سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :4

 

لقمو ۽ لقمان

انسان جي روح ۾ حڪمت جو ذوق موجود آهي يعني هر انسان فطري طور تي لقمان آهي ليڪن حرص ۽ هوس جا لقما ان تي حڪمت جا دروازا بند ڪري ٿا ڇڏن. لقمي جي خواهش ۾ لقمان جو مضطرب (پريشان) ٿيڻ افسوس جهڙي ڳالهه آهي. اي انسان تون نهايت ناشڪرو ۽ بکيو آهين. تنهنجو حرض جنهن حرام لقمي کي کجور سمجهيو اهو دراصل ڪنڊو هو. جان جيڪا خدائي باغ هئي ان جي پيرن ۾ ڪنڊا چڀي ويا. انسان جي روح جو مثال ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو اٺ سوار هجي ۽ انهيءَ ئي اٺ تي گلن جي ٽوڪري به رکيل آهي. ليڪن اٺ هلندي هلندڙ ڪنڊن تي ئي چرندو ٿو هلي. ماڻهو جيڪو پنهنجي اصليت ۾ هن ظاهري عالم کان به وڌيڪ وسعت ٿو رکي اهو هڪ ڪنڊي جي پٺيان پنهنجي اصليت کان روپوش ٿي ٿو وڃي.

 

لذت پائيدار ۽ ناپائيدار

انسان خارجي غذائن جي مٺاڻ جي لذت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو ٿو رهي ۽ وقتي طرح شهوتن جي مٺاڻ مان لطف حاصل ٿو ڪري. ان جو سبب لاعلمي آهي، ڇو ته خارجي شين جو مٺاڻ ته ناپائيدار ۽ بي اعتبار آهي. جيئن ئي اها شيءِ غائب ٿي، جسم ۽ جان مان مٺاڻ جو احساس به ختم ٿي ٿو وڃي. ليڪن اگر انسان جو روح الله تبارڪ و تعاليٰ جي عشق جي تاثير کان ئي کنڊ (مٺاڻ) بنجي وڃي ته مٺاڻ ان کان ڪنهن به حالت ۾ جدا ٿي نه سگهندو. جن ڪيفيتن کي انسان خارج کان طلب ڪري ۽ ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي جائز ۽ ناجائز ڪوشش ٿو ڪري ان کان به وڌيڪ بهتر ۽ زياده پائيدار ڪيفيتون حقيقي عشق جي سبب انسان جي روح ۾ پيدا ٿي ٿيون سگهن. ليڪن هي پائيدار روحاني لذتون ۽ انهن جي حاصل ڪرڻ جا ذريعا هن جي عقل ۾ نه ٿا اچن. ڇو ته هيءُ محدود عقل عام زندگيءَ ۾ صرف قول ۽ فعل لاءِ ئي بنايو ويو آهي. ان ڪري حال ۽ وجدان جون ڪيفيتون ان جي گرفت ۾ نه ٿيون اچن ۽ دليل هن طرف رهنمائي نه ٿا ڪري سگهن.

 

تقليدي ايمان ۽ عقل استدلالي ٻنهين جي نارسائي

مولانا رحمت الله عليه اگرچه عقل ۽ حڪمت کي خدا جي وڏي نعمت ٿا سمجهن ليڪن هو دليلن واري (استدلالي) عقل کي جنهن کي ڪٿي ڪٿي جزوي عقل به ٿا چون، زندگيءَ جي حقيقتن جي بنسبت يقين وارو نه ٿا سمجهن. مذهب جي معاملي ۾ هڪ اهو طبقو آهي جنهن کي مولانا رحمت الله عليه تقليد ڪندڙن جو گروه ٿا چون، هي ماڻهو بغير سوچڻ ۽ سمجهڻ جي پهرين جي عملن ۽ قولن جا نقل ڪندڙ آهن انهن ۾ نه ڪا بصيرت آهي ۽ نه ڪا حڪمت. ٻيو گروه اهو آهي جيڪو دليلن سان هر شيءِ جي حقيقت کي سمجهڻ ٿو گهري، هن گروه جي به حقيقت تائين پهچ نه ٿي ٿئي ڇو ته دليلن واري عقل جي لاءِ زندگيءَ جو وجدان ممڪن ئي نه آهي انهن جو علم گمان تي ٻڌل هوندو آهي ۽ گمان حقيقت تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهندو. ٿوري وهم سبب هنن جي عقيدي عمارت ڪري ٿي پوي. لهذا نه تقليد ڪندڙ جي ايمان جو اعتبار آهي ۽ نه وري دليلن جي زور تي ايمان رکندڙ جي ايمان جو ڪو اعتبار آهي.

ان الظن لا يغني من الحق شيئا- دليلن جي زور تي ايمان رکندڙ شخص جو مثال هڪ انڌي وانگر آهي. انڌو لٺ سان رستو ڳوليندو آهي ۽ پاڻ کي ٺوڪرن کان به بچائيندو آهي. لٺ هڪ ڪاٺ جي ٽنگ آهي، جنهن جي سهاري انڌو هلي ٿو.

هاڻي سوال اهو آهي ته هي انڌو به ڪنهن نه ڪنهن طرح ٺڪ ٺڪ ڪندو ٿورو رستو هلن ٿا يا نه؟ ان جو جواب مولانا رحمت الله عليه هي ٿا ڏين ته جيڪڏهن صرف انڌا ۽ انهن جون لٺيون ئي هجن ها ۽ اکين وارا موجود ئي نه هجن ها ته هي انڌا هڪ ٻئي تي ڪري ڌِڪا کائي مرن ها. اين وارا انهن انڌن وارن جا معاون هوندا آهن ۽ انهن جي رهنمائي ڪندا آهن ٻين ماڻهن ۽ شين سان ٽڪرائجڻ کان انهن کي بچائن ٿا. جيڪڏهن روحاني عالم دنيا ۾ موجود نه هجن ها ته تقليد پسند تقليد ڪنهن جي ڪن ها؟ اگرچه هو محض بي تحقيق نقل ڪندڙ ۽ لڪير جا فقير آهن. ليڪن لڪير به ڪنهن مرد خدا فقير جي ئي ٺاهيل آهي. اهو ئي حال دليلن واري حڪيم جو آهي. جيڪڏهن انبياءِ ڪرام ۽ اولياءِ عظام جا الهام ۽ وجدان نه هجن ها ته حڪيم مرد جا دليل به ان کي رستو ڏيکاري سگهن ها. اڪثر حڪيم دليلن سان انهن ئي حقيقتن جي تائيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيڪي دليلن سان حاصل نه ٿيو ۽ نه ئي دليل ڪو اطمينان بخش ان جي متعلق ڪو يقين پيدا ڪري ٿوسگهي. دليل ڏيندڙ به جيڪو رستو هلي ٿو ته ڪنهن ڏسندڙ جي روشني ۾ ئي هلي ٿو. صرف تقليد ڪندڙ جو معاملو به ائين آهي. ليڪن لٺ ته رستي تي هلڻ لاءِ ڏني وئي هئي ته جيئن اکين وارن جي رهنمائي ۾ هي انڌا به ڪجهه هلي سگهن، ليڪن ڪجهه انڌا اهڙا به آهن جيڪي اکين وارن جو شڪر گذار هجڻ جي بجاءِ انهن تي ئي لٺيون وسائڻ شروع ڪري ٿا ڏين. هي انهن دليلن تي هلڻ وارن جو حال آهي جيڪي نبين سڳورن جا منڪر ٿي ويندا آهن ۽ روحاني حقائق کي بي معنيٰ سمجهندا آهن. تقليد ڪندڙن جو به اهوئي حال آهي ته اهي ڪنهن ڪنهن وقت اهل بصيرت تي لٺ هلائڻ شروع ڪندا آهن.

ماديت ۽ دهريت جو سرچشمو به انفس ۽ آفاق جي محدود هجڻ جو انڪار آهي. اگر ڪنهن شخص کي ان جو احساس ۽ يقين ٿي وڃي ته انسان نفس جا ممڪنات لامحدود آهن ۽ عالم فقط هي مادي عالم نه بلڪ خدا جي ڪائنات ۾ تخليق جي مرڪز جي اردگرد لامحدود عالم موجود آهن ۽ هر لمحي نوان نوان عالم ظاهر ٿيندا ٿا رهن. ”کل يوم هو في شان“ ته انساني نفس جي لامحدود ممڪنات ۽ خلاق عالم جي ناقابل احاطي قدرت جو قائل ٿي وڃي. ابليس انهيءَ نظر جو مثال آهي جنهن کي آدم عليه السلام هڪ محدود مٽيءَ جو پتلو نظر آيو ۽ هو آدم جي اصلي حقيقت کي ڏسي نه سگهيو. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته فطرت جو لامحدود هجڻ ته هن مادي عالم ۾ به نمايا آهي. سج کي ڏسو ته ابتدا کان وٺي بي حساب نور ۽ گرمائش ڪائنات پکيڙڻ جي باوجود ان ۾ ڪا به گهٽتائي نظر نه ٿي اچي، جيڪي ڪجهه هو خرچ ڪري ٿو ان سان گڏوگڏ پورائو ٿيندو ٿو رهي. جيترو ڏئي ٿو اوترو ئي پنهنجي باطن مان حاصل ڪندو ٿو وڃي. زماني حال ۾ طبعيات جا ماهر ان جا مختلف سبب پيش ٿا ڪن ته سج جي نور ۽ گرميءَ ۾ گهٽتائي ڇو نه ٿي ٿئي. ڪونه ڪو سبب شايد ان کي قابل فهم بنائي، مگر فطرت ۽ خالق فطرت جي لامحدود تخليقن ۽ موجودات جي لامحدود ممڪنات جو قائل ازروءِ وجدان ۽ ايمان هي ڄاڻي ٿو ته خداوند ڪريم جي قدرت ۾ قوت جا اڻکٽ خزانه آهن. اگرچه ظاهر ۾ ان جو ظهور هڪ حساب سان ٿو ٿئي. مادي عالم ۾ سج جو مثال پيش ڪرڻ کان پوءِ مولانا رحمت الله عليه هن مان جان ۽ نفس جي عالم جي متعلق هي نتيجو ٿا ڪڍن ته جهڙي طرح سج کي فطرت کان هر طرف نئين انرجي ملندي رهي ٿي. اهڙي طرح انسان کي به غيب کان نيون قوتون حاصل ٿينديون ٿيون رهن ۽ انهيءَ فيضيابي جي ڪا انتها ڪانهي. مولانا رحمت الله عليه جي نزديڪ انسان جا مقصد لامحدود آهن ڇو ته انهن جي انهيٰ خدا آهي ”واليٰ ربک المنتهيٰ“ ”منزل ما کبرياست“ ۽ زندگيءَ جو مقصد مسلسل جدوجهد ۽ پيروي آهي.

 

اخلاقيات و نفسيات

 

مولانا رحمت الله عليه اخلاقيات ۽ نفسيات جو هڪ اهم نڪتو ٿا بيان فرمائن ته اڪثر صفتون اهڙيون آهن جن کي بظاهر سٺيون صفتون سمجهيو ٿو وڃي، حالانڪ انهن جي ڪيفيت به علم جهڙي آهي. جيڪا هڪ بي ظرف قوت آهي، ان جو مفيد يا نقصانڪار هجڻ انهيءَ مقصد تي منحصر آهي. جنهن جي لاءِ ان کي استعمال ڪيو وڃي. اهوئي اصول اخلاقيات ۾ به ڪارفرما آهي، مال ۽ جان جي قرباني به بذات خود نه سٺي آهي نه بري. سٺو هجڻ انهيءَ مقصد تي منحصر آهي جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ هيءَ قرباني ڏني وئي آهي. فرمائن ٿا ته رسول اڪرم ﷺ جن جا مخالف ڪافر به ته مال ۽ جان جي قرباني ڏيندا هئا ليڪن مقصد جي خراب هجڻ جي سبب جان فشاني ۽ زرفشانيءَ ۾ جيتري وسعت ۽ شدت ڪبي اوتري ئي انسان لاءِ تباهيءَ جو سبب ٿيندي. ڪافر ان لاءِ قربانيون ڪندا هئا. ته جيئن نبي اڪرم ﷺ جن تي غالب اچي وڃن. ڪنهن سلطنت ۾ بادشاهه جو هڪ غلام باغي ٿي ٿو پوي، خزاني تي قبضو ٿو ڪري ۽ ماڻهن کي پنهنجو هم خيال ۽ هم ڪار بنائڻ لاءِ سخاوت جو درياهه ٿو وهائي ۽ انهيءَ ظلم کي پنهنجي نزديڪ عدل ٿو سمجهي، هيءَ سخاوت، هي ايثار، اخلاق جي تخريب ۽ ظلم ۾ معاون ٿي ٿا پون لهذا اخلاقي صفتن کي به مقصد کان الڳ ڪري نه ڏسڻ گهرجي. مقصد جي خرابيءَ سبب انهن صفتن ۾ جيترو ڪمال پيدا ڪيو وڃي اوتروئي انساني ڀلائيءَ کي زوال ايندو.

 

پنهنجي ۽ ٻين جي سڃاڻپ ڪيتري دشوار آهي

ڪنهن هڪ انسان جي لاءِ ٻيو انسان آسانيءَ سان قابل فهم نه ٿو ٿي سگهي. اڪثر انسانن جي ظاهر ۽ باطن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هوندو آهي. شيخ سعدي رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته علم ۽ معلومات جي لحاظ کان انسان ڪهڙي پايي جو آهي ان جو اندازو ته چند ڪلاڪن جي گفتگوءَ ۾ ٿي سگهي ٿو. ليڪن زياده ميل جول جي باوجود ورهين گذرڻ جي باوجود هڪڙي کي ٻئي جي باطن جو حال معلوم نه ٿو ٿي سگهي. نفس جون لڪل خباثتون وڏي عرصي تائين ظاهري نگاهن کان لڪل ٿيون رهن، ڪهن جي تحث الشعور ۾ نفس جا ڪهڙا ميلان لڪل آهن. انهن جي باري ۾ انسان خود پنهنجو پاڻ کي ڌوڪي ۾ ٿو رکي. ليڪن اهو ضروري نه آهي شعور جي تهخاني ۾ ادنيٰ ۽ اسفل ميلان ئي لڪل هجن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ظاهر ۾ ڪنهن شخص جي زندگي ويرانيءَ وانگر نظر اچي. ليڪن انهيءَ ويرانيءَ ۾ بلند جذبات جو خزانو موجود هجي جيڪو ظاهري اکين کي نظر نه اچي. اهو معلوم ڪرڻ آسان نه آهي ته بدن جي ديوار جي اندر تحت الشعور جي گهراين ۾ بلند فڪر يا ميلان شريفه جو بي بها خزانو آهي يا صرف ڪيلين، نانگن ۽ بلائن جي جاءِ آهي. نفس جي گهراين ۾ ڇا ڇا لڪل آهي ان جو صحيح علم نه پنهنجو پاڻ کي ٿو ٿئي نه يارن ۽ غيرن کي. پورو پورو علم ته صرف الله تبارڪ و تعاليٰ کي ئي ٿي ٿو سگهي جنهن جي لاءِ هر لڪل به ظاهر آهي.

 

 

مرشد جي دورغ جي باوجود معتقد مريدن ۾ فروغ

مولانا رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته انهن ماڻهن جي نسبت ڪهڙي راءِ قائم ڪرڻ گهرجي جيڪي لڪل ابليس جهڙي ڪنهن شخص کي امام و مجتهد ۽ ولي الله مجدد سمجهي ان جي متعلق خوش عقيدگيءَ ۾ عمر گذاري ٿا ڇڏن؟ مولانا رحمت الله عليه ان جو اهو جواب ٿا ڏين ته ڪوڙو امام ته آهي ئي مردود ۽ ان جي عاقبت في النار والسقر آهي ليڪن ڌوڪو کاڌل مريد نجات حاصل ڪري ٿو سگهي. ان جو سبب هي آهي ته هو باطل امام کي پنهنجي تصور ۾ سٺن اخلاقن وارو ٿو سمجهي ۽ پنهنجو پاڻ ۾ اهي خوبيون آهن ئي ڪونه. ان جي متعلق مولانا هڪ عمدو مثال ٿا پيش ڪن ته هڪ شخص کي اونداهي رات ۾ جڏهن قبله جو رخ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪو صحيح ذريعو نه هجي، ۽ ڪنهن هڪ طرف منهن ڪري قبلي جو رخ سمجهي نماز ادا ٿو ڪري ته ان جي اها نماز شريعت جي لحاظ کان باطل نه آهي. اهوئي حال ڪنهن بدباطن کي قبله رخ بنائڻ جو آهي. مريد کان جيڪڏهن سٺا اعمال ٿيا ته اهي ضرور ان لاءِ فائديمند ٿيندا. حالانڪ ڪوڙي مرشد کي انهن مان ڪو فائدو نه پهچندو. مرد جو ارادو نيڪ هو اگرچه پنهنجي مرشد کي جيڪو محض جسم بي روح هو هن روحاني لحاظ کان جاندار سمجهي ورتو هو.

 

 

زال ۽ مڙس جي باهمي مناسبت

زال ۽ مڙس جي موافقت جي متعلق مولانا رحمت الله عليه جتيءَ جي جوڙي جو مثال پيش ٿا ڪن. هڪڙو مڙس پنهنجي زال کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته زال کي زنانين صفتن سان هم رنگ هجڻ گهرجي. ته جيئن خانگي زندگي عمدگيءَ سان هلي سگهي. جتيءَ جا ٻئي پادر سائيز، انداز، رنگ ۽ روغن ۾ هڪٻئي سان موافق هجڻ گهرجن. جيڪڏهن جتيءَ جو هڪ پادر سوڙهو ۽ ٻيو ويڪرو هجي ته ٻئي بيڪار ٿي پوندا. جيڪڏهن هڪڙو پادر ڪنهن ٻئي رنگ جو ۽ ويڪرو ۽ ٻيو پادر ڪنهن ٻئي رنگ جو ۽ سوڙهو هجي ته ڪهڙو سمجهدار مرد اهڙي جتي پائيندو؟ اگر هڪ پير کي به جتيءَ مان تڪليف پهتي ته اها تڪليف ٻئي پير ۽ سڄي جسم تي اثر ڪندي ۽ سهوليت سان هلڻ دشوار ٿي پوندو. عورتن کي هيٺاهون سمجهڻ وارا عام طرح عورت کي جتيءَ سان تشبيهه ڏيندا آهن. جيڪا پيرن ۾ گسندي رهندي آهي ۽ مرد جڏهن گهري ته پراڻيءَ کي ڇڏي نئين پائي ٿو سگهي. هي نامعقول انسانن جون ڳالهيون آهن. ورنه زال سان سٺو سلوڪ ڪرڻ اسلام جي تعليم جو هڪ اهم حصو آهي ۽ رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته توهان ۾ سٺو مسلمان اهو آهي، جيڪو پنهنجي گهر وارن سان سٺو آهي ۽ آخري خطبي ۾ عورتن سان سٺو مسلمان اهو آهي، جيڪو پنهنجي گهر وارن سان سٺو آهي ۽ آخري خطبي ۾ عورتن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو تاڪيد فرمايو اٿن ته توهان انهن جي محتاجي ۽ بي بسيءَ مان ناجائز فائدو نه حاصل ڪيو. مولانا رحمت الله عليه جي تشبيهه ۾ اها خوبي آهي ته صرف عورت ئي جتيءَ وانگر نه آهي. بلڪ زال ۽ مڙس گڏجي جتيءَ جي جوڙي وانگر هم صفت ٿي گذارڻ سان ئي زندگيءَ جو رستو چڱيءَ طرح گذرندو. زال ۽ مرد ۾ جيڪڏهن موافقت نه هجي ته پوءِ ٻنهين لاءِ علحدگي ۽ طلاق ئي مناسب آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته تڪليف ڏيڻ واري جتيءَ کان بهتر آهي ته ماڻهو اگهاڙي پيرين هلي. ان سان گڏ هڪ ٻي تشبيهه به آهي ته زندگي کي جيڪڏهن لڏيل اٺ وانگر سمجهو ته پوءِ ان تي ساڄي ۽ کاٻي پاسي لڏيل ٻئي گوڻيون هم وزن هئڻ گهرجن. جيڪڏهن ٻنهين ڳوڻين جو وزن برابر نه هجي ته مال کسڪي اٺ تان ڪرندو پوندو آهي.

هتي مقدر ٿيل رزق جي متعلق هڪ قصو ياد اچي ويو جيڪو لکڻ جي قابل آهي:

روايت آهي ته هڪ شخص دانا ۽ فهم وارو هو، ليڪن پنهنجي پوري دانش جي باوجود هو مانيءَ لاءِ محتاج رهندو هو. هڪ ڏينهن بکيو ۽ حيران قافلن جي رستي تي بيٺو هو. ڏٺائين ته لڏيل اٺن جي هڪ قطار رستي تي اچي رهي آهي. هڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺو رهيو. ليڪن اٺن جي قطار ختم ئي نه پئي ٿئي. آخري اٺ سان گڏ ماڻهو هو. ان کان پڇيائين ته هيءَ هيڏي وڏي اٺن جي قطار ڪهڙي وڏي واپاريءَ جي آهي؟ هن چيو ته مان ئي هن جو مالڪ آهيان. بکئي داناءَ چيو ته تون ته ڪو وڏو بخت وارو آهين! يقينا تون وڏي عقل وارو آهين. جنهن جي زور تي تو واپار ۾ هيترو واڌارو ڪيو آهي. ذرا هي ته ٻڌاءِ ته هنن اٺن تي ڪهڙو مال لڏيل آهي؟ هن چيو ته هرهڪ اٺ تي هڪ طرف ٻه مڻ ڪڻڪ ۽ ٻئي طرف ٻه مڻ واري. عقلمند چيو ته هي ٻه مڻ واري ڇو لڏي اٿئي؟ واپاريءَ چيو ته اٺ تي وزن ٻنهين طرف برابر هئڻ گهرجي. ورنه مال اٺ جي پٺيءَ تي نه بيهي سگهندو ۽ ڪري پوڻ جو خطرو هوندو آهي. عقلمند چيو ته ٻنهين پاسي لڏي وزن برابر ڪرين ها ۽ اٺ تي وزن به گهڻو نه ٿئي ها. واپاريءَ چيو ته واهه واهه تو ڪهڙي نه عقلمنديءَ جي ڳالهه ڪئي. مون کي ته مال لڏڻ مهل اها ڳالهه خيال ۾ ئي نه آئي. تون ته ڪو وڏو عقلمند ٿو ڏسجين. ڀلا ٻڌاءِ ته تو وٽ گهڻا اٺ ۽ گهڻو مال آهي؟ هن عقلمند چيو ته مون کي ته ٻن ڏينهن کان کائڻ لاءِ ماني ئي نه ملي آهي. ان تي واپاريءَ چيو ته سبحان الله! مال هڪڙي کي ڏئي ڇڏيائين ۽ عقل ٻئي کي. ادا اهڙو عقل توکي ئي مبارڪ هجي اسين احمق ئي سٺا آهيون.

شيخ سعدي رحمت الله عليه ٿو فرمائي ته داناءَ وٽ هڪ داڻو به ڪونهي ۽  جنهن وٽ داڻان آهن. ان وٽ دانائي ڪانهي.

 

مال انسانن جا عيب لڪايو ڇڏي

دنياوي زندگيءَ ۾ مال گهڻا عيب لڪائي ڇڏيندو آهي. دولتمند جا ڪيترائي عيب ان سان ڍڪجي ٿا وڃن. ان ڪري ئي دولت کي ڪنهن شاعر ”ستار عيوب“ ۽ ”قاضي الحاجات“ چيو آهي. جيڪي خدا جون صفتون آهن. غريب جي ڪنهن ننڍڙي عيب کي به ماڻهو ڪوٺي تي چاڙهيو ڇڏين. ويچارو غريب بدي گهٽ ڪندو آهي، ليڪن بدنام گهڻو هوندو آهي. جيئن مرزا غالب پنهنجي شراب پيئڻ تي هڪ رباعيءَ ۾ چيو آهي ته اسان مفلسن جي شراب نوشي هڪ بيهوده عمل آهي جنهن مان سواءِ بدناميءَ جي ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي. معلوم ٿو ٿئي ته ساقي اسان کي پيالي جي بجاءِ ڇاڻيءَ ۾ ٿو شراب ڏئي جنهن جي ڪري هيٺ ڪپڙا تر ٿيو وڃن ۽ مٿي چپ تر نه ٿا ٿين. اهائي دامن تر ٿي وڃڻ يا بدنامي ئي اسان جي حصي ۾ آئي آهي.

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته دنيادار کي گهڻي مال جي ضرورت گهڻو ڪري پنهنجا عيب لڪائڻ لاءِ هوندي آهي. خواهه هو احمق جهڙي زندگيءَ بسر ڪري يا بيحيائي ۽ بدڪاريءَ واري زندگي ليڪن عام ماڻهن جي زبان ان جي متعلق بند رهندي آهي. هن جي اشراف کي سخاوت ۽ هن جي عياشيءَ کي رنگينن چوندا آهن. اگر ڪو جرم ڪري وجهندو آهي ته دولت جي ڪري سزا کان بچي ويندو آهي. دولت خرچ ڪري هو حاڪمن تائين پهچي ويندو آهي ۽ انهن کي پنهنجو دوست بنائيندو آهي. اهڙي شخص ۾ ڪوبه ذاتي هنر يا ڪمال ڪونه هوندو آهي. جنهن جي ڪري هو جهان ۾ عزيز ٿي سگهي. نه ان جا اخلاق ۽ تقويٰ اهڙي هوندي آهي جو ماڻهو دل سان هن جي عزت ڪن. اهڙي ماڻهوءَ وٽان جڏهن دولت هلي وڃي ته پوءِ دنيا وارن جي نزديڪ هن جي عزت ٻن ڪوڙين جيتري به نه رهندي آهي. هن جي خوبين جا راڳ ڳائيندڙ هن جي دستر خوان تي کائيندڙ هن جا گڻ ڳائيندڙ ئي ان جي مذمت ڪرڻ لڳندا آهن. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته اهڙن شخصن جي لاءِ مال ائين آهي. جيئن گنجي جي مٿي تي ٽوپي. علم ڪمال جي لحاظ کان اهڙا ماڻهو گنجا هوندا آهن. انهن جي اها گنج مال سان ڍڪيل رهندي آهي ۽ هو به ماڻهن جي روبرو ٽوپي لاهڻ نه چاهيندا آهن. ليڪن اها مال ۽ زر جي ٽوپي جيڪڏهن گردش روزگار سبب لهي پوي ته پوءِ هنن جي اصل بدڪاري ۽ جهالت جي گنج اگهاڙي ٿي پوندي آهي. اهڙن جي مقابلي ۾ جنهن شخص جا سهڻا اخلاق هن جي زندگيءَ جو حصو بنجي چڪا آهن. ان کي عيبن کي لڪائيندڙ مال جي ڪهڙي ضرورت؟ هن جون صفتون بغير دولت جي اڃا به وڌيڪ دلڪش ٿي پونديون آهن. مولانا رحمت الله عليه  هتي اڃان هڪ ٻي تشبيهه کان به ڪم ٿا وٺن ۽ فرمائن ٿا ته سچار مرد ڏسڻ وارين اکين وانگر هوندو آهي. ڪوبه ماڻهو اکين کي ڍڪڻ نه چاهيندو آهي. ڇو ته ڏسڻ جي خوبي کليل اکين ۾ ئي آهي.

دنيا وارن لاءِ لباس به عيب پوش ٿيندو آهي، ڪپڙن پاتل ڪنهن شخص جو اصل جسم نظر نه ايندو آهي. هڪ شخص ڪنهن غلام کي وڪڻڻ لاءِ خريدارن جي روبرو پيش ٿو ڪري. جيڪڏهن هن کي معلوم آهي ته غلام جا سڀ عضوا صحيح تندرست ۽ جسماني لحاظ کان ڪو عيب ڪونهيس ته اهو ڪپڙا لاهي هن جو جسم به خريدارن کي ڏيکاري ٿو سگهي. ليڪن اگر غلام جي جسم ۾ ڪو عيب يا بيماري لڳل آهي ته وڪڻڻ وارو خريدارن کي چوندو ته هي غلام انتهائي شرم ۽ حياءَ وارو آهي. ان ڪري اوهان جي سامهون اگهاڙو ٿي نه سگهندو. ڪپڙن پاتل واري حالت ۾ ئي اندازو لڳائي هن جي قيمت ٻڌايو. جيڪڏهن ڪپڙن لاهڻ جو چوندو ته هو ڀڄي ويندو. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته اڪثر گدي نشين خواجگان دولت مند جو اهوئي حال آهي. اهي سراسر عيبدار آهن ۽ مال سان عيب پوشي ڪري رهيا آهن.

پاڪيزه اخلاق رکڻ واري لاءِ مال نه بلڪ فقر باعث فخر هوندو آهي. مالدار مال جي ذريعي جيڪا عزت حاصل ڪرڻ گهرندو آهي، ان کان هزارين دفعا زياده عزت ۽ احترام ان شخص کي حاصل ٿيندو آهي جيڪو نفس جي پاڪيزگي ۽ خلوص جي ذريعي دليلن کي پاڻ ڏي ڇڪيندو آهي. حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه جڏهن فلسطين جو قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اٺ هڪ غلام سان گڏ بيت القدس جي قريب پهتو ته ان وقت غلام اٺ تي سوار هئو ۽ پاڻ رضي الله تعاليٰ عنه پيادل هلي رهيا هئا. جيڪا قميص پاتل هئن اها ڪنڊن وارن ٻوٽن وٽان لنگهڻ سبب ڪٿان ڪٿان ڦاٽي به پئي هئي. مسلمان جيڪي سندس استقبال لاءِ آيا، انهن شرم محسوس ڪيو ته هتان جا ماڻهو کين عمر رضي الله تعاليٰ عنه ڏسي ڇا سمجهندا ۽ ڇا چوندا. ان ڪري عرض ڪيائون ته اي اميرالمومنين هتان جا ماڻهو سٺيون پوشاڪون پائيندا آهن ۽ اوهان جو لباس سٺي حالت ۾ نه آهي. ان کي تبديل فرمايو. اسين سٺو لباس توهان لاءِ پيش ٿا ڪيون. انهيءَ تي ان سچار مرد فرمايو ته جن جي عزت ڪپڙن سان وابسته آهي. اهي ڀلي سٺا ڪپڙا پائن. ليڪن اسان جي عزت اسلام سان وابسته آهي. اهو الله جي فضل سان اسان ۾ موجود آهي ۽ اهو ڪنهن ظاهري سهڻي لباس جو محتاج نه آهي.

 

 

بيان جي لطف جو دارومدار ٻڌڻ وارن جو ذوق تي ٻڌل آهي

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته تعليم ۽ تلقين مان فائدي جو دارومدار ان مان فائدو حاصل ڪرڻ واري جي صلاحيت ۽ ذوق تي ٻڌل آهي ان کي هڪ وڏي تشبيهه ۾ بيان ٿا فرمائن ته جان کي جيڪڏهن ٿڻ يا بُبا تصور ڪيو ته بيان يا سخن کي انهن بُبن ۾ اندر کير وانگر تصور ڪيو. هي کير ان وقت جاري ٿيندو آهي جڏهن ڪو پيئڻ ۽ چوسڻ وارو هجي. ٻڌڻ وارو جيڪڏهن حقيقت جو اڃايل ۽ معرفت جو طلبگار هجي ته هڪ بي جان واعظ جي بيان ۾ جان اچي ٿي وڃي. غير شعوري طور تي چوڻ وارو ٻڌڻ واري جي ذوق جي مطابق ئي ڳالهه ڪرڻ لڳندو آهي. جيڪڏهن ٻڌڻ واري جو فڪر بلند هوندي ته چوڻ وارو به انهيءَ سطح تي چڙهي ويندو. بي حس زبانون به ٻڌڻ واري جي ذوق سان ڳالهائڻ لڳنديون آهن.

هڪڙو شخص حڪمت ۽ معرفت جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارا پنهنجي پنهنجي ذوق ۽ مطلب جي سبب فيضاب ٿي رهيا آهن. ايتري ۾ ڪو شخص انهيءَ محفل ۾ اچي ٿو وڃي. جيڪو اهڙي ذوق کان بلڪل بيگانو آهي ته ان جي اچڻ شرط عرفان جي زبان بند ٿي ويندي آهي. اسرار ۽ حڪمت خاموشيءَ جي پردي ۾ لڪي ويندا آهن. اول ته ان جي سامهون بيان جاري ئي نه ٿو رهي سگهي ۽ جيڪڏهن تڪلف سان ڪجهه چيو وڃي ته به اهو مينهن جي آڏو بين وڄائڻ وارو معاملو ٿيندو. ان ڪري حضرت مسيح عليه السلام فرمايو ته مِرُن جي اڳيان موتي نه رکندا ڪيو. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته اسرار حِڪمت کي گهر جي پردي دارن وانگر سمجهيو. جيئن ئي نامحرم ايندو ته هو پردي جي پويان لڪي وينديون ۽ جيئن ئي ڪو محرم آيو ته هو بغير پردي جي سامهون اچي وينديون. دنيا ۾ جيڪو به حسن آهي اهو اکين وارن جي لاءِ ئي آهي، ليڪن انڌن جي سامهون حسن جو اظهار ڪرڻ بي معنيٰ آهي. انڌي مڙس لاءِ ڪهڙي عورت سينگار ڪندي.

 

مرد ۽ عورت ۾ غالب ۽ مغلوب جو بحث

قديم زماني کان اهو بحث هلندو ٿو اچي ته مرد ۽ عورت ۾ ڪير غالب ۽ ڪير مغلوب آهي. ٻنهين ۾ مساوات آهي يا هڪڙو ٻئي کان بهتر آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته حق تعاليٰ عورت جي زينت کي مردن لاءِ جاذب بنايو آهي ۽ عورت کي مردن جي لاءِ تسڪين جو سبب بنايو آهي. ”زين للناس حب الشهوات من النساءِ“ ”هو الذي خلقکم من نفس واحدته وجعل منها ليسکن اليها“ ان جو فطري نتيجو ته مرد عورت جي طرف ڇڪجي ٿو ۽ انهيءَ ڪشش جي ڪري پنهنجي ظاهري ۽ جسماني غلبي جي باوجود اندر ۾ مغلوب هوندو آهي. وڏا وڏا جابر فاتح ۽ زماني جا رستم عورت جي سامهون پنهنجي اقتدار ۽ حڪمرانيءَ کي پري رکي ڇڏيندا اهن. عورت جي دلڪشي اهڙي آهي جو رسول ڪريم ﷺ جن جهڙا عرب ۽ عجم جا فصيح، جن جي ڳالهين سان جهان وجد ۾ اچي ويندو هو پنهنجي پياري زال بيبي عائشه صديقه رضي الله تعاليٰ عنها کي چوندا هئا ته اي ڳاڙهن ڳلن واري مون سان ڪجهه ڳالهاءِ ”کلمني يا حميرا“

هن کان پوءِ هڪ ٻئي تي غلبي جي متعلق مولانا رحمت الله عليه هڪ نهايت حڪمت آموز تشبيهه کان ڪم ٿا وٺن. فرمائن ٿا ته چئن عنصرن ۾ پاڻي باهه تي غالب ٿو نظر اچي. جتي باهه ٻرندي هجي پاڻي ان کي وسائي ٿو ڇڏي ليڪن پاڻي کي جيڪڏهن ديڳڙي ۾ وجهي ۽ ان جي هيٺان باهه ٻاري وڃي ته پاڻي ٽهڪڻ لڳندو آهي ۽ هوا ۾ اڏامڻ لڳندو آهي. ديڳڙي جي وچ ۾ اچڻ سبب پاڻي مغلوب ٿي ٿو وڃي. مرد ۽ عورت ۾ به غلبي جي اهائي ڪيفيت آهي. بظاهر مرد غالب ۽ عورت مغلوب ٿي نظر اچي. ليڪن اندر ۾ عورت غالب ۽ مرد مغلوب آهي. ان کان پوءِ هڪ حديث شريف جي سند سان لکن ٿا عورتون عقلمند مردن تي غالب اچي وينديون آهن ۽ جاهل مرد عورتن  تي غلبو حاصل ڪندا آهن ”انهن يغلبن العاقل ويغلبهن الجاهل“ سوال هي آهي ته عورت جو عقلمند مرد تي غالب اچڻ ۽ جاهل مرد جي آڏو مغلوب ٿيڻ ڪهڙي سبب ڪري آهي. عقلمند مرد مان اها اميد آهي ته هو لطيف جذبات رکندڙ هوندي آهي. هن ۾ عدل به آهي ۽ رحم به ۽ هو احسان فراموش به نه هوندو آهي. عورت صرف زال نه بلڪ ماءُ ۽ ڀيڻ به هوندي آهي. عقلمند مرد ان کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو ته هن جي ماءُ هن کي ڪيتري تڪليف سان ڄڻيو ۽ ڪيتري محبت ۽ قرباني سان پاليو آهي. انهيءَ احساس جي سبب هو ماءُ سان هميشه لطف ۽ ڪرم سان پيش ايندو ۽ آخر عمر تائين هڪ فرمانبردار پٽ وانگر رهندو. سٺي زال جي سامهون به انسان ان لاءِ ٿورو نرم رهي جو هو هن جي محبت سان لذت اندوز ٿو ٿئي. ٻارن جي پرورش ۽ گهر جي سارسنڀال ڪا معمولي خدمت نه آهي. اهڙي محبت ۽ خدمت جي مجسمي جي آڏو مرداڻو غلبو ڏيکارڻ ۽ آڪڙجڻ عقلمند جو ڪم نه آهي، اها جاهل جي ئي حرڪت ٿي سگهي ٿي ڇو ته جاهل مردانگيءَ جي گهمنڊ ۾ سڀ ڪجهه وساري ٿو ڇڏي ۽ معمولي غلطيءَ تي مارڪٽ تي آماده ٿي ٿو پوي ۽ سمجهي ٿو ته هي هن جو حق آهي. عقلمند جو زال جي روبرو مغلوب هجڻ جي معنيٰ زن مريد هجڻ نه آهي. بلڪ هن جي عورت هجڻ سبب ان جو احترام آهي. جنهن جي ڪري هو ان جون اهڙيون تقاضائون به پوريون ڪرڻ ي تيار ٿو رهي، جيڪي هن کي بظاهر معقول نه ٿيون لڳن. عورت مرد جي مقابلي ۾ ڪمزور ۽ نازڪ مزاج آهي ۽ عقلمند هن سان سلوڪ ڪرڻ وقت انهيءَ حقيقت کي وساري نه ٿو ڇڏي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته جاهل ۾ مهرباني نرمي ۽ لطف جون جيڪي انسان وصفون آهن انهن جي گهٽتائي هوندي آهي ۽ هن تي حيوانيت غالب رهندي آهي. مطلب ته مولانا رحمت الله عليه جي نزديڪ مرد جو عورت تي غلبو ظاهري آهي يا هڪ حيواني صفت جو اظهار آهي. نرم جذبات رکندڙ انسان نرم جنس سان سختيءَ سان پيش اچي نه ٿو سگهي. تهذيب واري زندگي گذريندڙ مرد اهڙو آهي جهڙو ديڳڙيءَ ۾ پاڻي، اهو باهه کي وسائي نه ٿو بلڪ جڏهن ان جي هيٺان باهه ٻري، خواهه اها عورت جي جذبات جي باهه هجي يا ڪنهن وقت ڪاوڙ جي باهه بهرحال ٻنهي صورتن ۾ عقلمند مرد مغلوب ٿي ويندو آهي ۽ عقل ۽ تهذيب جي تقاضا به اهائي آهي. ان بحث جي آخري شعر ۾ عورت جي تعريف ۾ هڪ اهڙو شعر چيو آهي جو ان کان بلند تر ۽ احترام جي قابل صفت، ذهن ۾ اچي ئي نه ٿي سگهي. فرمائن ٿا ته عورت جو محبوب هجڻ جو سبب اهو آهي ته هوءَ الله جو پاڇو (ظل الله يا پرتو حق) آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ جون صفتون مجازي اعتبار سان انسان ۾ به موجود آهن. الله تعاليٰ جو نائب هجڻ ڪري هو الله تعاليٰ جي صفتن کي ظاهر ڪندڙ آهي. ليڪن صفتن ۾ اخلاقي (پيدا ڪندڙ) جي صفت جو مظهر (ظاهر ڪندڙ) مرد کان گهڻو وڌيڪ عورت آهي. سڀ انسان عورت جي ئي پيٽ مان ٿا پيدا ٿين. هڪ قطري کان شروع ڪري ڪامل ٻار بنجڻ تائين عورت جو ئي پيٽ ربوبيت جو محل آهي ان ڪري مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته عورت هڪ حيثيت سان مخلوق هجڻ سان گڏ ٻي حيثيت ۾ خلاق به آهي. حقيقي خالق ته خدا تبارڪ و تعاليٰ ئي آهي ليڪن مجازي خالق عورت کان وڌيڪ يو ڪوبه ڪونهي .ردن دنيا ۾ وڏي ۾ وڏا ڪم ڪيا آهن ۽ علم و هنر وغيره ۾ جنهن ڪمال جو اظهار ڪيو اٿن انهن ۾ ڪوبه اهڙو ڪم ڪونهي جيڪو عورت نه ڪيو هجي يا آئينده ڪا عورت نه ڪري سگهي. ليڪن هڪ ڪم اهڙو آهي، جيڪو فقط عورت ئي ڪري ٿي سگهي ۽ ڪوبه مرد ڪنهن به حالت ۾ نه ٿو ڪري سگهي. اهو ڪم آهي ٻار ڄڻڻ، جيڪو ڪائنات ۾ الله تبارڪ وي تعاليٰ جي خلاقيءَ کان پوءِ سڀ کان وڏو خلاقيءَ جو ڪم آهي. مرد هر قسم جي صنعت ۾ ڪمال پيدا ڪري ٿو سگهي ليڪن هڪ قطري مان انسان بنائڻ ۽ اولياءِ، انبياءِ ۽ صالح انسانن کي وجود ۾ آڻڻ عورت جو ئي ڪم آهي ان ڪري مولانا رحمت الله عليه عورت کي الله تعاليٰ جو پاڇو ۽ خالق ٿا چون.

 

وحدت حقيقي ۽ ضدن جي جنگ مجازي آهي

حڪمت ۽ تصوف جو هڪ اهم مسئلو هي آهي ته ذات محبت جيڪا مطلق توحيد آهي اها ضدن کان مٿاهين يا ماوريٰ آهي. هي عالم ڪون و فساد و زمان ۽ مڪان جنهن ۾ تعينات ۽ تشخصات جي ڪثرت آهي ۽ هڪ شيءِ ٻئي جو ضد آهي ان جو ذات الهيءَ جي طرف هجڻ آسانيءَ سان سمجهه ۾ نه اچي سگهندو. مولانا فرمائن ٿا ته مخالفت صرف حضرت موسيٰ عه ۽ فرعون ۾ نه هئي، بلڪ هڪ هدايت ڪندڙ ٻئي هدايت ڪندڙ کان الڳ رستو اختيار ڪندو آهي. اصول ۾ نه سهي ليڪن فروع ۾ ضرور اختلاف ٿيندو آهي. چناچه نبين سڳورن جون شريعتون به هڪ جهڙيون نه آهن. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته هن ظاهري عالم تعينات ۾ ائين ئي ٿيندو آهي ليڪن هنن ضدن ۾ جيڪا جنگ ڏسڻ ۾ ٿي اچي اها حقيقي نه آهي ان ڪري جو هنن ضدن جو منڍ هڪ ئي وحدت آهي ۽ جڏهن توحيد جي نسبت انسان ۾ بصيرت پيدا ٿئي ٿي تڏهن حضرت موسيٰ عه ۽ فرعون جو اختلاف به توحيد جي طرف آڻن واري مصلحت ئي نظر ٿي اچي. عقل کي هي هڪ عجيب معاملو ٿو معلوم ٿئي ته وحدت جي بي رنگيءَ مان هيءُ رنگا رنگ جو عالم ڪٿان وجود ۾ آيو ۽ پوءِ وري هيءَ ڪثرت وحدت سان برسر پيڪار نظر ٿي اچي.

مطلق وحدت کان هيٺ لهي عالم ماديءَ ۾ اسين ڏسون ٿا ته تيل هنن ترن ۽ ٻجن مان ئي ٿو نڪري جن جي پرورش پاڻيءَ ڪئي آهي. گويا تيل اصل ته پاڻي ئي آهي. ليڪن تيل جي صورت ۾ ٿيڻ کان پوءِ تيل ۽ پاڻي هڪ ٻئي جو ضد ٿا معلوم ٿا ٿين هنن ٻنهين جي اصليت هڪ (واحد) آهي. ليڪن ظاهري عالم ۾ ضدن جي صورت ۾ نظر ٿا اچن. اهڙي طرح ڏسو ته ٽاريءَ ۾ اندر گل ۽ ڪنڊي ۾ ڪو به فرق، تميز ۽ مخالفت نه هئي ليڪن ٽاريءَ کان ٻاهر هڪٻئي جو ضد بنجي ويا. نباتاتي حيات لاءِ ٻنهين جو وجود لازمي آهي ان ڪري هي ضد حقيقي نه ٿو ٿي سگهي. حڪمت کي سمجهندڙ انهيءَ تهه تائين پهچي ٿو وڃي ته هيءَ جنگ ڪا حقيقي جنگ نه آهي بلڪ حڪمت عملي آهي جنهن کي مولانا رحمت الله عليه جنگ فروشان ٿا چون.

ڏسو دلال مَنڊين ۾ گراهڪ جي طرفداريءَ ۾ مال کي وڪڻن وارن سان وڙهندا آهن. اها هڪڙي بناوٽ يا حڪمت عملي آهي ورنه هو مال وڪڻڻ واري جا مخالف نه هوندا آهن. مولانا رحمت الله عليه جو هي هڪ مسلڪ (طريقو) آهي منطقي ۽ تشبيهي دليلن ڏيڻ کان پوءِ بهرحال انهيءَ طرف ٿا اچي بيهن ته حقيقت اهڙي طرح سمجهڻ ۽ سمجهائڻ سان هٿ نه ايندي. بس هڪ سرسري ۽ ناڪام ڪوشش آهي. جنهن مان ڪنهن حد تائين تسلي ضرور ٿئي ٿي ليڪن حق اليقين ته وحدت جي عالم ۾ غوطا لڳائي ئي حاصل ڪري سگهبو. جيڪو عقل ۽ حس ۾ هڪ ويرانو نظر ٿو اچي ليڪن معرفت جو خزانو انهيءَ ويراني ۾ ئي آهي.

 

ٻنهي طرفن کان مردود

 

”خسرالدنيا والاخرته“ وانگر ٻنهي طرفن کان مردود ماڻهو هن وجود جي عالم ۾ ڪهڙي طرح لڙڪيا پيا آهن. انهن جو مثال مولانا رحمت الله عليه عالمِ فلڪيات جي حوالي سان بيان ڪيو آهي. عام طور تي خيال آهي ته ڪشش ثقل (Gravitation) جو قانون تقريبا ٽي سئو سال اڳ نيوٽن دريافت ڪيو هو. ۽ انهيءَ سبب ڪري سج چنڊ ۽ تارا وغيره  آسماني فضا ۾ ڪهڙي طرح معلق ۽ گردش ۾ مصروف آهن. ليڪن اهو خيال ڪجهه قديم حڪيمن جي ذهنن ۾ پيدا ٿيو هو. اگرچه ان ڏي بعد وارن حڪيمن ڪو توجهه ڪونه ڏنو. مولانا رحمت الله عليه ڪنهن قديم حڪيم جونالو بيان ڪونه ڪيو آهي. ليڪن ان جو نظريو بيان ڪري ڇڏيو اٿن ته آسمان هڪ تمام وڏي ۽ ويڪر آني (بيضي) وانگر آهي. ۽ هيءَ زمين ان ۾ اندر آني جي پيلي ٽڪيءَ وانگر آهي. ان تي ان حڪيم کان ڪنهن پڇيو ته هن احاطي ڪيل آسمان ۾ زمين ڇت تي بتيءَ وانگر لٽڪيل آهي پر بغير ڪنهن ٿنڀ ۽ ٿوڻيءَ جي ڪيئن لڙڪيل آهي؟ هيڏي هوڏي ڪري ڇونه ٿي پوي. حڪيم جواب ڏنو ته ڪشش ثقل چوطرف برابر موجود آهي جيئن ته چئني طرفن کان زمين کي هڪ جيتري ڪشش ٿئي ٿي ان ڪري هوءَ ڪنهن طرف به ڪري نه ٿي سگهي. جيڪڏهن پوري آسمان کي هڪ مقناطيسي قبي وانگر قياس ڪجي ۽ زمين کي لوهه جو ٺهيل سمجهجي ته پوءِ ان جو سمجهڻ آسان آهي ته زمين آسمان جي فضا ۾ ڪيئن لٽڪيل آهي. ڪنهن ٻئي شخص ان تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته ڪاٿي هيءَ خاڪ جي زمين ۽ ڪاٿي آسمان. چه نسبت خاک رابه عالم پاک صاف سٿري آسمان کي ڪهڙي ضرورت پئي جو هن خاڪدان کي پاڻ ڏي ڇڪي بلڪ ڳالهه هيئن آهي ته آسمان جو گنبذ چئني طرفن کان مسلسل ۽ هڪجهڙي حالت ۾ زمين کي پري ڪندو ٿو رهي ته جيئن هن ڏي نه وڃي سگهي. جتي آهي اتي ئي رهي ۽ تيز ۽ سخت آنڌيون ۽ هوائن جا ٿڦڙ کائيندي رهي.

هن دلچسپ حڪيماڻي بحث (جنهن ۾ زماني حال جي طبعيات جي نظرين جي به پيش گوئي آهي) ان مان مولانا رحمت الله عليه ”خسرالدنيا والاخرت“ ٻنهين جهانن کان مرودد انسانن جو مثال پيش ڪيو آهي.

 

اهل دل کي حقير نه سمجهو

 

مردان خدا دنياوي لحاظ کان بي حيثيت نظر ايندا آهن نه ڪنهن زمين جا مالڪ نه حڪمران نه دولتمند واپري نه وڏن محلن جا رهاڪو نه فخر واري لباس ۾ ملبوث. معلوم ٿو ٿئي ته ڄڻ هي ڪي بي مقدر انسان آهن. نه ڪنهن کي نفع پهچائي ٿا سگهن نه نقصان. ان ڪري ڪو به هنن جي ڳالهه ڪونه ٿو ٻڌي. ڪو به هنن جي نصيحت کي نه ٿو مڃي. هنن خاڪسارن کي دنيا وارا حقارت جي نظر سان ڏسندا آهن. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا هي بي قيمت ذرا نظر اچن ٿا ليڪن اندر ۾ سج آهن ظاهر ۾ ٻڪريءَ جي ڦر وانگر ٿا لڳن ليڪن اندر ۾ خدائي شينهن هوندا آهن. هي الله تعاليٰ جا خاص بندا ظاهر ۾ گاهه پٺي وانگر معلوم ٿا ٿين. ليڪن انهن کي لتاڙي انهن جي مٿان لنگهڻ جي ڪوشش نه ڪجو. هِن گاهه پٺي ۾ لڪل درياهه ٿو وهي. جيئن ئي هنن جي بي عزت ڪرڻ لاءِ تو هنن جي مٿان پير رکيو، تيئن ئي ٻڏي ويندين.

 

علمن جي نتيجن کي ڄاڻڻ ۾ ڏسڻ جو تفاوت

ڪنهن خيال يا ڪنهن عمل جي اندر لڪل شر کي ڏسڻ لاءِ صاف قلب ۽ ضمير زندهه جي ضرورت آهي. شر هر جاءِ تي کليل ۽ ظاهر نه هوندو آهي ۽ اڪثر ڪري ظاهر صورت ۾ خير نظر ايندو آهي. سقراط جو قول آهي ته ڪوبه شخص شر کي شر سمجهي، ان تي عمل نه ڪندو آهي. ڇو ته انسان جي فطرت ۾ خير جي طلب آهي، مگر عقل جي گهٽتائي يا جذبات جي فريب ۾ اچي انسان شر کي خير سمجهي وٺندو آهي ۽ غلطي ڪري ويهندو آهي. شر جي پيروي غلط انديشيءَ جو نتيجو آهي. مولانا فرمائن ٿا ته گهٽ عقل واري انسان جي اک شروعات کي ڏسندي آهي. ليڪن عقلمند جي اک نتيجي کي ڏسندي آهي. ڪيتريون شيون مزي ۾ مٺيون هونديون آهن. مگر انهن ۾ اندر زهر لڪل هوندو آهي. ان کان بعد مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته ڪامل بصيرت کان وٺي مطلق جهل تائين انسان جي عقل جا گهڻائي طبقا آهن. سڀني ۾ زياده سمجهدار اهو انسان آهي جيڪو زهر کي ڏسي پري کان سڃاڻي وٺي ان کان پوءِ اهو شخص آهي جيڪو ڪنهن شيءَ جي ويجهو اچي، ان جي اصليت کان واقف ٿيندو آهي. ان کان پوءِ اهو شخص آهي، جيڪو هٿ لڳائي ڏسي وائسي پوءِ سڃاڻندو آهي. ان کان پوءِ سمجهندو آهي. ان کان پوءِ اهو آهي جيڪو سنگهڻ کان پوءِ سمجهندو آهي. ان کان پوءِ اهو آهي. جيڪو وات ۾ چٻاڙڻ کان پوءِ ان کي ٿڪي ڇڏيندو آهي. ان کان پوءِ اهو شخص آهي جيڪو نڙيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ ان کي سمجهندو آهي. ان کان پوءِ اهو آهي جيڪو کائي ويندو آهي ۽ پيشاب ۽ پائخاني ۾ ان جي تڪليف محسوس ڪندو آهي ۽ جگر کي ڪپڻ وارن زخمن پيدا ٿيڻ کان پوءِ ان کي يقين ٿيندو آهي ته جنهن شيءَ کي مون مٺو سمجهي مزي سان کاڌو هو اهو زهر هو. ڪيترا زهر ته اهڙا هوندا آهن جيڪي آهستي آهستي جسم ۾ اثر ڏيکاريندا آهن ۽ ڪيترن ڏينهن مهينن کان پوءِ انهن جو تخريبي ڪم ظاهر ٿيندو آهي. هر قسم جون اخلاقي برائيون ۽ گناهه ائين ئي مختلف قسم جي انسانن تي مختلف قسم جو عمل ڪنديون آهن. هر قسم جو گناهه روح جي لاءِ هڪ قسم جو زهر آهي. انهن کي سمجهڻ لاءِ به انسان ۾ ائين ئي تفاوت آهي جيئن مٿي سمجهايو ويو. ڪيترا گناهه اهڙا به آهن جو سڄي عمر گنهگار کي ان گناهه جي روحاني نقصان جو ڪو علم ئي نه ٿيندو آهي. ڇو ته ظاهري ڪوبه نتيجو نڪرندي نظر نه ٿو اچي. ته هي ته ڪو گناهه ئي ڪونهي جي گناهه آهي ته به مان ان جي سزا کان بچي ويو آهيان. ليڪن زندگي قبر ۾ وڃن سان ختم ته ڪانه ٿي ٿئي. جيئن ڪجهه جسماني زهرن جو اثر ڪافي عرصي کان پوءِ محسوس ٿيندو آهي. حالانڪ اهو محسوس نه پئي ٿيو ته به پنهنجو عمل پئي ڪيائين. ساڳي طرح ڪيترن گناهن جو نتيجو مرڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو. مڪافات عمل جو قانون مرڻ کان پوءِ لاڳو رهندو. ان قانون جي گرفت مان نڪري وڃڻ يا بچي وڃڻ ناممڪن آهي.

 

عملن جي نتيجن جي ظاهر ٿيڻ جو قانون

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته سٺا يا برا نتيجا پيدا ٿيڻ لاءِ دير مدار ۽ زماني جي بدلجڻ جو قانون هر جاءِ تي ڪم ٿو ڪري. ڪنهن شخص جو هي سمجهڻ ته جهٽ پٽ هڪ اڌ ڏينهن ۾ جيئن ته عمل جو ڪوبه نتيجو نظر ڪونه آيو. ان ڪري سبب ۽ علت وغيره جو قانون غلط ٿي ويو. اها سراسر حماقت آهي. خدا جي فطرت ۾ هر قسم جي نتيجي جي لاءِ هڪ ميعاد مقرر آهي. اهو ناممڪن آهي ته اهو ميعاد پورو ٿيڻ کان پوءِ نتيجو ظاهر نه ٿئي. ليڪن انسان فطرتا جلد باز آهي. ”خلق من عجل“ کاڻ ۾ پٿر کي لعل بڻجڻ لاءِ گهڻو وقت گهرجي. اڪثر ميويدار وڻ پنج ست سالن گذرڻ کان اڳ ڦر نه ڏيندا آهن. ڀاڄيون آهن ته چند مهينن ۾ تيار ٿيو وڃن. ڳاڙهي گلاب جو ٻوٽو هڪ سال کان پوءِ گل ڏيندو آهي. انهيءَ ئي قانون کي الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ بيان فرمايو آهي: ”هو الذي خلقکم من طين ثم قضيٰ اجل مسمي عنده ثم انتم تمترون“. ترجمو: خدا اهو ئي آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو. پوءِ توهان جي وڌڻ لاءِ هڪ حد مقرر ڪيائين. خدا وٽ هر ڪم جو معيار ۽ معياد مقرر آهي. پوءِ به توهين شڪ ۾ مبتلا ٿا رهو. (سوره انعام)

 

صفتن ۾ اضافو

هڪڙو حڪيماڻو بحث هي آهي ته مختلف شين جو تاثير ۽ انهن جون صفتون مطلقا معين (مقرر) آهن يا مقامات ۽ رابطن جي لحاظ کان انهن ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته شين جون صفتون مطلق نه آهن بلڪ اضافي آهن جاءِ يا اضافت جي بدلجڻ سان انهن ۾ به تبديلي اچي ويندي آهي. هن مادي جهان ۾ به اهو قانون ٿو هلي. هڪ شخص لاءِ هڪ شيءِ قاتل زهر آهي ۽ ٻئي لاءِ اها ئي شيءِ دوا آهي ساڳي طرح هڪ ڳالهه هڪ جاءِ تي ڪفر هوندي ليڪن ڪنهن ٻئي رابطي سان اها جائز ۽ روا هوندي. هڪ قسم جو فعل هڪ خاص حالت ۾ ظلم هوندو ۽ ٻئي حالت ۾ عين عدل ۽ رحم جي تقاضا هوندو. هڪ مقام تي ڪا هڪ ڳالهه عيب سمجهي ٿي وڃي ۽ ٻيءَ جاءِ تي هنر بنجي ٿي وڃي. هن مادي جهان ۾ ڏسو ڪچا انگور آهن. انهن ۾ اندر جيڪا رس آهي، اها کٽي هوندي آهي. ليڪن پڪل انگور ۾ اها رس مٺي ٿي پوندي آهي. ان کان پوءِ ان مان سرڪو ٺاهجي ته سٺي مزيدار شيءِ بنجي. ماني سان لذيذ ٿي لڳي ۽ مٽ ۾ دير تائين بند رکجي ته اها سخت ڪوڙي به ٿي پوي ۽ حرام به بنجي وڃي. اهڙي طرح اخلاق ۽ روحاني ۽ معاملات ۾ به اثر ۽ حالت جي تبديليءَ جو قانون موجود آهي. ليڪن انهيءَ تفاوت کان واقف ٿيڻ صرف ڪامل مرد جو ئي ڪم آهي.

 

حيواني نفس ۽ عقل جون مختلف تقاضائون

گهڻين عورتن جو فڪر نان نفقي تائين ئي محدود هوندو آهي. گهر سنڀالڻ جا معاملا ان جي سپرد هوندا آهن انهن کي گهر سنڀالڻ، ٻارن جي پرورش ڪرڻ، ۽ ڪجهه ضرورت ۽ ڪجهه زينت جي شين جي تقاضا به جائز ۽ فطري آهي. ليڪن ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته عقلمند مرد حڪمت يا شعر وادب يا روحانيت ۾ محو آهي ۽ عورت کي هيءَ محويت سمجهه ۾ نه ٿي اچي ۽ سمجهي به ڇا ڪندي ڪو ان جو داد ڏيندي ڇو ته هن قسم جي محويت گهڻو ڪري مرد کي گهر جو سامان وغيره مهيا ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بنجي آهي. ان ڪري گهڻا داناءَ ۽ ڪي اولياءَ ۽ ڪيترن ڪمال جي صاحبن جي گهريلو زندگي ڪجهه خوشگوار نه گذري. عورت جي تقاضا ڪجهه ٻي ۽ مرد جو ذوق ڪجهه ٻيو.

هڪڙي محقق عالم جو گهڻو قيمتي ڪتب خانو سڙي خاڪ بنجي ويو. هن جا دوست احباب افسوس ڪرڻ آيا ۽ پاڻ به ڏاڍي ڏک ۾ مبتلا ٿي ويو. ليڪن ان جي زال فرحت پئي محسوس ڪئي. چوي پئي ته هي ڪتاب منهنجون سهاڳڻيون هيون. اڄ سڙي خاڪ ٿي ويا. هنن سان منهنجي مڙس جو اهڙو پيار هئو جو مون ڏي توجهه ڪرڻ جو هن وٽ ڪو لمحو به نه هوندو هو. شيخ سعدي رحمت الله عليه پنهنجو حال لکيو آهي ته هو ڪجهه دوستن کي وٺي گهر آيو. کائڻ پيئڻ جو سامان گهر ۾ پورو هئو ئي ڪونه ۽ اچڻ سان زال کان تقاضا ڪيائين ته منهنجي دوستن کي ڪجهه رڌي کاراءِ. هن مٽيءَ جي ديڳڙي کڻي شيخ صاحب کي هنئي. ترو ٽٽي پيو ۽ ديڳڙي جا ڪنا اچي شيخ صاحب جي ڳچيءَ ۾ لڙڪيا. انهيءَ ئي حالت ۾ دوستن جي سامهون آيو. انهن پڇيو ته هي ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ته هي پيغمبري سنت آهي. جنهن مون کي شاديءَ تي مجبور ڪيو ۽ هاڻي منهنجي ڳچيءَ ۾ پئي آهي. سقراط ۽ ان جي زال جا قصا ان جي سوانح حيات ۾ موجود آهن. هن جي ڪمائي ايتري هئي جو ٻه مانيون ۽ ٻه ڪپڙن جا جوڙا به مشڪل سان ميسر هوندا هئس. مگر دانائيءَ جي ڳالهين گڏ ڪرڻ کان هن کي فرصت ئي ڪانه هوندي هئي. ڪيترا ڪيترا ڏينهن گهر کان غائب. ڪڏهن افلاطون جي هر ۽ ڪڏهن ڪنهن دوست جي گهر. ڪيترا ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون خير ۽ شر جي اصليت تي بحث هلي رهيا آهن. اتي گهر ٻار ڪنهن کي ياد هئا؟ هڪ دفعي گهر واپس آيو ته زال ڀري ويٺي هئي ۽ هن کي ڏسندي ئي وسڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ بالٽي پاڻيءَ جي کڻي مٿان هاريائينس. اهو حال ڏسي سقراط کلڻ لڳو ۽ چيائين ته ايتري گجگوڙ کان پوءِ وسڻ به ته لازمي آهي. هڪ ولي الله کي ملڻ لاءِ هڪ ولي آيو ۽ ڏٺائين ته کيس زال خوب گهٽ وڌ ڳالهائي رهي آهي. هو حيران ٿي ويو ته هن اهڙي آرام خراب ڪندڙ زال کي پاڻ وٽ ڇو رکيو آهي؟ هن مان ڇوٽڪارو ڇو نه ٿا حاصل ڪن. هن مرد خدا چيو ته ابا تون انهيءَ راز کي نه ٿو سمجهين. هن جي بدڪلاميءَ تي صبر ڪرڻ سان ته مان ولي بنيو آهيان.

مولانا رحمت الله عليه هن باري ۾ فرمائين ٿا نفس ۽ عقل کي زال ۽ مڙس وانگر سمجهو. زال جي تقاضا گهڻو ڪري نان نفقو ۽ زينت جي طلب آهي. ساڳيءَ طرح انسان جي نفس جون تقاضائون به اهڙي ئي قسم جون آهن. ان جي مقابلي ۾ عقلمند مرد جا تقاضا معنوي آهن. نفس ۽ عقل کي رهڻو هڪ وجود ۾ آهي. ان ڪري ڪجهه نه ڪجهه ڇڪتاڻ جاري رهندي آهي. ڇا ڪيو وڃي جو نفس جا تقاضا ڪجهه ٻيا آهن ۽ عقل جا مطالبا ڪجهه ٻئي قسم جا، جيڪي پاڻ ۾ موافق نه ٿا ٿين.

 

مادي صورت ۾ معنويت جو اظهار صورت ۽ معنيٰ جو ربط

محبت هڪ معنوي حقيقت آهي. اها هڪ ذوق ۽ وجدان جي شيءِ آهي ڪا مادي شيءِ آهي، ليڪن ان جو اظهار ۽ ثبوت ظاهري عملن سان ئي ملندو آهي، جيڪي محبت جو نتيجو هوندا آهن ۽ محبت جي شاهدي ڏيندا آهن. جنهن عالم ۾ انسان زندگي گذاري ٿو، اهو صورت ۽ معنيٰ جو مرڪب عالم آهي. هتي معنيٰ صورت جو لباس پائي ڇڏيندي آهي. خدا سان محبت جيڪڏهن رڳو فڪري ۽ معنوي حيثيت ۾ هجن ها ته پوءِ نماز روزو وغيره عبادتن جي ضرورت ئي نه هجي ها. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته دوست هڪ ٻئي کي تحفا ڏيندا آهن جيڪي مادي شيون هونديون آهن. حالانڪ محبت مادي نه آهي. هڪ ٻئي کي تحفا ڏيڻ لاءِ رسول ڪريم ﷺ جن به تلقين ڪئي آهي ۽ فرمايو اٿن ”تحابوا و تهادوا تذهب الشحناءَ“ هڪ ٻئي کي تحفا ڏيو ته جيئن محبت وڌي ۽ دشمني ختم ٿئي. پوءِ فرمائن ٿا ته مادي شيون ۽ جسماني عمل اگرچه محبت جا شاهد هوندا آهن. ليڪن هن ڳالهه کي وسارڻ نه گهرجي ته شاهد ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙا هوندا آهن ۽ ڪڏهن سچا. ان ڪري مخلص دوست منافق دوستن کان ڌوڪو کائي ويندو آهي. ڪيترا ماڻهو ريا ڪارياءِ جي نماز ۽ ڏيکارڻ لاءِ روزا رکندا آهن. اهڙا اعمال ڪهڙي طرح خدا جي محبت جا شاهد عادل ٿي ٿا سگهن؟ ڪيترا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي مست ثابت ڪرڻ گهرندا آهن. شراب هنن کي ملندو ڪونهي. پوءِ خالي لسي پي خماري واري انسان وانگر جهومڻ لڳندا آهن ته جيئن هن جا پيالي ڀائي رند سمجهن ته هي به مست آهي. معنيٰ ۽ صورت جو پاڻ ۾ تعلق اهڙي ئي قسم جو آهي. عام طور تي ظاهري صورت معنيٰ جي ترجماني ڪندڙ هوندي آهي ليڪن ڪاٿي ڪاٿي صورت سان ڌوڪو به اچي ٿو سگهي. ان ڪري عقلمند مرد کي هن باري ۾ هوشيار رهڻ گهرجي.

فرمائن ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن محض هڪ سبب يا رابطو به مهبت جو مظهر هوندو آهي چاهي ڪوبه ظاهري عمل نه ڏسڻ ۾ اچي. جيئن قريبن ۽ عزيزن سان تعلقات به محبت تي دلالت ڪري ٿا سگهن قرابت داري محبت جو اثر نه آهي. بلڪه محبت جو سبب آهي. عمل ۾ اظهار کان بغير به اها موجود آهي.

صورت ۾ معنيٰ جو فلسفو عارف رومي رحمت الله عليه جو خاص مضمون آهي جنهن جي وضاحت هن سَوَن طريقن سان ڪئي آهي. چناچه هتي فرمائن ٿا ته معنيٰ اگرچه صورت ۾ ئي ظاهر ٿيندي آهي. ليڪن معنيٰ ۽ صورت جو تعلق عجيب ۽ غريب آهي. ڇو ته صورت معنيٰ جي قريب آهي ۽ پري به. ان جو مثال اهو آهي ته وڻ پاڻيءَ مان ٿو وڌي ۽ ويجهي ليڪن صورت ۽ اصليت ٻئي ڪيتري قدر نه پري ٿيو ٿيون وڃن. پاڻيءَ جو صفتون ڪجهه ٻيون آهن ۽ وڻ ٽارين پنن ۽ ڦل جون صفتون ڪجهه ٻيون آهن. حالانڪ هي پاڻيءَ جو ئي تبديل ٿيل صورتون آهن. پاڻي مٽي ۽ سج جي گرمائش سان داڻو وڻ بنجي ويندو آهي. ليڪن انهن جي اصليت تي نظر ڪيو ته انهن ۾ ڪابه مناسبت آهي ئي ڪانه. ٻئي هڪ ٻئي جي ڪيترو نه قريب آهن ۽ وري ڪيترو نه پري آهن هي جاءِ تي صورت ۽ معنيٰ جو باهمي ربط انهيءَ قسم جو ئي آهي.

 

خدا تعاليٰ، شفيق پيءُ وانگر مخلوق جون گستاخيون به برداشت ڪندو آهي

 

الله تبارڪ و تعاليٰ جي اڳيان ڪهڙي هستي آهي، جيڪا بحث مباحثو يا قال ۽ قيل جي مجال ڪري سگهي. جتي ملائڪ جيڪي سراپا فرمانبرداري ۽ تسليم سان حاضر آهن. انهن به جڏهن آدم جي پيدائش جي تجويز ٻڌي ته اعتراض ڪيائون ۽ الله تعاليٰ جي هن تجويز کي نامناسب قرار ڏيڻ لاءِ دليل پيش ڪيائون. چوڻ لڳا ته اسين سڀ حمد تسبيح ۽ تهليل ۾ هر وقت مصروف آهيون. بي چون و چرا اطاعت ٿا ڪيون ۽ الله جي فرمان تي حڪم برداري ٿا ڪيون. اي خدا توکي هيءَ ڪهڙي ڳالهه تجويز ۾ آئي ته تون اهڙي مخلوق پيدا ڪرين جيڪا جهڳڙو ڪندڙ هوندي. هر ڳالهه ۾ چون چرا ڪندي، خون ريزي ڪندي ۽ خود الله تعاليٰ جي بيان جي مطابق ”ظلوما جهولا“ هوندي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي مخلوق کي پنهنجو عيال سمجهي ڪمال محبت رحم بردباري ۽ حلم کان ڪم وٺندو آهي. جهڙي طرح پيارا ٻار پنهنجي پيءُ جي سامهون اناپ شناپ بڪندا آهن. گستاخيون ڪندا آهن. ليڪن محبت ڪرڻ وارو پيءُ انهن کي سزا نه ڏيندو آهي. الله تعاليٰ فرشتن تي ۽ پنهنجي مخلوق تي حلم جي ڪمال جو اظهار ڪرڻ پئي گهريو. محبت ڪرڻ وارن هزارين پيءُ ۽ مائرن جي محبت خدا جي سامهون اهڙي ته بي حقيقت آهي. جيئن سمنڊ جي مٿان گجي.

 

سخي ۽ سائل ٻئي هڪ ٻئي جا محسن آهن

عام طرح ائين سمجهيو ويندو آهي ته جود و ڪرم ڏيڻ وارو وٺڻ واري تي احسان ٿو ڪري. وٺڻ وارو محتاج آهي ۽ ڏيڻ وارو شاهوڪار (غني) آهي. ليڪن حقيقت هيءَ آهي ته ڏيڻ واري وانگر وٺڻ وارو به ڏيڻ واري تي احسان ٿو ڪري. جيڪڏهن محتاج جي محتاجي نه هجي ها ته سخيءَ جي سخاوت ڪيئن ظاهر ٿئي ها. امير مينائي چوي ٿو ته:

موقوف جرم پر هي کرم کا ظهور تها

بندي اگر قصور نه کرتي قصور تها

صائب ٿو چوي ته جهڙي طرح باغيچي ۾ غنچا صبح جي هير جي جهونڪن تي کلندا آهن. اهڙي طرح گداگر جو هٿ سخاوت جي قفل جي ڪنجي آهي ۽ مهاتما ٻڌ چيو ته فقير کي خيرات ڏيو ته پنهنجو احسان سمجهي نه بلڪ هٿ ٻڌي ادب سان خيرات ڏيو. ڇو ته هن توهان کي نيڪي ڪرڻ ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو. اگر توهين هن تي احسان ڪندڙ آهيو ته هو به توهان کان گهٽ توهان تي احسان ڪندڙ نه آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته جهڙي طرح توبهه ڪرڻ لاءِ تائب جو هجڻ لازمي آهي. بخشش پنهنجي اظهار لاءِ مفلسن ۽ ضعيفن جي ڳولا ڪندي رهندي آهي. جهڙي طرح حسينن کي آئيني جي ضرورت ٿيندي آهي. اهڙي طرح محتاج ڪريم جي ڪم جو آئينو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي حسن ڪردار کي ڏسي روحاني لذت ٿو حاصل ڪري سواليءَ کي جهڙڪڻ، جنهن جي متعلق خدا ۽ رسول به تنبيهه فرمائي آهي. اهڙو آهي جهڙو آئيني کي پنهنجي آب ۽ تاب سان خراب ڪري ڇڏڻ.

اسلام جي تعليم ۾ ڪمال درجي جو توازن آهي هڪ طرف هي هڪ حڪم آهي ته سواليءَ سان نرمي سان پيش اچو ۽ ٻئي طرف مسلمانن کي اها تعليم ڏني وئي آهي ته سوال ڪرڻ کان پرهيز ڪيو. سوال ڪرڻ کان پرهيز ڪيو. سوال ڪرڻ سٺي عادت نه آهي. انهيءَ سان وقار ۾ خلل ٿو پيدا ٿئي. محنت سان روزي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ”الڪاسب حبيب الله“

 

 

دنيا جي  تمنائن سان وابسته شادي ۽ غم ٻئي بي حقيقت آهن

 

دنيا ۾ هر وقت انسان ڪنهن نه ڪنهن خوشي يا غم ۾ مبتلا هوندو آهي ليڪن جن شين سان خوش ٿيندو آهي. انهن ۾ گهڻيون اهڙيون هونديون آهن جن جي دراصل ڪا حقيقت ئي ڪانه هوندي آهي ۽ جن ڳالهين کان غمزده ٿيندو آهي انهن جو به ڪو اصل آهي ئي ڪونه. هي صرف انسان جي نفس جا تصورات ۽ تخيلات آهن. جيڪي هن کي ڪنهن نه ڪنهن خوشي يا غم ۾ گهيرو ڪيو ٿا وتن. فرمائن ٿا ته هي نفس جا پيدا ڪيل خيال درحقيقت بي جان تصويرون آهن. جيڪڏهن ڪاٿي مڇيءَ جي تصوير ٺهيل آهي ته ان لاءِ خشڪي يا پاڻي ٻئي برابر آهن. غمگينيءَ جي تصوير ۾ اصل غم نه هوندو آهي ۽ خوشيءَ جي تصوير ۾ ڪابه حقيقي مسرت ڪانه هوندي آهي. حقيقي غم ۽ خوشي جيڪي روح جون اصل ڪيفيتون آهن. اهي انسان جي هن عام غم ۽ خوشي کان بلڪل الڳ آهن.

 

عمل جي شروعات ۽ نتيجي ۾ تفاوت

 

گهڻو ڪري انسان جي معمولي ڪوششن جو نتيجو ان مقصد ۽ خواهشن کان تمام گهڻو بهتر نڪرندو آهي.، ڪوشش انسان لاءِ لازمي آهي. ليڪن نتيجي جو حال الله تعاليٰ کي ئي معلوم آهي. ائين به ٿيندو آهي ته هڪ شخص ڪنهن ادنيٰ شيءِ سان ڪم کي شروع ڪندو آهي. ليڪن عمل جي دوران ئي ان جا بلند نتيجا بيدار ٿيندا آهن ۽ هو ڪنهن اهڙي رستي تي اچي ويندو آهي. جيڪو شروع ۾ هن جو مقصد نه هو. ان ڪري ڪوشش ۽ نتيجو برابر نه هوندا آهن. ان جي متعلق مولانا رحمت الله عليه ڪيترا مثال ٿو پيش ڪري. هڪ شخص تنور تان ماني خريد ڪرڻ ٿو وڃي. ليڪن تنور وارو نابنائي اهڙو ته حسين ۽ جميل آهي. جو هو ان جي حسن ۽ جمال ۾ ئي مست ٿي ٿو پوي ۽ ماني خريد ڪرڻ ئي وسري ٿي وڃيس. هڪ ماڻهو باغ جي سير لاءِ نڪري ٿو. ليڪن مالهيءَ جو حسن ان کي باغ کان به وڌيڪ فرحت افزا ٿو محسوس ٿئي. هڪ اعرابي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڏول ٿو وجهي ته ڏول ڪنهن يوسف کي ٿو ڇڪي اچي ۽ پاڻيءَ جي بجاءِ حسين يوسف سامهون اچي ٿو وڃي. حضرت موسيٰ عليه السلام باهه لاءِ ٿو نڪري ۽ پيغمبري ملي ٿي وڃيس. آدم عليه السلام ڪڻڪ جو داڻو کائڻ سان جنت مان ٻاهر ڪڍيو ٿو وڃي ۽ هيءَ لغزش زمين تي لهڻ جو بهانو بنجي ٿي وڃي ۽ وري جيئن ئي توبهه تائب ٿو ٿئي ته سڄو عالم ان جي اولاد سان ڀرجي ٿو وڃي ۽ هزارين پيغبرن ۽ اولياءِ ظاهر ٿا ٿين. ٻار اسڪول وڃڻ کان نٽائي ٿو ته ان جو پيءُ ان کي ڪجهه لالچ ڏئي اسڪول ڏي موڪلي ٿو ۽ چوي ٿو ته اسڪول ويندين ته توکي ڪبوتر وٺي ڏيندس. ليڪن تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد هڪ صدر مدرس يا پرنسپال بنجي ٿو وڃي. هاڻي هتي علت ۽ معلول جو فرق صاف ظاهر ٿو نظر اچي ته سبب ڇا هئو ۽ اثر ڪهڙو پيدا ٿيو. انسان جي ڪوشش ۽ نتيجن جو به اهوئي حال آهي. اصل شروعات ۽ آخر ۾ حاصل ٿيندڙ مقصد ۾ ڪابه نسبت معلوم ڪانه ٿي ٿئي. ان بعد اسلامي تاريخ جا مثال ٿا اچن. حضرت عباس رضه رسول ڪريم ﷺ جن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا هئا، ليڪن اسلام جا پشت پناهه بنجي ويا ۽ سندس خاندان ۾ خلافت اسلاميه جاري ٿي وئي. ساڳي طرح حضرت عمر رضه به رسول ڪريم ﷺ جن سان وڙهڻ لاءِ تلوار کڻي نڪتا. ليڪن نتيجو ڇا نڪتو ته اميرالمومنين ۽ اهل دين جا اڳواڻ بنجي ويا. ڪنهن به شخص کي اهو معلوم ڪونهي ته جيڪا خواهش کڻي نڪتو آهيان، اها مون کي ڪاٿي پهچائيندي.

 

نحو ۽ محو

 

گهڻا صوفي عام طور تي عام فقهي عالمن جي نسبت ۾ سٺي راءِ نه رکندا آهن. حالانڪ ڪيترا صوفي علم فقه به وڏن وڏن فقهي عالمن جي برابر هئا. خود مولانا رومي رحمت الله عليه ڪنهن کان به گهٽ فقيهه ڪونه هئا. ليڪن فقه گهڻو ڪري انسان جي ظاهري، مادي ۽ جسماني زندگيءَ جي متعلق بحث جو نالو آهي. قانون جو واسطو انسان جي باطن سان نه آهي. جيڪي ماڻهو صرف فقهه ۾ عمر گذاري ڇڏين ۽ باطني پاڪيزگي (تزڪيه باطن) حاصل نه ڪن انهن کان دين جو مغز رهجي ٿو وڃي. ان سلسلي ۾ فقهه کان زياده صرف ۽ نحو وارا محض بغير مغز رهجي ٿو وڃي. ان سلسلي ۾ فقهه کان زياده صرف ۽ نحو وارا محض بغير مغز جي هڏين کي لوڏيندا رهندا آهن ۽ انهيءَ ۾ ئي سڄي عمر گذاري ڇڏيندا آهن. صرف ۽ نحو زبان جي صحت جو اقدار آهن ۽ زبان پاڻ مقصد کي ظاهر ڪرڻ جو اوزار آهي. گويا صرف ۽ نحو هڪ ذريعي جو ذريعو آهي. مگر جيڪو ان کي ئي مقصد بنائي ان ۾ سڄي عمر مصروف رهيو. ان پنهنجي قيمتي عمر کي اصل شڪار جي صرف پاڇي ۾ ضايع ڪري ڇڏيو. مولانا رحمت الله عليه هڪ نحو جي عالم جو قصو لکيو آهي ته هو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ ملاح کان پڇڻ لڳو ته تو ڪجهه نحو به پڙهي آهي، هن چيو ته بلڪل نه. ان تي نحو جي عالم چيو ته تنهنجي عمر ته ائين ئي بيڪار درياهه ۾ ٻڏي وئي. ان کان پوءِ ٻيڙي هڪ ڪن ۾ ڦاسي پئي ته ملاح نحو جي عالم کان پڇو ته تو ڪجهه ترڻ به سکيو آهي. هن چيو ته بلڪل نه. ان تي ملاح چيو ته افسوس تنهنجي سڄي عمر ئي درياهه ۾ ٻڏي وئي.

هن مان مولانا رحمت الله عليه هي نتيجو ٿا ڪڍن ته زندگيءَ جي ڪنهن اعليٰ مقصد يا خدا جي ذات ۾ محو ٿي وڃڻ نحو کان وڌيڪ فائديمند آهي.

 

عشق ۽ ڪفر

 

مولانا رحمت الله عليه وٽ هي مضمون بار بار ٿو اچي ته حقيقت عشق ئي صداقت جو چشمو آهي. جيڪڏهن عشق موجود آهي ته دين جي حقيقت به موجود آهي ۽ جيڪڏهن عشق نه آهي ته پوءِ دين صرف هڪ تقليد ۽ روايت آهي جنهن مان انسان جي باطن کي فيض نه ٿو پهچي. هڪڙي شريعت اها آهي جيڪا خاص ۽ عام سڀني لاءِ آهي ۽ ٻي شريعت اها آهي جيڪا خود عشق پنهنجي لاءِ ٿو ٺاهي. مولانا فرمائن ٿا ته عشق جي هر قول ۽ فعل مان بس عشق جي ئي خوشبو ايندي آهي. عشق الاهي انسان کان جيڪي ڪجهه ڪرائي ٿو اهو جائز ۽ ايندڙ وقت لاءِ سٺو هوندو آهي. چاهي اهو ظاهر بين فقهي عالم کي غلط ئي معلوم ٿئي. عشق جيڪڏهن فقهه جي متعلق ڪا ڳالهه ٿو ڪري ته ان جو رنگ ئي نرالو هوندو آهي. ان جي فقهه مان به فقيري جو بوءِ ايندي آهي. ان جون بظاهر شريعت کان هٽيل ڳالهيون حقيقت جي درياهه  جي گجي هوندي آهي. گجي بيڪار معلوم ٿيندي آهي. ليڪن ان جو اصل ته درياهه جي موج آهي. جيڪي ڪجهه عاشق لاءِ جائز آهي، اهو غير عاشق لاءِ جائز نه ٿو ٿي سگهي. خدا سان محبت ڪندڙ خدا جو عاشق به آهي ۽ محبوب به. غير محبوب جي وات مان گار ڪهڙي نه بري لڳندي آهي. ليڪن محبوب جي وات مان گار به ڪهڙي نه پياري لڳندي  آهي. محبوب جون گاريون به سهرا بنجي ويندا آهن. جڏهن عارف ڪفر جي ڳالهين کي عشق جي باهه ۾ وجهي ٿو ته خالص ڪري ٿو ٻاهر ڪڍي. هن جو مثال ائين آهي جيئن هڪ مومن مرد کي ڪٿان سون جو ٺهيل بت ملي وڃي ته اهو ان کي بت پرست لاءِ ڇڏيندو ڪونه.

بلڪ هن کي باهه ۾ وجهي پگهرائي ۽ سون کي ڪنهن سٺي ڪم ۾ لڳائيندو جيڪو خلق خدا جي ڪم اچي.

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته هن جهان جو مثال خزان جي موسم وانگر آهي جنهن ۾ وڻ ٻسا ٿي ويندا آهن نه پن نه گل نه ڦل- هن موسم کي ڪنڊا ته بهار جي موسم سمجهندا هوندا ڇو ته ڪو گل ۽ ڦل آهي ئي ڪونه جيڪو ڪنڊن کي حقارت جي نظر سان ڏسي. سڀ وڻ هڪ جهڙا ٿي پيا آهن ۽ اها بي رنگي ڪنڊن جي لاءِ خوشيءَ جو سبب بنجي وئي آهي. اهڙي طرح هن دنيا ۾ نافرمان ۽ بدڪار اهوئي ٿا ڏسن ته سٺا ماڻهو ديندار ۽ پاڪباز سڏائن ٿا. اهي به اسان کان وڌيڪ سٺا نظر ته ڪونه ٿا اچن. يا هيئن سمجهو ته دنيا هڪ انڌيري جاءِ آهي. ڪاري منهن وارو ته اهوئي پسند ڪندو ته رات ئي هجي. جنهن ۾ سهڻا ۽ ڪارا پٿر ۽ قوت ۾ ڪابه تميز نه ٿي ڪري سگهجي. اونداهيءَ ۾ سڀ برابر آهن. جنهن کي قيامت ٿا چون. اها هن دنيا ۾ خزان کان پوءِ بهار آهي. جنهن ۾ هر ٻوٽو پنهنجي اصليت جي مطابق گل ڦل پيدا ڪندو ۽ گلن ۽ ڪنڊن جو فرق صاف ظاهر ٿي پوندو. اهڙي قيامت جو صرف اهو خواهشمند هوندو آهي. جنهن جي سيرت ۾ ڪجهه خوبي هوندي. بدڪاريءَ جي ڪنڊن ۾ ڦاٿل انسان کي ته پنهنجي رسوائيءَ جو ئي انديشو ٿي پوندو.

 

جسم ۽ روح- گڏهه ۽ گڏهه  سوار

 

انسان ۽ ان جي شهوتي نفس جو مثال ائين آهي، جيئن هڪ گڏهه تي سوار هڪ شخص پنهنجي منزل جي طرف وڃي رهيو هجي. ليڪن گڏهه کي ته پنهنجي سوار جي منزل ۽ مقصد جا ڪا خبر نه هوندي آهي. جڏهن سوار گڏهه تي ويهڻ کان پوءِ غافل ٿي وڃي يا ننڊاکڙيءَ جي حالت ۾ اچي وڃي ته پوءِ گڏهه ڪنهن ساوڪ ڏي منهن ڪري هلڻ لڳندو آهي. جڏهن سوار هوشيار ٿي پوي ته ڏسندو آهي ته هي ڪمبخت مون کي سڌي رستي کان هٽائي ڪاڏي کڻي آيو آهي. ٻيهر ان جو رخ موڙي سڌي رستي تي آڻيندو آهي. ليڪن وري جيئن ئي سوار غافل ٿيو ته گڏهه وري واپس ساوڪ ڏي منهن ڪري هلڻ لڳندو آهي پوءِ ائين ڀٽڪڻ جو سلسلو جاري رهندو آهي. هن گڏهه نفس کان به غافل نه ٿيڻ گهرجي. ڇو ته هن جي فطري دلچسپي ٻئي قسم جي آهي ۽ جيڪو رستو معلوم نه هجي ته محفوظ طريقو هي آهي ته جاڏي گڏهه زور ڪري هلڻ لڳي ان جي مخالف رخ تي هلو.

 

ديني زندگي آرام پسندن جو ڪم نه آهي

 

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته خدا جي راهه تي هلڻ آرام پسندن ۽ نازڪ مزاج ماڻهن جو ڪم نه آهي، وڏن ۽ بلند مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻيون ئي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون آهن. ڪيترائي زخم کائڻا پوندا آهن. ان رستي جي مردن ۾ شجاعت، همٿ ۽ قوت برداش هجڻ گهرجي. سست ماڻهو شير خدا نٿا بنجي سگهن. حضرت علي ڪرم الله وجه بلڪل درست آهي جو شير خدا ٿا سڏجن. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته قزوين ۾ عام رواج آهي ته ماڻهو پنهنجي جسمن تي مختلف قسمن جون تصويرون سئيءَ سان کوٽرائيندا آهن ۽ ان رنگ ڀرائيندا آهن. هي ڪبودي رنگ سان ڀريل نقش پوءِ عمر ڀري چمڙيءَ تان نه مٽجندو آهي. هڪ قزويني حجم وٽ ويو ۽ چيائين ته منهنجو ستارو اسد آهي. ان ڪري منهنجي جسم تي شينهن جي تصوير ٺاهه. مون کي خدا شينهن جهڙي شجاعت لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ هيءَ شينهن جي تصوير منهنجي باطني شجاعت جي ظاهري تصوير هوندي ۽ مان هن جي ڪري هر حال ۾ طاقتور رهندس. هي نقش منهنجي ڪلهي تي ٺاهه. جيئن ئي حجم سئي چڀوئي، تصوير ٺاهڻ شروع ڪئي، تيئن ئي قزوينيءَ دانهون شروع ڪيون ته اڙي ماري ڇڏيئي. ٿورو ترس. ٻڌاءِ ته شير جي ڪهڙي عضوي کان تصوير ٺاهڻ شروع ڪئي اٿئي. هن چيو ته پڇ کان شروع ڪئي اٿم. قزويني چيو ته انهيءَ پڇ ته منهنجي نڪ ۾ ساهه آڻي ڇڏيو آهي. پڇ ٺاهڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪانهي. ڪو ٻيو عضوو ٺاهه. حجم وري ڪنهن ٻي جاءِ کان ٺاهڻ شروع ڪيو. وري سئي چڀڻ سان قزويني رڙيون ڪيون ۽ چوڻ لڳو ته هاڻي ڇا ٺاهڻ لڳو آهين. هن چيو ته شينهن جو ڪن. چيائين ته ڪن ڇڏي ڏي ان ته منهنجو ساهه ڪڍي ڇڏيو. پوءِ هن پيٽ ٺاهڻ شروع ڪيو. قزوينيءَ لاءِ وري به سور برداشت کان ٻاهر ٿي ويو. چوڻ لڳو ته ڇڏي ڏي. انهيءَ پيٽ کي. ان تي حجم ڏندن ۾ آڱريون وجهي ويهي رهيو. چيائين ته بغير پڇ، بنا ڪن ۽ بغير پيٽ جي ته شينهن خدا به نه بنايو، مان ڀلا ڇا ٺاهيان. ٻٽاڪ ته شير بنجڻ جي پيو ڪرين ۽ سئي به برداشت نه پيو ڪري سگهين. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته ديني زندگيءَ ۾ به ڪيترن ماڻهن جو اهوئي حال آهي. آرام پسند ماڻهن جو وڏيون دعوائون اهڙيون ئي آهن. اصل شير ته ڇا بنبا. انهن جو وجود شير جي تصوير ٺاهڻ لائق به نه آهي. جتي خدا جي راهه ۾ ڪا مصيبت آئي پڇ لڪائي وٺي ٿا ڀڄن. دين صرف زبان سان اقرار ڪرڻ ۽ عقيدن جو نالو نه آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ مصيبتن سان انسان جو امتحان ٿو وٺي، جيڪو ماڻهو هرهڪ سئي جو سور برداشت ڪري صبر کان ڪم وٺي ان جو اجر تمام وڏو هوندوآهي.

 

صلاح مشوره

الله تبارڪ و تعاليٰ آنحضرت ﷺ جن کي حڪم ٿو فرمائي ته اصحابن سڳورن سان مشورو ڪندا ڪيو ”وشاورهم في الامر“ ۽ ٻي جاءِ تي مؤمن جي شيءِ صفت ٻڌائي وئي آهي ته هو معاملات کي هڪ ٻئي جي صلاح مشوري سان طي ڪندا آهن. ”امرهم شوريٰ بينهم“ هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پيغمبر ﷺ جن کي خدا تبارڪ و تعاليٰ غير معمولي عقل ۽ بصيرت عطا فرمائي هئي. انهن کي ٻين سان صلاح مشوري مان ڪهڙو فائدو ٿو پهچي سگهي؟ ان جو هڪ جواب ته هي آهي ته پيغمبر ﷺ جن کي ديني روحاني معاملات ۾ ته بهرحال ٻين کان فوقيت حاصل هئي. ليڪن سڀ معاملا ديني ٿي نه ٿا سگهن. هي ممڪن آهي ته غير معاملات ۾ ڪنهن ٻئي تجربيڪار کي ڪا معقول ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته دانشمند پير کي به ڪا تدبير سمجهه ۾ نه اچي. جنگ ۾ ڪيترا دفعا نبي اڪرم ﷺ جن پنهنجي راءِ ٻي هجڻ جي باوجود ٻين جو مشورو قبول فرمايو هڪ حديث ۾ آهي ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته دنياوي معاملات ۾ ممڪن آهي ته توهان جي سمجهه ۽ تجربو مون کان وڌيڪ هجي. منهنجي اطاعت صرف ديني معاملات ۾ آهي ۽ ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته رسول ڪريم ﷺ جن جي اصل حيثيت معلم جي آهي. جيئن پاڻ ﷺ جن فرمايو ته ”اني بعثت معلما“ الله تبارڪ و تعاليٰ مون کي معلم بنائي مبعوث فرمايو آهي. مشورو ڪرڻ جي تلقين فرمائڻ سان امت کي اها تعليم ڏيڻ مقصد آهي ته ڪو هڪ شخص عقل ڪل نه هوندو آهي. ان ڪري مشوري سان هميشه انسان کي فائدو پهچندو آهي. خيالن جي ڏي وٺ سان هڪ مسئلي جا عام پهلو واضح ٿي پوندا آهن. ان ڪري آخري فيصلو هڪ طرف نه هوندو آهي. اسلام هڪ جمهوري نظام جو بنياد وڌو هو جنهن ۾ ڪنهن به شخص کي مطلق العنان، بادشاهه يا آمر هجڻ جو حق حاصل نه هو. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته ماڻهن کي انهيءَ تي تعجب ٿو لڳي ته پيغمبر جي مشوري ڪرڻ مان ڇا حاصل؟ ڪاٿي پيغمبر جي بصيرت ۽ ڪاٿي مشيرن جو محدود فهم؟ ليڪن انهيءَ نڪتي کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته مشورو وٺڻ سان ڪنهن وڏي ماڻهو جي تحقير نه ٿي ٿئي. ان جو مثال مولانا رحمت عليه کي عجيب سمجهه ۾ آيو آهي. فرمائن ٿا ته سون کي تورڻ وقت جَوَ جو داڻو يا رتي به سون سان گڏ وزن ڪرڻ لاءِ هڪ ئي پلڙي ۾ يا ٻئي پلڙي ۾ رکبي آهي. ليڪن انهيءَ رفاقت سان سون ۽ جَوَ جي جوهر ۽ انهن جي قيمتن ۾ جيڪو فرق آهي اهو ئي ساڳيو قائم رهندو آهي. سون جي ڪا هتڪ ڪانه ٿي ٿئي ۽ جَوَ کي ڪا عظمت حاصل ڪانه ٿي ٿئي. ادنيٰ ۽ اعليٰ جي شرڪت مشاورت جو به اهو ئي حال آهي. ان کان بعد فرمائن ٿا ته ڏسو خدا تعاليٰ روح کي جسم جو رفيق بنايو آهي. حالانڪ ٻنهين جي ماهيت ۽ قيمت ۾ بي انتها تفاوت آهي. سڄي عالم ۾ لطيف ۽ ڪثيف جو گڏ رهڻ، وجود جي تقاضا ۽ ايزدي مصلحت آهي.

 

روحاني عالم ۽ خاص عقل لفظن جا محتاج نه آهن

 

مولانا رحمت الله عليه هن عقيدي کي ڪيترين جاين تي ورجايو آهي ته روحاني عالم لفظن ۽ بيان جو جهان نه آهي. خالص عقل روحاني عالم جي شيءِ آهي. مگر هتي ماڻهن ان کي لفظن جو محتاج سمجهي ورتو آهي ته جيڪڏهن لفظ نه هجن ته عقل به ٻڙي رهجي وڃي. هيءَ گهٽ درجي جي نفسيات آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته روحانيت يا عقل جو درياهه زبان جي چڪيءَ کي هلائي ٿو ڇو ته هن مادي جهان ۾ هن چڪيءَ جي ضرورت آهي. ليڪن جڏهن هن چڪيءَ جي ضرورت نه رهجي تڏهن به روحاني درياهه بدستور روان رهندو آهي. ان کان مولانا رحمت الله عليه دعا ٿوفرمائي ۽ اميد ٿا ڪن ته اي الله منهنجي روح کي تون وري واپس انهيءَ مقام ڏي وٺي وڃ جتي ڪلام لفظن جو محتاج نه هوندو آهي. اهو مقام جنهن کي مادي وجود کان گهڻو مٿانهون هجڻ ڪري عدم چوندا آهن ۽ حيات جاوداني (هميشه رهڻ واري) اتي ئي آهي. اهو عالم هن مادي عالم جي مقابلي ۾ بيحد ڪشاده ۽ پر فضا آهي. اسان جي خيالن ۽ اسان جي وجود سڀني جو سرچشمو ۽ مصدر اهو ئي آهي. خيالات  انسان کي پريشان ان لاءِ ٿا رکن جو اهو هن تنگ وجود جي مقابلي ۾، جنهن کي عدم ٿا چون. نهايت تنگ ۽ محدود  آهن، ان ڪري انساني روح کي ان سان تسلي نه ٿي ٿئي ۽ تنزلات جو سلسلو اڃا به هيٺ هليو ٿو وڃي. جنهن کي اسين هستي ٿا چئون. اها خيال کان گهڻو تنگ آهي. جتي محسوسات ۽ رنگ جي هستي ته ايتري تنگ آهي جو اهل دل کي قيد وانگر محسوس ٿي ٿئي. محسوسات جي عالم ۾ مختلف قسم آهن. ان ڪري هي عالم توحيد کان گهڻو پري  ٿي ويو آهي. امر ”ڪن“ عالم امر ۾ هڪ فعل تمام ڪشاو هو، پر عالم خلق ۾ اچي اهو ڪاف ۽ نون جو مرڪب بنجي ٿو وڃي.

 

فنا ۽ بقا- تخريب ۽ تعمير

 

 زندگي جو هي آئين آهي ته ترقيءَ جو ڪوبه قدم ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ کان سواءِ نه ٿو هلي سگهي. هڪ حالت مان ٻي حالت ۾ عبور هن جي تقاضا آهي. ماءُ جي پيٽ واري حالت کان شروع ڪري وري ان کان پوءِ ننڍڙائپ ۽ جواني ۽ وري ڪراڙپ جي طرف عبور هڪ انقلاب (تبديليءَ) ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪاوش هوندي آهي ۽ جيڪو هن لازمي ڪاوش کان گهٻرائي ٿو خواه هڪ فرد هجي يا هڪ قوم اهي بيڪار بنجي پوندا. انهيءَ ئي مضمون کي عارف رومي رحمت الله عليه بار بار نئين انداز ۾ نين تشبيهات سان بيان ڪيو آهي فرمائن ٿا ته ڪڻڪ جي داڻي کي پهريائين زمين ۾ دفن ڪيو ويندو آهي. ليڪن اهو ڪجهه ڏينهن صبر ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اندر مان گونچ ڪڍڻ شروع ڪندو آهي. ته پوءِ فنا کان بقا جي طرف قدم کڻڻ شروع ٿو ڪري. ڪڻڪ جو داڻو جڏهن فصل جي صورت ۾ سئو داڻا پيدا ٿو ڪري ته پوءِ وري هڪ ٻي آزمائش جو مقام ٿو اچي. جڏهن ڪڻڪ کي چڪيءَ ۾ پيهي اٽو ٿو بنائجي. جيڪڏهن ڪڻڪ ۾ اسان وانگر شعور هجي ته هوءَ ان قسم جي فعل کي ظلم ۽ موت جو پيغام سمجهي. ان کان پوءِ ان اٽي مان ماني ٺاهبي آهي، جنهن کي باهه تي پچايو ويندو آهي. مانيءَ جي پچي وڃڻ کان پوءِ به ترقيءَ جون منزلون اڃان رهن ٿيون. مانيءَ کي انسان پنهنجي ڏندن سان چڱي طرح چٻاڙي پيٽ جي سپرد ٿو ڪري. جتي هاضمي جو عمل شروع ٿو ٿئي. ان کان پوءِ اها ماني بدن جو حصو بنجي انساني شعور ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي يا ائين چئجي ته داڻو ان منزل تي پهچي داناءُ ٿي پيو يا لقمو لقمان بنجي ويو. جڏهن زندگيءَ جي ارتقاءَ ۾ بقا بعدالفنا جو هيءُ ئي طريقو آهي ته پوءِ عبوري دور ۾ وقتي ڪاوش ۾ مصيبت کان گهٻرائڻ وارو انسان ڪيترو نه بصيرت کان محروم هوندوآهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته هي سلسلو فنا ۽ بقا ۽ ترقيءَ جو هتي ختم ڪونه ٿو ٿئي. بلڪ هيءَ هوشمند جان جڏهن الله تبارڪ و تعاليٰ جي عشق ۾ محو ٿي وڃي ته روح جي هاريءَ کي نهايت خوش ڪرڻ وارو فصل حاصل ٿو ٿئي. هيءَ محويت شروع ۾ هڪ سڪر جي حالت ٿي معلوم ٿئي. ليڪن ان کان پوءِ هڪ عجيب قسم جو شعور بيدار ٿو ٿئي، جنهن جو فيض صرف ان الله جي عاشق تائين محدود نه رهندو آهي، بلڪ هڪ قوم ۽ جهان جي زندگيءَ ۾ صلاح ۽ فلاح پيدا ڪندو آهي. هي نبوت جو شان آهي، جنهن ۾ سڪر جي حالت نه ٿيندي آهي. بلڪ ڪمال درجي جو صحو هوندو آهي.

 

عملن جو تحفو

جڏهن انسان سفر کان واپس ٿي ڪجهه عرصي کان پوءِ دوستن سان ملڻ وڃي ته ان  کي ڪجهه نه ڪجهه تحفو يا سوغات پاڻ سان کڻي وڃڻ گهرجي. هٿين خالي وڃڻ ائين آهي جيئن ڪڻڪ کڻي وڃڻ کان سواءِ اٽي جي چڪي يا ڪارخاني تي وڃڻ. حشر ۾ به الله تعاليٰ پڇندو ته ڪهڙو تحفو ايمان ۽عملن جو کڻي آيا آهيو؟ انهيءَ ڪري نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته دوستن کي پاڻ ۾ تحفا ڏيڻ گهرجن. ڇو ته ان مان محبت ۾ اضافو ٿو اچي. زندگيءَ ۾ ڪجهه عبادت ۽ خلق جي خدمت لاءِ ايثار ڪندا ڪيو. ته جيئن خدا جي سامهون تحفو پيش ڪرڻ جو سامان مهيا ٿي سگهي.

 

لاخوف عليهم ولا هم يحزنون

قرآن ڪريم ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ نجات حاصل ڪندڙ خدا رسيدهه اولياء الله جي هڪ صفت کي بار بار دهرايو آهي ته هي خوف ۽ جزن کان مٿانهان هوندا آهن. نه ڪنهن شيءِ کان ڊڄندا آهن ۽ نه غم ۾ مبتلا ٿيندا آهن. مگر انبياءِ ڪرام عليهم السلام ۽ اولياءِ الله جي حالات مان معلوم ٿو ٿئي ته هو هر حالت ۾ ته خوف ۽ غم کان مٿانهان نه رهيا. ان جو جواب هي آهي ته انبياء ۽ اولياء بشر هوندا آهن ۽ جيستائين اهي بشري جامي ۾ هوندا آهن. بشري جبلتن کان بلڪل الڳ نه ٿا ٿي سگهن. ها فرق هي هوندو آهي ته جنهن قسم جو خوف عام انسانن تي طاري ٿي ويندو آهي. مثلا مال جي ختم ٿي وڃڻ جو خوف، دنيا جي سامهون ذليل ٿيڻ جو خوف وغيره اهڙي قسم جا خوف هنن تي حاوي نه ٿيندا آهن ۽ هي ڪيفيتون هنن جي نفس تي قابض نه ٿينديون آهن. عام ماڻهو پنهنجي پٽ جي موت تي اهڙي طرح بيحال ٿي ويندا آهن جو سندن سڀ قوتون مفلوج ٿي پونديون آهن. خدا سان شڪايت ڪندا آهن. انهن جي اکين جي اڳيان انڌيرو ڇانئجي ويندو آهي ۽ هو محسوس ڪندا آهن ته هاڻي زندگيءَ ۾ ڪجهه به نه رهيو آهي. اهڙي حالت اهل دل تي طاري نه ٿيندي آهي جيڪڏهن ڪنهن خوفناڪ شيءِ کان بشري تقاضا جي ڪري سراسري خوف جي ڪيفيت پيدا ٿئي ته لاحول ولا قوت الا باالله ۽ لا غالب الا الله جو يقين فورا ان تي غالب اچي ٿو وڃي. اهل دل جا روح دنياوارن ۽ ضعيف ايمان وارن ماڻهن وانگر مجروح نه هوندا آهن. خوف ۽ غم انهن جي شعور جي سطح تي ڪجهه لهرن پيدا ڪندو آهي. ليڪن دل جي گهراين کي متاثر ڪري نه سگهندو آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته جيڪڏهن توهان اهل دل کي ڪنهن دشواريءَ ۾ مبتلا ڏسو ته اهو نه سمجهجو ته اهي توهان وانگر ور وڪڙ کائيندا هوندا. هي ٻئي حالتون انبياءِ ڪرام تان فورا گذري وينديون آهن. انهن جو مثال جبل وانگر آهي. جن سان سٺا ۽ خراب آواز ٽڪرائبا آهن ۽ صدائي بازگشت پيدا ٿيندي آهي. ليڪن جبلن کي انهن جي خبر به نه هوندي آهي. خوف ۽ غم جو انبياءِ ڪرام جي ذات سان ٽڪرائجڻ اهڙي قسم جو آهي. روح جي گهراين ۾ انهن جي حالت ”لاخوف عليهم ولا هم يحزنون“ ئي رهندي آهي. اهل الله جي حالت به هر وقت هڪ جهڙي نه هوندي آهي. ڪڏهن عارضي طرح بشريت جي طرف ميلان ۾ حقيقت پرده پوش ٿي ويندي آهي ۽ ڪڏهن سيني جي وسعت ۾ زمين ۽ آسمان جون حقيقتون کلي پونديون آهن. ان جي متعلق سعدي رحمت الله عليه لکيو آهي ته ڪنهن شخص حضرت يعقوب عليه السلام کان پڇيو ته حضرت هي ڇا معاملو آهي جو مصر کان گهڻو پري اوهان يوسف عليه السلام جي پيراهڻ جي خوشبو سنگهي ورتي ۽ کوهه ۾ پيل يوسف عليه السلام اوهان کي نظر نه آيو؟ حضرت يعقوب عليه السلام جواب ڏنو ته اسان جي حالت هڪجهڙي نه رهندي آهي ڪنهن وقت اک ڇنڀ ۾ سڀ ڪجهه روشن ٿي ويندو آهي ۽ ڪڏهن انڌيرو. جيڪڏهن اهي بلند حالتن هميشه قائم رهن ته اسين بشريت جي عالم کان پاڪ ٿي وڃون مگر مشيت جي تقاضا اها نه آهي.

 

ڪمال جو گمان ترقيءَ ۾ مانع آهي

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته ترقيءَ جو مدار نفس جي احساس ۾ آهي. جڏهن ڪو شخص هي سمجهي ته مون ۾ اڃا فلاڻي علم، هنر يا اخلاق جي معاملي ۾ ڪجهه گهٽتائي آهي ته اهو ترقيءَ جو پهريون قدم آهي ۽ جتي ڪنهن کي پنهنجي ڪمال جو گمان پيدا ٿيو اتي ان جي ترقي رڪجي ٿي وڃي بلڪ زوال شروع ٿي ٿو وڃي. زندگيءَ جو اصول يا اڳتي وڌڻ يا پوئتي هٽڻ آهي. ڪوبه انسان ڪنهن هڪ حالت تي قائم نه ٿو رهي سگهي،. ابليس کي تڪبر ئي شيطان بنايو. آدم عليه السلام جي مقابلي ۾ ”انا خير منه“ (مان ان کان بهتر آهيان) ان جي زوال جو سبب ٿيو. انسان جو نفس هڪ فريب انگيز شيءِ آهي. ڪنهن ڪنهن وقت انسان کي ڌوڪي ۾ ٿو وجهي ڇڏي ته بس هاڻي منهنجي تقويٰ محفوظ ٿي وئي آهي. شيطان مون کان پري ٿي ويو ۽ هاڻي ڪنهن به قسم جي لغزش جي گنجائش ڪانهي. ليڪن اهوئي اطمينان انسان کي خراب ٿو ڪري. جيستائين بشريت موجود آهي، بشر سان گڏ شر جو امڪان موجود آهي. ان جو مثال مولانا رحمت الله عليه هي ٿا پيش ڪن ته تلاءُ يا نهر جو پاڻي تمام گهڻو صاف ٿو نظر اچي. جيئن ئي ان جي تر ۾ ڪا جنبش ٿي ته تر جي مٽيء ۽ غلاظت سڄي پاڻيءَ کي گدلو ۽ غليظ ڪري ٿي ڇڏي. اهوئي حال انسان جو آهي. آزمائشون ۽ امتحان ۽ مخصوص قسم جون حالتون ۽ معاملا نفس جي لڪل خباثتن کي بيدار ڪري ٿا ڇڏين ۽ اهو انسان پنهنجو پاڻ کي نهيات پاڪيزه ۽مقدس سمجهي اهڙن افعالن ۾ ڦاسجي ٿو پوي جنهن تي ٻيا ماڻهو حيران ٿا ٿين ۽ پاڻ به نهايت پشيمان ٿو ٿئي. سبب اهو آهي ته ان جي فطرت جي تحت الشعور ۾ اڃا غلط رجحان ۽ شهوتون لڪل هيون، جن جو هن کي پاڻ به علم نه هو. تلاءَ ۾ غلاظت موجود هئي، جيڪا امتحان جي جنبش سان سطح تي اچي وئي ۽ سڄي روح کي ميرو ڪري ڇڏيائين. نفس جي انهن لڪل ميلانن جي خبر وٺڻ پنهنجي لاءِ ڏاڍي ڏکي آهي، بلڪ ناممڪن آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته نهر خود پنهنجي صفائي نه ٿي ڪري سگهي. تلوار خود پنهنجي هٿن کي نه ٿي ڇلي سگهي. پراڻن ۽ گهرن زخمن جو علاج جراح کان ئي ڪرائبوآهي. اهڙي حالت ۾ هڪ ماهر نفسيات مرشد جي هدايت لازمي ٿي وڃي ٿي، جيڪو اندر جون لڪل چوريون پڪڙڻ جو ماهر هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com