي هر آواز جو پڙاڏو آهي هر آواز جي هڪ گونج آهي. ظاهري ڪن ان کي ٻڌن يا نه ٻڌن اهو آواز هن جي باطن سان ضرور ٽڪرائجي ٿو ۽ ٻيو مثال ڀت ۽ ان جي پاڇي جو آهي، سج اڀرڻ مهل ڀت جو پاڇو پري پري تائين هوندو آهي. ليڪن جيئن جيئن سج منجهند جي وقت کي قريب ٿيندو ويندو آهي. ديوار جو پاڇو ويڙهجي ڀت سان ئي چنبڙي ويندو آهي. ساڳي طرح عملن جو نتيجو بهرحال عمل ڪندڙ کي ئي ملي ويندو آهي. ”لها ما کسبت و عليها ما اکتسب“ (يعني هر شخص جي عملن جو فائدو به ان کي ئي پهچندو ۽ برو نتيجو به ان کي ئي پهچندو).

خدا جو عام لطف، انفرادي ۽ عارضي نقصان جي منافي نه آهي

الله تبارڪ و تعاليٰ جي رحيم ۽ ڪريم ذات ۽ رحماني صفتن تي عقيدو رکڻ وارن لاءِ هي معاملو تعجب انگيز ۽ ڪنهن ڪنهن وقت شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ وارو آهي ته هتي دنيا ۾ انسانن کي بغير گناهه ۽ قصور جي به مصيبت نازل ٿي ٿئي. هي قهر الله تبارڪ و تعاليٰ جي رحمت جي باوجود ڇو ٿو ٿئي؟ انهي جي متعلق مولانا رحمت الله عليه هي سبب پيش ٿا ڪن ته الله تعاليٰ جي مشيت عام لطف تي نظر رکندڙ آهي ۽ گهڻن انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ به ڪنهن هڪ فرد تي قهر ڪرڻ لازم هجي ته اهو عدل ۽ رحم جي مخالف نه آهي ۽ نتيجتاً انهيءَ فرد جي ڀلائي به انهيءَ ۾ ئي آهي. سڀني انسانن کي جيڪڏهن هڪڙي جسم وانگر تصور ڪيو وڃي ته ڪنهن هڪ ناسور واري عضوي تي جراحيءَ جو عمل اگرچه بظاهر انهيءَ عضوي تي قهر ٿو معلوم ٿئي. ليڪن پوري جسم جي تندرستي انهيءَ ۾ ئي آهي. جنهن ۾ آخرڪار انهيءَ ناسور واري عضوي جي به ڀلائي آهي. حضرت مسيح عليه السلام جهڙي نبيءَ سڳوري به اهائي تعليم ڏني ته جسم جي ڀلائيءَ لاءِ ڪنهن هڪ عضوي جو ڪاٽي ڇڏڻ جائز آهي. ايستائين جو هڪ اک به جيڪڏهن ڪڍڻي پوي ته ان ۾ ڪيٻائجي نه. ڪنهن هڪ جز تي ڪو هنگامي قهر الله جي مطلق لطف جي منافي نه آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته شرع ۾ به اهو عمل جائز آهي ڇو ته شريت جو بنياد عام ڀلائي آهي. اڳتي هڪ يقين ڏياريندڙ مثال پيش ٿا فرمائن ته ماءُ جيڪا پنهنجي ٻار لاءِ سراپا رحمت آهي ضرورت جي وقت ان کي ٽڪا ڏياريندي آهي ٻار ڊپ کان ڪنبندو ۽ درد کان روئيندو آهي ۽ ماءُ دل ۾ پئي خوش ٿيندي آهي ته هن سرسري درد کان پوءِ ٻار تندرست ٿي پوندو.

 

پاڪ انسانن جو پاڻ تي قياس نه ڪر

 

عام انسانن جي فطرت اها آهي ته هو ٻين کي پاڻ تي قياس ڪندا آهن. ان ڪري سخت غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿيندا آهن. مولانا رحمت الله عليه هڪ بقال ۽ ان جي طوطي جي ڳالهه لکي آهي. طوطو ڏاڍو ذهين ۽ نقال هو ۽ ماڻهوءَ وانگر ڳالهائيندڙ معلوم ٿيندو هو. دوڪان جو مالڪ جڏهن ڪجهه وقت لاءِ دوڪان کي ڇڏي گهر ويندو هو ته طوطي کي نگهبانيءَ لاءِ ڇڏي ويندو هو. طوطو غالبا دوڪان تي اچڻ وارن کي چوندو هوندو ته خبردار هٽي وڃو، شين کي هٿ نه لڳايو، مالڪ اتي ڪونهي. هڪ ڏينهن ڇا ٿيو ته هڪ ٻلي ڪئي کي پڪڙڻ لاءِ آئي، جنهن ڪري طوطي پنهنجي جان جي خوف کان ٽپا ڏنا ان ڪري بادام روغن جون بوتلون ڪري پيون. جڏهن مالڪ واپس آيو ته هن ڪاوڙ ۾ طوطي جي مٿي تي ڪا شيءِ هنئي جنهن جي ڪري هو گنجو ٿيو ۽ درويشن کي نذر نياز ڏيڻ شروع ڪيائين ته خدارا هن طوطي کي وري ڳالهائيندڙ بنايو. پاڻ به هن کي خوش ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهيو. مگر طوطي اصل نه ڳالهايو. اوچتو هڪ فقير دوڪان جي اڳيان لنگهي رهيو هو. ان کي ڏسي طوطو هڪدم ڳالهائڻ لڳو ۽ فقير کي چوڻ لڳو ته توبهه ڪنهن جو بادام روغن ڪيرايو هوندئي جنهن ڪري توکي به گنجو ڪيو ويو آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته اسان به عام طرح ٻين جي متعلق ائين ئي قياس ڪندا آهن ٿوري ظاهري مشابهت سبب اهو نتيجو ڪڍندا آهن ته فلاڻي شخص کان هن قسم جو عمل ٿيو آهي ته اهوبه ضرور اسان جي قسم جو ئي آهي. پاڪباز بزرگن جي عملن جي محرڪات کي پنهنجي قسم جو سمجهندا آهن ۽ ان مان سخت ٺوڪر کائيندا آهن. لکڻ ۾ شير لکيل هجي ته اهو جانور به ٿي سگهي ٿو ۽ کير به. عمل ۾ ظاهر جي صورت ملڻ جي باوجود حقيقت ۾ تمام وڏو فرق ٿي سگهي ٿو.

ظاهري اعمال هڪ ئي قسم جا هوندا آهن ليڪن عمل ڪرڻ وارن جي فطرت جي تفاوت جي ڪري عملن جا نتيجا بلڪل مختلف ٿيندا آهن. ڏينڀو ۽ ماکيءَ جي مک هڪ ئي قسم جي گلن مان رس چوسينديون آهن، ليڪن ڏينڀوءَ ۾ ان مان ڏنگ پيدا ٿيندو ۽ ماکيءَ جي مک مان مٺي ماکي. ٻن قسمن جا هرڻ هڪ ئي گاهه چرن ٿا ۽ هڪ ئي گهيڙ تان پاڻي به پيئن ٿا. ليڪن هڪڙو فقط ان مان ڦولهڙيون ٿو لاهي ۽ ٻيو کستوري. ليڪن انسان ظاهري صورتون هڪ جهڙيون ڏسي ڌوڪو کائي ٿو وڃي. ڪوڙي ۽ مٺي پاڻيءَ جون ظاهري صورتون هڪ جهڙيون صاف ۽ شفاف ٿين ٿيون. چکڻ کان سواءِ انهن جو فرق معلوم نه ٿو ٿي سگهي. ظاهري عملن جي هڪ جهڙي صورت انسان کي هڪ ٻئي جي متعلق فيصلو ڪرڻ ۽ اندازو لڳائڻ ۾ ڏاڍي دشواري ۾ مبتلا ٿي ڪري. نبين سڳورن جي معجزن ۽ جادوگرن جي جادوءَ ۾ ظاهري هڪ جهڙائي ٿي معلوم ٿئي. ان ڪري روحاني انڌا نبي ﷺ کي به جادوگر سمجهندا آهن. حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ جادوگرن جي مقابلي ۾ جادوءَ جي مقابلي ۾ جادو ڪونه هو، حالانڪ فرعون جي درٻارين کي ائين ئي پئي ڏسڻ ۾ آيو.

انسانن جي مذهبي زندگيءَ جو به ڪجهه اهڙو ئي حال آهي، جنهن شخص جي اندر خلوص ۽ دين جو روح موجود آهي ان کان عبادتون ۽ نيڪ عمل خاص قسم جا ظاهر ۾ ادا ٿين ٿا. جيئن ته عام ماڻهو متقي ۽ ديندار کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا آهن. ان ڪري اهڙا منافق جن ۾ دين ۽ ايمان جي هڪ رتي به ڪانهي، انهن جي ظاهري عملن جي نقال (نقل ڪندڙ) بنجي ٿا پون. نيڪ ڪردار عابد جي مقابلي ۾ انهن جو مثال هڪ باندر جهڙو آهي، باندر به انسان جي حرڪتن جو نقل ڪري وٺندو آهي، حالانڪه هن جي حيواني زندگيءَ ۾ ان جو ڪوبه مقصد ۽ مفهوم نه هوندو آهي. اهڙي طرح منافقن مؤمنن سان مقابلو جاري رکيو آهي. انهن جي خدا فريبي ۽ خلق فريبي دراصل خود فريبي آهي. ”وما يخدعون الا انفسهم“ اهڙن رياڪار نمازين تي الله تعاليٰ لعنت وڌي آهي ۽ اهڙي روزيدارن جي لاءِ رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته انهن جو روزو صرف بک ۽ اڃ جي اجائي تڪليف کان سواءِ ڪجهه نه آهي. هن رياڪاريءَ مان هن جو مقصد فقط اهو هوندو آهي ته ماڻهو ان کي مؤمن سمجهن ۽ مؤمن چون.

اهڙن منافقن کان ماڻهو ائين ڌوڪو ٿا کائن جهڙي طرح ڪوڙا سڪا بازار ۾ هلي ويندا آهن. گهٽ ئي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا جن کي سون ۽ چانديءَ جي ڪوڙي ۽ سچي هجڻ جي تميز هجي. سونارو به سون کي ڪسوٽيءَ تي پرکي ئي ان جي معيار جو اندازو ڪري سگهندو آهي. خلوص ۽ رياءَ ۾ فرق ڪرڻ ۽ مؤمن ۽ منافق ۾ امتياز ڪرڻ جي ڪسوٽي ڪجهه صالح ٻانهن جي قلب ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ رکي آهي. اهي قلب کان فتويٰ وٺي فورا صحيح اندازو ڪري ٿا وٺن. رسول ڪريم ﷺ جن اهڙن ئي صالح مردن کي ”اِسَفِت قَلبَکَ“ جي تلقين فرمائي ته پنهنجي قلب کان فتويٰ وٺندا ڪيو.

هڪ حديث رسول الله ﷺ جن جي حضرت وابصه رضي الله عنه جن کان روايت ٿيل آهي. اهي چون ٿا ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ”يا وابصته جئت تسال عن البر والاثم“ (يعني اي وابصته ڇا تون نيڪي ۽ گناهه جي متعلق پڇڻ آيو آهين) مون عرض ڪيو ته هائو. راوي چوي ٿو ته پاڻ سڳورن پنهنجي آڱرين کي ملائي سيني تي هنيو ۽ فرمايو ”استفت نفسک استفت قلبک“ ائين ٽي دفعا فرمايائون يعني پنهنجي نفس کان پڇو، پنهنجي قلب کان پڇ. ان کان بعد فرمايائون ته نيڪ ڪم اهو آهي. جنهن جي ڪرڻ سان تنهنجي نفس کي اطمينان ۽ تنهنجي قلب کي تسلي ٿئي ۽ برو ڪم اهو آهي. جيڪو تنهنجي نفس ۾ کٽڪو پيدا ڪري ۽ تنهنجي سيني ۾ تردد وجهي اگرچه ماڻهو ان جي ڪرڻ جي توکي فتويٰ ڏين.

ليڪن هر هيري خيري جو قلب نيڪ ۽ بد جي ڪسوٽي نه ٿو ٿئي. ان کان بعد مولانا رح هڪ تمام عمدي مثال سان مطلب کي واضح ڪيو آهي. فرمائن ٿا ته کائڻ مهل وات ۾ ويل گرهه  ۾ جيڪڏهن ڪک به هليو اچي ته زبان ان  کي محسوس ڪري رد ڪري ٿي ڇڏي. جهڙي طرح صحت مند حس ظاهري کائڻ پيئڻ ۾ ناقابل خطا معيار پنهنجي اندر رکي ٿي اهڙي طرح روحاني حس به جيڪڏهن زندهه هجي ته شر جو خفيف شبهو به محسوس ڪري ٿي وٺي.

ظاهري حس ۾ جيڪڏهن ڪو خلل ٿي پوي ۽ ذائقي ۾ صحيح معيار نه رهي ته ڪنهن جسماني طبيب ڏي رجوع ڪيو. جيڪڏهن اخلاق ۽ روحاني حس ۾ ڪو خلل اچي ويو آهي ته پوءِ سيرت حبيب ﷺ ۽ خدا ڏي رجوع ڪيو، ته جيئن توهان کي صحيح ڪسوٽي هٿ اچي وڃي.

ايثار ۽ ايثار جو اجر

جڏهن بلند مقصدن جي لاءِ انسانن کي قرباني (ايثار) جي تلقين ڪجي ٿي ته هنن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تَنَ مَنَ ڌَن جي باي لڳائي ڇڏيو ۽ مادي اسبابن جي ويرانيءَ کي خوشيءَ سان قبول ڪيو ته ڪمزور نظر وارا ماڻهو انهيءَ قربانيءَ کان گهٻرائن ٿا ۽ سمجهندا آهن ته اهوئي سامان ته زندگيءَ جو اسباب آهي اگر اهو هليو ويو ته هٿين خالي رهجي وينداسين ۽ زندگي دشوار ٿي پوندي.  مولانا رح فرمائي ٿو ته هو اهو نه ٿا ڄاڻن ته ظاهري زندگيءَ جي عمارت جي بنيادن ۾ يعني قلب جي گهراين ۾ هڪ بي بها خزانو الله تعاليٰ جي نعمتن جو آهي. جيسين مٿين عمارت کي ڪيرائي بنياد نه کوٽيا وڃن تيستائين هن بي بها گنج تائين پهچي نه سگهبو. جيڪڏهن اهو خزانو هٿ اچي ويو ته نه صرف انهيءَ ڊاهه ڊوهه جو نقصان پورو ٿي ويندو، بلڪ ان کان هزار درجه بهتر عمارتون ٺهي سگهنديون ۽ روحاني زندگيءَ جو محل هميشه سڪون سان رهڻ لاءِ ملي ويندو. بلند مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه عرصي تائين زندگي گذارڻ جي سامان جي محروميءَ کان نه گهٻرايو. ڇا توهان نه ڏٺو آهي ته جڏهن نهر يا تلاءَ کي صاف ڪرڻو هوندو آهي ته پهريائين پاڻيءَ جي اچڻ جو رستو بند ڪيو ويندو آهي ۽ جڏهن چڱي طرح صفائي ٿي وڃي ته پوءِ ان ۾ صاف پاڻي کوليو ويندو آهي. جيڪڏهن پهريائين پاڻي بند نه ڪجي ها ته ڏينهون ڏينهن انهيءَ نهر يا تلاءَ جو پاڻي گدلو ٿيندو  وڃي ها.

ٻيو مثال هي آهي ته جڏهن تير جي نوڪ چمڙيءَ ۾ اندر هلي وڃي ته کل جي هڪ حصي ۾ سئي سان سوراخ ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن تير جي نوڪ نڪري سگهي. ان کان پوءِ کل بند ٿي تندرست ۽ تازي ٿي پوندي آهي.

جنگ ۾ گولا باري ڪري دشمن جي قلعي کي ويران ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن فتح حاصل ٿي ته فاتح ان کان به وڌيڪ مضبوط قلعو بنائي ڇڏيندو آهي. لهذا اهڙي ويرانيءَ کان ڪڏهن به گهٻرائڻ نه گهرجي، جا ڪا ڪنهن وڏي مقصد يا تعميري ڪم لاءِ شروع ڪجي.

 

ڪوڙا پير

ڪجهه ڪوڙن يا وراثتي پيرن تصوف جا ڪجهه اصطلاح ياد ڪري ڇڏيا آهن ۽ روحاني زندگيءَ جي باري ۾ دلفريب تقريرون به ڪندا آهن. انهن جو مثال ائين آهي جيئن شڪاري پکين جو شڪار ڪرڻ لاءِ پکين جو ٻوليون اهڙي طرح مشق ڪري وٺندو آهي جو ويچارا ساده لوح پکي ڌوڪو کائي ويندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته شايد ڪو ٻيو سندن هم جنس پکي ٻولي رهيو آهي ۽ شڪاري ڪنهن ٻوڙي ۾ لڪل هوندو آهي. پکي بغير ڪنهن هٻڪ جي ان جي قريب ايندا آهن ۽ هو انهن کي پڪڙي وٺندو آهي. ماڻهن جي صورت ۾ توهان کي ڪيترا ابليس ملندا جيڪي رهنما نه پر رهزن هوندا. ڌوڪي ۾ اچي انهن جي بيعت نه ڪجانءِ.

لاَ نُفَرِقُ بَينَ اَحَدِ مِن رُسُله

اسلام جي تعليم هيءَ هي آهي ته سڀئي نبي سڳورا برحق آهن ۽ انهن کي سچو مڃڻ گهرجي. هڪ کي سچو ۽ ٻين کي ڪوڙو سمجهڻ سان ايمان ختم ٿي ٿو وڃي.

”لا نفرق بين احد من رسله“ يهودين حضرت موسيٰ عليٰ نبينا و عليه السلام کي مڃيو ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي ڪوڙو سمجهيائون. حالانڪ انهن ٻنهين اولوالعزم پيغمبرن جي تعليم جو بنياد توحيد ئي هو، هڪ کي مڃڻ ۽ ٻين کي نه مڃڻ سان ڪهڙي طرح ايمان باطل ٿي ٿو وڃي ۽ دين ئي ختم ٿي ٿو پوي ان کي هڪ دلنشين مثال سان مولانا رح سمجهايو آهي. فرمائن ٿا ته هڪ يهودي بادشاهه نصرانين (عيسائين) تي گهڻو ظلم ڪندو هو ۽ انهن جي پيغمبرن کي ڪوڙو سمجهندو هو. هن جي نزديڪ حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام هڪٻئي جو ضد ۽ ٻه الڳ الڳ هستيون هيون. ان ڪم نظر کي انهن جي تعليم ۾ وحدت نظر نه ايندي هئي. موسيٰ عليه السلام ۽ عيسيٰ عليه السلام حقيقت ۾ ته هڪ هئا، ليڪن ان يهوديءَ کي ٻه نظر ايندا هئا، جهڙي طرح ٽيڏي ماڻهوءَ کي هڪ شيءِ به ٻه نظر اينديون آهن. فرمائن ٿا ته هڪ استاد جو هڪ ٽيڏو شاگرد هو، استاد هڪ ڏينهن انهيءَ شاگرد کي چيو ته وڃ اندر گهر ۾ هڪ بوتل رکي آهي اها کڻي اچ. شاگرد اندران ٿي استاد وٽ واپس آيو ۽ چيو ته اتي ته ٻه بوتلون رکيون آهن، انهن مان ڪهڙي بوتل کڻي اچان؟ استاد چيو ته ڪمبخت بوتل ته اتي هڪ ئي رکي آهي ٻي ڪٿان آئي. انهيءَ ٽيڏي شاگرد چيو ته سائين اوهان مون کي خواه مخواه ڪوڙو ٿا چئو، مان پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان ته اتي ٻه بوتلون رکيون آهن. خبر نه آهي ان مان ڪهڙي بوتل کڻي اچان، استاد تنگ اچي چيو ته وڃ انهن مان هڪڙي بوتل ڀڃي ڇڏ ۽ ٻي کڻي اچان. استاد تنگ اچي چيو ته وڃ انهن مان هڪڙي بوتل ڀڃي ڇڏ ۽ ٻي کڻي اچ. شاگرد حڪم جي تعميل ڪندي هڪ بوتل کي کڻي اڇلائي ڀڃي ڇڏي ته فورا ٻي به غائب ٿي وئي.

 

من جي چوري

نفس جا ڌوڪا ۽ من جون چوريون انسان سان لڳل آهن. انسان پنهنجا صالح عمل هڪ ٿيلهي ۾ گڏ ٿو ڪري ليڪن ڪجهه وقت کان پوءِ ڏسي ٿو ته ٿيلهو خالي آهي ۽ حيران ٿو ٿئي ته منهنجا صالح عمل ڪاڏي گم ٿي ويا. تحقيق کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته هڪ ڪُئي ان ۾ سوراخ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اندر ئي اندر سڀ اناج کائي ٿو وڃي. انسان جيڪڏهن نفس جو محاسبو نه ڪندو رهي ته نفس جو مڪر ۽ فريب هن جي عملن کي نيست و نابود ڪري ٿو ڇڏي. بي حضور (بغير توجه) جي نماز پڙهڻ وارن صرف عضون جي جنبش کي ئي نماز سمجهي ورتو آهي ۽ پاڻ کي بي نمازين جي مقابلي ۾ عابد ۽ متقي ٿا سمجهن. اهڙن جي سڄي عمر جون نمازون چٽ ٿيو ٿيون وڃن.

 

هوس پرست پاڇي جو شڪاري آهي

 

اڪثر ماڻهن جو اهو حال آهي ته اهي شيطاني وسوسن ۽ فريب جو شڪار ٿي سڄي عمر اهڙن مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ مشقت ٿا ڪن جن جي ڪا اصليت ڪانهي. اقتدار جي محبت، مال جي محبت ۽ شهوت پرستيءَ سان نه ته قلب کي اطمينان ٿوملي ۽ نه وري ڪو پائيدار نتيجو ئي نڪري ٿو. ان جو مثال مولانا رحمت الله عليه هي ٿا ڏين ته انسان جي حيواني جنسي جذبو ننڊ ۾ (خواب جي حالت ۾) هن کي ڪنهن انتهائي خوبصورت عورت سان ملائي ٿو، جنهن جو سواءِ خواب جي حقيقت ۾ ڪو وجود ئي ڪونهي. هن کي خبر ئي ڪانهي ته شيطان حور جهڙي شڪل اختيار ڪئي آهي، ڪجهه دير هو اصل وانگر لذت اندوز ٿئي ٿو ۽ تڙ پوڻ جي حالت پيدا ٿئي ٿي جنهن ڪري پنهنجي قيمتي قوت جو مواد ضايع ڪري ننڊ مان جاڳي ٿوپوي ته اها حور جهڙي عورت غائب ٿي وڃي ٿي ۽ احتلام پوڻ کان پوءِ مٿي جي سور ۽ غلاظت کان سواءِ ڪجهه حاصل نه  ٿو ٿئي. يا اهڙن ماڻهن جو اهو مثال آهي ته آسمان تي اڏامندڙ پکيءَ جو پاڇو زمين تي به هلندو ٿو نظر اچي. هڪ بيوقوف شڪاري انهيءَ کي پکي سمجهي تير اندازي شروع ڪري ٿو ڇڏي. اهڙي طرح هن جي تيرن جو ٿيلهو خالي ٿي ٿووڃي ۽ ڊوڙندي ڊڪندي پريشان ۽ پشيمان ٿو ٿئي. اڪثر انسان پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڇي جا شڪاري آهن، نتيجي ۾ انهن کي اصل شڪار هٿ ئي ڪونه ٿو اچي.

انهيءَ ڳالهه سان ملندڙ هڪ حڪايت انهيءَ ڪتي جي آهي جو هڪ هڏو وات ۾ جهلي پاڻيءَ ۾ تري رهيو هجي. هن پنهنجو پاڇو پاڻيءَ ۾ ڏٺو ۽ سمجهيو ته ڪو ٻيو ڪتو به هڏو کڻي پاڻيءَ ۾ تري رهيو آهي. ڪتن جو هڏن تي پاڻ ۾ وڙهڻ انهن جي فطرت آهي، ان ڪري هو پنهنجي ئي پاڇي تي ڀونڪيو ۽ هن کان هڏو کسڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جو پنهنجو اصل ۾ وات ۾ جهليل هڏو به پاڻيءَ ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي ويو. اهڙي طرح انسان به جڏهن اصليت کي ڇڏي خودغرضي ۽ حسد سان انڌو ٿي زندگيءَ ۾ ڪوشش ٿو ڪري ته انهيءَ بي معنيٰ ڪوشش ۾ پنهنجي قيمتي عمر ضايع ڪيو ٿو ڇڏي.

 

منافق جا مٺا ٻول

حضرت علي ڪرم الله وجه جن کان هي قول نقل ٿيل آهي ته ”جاهل جي زندگيءَ ۾ جيڪي نعمتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون انهن جو مثال هي آهي ته جيئن گند جي ڍير تي ڪي سبز اجائي گاهه جا سلا نڪري اچن. مولانا رومي رح فرمائن ٿا ته منافق ۽ مڪار جي مٺن ٻولن جو به اهوئي حال آهي، هن ۾ منافقت جي گندگي آهي ۽ هو ان کي مٺن ٻولن سان ڍڪڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.

 

سرور عالم وحدت

وحدت الوجود جا قائل ڪثرت جي مقابلي ۾ وحدت ذات کي زياده حقيقي سمجهندا آهن ۽ عالم صفات و مظاهر کان عالم ذات جي طرف سفر ڪرڻ زندگيءَ جو مقصد سمجهندا آهن. ذات بي تعينات امتيازات جي عالم کان مٿاهين آهي. سڀ رنگ اتان ئي ظاهر ٿا ٿين. جتي ڪو رنگ ئي ڪونهي. محسوسات جي گونا گونيءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻ وارن کي ته مطلق وحدت هڪ ويرانو ٿو نظر اچي ۽ سوچن ٿا ته هن يڪرنگيءَ ۾ ڪهڙو مزو هوندو. مولانا رح فرمائن ٿا ته وجدان ۽ عرفان حقيقيءَ سان هي شڪ دور ٿي ٿو وڃي. الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذات جي يڪرنگي اهڙي نه آهي جيڪا بي لذت هجي ۽ ملال پيدا ڪري. ان کي هن مثال سان ٿا سمجهائين ته ڏسو مڇي جيڪا پاڻيءَ ۾ ئي زندگي ٿي گذاري اها پاڻيءَ جي يڪرنگيءَ کي خشڪيءَ جي گوناگونيءَ تي ترجيح ٿي ڏئي. هيءَ يڪرنگي هن جي زندگيءَ جي غذا آهي ۽ خشڪيءَ جي زندگي ان لاءِ موت آهي. پوءِ فرمائن ٿا ته صرف سمجهائڻ لاءِ هڪ مثال پيش ڪيو ويو آهي. ورنه الله تعاليٰ جي ذات ۽ ان ۾ غوطا هڻندڙ انسان جي جيڪا ڪيفيت آهي اها پاڻي ۽ مڇيءَ جي مثال سان نه ٿي واضح ڪري سگهجي.

 

تربيت ۽ ترقيءَ جا ٻه قانون

انسان جي تعليم ۽ تربيت ۾ ٻن ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي. پهريون هي ته هر انسان هڪ خاص مزاج ٿو رکي. پيدائش ۽ ماحول جو اختلاف ماڻهن جي طبيعتن ۾ اختلاف ٿو پيدا ڪري. ان ڪري سڀني لاءِ هڪجهڙي تعليم اثرانداز نه ٿي سگهندي. ٻيو وڌڻ جو اصول آهي، جيڪو ماڻهو جنهن منزل ۽ جنهن وڌڻ جي درجي ۾ آهي، ان جو صلاحيتون به ان جي مطابق هونديون آهن. فطرت ۾ هر درجي جو قانون الڳ آهي سڀني پکين لاءِ هڪ ئي قسم جي غذا موزون نه آهي. اهڙي طرح کير پياڪ ٻار جي غذا صرف کير ئي آهي. ان کي جيڪڏهن ماني کارائيندؤ ته مري ويندو. جڏهن ان جا ڏند نڪري ايندا ته خودبخود مانيءَ جي طلب ڪندو. جيسين ڪنهن پکيءَ جي ٻچي جا پر نه ٿا نڪرن تيسين اڏامڻ جي ڪوشش ان کي ٻليءَ جو شڪار بنائي ڇڏيندي. جڏهن پر نڪري ايندا ته هو بغير تڪليف جي اڏامڻ شروع ڪندو ۽ پنهنجي حفاظت به ڪري سگهندو. مطلب ته جتي زندگي آهي اتي ٻه قانون آهن. هڪ قانون تنوع (قسمين قسمين هجڻ) ۽ ٻيو قانون آهي تدريج. انهن مان ڪنهن هڪ کي نظر انداز ڪرڻ هلاڪت جو سبب بنبو.

 

جبر و قدر

مولانا رح جن وٽ هر جاءِ تي جبر ۽ قدر جو بحث ملي ٿو. هي مسئلو ڪڏهن به دليلن سان حل ڪونه ٿي سگهندو. جبر ۽ قدر ٻئي حقيقي آهن ليڪن انهن جو پاڻ ۾ تعلق هڪ راز آهي. انسان بااختيار به آهي ۽ مجبور به. ليڪن ڪيتري قدر بااختيار به آهي ۽ مجبور به. ليڪن ڪيتري قدر بااختيار آهي ۽ ڪيتري قدر مجبور، ان جي حد مقرر ڪرڻ مشڪل آهي. جهڙي طرح قرآن حڪيم ۾ جبر ۽ قدر (مجبوري ۽ اختيار) ٻنهين جي ثبوت ۾ آيتون ملن ٿيون. اهڙي طرح مولانا رح جي ڪلام ۾ به ڪٿي انسان محض مجبور ٿي نظر اچي ته ڪٿي مختار ۽ پنهنجي عملن جو ذميدار. هڪ مناجات ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جي قار مطلق ۽ پنهنجي محض مجبور هجڻ جون ڪيتريون تشبيهات بيان ڪيون اٿن. فرمائن ٿا ته اسين هڪ ساز آهيون ۽ ان جو سُر تون آهين. ساز مان جيڪو سُريلو آواز ٿو نڪري اهو تنهنجو ئي آواز آهي يا هينئن چئجي ته اسان جي زندگي هڪ جبل آهي ان ۾ جيڪو اسان جو آواز ٿو معلوم ٿئي اهو درحقيقت تنهنجي ئي آواز جي گونج آهي يا هينئن چئجي ته اسان جي زندگي هڪ جبل آهي ان ۾ جيڪو اسان جو آواز ٿو معلوم ٿئي اهو درحقيقت تنهنجي ئي آواز جي گونج آهي يا هينئن سمجهجي ته زندگيءَ جي ڪشادگي هڪ شطرنج وانگر آهي. ان تي اسين بي اختيار مهرا آهيون ۽ انهن مهرن جي هار ۽ جيت سڀ تنهنجي ئي مرضيءَ جي راند آهي. مهرنَ ويچارن جي ڪهڙي حقيقت آهي جو اهي راند ۾ دخل ڏين. ڪنهن ڪنهن وقت اسين پاڻ کي شينهن وانگر سمجهندا آهيون. ليڪن حقيقت ۾ اهڙائي شينهن آهيون جيئن ڪنهن جهنڊي تي شينهن جي تصوير ڇاپيل هجي. هوا جي جنبش سبب جهنڊي تي ڇاپيل شينهن هيڏي هوڏي جنبش ڪندڙ حمله آوار معلوم ٿيندو آهي. ليڪن ڇا جو شينهن ۽ ڇا جو حملو، جيڪا هوا نظر ڪانه ٿي اچي سڀ ڪجهه ان جو ئي کيل آهي. يا ائين سمجهڻ گهرجي ته تون نقاش آهين ۽ اسين نقش آهيون. نقش نقاش سان ڪهڙو جهڳڙو يا زور آزمائي ڪري سگهندو. يا خدا تون ئي تير انداز آهين. اسين ته ڪمان وانگر به جان آهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com