سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :1

تشبيهات رومي

مخدوم عبدالجبار صديقي

 

 

ڇپائيندڙ پاران

 

مولانا جلال الدين رومي رحمت الله عليه نه رڳو عالم اسلام جو بلڪ پوري دنيا جي انسانن جو پنهنجي خدا شناسي، ڏاهپ ۽ سچائيءَ سبب رهنما سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ڀونءِ جي سرتاج الشعراء شاهه عبدللطيف ڀٽائي ۽ مفڪر پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال پڻ کيس مرشد ڪري ورتو آهي. مولانا جلال الدين روميءَ جي فڪر صدين کان وٺي دنيا جي هزارين ڏاهن ۽ دانشورن جي فڪري ابهام کان نجات ڏياري آهي. اهي ڏاها جيڪي خدا، انسان ۽ ڪائنات ۾ انسان جي مقام ۽ مرتبي بابت غور فڪر ڪري ٿڪجي پيا ۽ حقيقت تائين سندن رسائي ممڪن نه ٿي سگهي، تن لاءِ مولانا جلال الدين جي فڪر ۽ فلسفي وڏي رهنمائي فراهم ڪئي. هن ڏاهي جي فڪر جو ڪمال اهو آهي ته هو ڪائنات جي نشانين، جاندار شين، روزمره جي عام واقعن ۽ تجربن مان اهڙا ته غير معمولي نتيجا اخذ ڪري ٿو جو عام ماڻهوءَ کان وٺي دانشورن تائين نه صرف حيران ٿين ٿا، بلڪ ان مان کين رهنمائي پڻ حاصل ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ايڏي وڏي فلاسافر جي فڪر تي ڪو ٿورو ئي مواد موجود آهي، جنهن تي اڃا گهڻو ڪجهه ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مولانا جلال الدين روميءَ جي ”مثنوي“ ته علمي حلقن ۾ ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. جنهن ۾ مولانا ڏکين ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ مسئلن کي تشبيهون ڏئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم سنه 1959ع ۾ مثنوي مان اهم تشبيهون ڳولي انهن کي جديد انداز سان ”تشبيهات رومي“ نالي ڪتاب ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

جنهن کي مخدوم عبدالجبار صديقي، سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري ٻوليءَ جي خدمت ۽ تصوف جي عظمت کي واضح ڪيو آهي. مخدوم سليم الله صديقيءَ ان جو مقدمو/سوانح لکي آهي. اُميد ٿي ڪجي ته هيءُ ڪتاب تصوف جي پيروڪارن لاءِ تسڪين جو باعث بڻبو.

 

ڄامشورو، سنڌ                         اعجاز احمد منگي

اڱارو، 6- ذي القعد 1427هه            سيڪريٽري

بمطابق 28- نومبر 2006ع          سنڌي ادبي بورڊ

 

مقدمو

 

سوانح رومي رح

 

اسلام پنهنجي ستن صدين تي ڦهليل تاريخ ۾ وڏين آزمائشن مان گذريو هو ۽ هاڻي ائين کڻي چئجي ته امام غزاليءَ جو دور هلي رهيو هو. جڏهن يوناني فلسفي جي خلاف بغاوت صاف صاف نظر اچي رهي هئي. امام غزالي هڪ عملي دين جو حامي هو ۽ هن قرآن مجيد ۾ سنت سان عملي ڳانڍاپو چاهيو ٿي. ۽ اجاين تاويلن ۾ اٽڪڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ چوندو هو. انهيءَ ڇڏيل فڪر جو روميءَ جي خاندان تي به وڏو اثر هو. سندس پيءُ بهاءُ الدين بلند پائي جو صوفي هو. پاڻ سٺ ورهين جو هو جو کيس 6 ربيع الاول 604هه ۾ نيڪ فرزند ڄائو. جنهن جو نالو محمد جلال الدين رکيائين. جيڪو اڳتي هلي روميءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. سو ان خطي جي نالي ڪري جتي پاڻ مقيم رهيو نه ته سندن پيدائش ته بلخ ۾ ٿي ۽ سندس نسبي سلسلو سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه وڃي مليو ٿي.

بهاءُ الدين هاڻي وڏي عمر جو ٿي ويو هو. پر پنهنجي پٽ جي تعليم ۽ تربيت جو ڏاڍو اونو هوندو هئس. جنهن ڪري پنهنجي هڪ خاص مريد برهان الدين محقق کي اهو ڪم سونپيائين ۽ کيس روميءَ جو اتاليف مقرر ڪيائين. جنهن کان روميءَ مسلسل 24 ورهين جي ڄمار تائين علم پرايو ۽ مقرر نصاب به مڪمل ڪيائين. کانئس ورتل فيض جو نه رڳو روميءَ اعتراف ڪيو آهي. پر پنهنجي پٽ کي به برهان الدين جي شاگرديءَ ۾ ڏنائين. اهڙي طرح نه رڳو روميءَ جو پر سندس فرزند جو به اهو اتاليق رهيو. جنهن بعد ۾ مشهور مثنوي ”ولد نامه“ تصنيف ڪئي. ۽ ان ۾ پنهنجي استاد جي رتبي جو اقرار ڪيائين.

ان کانسواءِ برهام الدين محقق جي رتبي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو. ته جڏهن شيخ الشيوخ عمر بن محمد شهاب الدين السهروردي روم آيو ته سيد برهان الدين محقق سان به ملاقات ٿيس. جنهن کان پوءِ ماڻهن کي محقق لاءِ چيائين:

”دريا ئيست در معارف و حقائق پنهان دو.“

روميءَ جڏهن بلخ مان پنهنجي پيءُ سان گڏ هجرت ڪئي ته اڃان پاڻ صغير هو تاريخ ۾ بلخ کان هجرت جا مختلف سبب ٻڌايا ٿا وڃن، ڪي بلخ ۾ سازشن، نفرتن ۽ تباهه ڪارين کي وٺن ٿا ۽ ڪي وري بهاءُ الدين جي ان دور انديشي کي سبب ڄاڻائن ٿا. جنهن تحت بلخ ۾ وڏي تباهي اچڻي هئي. يعني منگولن جو حملو ان کان سواءِ هڪ ٻي روايت به عام آهي. ته بلخ جو خوارزم شاهه ڪڏهن ڪڏهن بهاءُ الدين وٽ عقيدت وچان ايندو هو. ساڻس گڏ فخر الدين رازي به هوندو هو. جيڪو فلسفي جو پوئلڳ هو. ۽ بهاءُ الدين جي فلسفي جي مخالفت مشهور هئي. پوءِ هڪ دفعي جڏهن ٻئي بهاءُ الدين وٽ آيا ته ماڻهن جو ميڙ ڏسي خوارزم شاهه شڪن ۾ پئجي ويو، امام رازيءَ کي چيائين، ”غضب جو ميڙ آهي.“ امام رازي موقعو هٿن مان نه وڃڻ ڏنو ۽ چيائين، ”ان جو بروقت بلو ٿيڻ گهرجي.“ خوارزم شاهه امام رازيءَ جي چوڻ سان خزاني ۽ قلعي جون چاٻيون بهاءُ الدين کي ڏياري موڪليون ته هاڻي ڏسون ته ڇا ٿو ڪري.

بهاءُ الدين سڄي ڳالهه سمجهي ويو ته پڪ بادشاهه کي ڪنهن غلط فهمي اچي ورايو آهي، پوءِ چاٻيون واپس ڪندي چيائين، ”چڱو جمعي جو واعظ ڪري هليو ويندس.“ جمعي ڏينهن شهر مان نڪتو ته چون ٿا ته ٽي سئو شرفا ۽ بزرگ گڏ هئس. اها به روايت آهي ته بعد ۾ خوارزم شاهه ڏاڍو پڇتايو پر پوءِ بهاءُ الدين هميشه لاءِ ملڪ ڇڏڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو هو.

610هه ۾ نيشاپور پهتو. جلال الدين ان وقت ڇهن ورهين جو هو. اتي خواجه فريد الدين عطار سان سندن ملاقات ٿي. جنهن پنهنجي مثنوي، ”اسرار نامو“ روميءَ کي عنايت ڪيو. نيشاپور مان بغداد پهتا. جتي جاميءَ جي چوڻ موجب شيخ سعدي رحمت الله عليه جي مرشد شيخ الشيوخ عمر بن محمد شهاب الدين السهرورديءَ سندن استقبال ڪيو. يقينن ايڏي وڏي بزرگ سان اها مختصر ملاقات وڏي اثر جو باعث بڻي هوندي. اهو ملاقاتن جو سلسلو اسان کي تڏهن به نظر اچي ٿو جڏهن شيخ الشيوخ شهاب الدين السهروردي بغداد جي خليفي پاران بحيثيت سفير روم ٽي دفعا ويو. ننڍڙي رومي ۽ سندس والد بغداد 1220ع ۾ ڇڏيو ۽ انهيءَ سال ئي بلخ کي منگولن تباهه برباد ڪري ڇڏيو. سندن بغداد ۾ رهڻ جو عرصو مختصر هو پر يادگار اتان هو شام آيا ۽ شام مان زنجان جتان هو لارنده پهتا، اتي ئي روميءَ جي شادي خواجه لالائي سمرقنڌيءَ جي ڌيءَ گوهر خاتون سان ٿي. ان دور ۾ سلاطين روم جيڪي چوائيندا هئا. اهي سلجوقيه جي ٽئين شاخ مان هئا. جيڪا ايشيائي ڪوچڪ تي قابض ٿي وئي هئي. ان کي ئي روم چوندا هئا. لارنده مان شيخ بهاءُ الدين سلطان علاءُ الدين جي دعوت تي سلجوقي سلطنت جي دارلخلافه قونيه ۾ آيو. غالبا اهو 1229ع جو سن هو ان وقت روميءَ جي عمر 22 سال هئي. ٻن سالن کان پوءِ روميءَ جي والد وفات ڪئي.

قونيه هڪ تمام پراڻو شهر آهي. جنهن کي رومين جي دور ۾ (Iconium) اونيم جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو. اهو هڪ مشهور تجارتي مرڪز به هو سلجوقين 1071ع ۾ بازنطينن کي شڪست ڏيئي اناطوليه ۾ ترڪ نو آباديت جو بنياد رکيو. قونيه کي تاريخي حيثيت ٻارهين ۽ تيرهين صديءَ ۾ حاصل ٿي. جڏهن ان کي سلجوقي حڪمراني جو تخت گاهه بڻايو ويو. پر مولانا روميءَ جي آمد ان کي وڏي شهرت ڏئي ڇڏي. رومي 24 ورهين جي عمر ۾ ئي پنهنجي والد جي وفات بعد ان جو جاءِ نشين ٿي ويو هو. پر برهان الدين محقق هاڻي گهريو ٿي ته هن جيڪو ڪجهه پنهنجي مرشد يعني روميءَ جي والد کان حاصل ڪيو هو. سو پنهنجي شاگرد کي خلوص سان منتقل ڪري ۽ اهو سلسلو مسلسل نو ورهيه هن جاري رکيو. ۽ هاڻي جڏهن رومي 34 ورهين جو ٿيو ته پيءُ جو علمي وارث بڻيو جيڪو ”سلطان العلماءُ“ هو. پر اڃان به کيس پنهنجي والد جو صحيح وارث بڻيو جيڪو ”سلطان العلماءُ“ هو. پر اڃان به کيس پنهنجي والد جو صحيح وارث بڻجڻ لاءِ محنت جي ضرورت محسوس ٿي. هن گهريو ٿي ته سندس چوگرد موجود حلقي مان ٻاهر نڪري هو علم لاءِ اڃان وڌيڪ جستجو ڪري. هونئن به رومي جنهن صديءَ سان تعلق رکي پيو. ان ۾ جيتريون جليل القدر ۽ هر شعبه جي فنون ۽ علوم ۾ ماهر هستيون گذريون آهن. اوتريون شايد ئي ڪنهن ٻئي دور کي نصيب ٿيون هجن. شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي کان سواءِ فريد الدين عطار، ابن عربي، شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي کانسواءِ فريد الدين عطار، ابن عربي، شيخ سعدي انهيءَ دور جي بزرگ هستين ۾ شامل آهن. پر ظاهري علوم ۾ به طوسي، ابن الحاجب، نجم الدين رازي، ابن صلاح، ابن بيطار وغيره پڻ ساڳئي زمان ۾ پاڻ ملهايو. علم جي معيار جو اندازو انهن قدآور هستين جي ڪاوشن مان لڳائي سگهجي ٿو. جن پنهنجون عمريون ان نيڪ مقصد ۾ صرف ڪيون. مولانا رومي به اسان کي علم جي ڳولا ۾ دمشق ۾ حلب ۾ نظر اچي ٿو. اهي ٻئي شهر، تيرهين صديءَ ۾ علمائن جا مرڪز هئا. شايد ان ڪري به جو اهي منگولن جي حملن کان ڪافي محفوظ رهيا. حلب ۾ اسان کي حنفي فڪر جو مشهور مدرسو، ”حلاويه“ نظر اچي ٿو. جنهن ۾ مولانا روم داخل ٿيو ۽ اتفاق سان کيس ڪمال الدين ابن العديم جهڙو ڪامل استاد ملي ويو. جنهن کان پڻ روميءَ گهڻو ڪجهه پرايو. ان ڳالهه جي ڪا واضح تصديق نه ٿي ملي ته مولانا اتي گهڻو عرصو گذاريو، حلب کان پوءِ مولانا دمشق جو رخ رکيو. جتي پڻ ڪجهه عرصو گذاريائين سندس انهيءَ سفر جي تاريخن ۽ عرصي ۾ اختلاف ملي ٿو. رومي 34 ورهين جي عمر ۾ ئي ماڻهن جي اصلاح جو ڪم شروع ڪري ڏنو هو ۽ سندس شهرت ملڪ جون حدون ٽپي چڪي هئي. جڏهن سندس عمر 37 سال ٿي ته اوچتو سندس ملاقات هڪ عارف بالله حضرت شمس تبريز سان ٿي.

شمس تبريز جو تعلق فرقه اسماعيليه جي هڪ خاندان سان هو پر هن پنهنجو اباڻو مذهب ترڪ ڪري، علم حاصل ڪيو ۽ بابا ڪمال الدين جندي جو وڃي مريد ٿيو. سوداگرن جي وضع تي شهرن جي سياحت ڪندو رهندو هو. روميءَ سان سندس ملاقات لاءِ مختلف روايتون ملن ٿيون.

چون ٿا ته هڪ دفعي رومي خچر تي سوار پنهنجي شاگردن ۽ مريدن سان گڏ وڃي رهيو هو ته شمس تبريز سندس آڏو اوچتو ظاهر ٿيو ۽ سندس خچر جي لغام کي جهلي چيائين، حضور اڪرم ﷺ، الله جلشانه جا وڌيڪ برگزيده ٻانها آهن يا بايزيد بسطامي. رومي وراڻيءَ ۾ رسول پاڪ ﷺ جن جو نالو ورتو. تڏهن شمس تبريز چيو: پوءِ ائين ڇو آهي جو رسول اڪرم ﷺ جن چوندا هئا ته خدا يا! جيئن توکي ڄاڻڻ کپندو هو. اسان نه ٿا ڄاڻون، پر با يزيد بسطامي چوندو هو سبحاني ما اعظم شاني، الله اڪبر منهنجو شان ڪيڏو نه وڏو آهي. اهو ٻڌي رومي هوش وڃائي ويٺو.

هڪ ٻي روايت موجب رومي روزمره جي معمول موجب پنهنجي شاگردن کي درس ڏئي رهيو هو ته هڪ شخص اندر داخل ٿيو ۽ ڪُنڊ وٺي ويهي رهيو. هن ڪتابن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، هي ڇا آهي؟.... روميءَ مٿس نظر وڌي ۽ اهو چئي پنهنجي تقرير جاري رکيائين ته اها شيءِ آهي جيڪا توکي سمجهه ۾ ڪانه ايندي. روميءَ جو اهو چوڻ هو ۽ ڪتابن کي اچي. باهه لڳي روميءَ کان رڙ نڪري وئي ته هي ڇا آهي؟ تڏهن شمس تبريز چيس ته هي اها شيءِ آهي جنهن کي تون نه ٿو ڄاڻين. اهو چئي تبريز خاموشيءَ سان نڪري ويو. رومي گهڻو ئي جاچيس پر هي هٿ ڪونه آيس. ڪي وري انهيءَ روايت ۾ اها ڦير ٿا آڻين ته ڪتابن کي حوض ۾ اڇلايو ويو نه ڪي انهن کي باهه لڳي هئي جنهن تي رومي پريشان ٿي پيو ۽ شمس حوض ۾ هٿ وجهي کيس سڀ جا سڀ اڇلايل ڪتاب ساڳي حالت ۾ ڪڍي ڏنا. ڪن روايتن ۾ ائين اچي ٿو ته شمس تبريز کي سندس استاد رڪن الدين سبحاني قونيه وڃڻ جو حڪم ڪيو هو. جو هن محسوس ڪيو ته شمس تبريز ڪنهن اهڙي مريد جي ڳولا ۾ هو جنهن کي هو پنهنجو روحاني جاءِ نشين تبريز ڪنهن اهڙي مريد جي ڳولا ۾ هو جنهن کي هو پنهنجو روحاني جاءِ نشين بنائي سگهي. تنهن ڪري شمس تبريز پنهنجي استاد جي ڳالهه ٻڌندي ئي اوڏانهن ويو. پوءِ هڪ دفعو جڏهن رومي پنهنجي شاگردن سان گڏ گذري رهيو هو. ته شمس کيس روڪيو ۽ کانئس علم جو مقصد پڇيائين ته روميءَ وراڻيو ته رسول اڪرم ﷺ جن جي پيروي ۽ انهن تائين پهچ حاصل ڪرڻ. تنهن تي شمس چيو ته اهو ته سڀني کي خبر آهي. يقينا اها ڳالهه روميءَ لاءِ ڳري ٿي پئي جنهن فورا سوال ڪيو ته ڀلا ڇا آهي! تون ئي کڻي ٻڌاءِ. تنهن تي شمس جواب ڏنو ته ”علم اها شيءِ آهي جيڪا توکي انهيءَ جي اصل سرچشمي (الله) تائين پهچائي.“ چون ٿا ته رومي اهڙو ته متاثر ٿيو جو اچي هٿ تي بيعت ڪيائينس.

روايت ڪهڙي به صحيح هجي اها حقيقت آهي ته رومي شمس سان ملڻ کان پوءِ رومي ٿيو ۽ شايد شمس به تڏهن شمس ٿيو جڏهن روميءَ کي روشني ڏنائين. جيئن رومي چوي ٿو:

مولوي هرگز نه شد مولائي روم

تا غلامِ شمس تبريزي نه شد

هاڻي روميءَ درس و تدريس جون محفلون ڇڏي ڏنيون. جيڪا ڳالهه سندس شاگردن لاءِ يقينا هڪ آزمائش ۽ مايوسيءَ جو باعث بڻي. رومي جيڪو موسيقي کي ناپسند ڪندو هو. سو وجد ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳو ۽ مهلن جون مهلون موسيقيءَ ۾ گم ٿي ويو ٿئي. شاگردن جي اها مايوسي شمس لاءِ نفرت بڻجندي وئي. هڪ روايت موجب 18 مهينا رهڻ کان پوءِ شمس قونيه مان دمشق هليو ويو. شمس جو وڃڻ ڄڻ روميءَ لاءِ سڀ ڪجهه کسجي وڃڻ جي برابر هو. هاڻي مايوسي ۽ غمگيني هن جا ساٿي ٿي پيا. اهي شاگرد جيڪي شمس کان خائف هئا سي به هاڻي مولانا روم کي چوڻ لڳا ته جيڪڏهن شمس تبريزي موٽي آيو ته اسان ان کان خائف نه ٿينداسين، باوجود ان جي جو اهي ڄاڻن پيا ته هنن هڪ بهترين استاد پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏيو آهي.

آخر روميءَ جي حالت کي ڏسي سندس پٽ سلطان ولد کي دمشق روانو ڪيو ويو، جيڪو شمس کي ريجهائي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ويو. ماڻهن لاءِ اها وڏي اچرج جي ڳالهه هئي ته روميءَ جهڙي پائي جي عالم ڪيئن ويهي شمس تبريز کي پنهنجو معلم ۽ مرشد ڪري ورتو آهي. جيڪو دين جي ڳالهين تي ئي پورو نه ٿو هلي.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته شمس تبريز جي خلاف جيڪي شخص هئا. تن ۾ روميءَ جو پٽ علاءُ الدين محمد ۽ ٻيا عزيز شامل هئا. آخر اهي سازشون هڪ دفعو وري ايتريون ته وڌي ويون جو شمس پراسرار طور تان اتان گم ٿي ويو.

انهيءَ ڏس ۾ به اسان کي هڪ روايت ملي ٿي ته هو روميءَ سان ڳالهين ۾ ويٺو هو ته ڪنهن سڏ ڪَيسِ ۽ هيءُ اتي جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته ڪجهه ماڻهن مٿس حملو ڪيو. هن هڪ نعرو هنيو جنهن سان حملو ڪندڙ هوش ۾ نه رهيا ۽ جڏهن هوش ۾ آيا ته رت جا ڦڙا ڏٺائون. هڪ روايت اها به آهي ته کيس شهيد ڪيو ويو.

شمس جو پراسرا گم ٿيڻ يا شهيد ٿيڻ جو واقعو روميءَ لاءِ وڏي آزمائش جو باعث بڻيو، محبت وچان هو اهو مڃيندو ئي نه هو ته ڪو شمس هن دنيا ۾ ڪونهي، هاڻي هن جو اڪثر وقت سماع ۽ رقص ۾ گذرڻ لڳو. ڪافي عرصو مولانا رومي شمس تبريز جي جدائي محسوس ڪندو رهيو. هڪ دفعي انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ رستي تي ويو پئي ته شيخ صلاح الدين زرڪوب جي دڪان تي هلندي بيهي رهيو. هو چانديءَ جي ورقن کي ڪٽي رهيو هو ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ يڪسانيت جو روميءَ تي وڏو اثر پئي ٿيو. تان جو مٿس وجد جي حالت طاري ٿي وئي. شيخ، مولانا کي جو وجد جي حالت ۾ ايندي ڏٺو ته ڪٽڻ واري عمل کي ويتر جاري رکيائين، ايستائين جو سندس چاندي ضايع ٿي وئي پر هن هٿ نه روڪيو. آخر شيخ ٻاهر آيو ۽ روميءَ سان گڏ هلي پيو. هو پاڻ به صاحب حال هو. هن جي محبت کيس وڏو آٿت ڏنو. مولانا جي پراڻن رفيقن کي هڪ دفعو وري ساڙ ٿيو ته ڪيئن نه رومي هڪ عام ماڻهوءَ کي مان ڏنو آهي پر جلدي پنهنجي ڳالهه تان هٽي ويا، جو شمس جو مثال سندن آڏو هو، هو نه پيا چاهين ته اهڙي ڪا ڳالهه وري دهرائجي. مولانا پنهنجي پٽ سلطان ولد جي شيخ صلاح الدين جي ڌيءُ سان شادي به ڪري ڇڏي. جيئن رشتو وڌيڪ مضبوط ٿئي. آخر 10 ورهين جي صحبت کان پوءِ هو به لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي وفات کان پوءِ مولانا روميءَ پنهنجي هڪ معتقد حسام الدين چلپي کي روحاني رمزن ۽ رازن جو ساٿي بڻايو. چون ٿا ته هن جي چوڻ تي ئي مولانا مثنوي لکڻ شروع ڪئي. روميءَ تي سڀ کان اول سندس پيءُ بهاءُ الدين جو اثر هو. اهو ان مان به ظاهر آهي ته سندس پيءُ جي تصنيف ”ڪتاب المعارف“ ۽ سندس مثنويءَ ۾ وڏي هڪجهڙائي آهي. فلسفي جي شديد مخالفت به روميءَ کي پنهنجي والد کان ئي ورثي ۾ ملي. جيڪو امام غزاليءَ جو پڪو پيروڪار هو ۽ اهوئي سبب آهي جو روميءَ تي غزاليءَ جو وڏو اثر آهي. غزالي ۽ رومي ٻئي اسان کي صوفي لباس ۾ نظر ٿا اچن پر انهن جو تصوف ديني رڪنن کان ٻاهر نه نڪتو ٻئي عبادت جي روحاني پهلو کي وڌيڪ اهميت ڏيندا هئا. غزاليءَ جي احياءُ العلوم جي باب ”عجائب القلب“ کي پڙهي وري مثنويءَ جي دفتر اول کي پڙهجي ٿو ته هڪجهڙائيءَ جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. شيخ ابو نجيب عبدالقاهر السهرورديءَ جيڪو احمد غزاليءَ جو پوئلڳ هو. تنهن جي ذريعي سهروردي سلسلي تي پڻ ان فڪر جو واضح اثر ملي ٿو.

رومي فرمائي ٿو ته اسين ڪنهن شيءِ جي ضد کي سمجهڻ کانسواءِ ان جي حقيقت کي نه سمجهي سگهنداسين، نيڪيءَ کي سمجهڻ لاءِ بديءَ جو هجڻ ضروري آهي. اهو ئي سمجهائڻ جو طريقو غزاليءَ ۾ نظر اچي ٿو. هو چوي ٿو ته ڪنهن شيءِ جو علم حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو ان جو ضد آهي. رب جي ذات نظرن کان لڪل ان ڪري ئي آهي جو ان جو ضد ڪونهي مثنويءَ جي دفتر دوم ۾ هڪ محتسب ۽ شرابيءَ جي حڪايت ۽ دفتر سوم ۾ ٺپ اونداهيءَ ۾ موجود هاٿيءَ کي هٿ لڳائي اندازو ڪرڻ ته اها ڪهڙي شيءِ آهي، واري حڪايت ٿوري گهڻي معنيٰ جي ڦيرگهير سان اسان کي احياءُ العلوم ۾ به ملي ٿي. ان مان ظاهر اهو ٿو ٿئي ته ٻنهي بزرگن جو انداز بيان ۽ زماني جو فرق هئڻ باوجود پوئين جو پهرئين کان متاثر ٿيڻ لازم آهي. حالانڪ رومي ڪٿي به واضح لفظن ۾ متاثر ٿيڻ جو ذڪر نه ڪيو آهي.

جتي روميءَ تي اثر جو ذڪر هلي اتي اسان سنائيءَ جو ذڪر نه ڪريون ته زيادتي ٿيندي. روميءَ جي اتاليق ۽ استاد برهان الدين کي سنائيءَ سان وڏو لڳاءُ هو. ۽ اڪثر ان جا شعر پڙهندو هو. سنائي پنهنجي شعرن ۾ قرآني آيتن جو وڏو استعمال ڪيو آهي. جنهن تي ڪجهه علمائن اعتراض ڪيو ۽ ڪنهن ته کيس ڪفر جي فتويٰ به ڏني. مولانا روم نه رڳو سندس بلند درجي ۽ ايمان کي صحيح سمجهيو پر کانئس متاثر به ٿيو.

ان کان سواءِ مثنويءَ ۾ ذوالنون، عطار، بايزيد بسطامي، سلطان ابراهيم ادهم ۽ حضرت جنيد بغدادي رحمت الله عليه جهڙين هستين جا اثر سڌي يا اڻ سڌي طرح ملن ٿا.

فارسي پڙهندڙن ۽ سمجهندڙ ۾ شاهنامه فردوسي، گلسان سعدي، ديوان حافظ ۽ مثنوي کي وڏي شهرت ملي پر جيڪا مقبوليت ۽ نمايان حيثيت مثنوي ماڻي سا ٻين جو نصيب نه هئي. سندس مقبوليت جا ڪيترائي سبب آهن. هن جي شعر جو بحر وزن سادو ۽ عام فهم آهي پر سندس معنيٰ ۽ گهرائي انتهائي اونهي ۽ لطيف آهي. روزمره پيش ايندڙ واقعن، روايتن ۽ قصن مان رومي قدرت جي وڏن رازن کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. سندس فطرت ۾ گم ٿي بيان ڪرڻ جو انداز ٻڌڻ واري تي به وجد جي ڪيفيت طاري ڪري ٿو. ڇو جو اهو سڀ ڪجهه وجداني ڪيفيت ۾ سندس قلب تي ٿيندڙ القاءُ آهي جيڪو لفظن جي صورت ۾ درياهه وانگر وهندو رهيو.

مثنويءَ کي پهلوي زبان ۾ قرآن سڏيو ويو. اهو ان ڪري جو قرآن حڪيم جي تعليم جي روح کي هنن شعرن ۾ سمائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي. جاميءَ مثنوي جي مقصد ۽ انداز بيان کان متاثر ٿي چيو:

”مثنوي مولوي معنوي – هست قرآن در زبان پهلوي“

ان ۾ رب جي هيڪڙائي ۽ ساڻس عشق جو نڪتو مرڪزي حيثيت ۾ موجود آهي. سندس نفيس ۽ لطيف شاعريءَ ۾ حڪمت ۽ فلسفو جنهن سهڻي ۽ سليس انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. تنهن ايندڙ وقتن ۽ وڏن وڏن قدآور شخصن کي روميءَ جو روحاني مريد سڏائڻ تي مجبور ڪيو آهي. شاهه ڀٽائيءَ جي شعرن کي پڙهي ڏسجي يا اقبال جي بال جبريل کي کڻي ڏسجي جنهن ۾ هو کيس پير رومي جي لقب سان ياد ڪري ٿو. مثنويءَ جو انداز بيان اهو آهي جو ڪوبه افسانو يا قصو بيان ڪري ان مان نصيحت جا نڪتا ۽ پهلو چونڊي ظاهر ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح تصوف جي رنگ ۾ علمي نقطا تشبيهون ڏئي اهڙي ته دلڪش ۽ ذهن نشين انداز ۾ سجايل آهن جو ڪيترائي منجهيل مسئلا عام فهم ۽ نتيجه خيز ٿي سامهون اچن ٿا.

روميءَ جي فڪر جا اثرات ڏسندي اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته هو اسلامي دنيا جي وڏن مفڪرن ۾ شامل هو. هن جي فڪر مسلم امت جي هزارين ڏاهن ۽ سوچ رکندڙن کي فڪري عذاب کان نجات ڏياري آهي. جيڪي خالق، انسان ۽ تخليق ڪائنات ۽ ان جي مقصد بابت غور ڪندي ڪندي مونجهاري جو شڪار ٿيا، سي پڻ ڪنهن ڍڳ لڳا.

جاميءَ جي چواڻي:

من چگويم و صف آن عاليجناب

نيست پيغمبر ولي دارد ڪتاب

آءٌ ان عاليجناب جي ڪهڙي تعريف ڪريان. پيغمبر ته نه آهي پر ڪتاب ته پيغمبرن جهڙو اٿس.

مولانا اشرف علي ٿانوي رحمت الله عليه جن فرمائيندا هئا ته: ”مولانا روم جي ڪلام مان علم حاصل ڪرڻ هر شخص جو ڪم نه آهي. سواءِ ان جي جنهن کي الله تعاليٰ علوم عطا فرمائي.“

 

مولانا روم جون تصنيفات

روميءَ جي تصنيفن ۾ سندس ئي ملفوظات جي طرز تي هڪ مجموعو آهي. جنهن جو نالو ”فيه مافيه“ آهي. ان کان علاوه سندس ”ديوان شمس تبريز“ آهي. مگر سندس اصل شهرت جو سبب مثنوي آهي. جنهن جي لکڻ جو ڪم اڪثر تاريخ نويس متفق آهن ته هن 1261ع کان پوءِ شروع ڪيو جيڪو 1273ع ۾ سندس وفات تائين جاري رهيو.

 

عرس

مولانا جو عرس ڊسمبر جي مهيني ۾ ملهايو ويندو آهي. جڏهن ته سندس وفات به 17 ڊسمبر تي ٿي، ان عرس جي مشهور مذهبي رسم سيما آهي جيڪا مولانا صاحب ڏانهن منسوب هڪ خاص قسم جو رقص آهي. دنياداري ۽ ماده پرستي کي الڳ ڪرڻ واري تصور طور مولانا اهو گول گهمڻ وارو رقص سيما ايجاد ڪيو. جنهن سان گڏ وري سريلي سر واري بانسري وڄائي ويندي آهي.

 

شرحون ۽ ترجمان

مثنويءَ جون شرحون ۽ ترجما دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڪيا ويا آهن. عربيءَ ۾ منهج القوي نالي سان هن جي شرح مقبول عام آهي. جڏهن ته فارسيءَ ۾ ڪيتريون ئي شرحون لکيون ويون جيئن:

شيخ ڪمال الدين حسين خوارزميءَ جي ڪنوز الحقاق.

شيخ اسماعيل قزوني جي فاتح الابيات.

شيخ امام حسين بن واعظ جي جواهر الاسرار.

محمد رضا جي شرح رضوي، کانسواءِ شيخ علاءُ الدين.

علي بن محمد، شيخ مصطفيٰ شعبان سروري ۽ شيخ محمد يوسف سينه چاڪ جون فارسيءَ ۾ شرحون موجود آهن. ترڪي زبان ۾ مولانا هدايت علي لکنوي، مولانا احمد حسن ڪانپوري، مولانا عبدالله الرحمٰن راسخ دهلوي، مولانا عبدالعلي جي بحر العلوم، مولانا اشرف علي ٿانويءَ جي ڪليد مثنوي ۽ مولانا محمد نذير عرشيءَ جي مفتاح العلوم نالي سان شرحون موجود آهن.

اردو ۾ ترجمو ”پيراهن يوسفي“ وڏي شهرت رکي ٿو ٻيو ترجمو ”الهام منظوم“ فيروز الدين لاهوري ۽ سيماب اڪبر آبادي گڏجي ڪيو. انگريزيءَ ۾ پروفيسر نڪلسن اٺن جلدن ۾ سڄي مثنوي جو مڪمل ترجمو ڪيو. جڏهن ته ولسن جو فقط ٻئي دفتر جو ترجمو موجود آهي.

سنڌي زبان ۾ ”اشرف العلوم“ نالي سان مولوي دين محمد اديب فيروز شاهي جو منظوم ترجمو موجود آهي. جيڪو ڇهن ئي جلدن جو مڪمل ترجمو آهي. ان کان علاوه مثنوي مان حڪايتون چوندي پڻ سنڌي نثر ۾ ڪتاب شايع ٿيندا رهيا آهن. جيئن احمد خان آصف مصراڻيءَ جون روميءَ جون رهاڻيون وغيره.

 

مترجم جي باري ۾

سنڌي زبان ۾ عالم اسلام جي ايڏي وڏي ڏاهي جي سمجهاڻين کي نثر ۾ پڙهڻ لاءِ ٿورو ئي مواد ميسر آهي. جنهن تي اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي رهي ٿي. انهيءَ ڏس ۾ هي ڪتاب ”تشبيهات رومي“ يقينن هڪ اهم اضافو محسوس ڪيو ويندو. ان جو ليکڪ اردو زبان جو ڏاهو خليفو عبدالحڪيم آهي. جنهن 1959ع ۾ هي شايع ڪيو، ۽ هن وقت ڪمياب آهي. مثنويءَ ۾ ڏنل تشبيهن کي نثر ۾ آڻي عام پڙهندڙن لاءِ آساني پيدا ڪئي وئي آهي. جيئن روميءَ جي ڏاهپ ۽ فڪر کان هرڪو لطف اندوز ٿيڻ سان گڏوگڏ لاڀ به پرائي. خليفه صاحب مثنويءَ مان تشبيهون کڻي انهن کي وڌيڪ وضاحتن ۽ موجوده زماني جي دل لڀائيندڙ ۽ عام فهم مثالن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

مخدوم عبدالجبار صديقي ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪري يقينن سنڌي ادب ۾ هڪ معياري اضافو ڪيو آهي.

مخدوم صاحب سلسله مصطفائيه جي باني حضرت پير ايراني سيد صبغت الله شاهه رحمت الله عليه جا خليفه ارشد آهن. جنهن جي اشاري تي ئي پاڻ پنهنجو ڳوٺ پاٽ شريف ڇڏي ڪافي عرصو مصطفائي تحريڪ لاءِ حيدرآباد ۾ سرگرم رهيا. هاڻي مرشد جي فيض صحبت ۾ رهڻ دوران خواب ۾ مليل پاڻ ڪريم ﷺ جن جي اشاري تي جهرڪ سائيڊ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ مسجد ۽ مدرسه جو انتظام سنڀاليل اٿن.

 

سندن ڪتابن ۾:

قصيده برده جو سنڌي نثر ۾ ترجمو.

الله ماسويٰ الله ۽ انسان.

ڪتاب الحڪمته جو سنڌي ترجمو.

عوارف المعارف جو سنڌي ترجمو.

مينائي مصطفائي جو سنڌي ترجمو وغيره شامل آهن.

 

سليم الله

پاٽ هائوس

حيدرآباد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com