سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: سچل جو سنيهو

باب: --

صفحو : 9

انتخاب

 حصو پهريون

بيت

وحدت ۽ ڪثرت

(1)

هڪ سفر ساعت، ٻيو سفر سال جو،
پهريون تا راحت، پويون تا پوءِ رهيو.

 

(2)

جڏهن وهين فڪر ۾، خاصو ڪري خيال،
تڏهن فرق وارا في الحال، بند ٻڌندءِ وچ ۾.

 

(3)

حڪم هلي ٿو جنهن سان، سو ڪر پيدا پاڻ،
صورت سان سڃاڻ، منهن ڪري مورت کي.

 

(4)

تون هي سان تون لڀين، مان لڀان تو سان،
تون، هي، آءٌ سڀهين، لا ۾ موجودات ٿي.

 

(5)

جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي،
جاڏي مهاڙي، سجدو تت صحيح ٿيو.

 

(6)

جيڪي آهي هـِـتِ، هـُـتِ به اُهوئي اَٿئي،
ڀـَـڃُ اهائي ڀـِـت، تان تون اهوئي رهين.

 

(7)

جهڙو آهين تهڙو هوندين، فاني ٿيندين ڇا؟
سـُـڌ پنهنجي سـِـرَ جي، ڪامل پـَـيڙءِ ڪا،
ڳالهه نه سمجهيءِ سا، آوازي
اَناالحق جي.

 

(8)

سچل سارو سچ ٿيو، منجهان ڪثرت ڪل،
الف مون آدم ٿيو، ڪري هنگامو هل.

 

(9)

اَچي اوتڙياءُ، گهڙيس گهوري جندڙي،
چڙهيس ڏاڍي چاهه مئون، مستي موج مٿا
ءِ،
تڙ لهي تڙڀاءُ، شرط لنگهي پيس شهه ۾.

 

(10)

ماٺ ڪريان تان مـُـشرڪ ٿيان، ڪـُـڇان تان ڪافر،
انهيءَ وائيءَ ور، ڪو سمجهي
سچيڏنو چوي.

 

(11)

مـَـچُ مچايو من ۾، ٻاڦ نه ٻهر وجهن،
وتن ويڳاڻا ورهه ۾، نيڻين ننڊ نه ڪن،
سڏڪا ڏيئي سورجا، ڀني رات ڀڻن،
پنهنجي پر ۾ پاڻ کي، ٿا پر تئون پچائين،
سکيو ساميئڙن، عشق اهو سڀ آويءَ کان.

 

(12)

حدين وڃي هرڪو، لاحد وڃي پير،
سچو سو فقير، جو حد لاحد لنگهي وڃي.

 

(13)

پاڻ وڃائي پاڻ، ڳولهي لهج پاڻ کي،
پاڻ منجهان ئي پاڻ کي، پوندي ڄاڻ سڃاڻ،
مکڻ اَکر هيڪڙو، سوئي کير سنڀاڻ،
اهو اَٿئي اَهڃاڻ، ڳهلا انهيءَ ڳالهه جو.

 

(14)

ڏيو ٻاري سج کي، ٿي ڏاهرين ڏٺو،
کـٽو ۽ مـٺو، چرين ساڳي چت ۾.

 

(15)

هڪڙو ڏٺم موج ۾، تهن ۾ مير ملاح،
مڇيون مارن اوچتي، بانڪا بي پرواهه،
لهر بحر جا حاڪم ڄاڻي، شور يا وتن شاهه،
هنڌ سنڌ تي فلڪ نه آڻن، مارن ملڪ سپاهه،
وائڙا رکن تن مٿان، ويچارا ويساهه،
آسرا اَڌيـئن جا، آهن منجهه الله،
ڏيئي پاند پناهه، رکي وٺندو راڄ کي.

 

(16)

قوس قزح ڪمان، ابرو عجيبن جا،
ضرب ظلم جي زور سان، اڇلن الامان،
سل هڻن ٿا سيني ۾، پنبڻين جا پيڪان،
نيزا نيهه نشان،
سچل سرها ٿيا.

 

(17)

ڪجا ڪج محراب، منهن تي محبوبن جي،
ڏنگا ونگا واهه واهه، مصحف جا اعراب،
سٽون سيپارن جون، پڙهڻ ٿيون ثواب،
برهه سندا باب،
سچل سڀ ختم ٿيا.

 

(18)

ساقي ڏيج سـُـٺي، سـُـرڪ صراحيءَ مان ڪڍي،
پڪ پيارج پارکو، محبت جي مٺي،
پيڻ سان پٺي، پاڻ ڏيان جيئن پاڻ کي.

 

(19)

قطرا آب عرق، سونهن سڄڻ منهن تي،
جرڪن جهلڪن ٿا ائين جيئن پـَـنين ماڪ مرڪ،
داتا ڪَـنَ درڪ، دل ۾ درديلن جي.

 

(20)

مصحف پاڪ چوان، مـُـنهنڙو محبوبن جو،
آيتون منجهه عشق جون، مطالع ڪيان،
قاري اَچي ڪو پڙهي، هـِـجي هيءَ روان،
حرف سڀ سنوان، ڏنگو ڏسان ڪينڪي.

 

(21)

گوندر گـُـهمي جي لهان، تان سک سوين ساڙيان،
آءٌ پڻ ڪيئن پاڙيان، ڏک سکن سان سرتيون.

 

(22)

اُتران اوري، ڪئي چمڪڻي چمڪاٽ،
اُتان ڪيائين اوچتي، لس ٻيلي تي لاٽ،
منڊل ٿيا مڪران تي، گوڙن جا گڙ گاٽ،
ڪڪرن مٿان ڪيچ جي، ڦڙڪي کاڌا ڦاٽ،
وري ورتئون واٽ،
سچل سائي سنڌ جي.

 

(23)

سچل سائي سنڌ جي، وري ورتئون واٽ،
جهڙ ڦڙ جهلي آئي، جهٽڪو ڏيئي جهاٽ،
وسي پيا وڏڦڙا، گهيڙ پـُـسائي گهاٽ،
لاٿي اُڃ اُساٽ، سارنگ سنگهارن جي.

 

(24)

سارنگ ساري رات، رڻن مٿي ريج ڪيا،
پکن پرڙا سوئيا، پرهه ڦٽي پرڀات،
پٽن تي پڌرا ٿيا، گل ڦل ڀاتون ڀات،
وائي سڀ ڪنهن وات، “سچل” سارنگ ساٺ جي.

 

(25)

وات ڪري وائي، اَڄ پڻ ڪانگ قريب جو،
ڪي جو چيائين چنهب سان، تنهنجي لـڇ ڏاڍي لائي،
اَندر کي آئي، ڄڻ ڄر ڄيري سندڙي.

 

(26)

سـرَ سنواريو سـِـرَ کي، سـِـرَ سنواريو سـُـرُ،
جو آهي سورٺ وَرُ، سو ڏيڻ کان ڪٿي ڏري.

 

(27)

ڀانَ ويهي پنئيءَ، تو تندڙي تنواري،
ماري وري منڱـتا، تو جندڙي جياري،
گهر ته ڏيان ڏوليون، موتن مهاري،
پرهه جو تو پريم جي، آءِ پڪڙي پياري،
مافا وٺ هي موتئين، جڙاءِ جواهري،
سلطنت ساري، سالڪ تو صدقي ڪريان.

 

(28)

آهيان سوالي سر جو، گهوٽ نه گهرجي راڄ،
مڱتو نا محتاج، ماڻڪ موتي مال جو.

 

(29)

سورٺ مٿان منڱتي، گهوران ٿي گهوري،
رپا سون سبيل وٺ، تارازيءَ توري،
مٿو وڃ نه منڱـتا، محبوبن موري،
لائق نه هڪ ٿوري، سورٺ تنهنجي سپرين.

 

(30)

وهين وهل لپيون، ٿي پيٽ پاريا تن پانهنجا،
ڏنيون ڏٿ ڏپ جون، ٿي جهٻيرين جهپيون،
ککيءَ خاطر ڌٻيريون، ڌٻڻ منجهه ڌٻيون،
جي کائن پٻڻ پپيون، سي چـُـوريءَ تي چريون ٿيون.

 

(31)

هين لڱين ليڙيون، مـُـنهن نه موچاريون،
سي ٿو ڄام وهاري وٽ ۾، ڪري ملاحن ميڙيون،
ٿو ڀڳيون جوڙائي ڏي، ٻهڳڻ تن ٻيڙيون،
وٺن ماڻڪ موتئين، تنهن کئون جهٻيون ۽ جهيڙيون،
توڙي اَهڙيون اَويڙيون، ته ڀي سمي ڄام سـُـهاڻيون.

 

(32)

پارس لڳي سون ٿيون، لوهاڻيون لوريون،
جهل جهڳن کي ڪانه ڪا، وريون ۽ ويريون،
محلين رهن مير جي، مـُـهاڻيون ميريون،
سمي ڏنا سهاڳ کي، سهج ۽ سيريون،
ڪوجهين مان سهڻيون ٿيون، جهٽ پٽ جهٻيريون،
تماچي تيريون، ڪينجهر جون ڪـِـنيون کڻي.

 

(33)

لانگوٽيون لاشيون، هيون وهه وهل جي وچ ۾،
سي پلئه لڳي پوءِ ڄام جي، ٿيون خوراڪين خاشيون،
لعلن ياقوتن جون، وٽن ڪينهن ڪماشيون،
جن پاسا هريل پن تي، تن فراشين فراشيون،
تا ڀي تماچيءَ کي، ڪن طرحين تلاشيون،
روءِ هيون راشيون، پر سمي ڄام سهاڻيون.

 

(34)

مـُـهاڻي جي من ۾، نه هو گيرب گاءُ،
نيڻن سان ناز ڪري، ريجهايئين راءُ،
سمو سڀني کانءُ، وٺي ويٺي پاڻ سان.

 

(35)

ڪيچئون اَچي قافلو، مون وٽ ٿيو مهمان،
سچل ساري ساٿ جو، مون آرياڻي اڳوان،
موليٰ مهربان، نڌر نماڻيءَ تي ٿيو.

 

(36)

گولئين گڏيندياس، پورهئي ڪارڻ پاڻ کي،
پنهنجي تان پرينءَ کي،
سائين سڏيندياس،
ڪنهن ڇن نه ڇڏيندياس، ههڙن هوتياڻن کي.

 

(37)

پورهيت ڄام پنهونءَ جي، اَصل کئون آئين،
تون گولن سندي گولڙي، هو سندءِ ٿيا سائين،
ڪاپو ڪمائين، ڪـُـلو ساري ڪيچ جو.

 

(38)

ڍوليا تو لئه ڍٽ ۾، آءٌ وتان ويڳاڻي،
راتيو ڏينهان اوتيان، پنبڻين مان پاڻي،
لٽا مون ليڙيون ٿيا، هيءَ پوتي پراڻي،
ته به راڻي جي راڻي، سرتيون سڏن ساڻيهه ۾.

 

(39)

ڳئون چاريندس ڳوٺ جون، ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ،
اها روح رهاڻ، من ڀي ميلي محب سان.

 

(40)

ريجهي روح رانجهي سان، کيڙو کپڙ تال،
وڌؤن وجهي وچ ۾، چوچڪ ڏسي چنڊال،
مادر مهڻا ججها، جهيڙي جهنگ سيال،
مٺو مون مهوال، مون کان مور نه وسري.

 

(41)

جوڳي آيو جـُـوءِ ۾، مرڪڻو مڻدار،
مرليءَ مستانا ڪيا، جنهن جي لک هزار،
ڪاريهر ڪردار، نيلا ناٿ نوائيا.

 

(42)

ور وٽا ويڙهيچن جا، اهي موتئين مالهڙيون،
راس نه اَچن روح کي، ٿالهه ۽ ٿالهڙيون،
سنگهارن جون سومرا، چڱيون چالڙيون،
جو فخر ڦوڪي سنديون ڪن دانـَـهـَـه دالڙيون،
ورسي لويون لاک جون، ٻن شال ۽ شالڙيون،
اَٺئي پهر آهن اکيون، منهنجيون عمر آلڙيون،
ڪامل تنهنجي ڪوٽ ۾، وجهان ملڪين ڦالڙيون،
شال سڻندو سو ڌڻي، مون نڌر نالڙيون،
وڃي ڳـُجهيون ڳالهڙيون، ڪندس سرتين ساڻ ساڻيهه ۾.

 

(43)

هت ڏين مارو ڏاج ۾، ڄاڻي ڄارڙيون،
پيون آهن سڀ کي، اهي ويڙهيون وارڙيون،
سي چونڊن پيون پرهه جون، نائي ڏارڙيون،
وجهن گوندن سنديون، ڳچيءَ ڳارڙيون،
پوءِ کنيو کارڙيون، وڃن لوئڙ ياريون لوءِ ڏي.

 

(44)

عمر اَڇا ڪپڙا ڪاڻياريون ڪن ڪيئن،
جهڙي آيس جيئن، شل تهڙي مارن ڏي وڃان.

 

(45)

ڪچو سچو ڪين ٿي، توڙي اَچي رنگ،
سچي سندي سنگ، ڪچا سچا ٿي ويا.

 

(46)

هڻي هڻي هچ ٿي، هٿ ٿيس هيڻا،
سپاريائين
سچو چوي، لاکي کي ليڻا،
ٻـُـڏنديءَ جا ٻيڻا، ساهڙ ڪيا سير ۾.

 

(47)

دلي سا هئي دل، دادليءَ دلير جي،
انهيءَ ڏنس اوچتي، جل اندر اجل،
ڪل نه هوئي ڪنڀار کي، ته خاڪيءَ منجهه خلل،
مٽيءَ جو محل، پـُرزا پاڻيءَ ۾ ٿيو.

 

(48)

جي تون مارڳ تي مرين، وڏا طالع تو،
سانول ساڳي سو، مٿان تو هٿ ڏي.

 

(49)

آڻي ڪانگ ڏنياس، ڪتابت قريب جي،
پـَـهو ڪتيندي پـَـٽِ پيس، ڇوهون تندُ ڇٽياس،
ڀيڄون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چـِـڪَ ۾.

 

(50)

سـَـنيها جي سڄڻان، سي ساري ڏنائين،
اِئين اُتائين، ته پاڻُ نه آڻج وچ ۾.

 

------

 

حصو ٻيو

ڪافيون

(1)

هيڏي هوڏي نه نهار،
تنهنجي ويڙهي سو يار وسي ٿو.

 

1. ساڻ سدا آهي تان تنهنجي،

 

پرين نه آهي ٻي پار.

 

2. ڦولهي لهج پاڻ مان،

 

ڇو ٿو وڃين وڻڪار.

 

3. وفي اَنفسکم اَفليٰ تبصرون،

 

ويجهو ڪيم وسار.

 

4. پرين نه پڇج پنڌڙا،

 

تون سچل پاڻ سنڀار.

 

(2)

ڀول نه ٻي ڪنهن ڀل،
تون ته آدم ناهين.

 

1. لڪو ٿو لاتيون ڪرين، جيئن باغ اندر بـُـلبل.
2. مـَـلڪن ٿي سجدا ڪيا، واه مٽي تنهنجو مـُـل.
3. ڪير ٽپائي ڪير ڪـُـڏائي، شاه بنا دلدل.
4. احد منجهارئون اَحمد سڏايئه، هئين تا پاڻ اَصل.
5.
سچل چوي سچ ٿي آئين، ڪونهي تنهنجو تـُـل.

 

(3)

جيئن سج آهي پريشان،
سوئي ڳولي سج کي.

 

1. مڇلي جيئي آب سان، آب پڇي طغيان.
2. تارو پڇي نجم کي، موج پڇي مهراڻ.
3. ڦڙي پڇي مينهن کي، شاه ڳولي سلطان.
4. هو مڙيئي پاڻ ٿيو، ڪير ٿيا حيران.
5.
سچو جي صفت ۾، اهو باريءَ ڪيو بيان.

 

(4)

عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي،
عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.

 

1. برهي جي اک ببيني، ڪائي مثال چيني،
توڙي رنگون رنگيني، چينيءَ جي مٽ نه ڪاسي.

 

2. گل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي،
عاشق ڏسڻ کئون ڪاٿي، رهندو پتنگ پياسي.

 

3. صورت ۾ جاءِ دم جي، دم ريءَ نه صورت ڪم جي،
دم ۾ جا لذت غم جي، وه واه ڳالهه خاصي.

 

4. ابليس جي وڏائي، هر سانس تي سوائي،
جيوڻ ته دم ڀلائي، نه ته تحت نحس ناسي.

 

5. ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري،
وحدت جنين وساري، تن تن مٽي اڻاسي.

 

(5)

پاڻ پنهون آءٌ آهيان، اَڙي ڀينر ڀلي ناهيان.

1. ٿيون منڪر ڳالهه انهيءَ کئون،

 

چؤ تڏهن ٻيو ڇاهيان.

 

2. ڪيچ ڀنڀور ڀي وسنوَ اَسانجي،

 

ڪهڙي طرف آءٌ ڪاهيان.

 

3. هر ڪو چوي تاسهسين عاشق،

 

نانءُ پاڻ ئي تون لاهيان.

 

4. هـِـت هـُـت آهي صورت منهنجي،

 

ٺاهه نه ڪو ٻيو ٺاهيان.

 

5. پنهنجو پاڻ ئي سان يار،

 

”سچو“ ڙي، نينهن اهوئي لايان.

 

(6)

محبوب ڳولهي ڏس من ۾،
من ۾ اٿئي سو تن ۾.

 

1. واهه ڪاريگر ساز بنايئي،

 

”ڪـُـن فڪيون“ جي ڪن ۾.

 

2. بي فائدو بازار گهمين ٿو،

 

گل ڦل باغ بدن ۾.

 

3. چوريءَ چوريءَ سير ڪرين ٿو،

 

تنهنجو چاهه چمن ۾.

 

4. ”سچل“ سائين صحي ڪري ڄاتم،

 

يار گڏيو ڪک پن ۾.

 

(7)

چؤ ميان عشقا ڪيئن، تون سوين سيل بنائين ٿو!
يا تون آهين ذات ديوانو، جو ڪيڏا ٺاهه ٺاهين ٿو.

 

1. ڪاٿئين مـُـلا قاضي تون،

 

ڪاٿئين سيد سڏائين ٿو.

 

2. ڪاٿئين مغ برهمڻ تون،

 

ڪاٿئين ٻانگ ٻڌائين ٿو.

 

3. ڪاٿئين مـُـنهن ۾ محراب،

 

ڪاٿئين تلڪ لائين ٿو.

 

4. ڪاٿئين تسبيحان تون سورين،

 

ڪاٿئين جڻيان پائين ٿو.

 

5. ڪاٿئين پيرين آهين پيادو،

 

ڪاٿئين بور بـَـڇائين ٿو.

 

6. ڪاٿئين منبر واعظي،

 

ڪاٿئين پوٿيون پٽائين ٿو.

 

7. ڪاٿئين زربفت قبائون،

 

ڪاٿئين ليڙان لڙڪائين ٿو.

 

8. ڪاٿئين ڏيئي شرعي فتويٰ،

 

ڪاٿئين منصور مارائين ٿو.

 

9. ڪاٿئين هنومانُ ڪوٺائين،

 

ڪاٿئين ڏهيسر ڏسائين ٿو.

 

10. ڪاٿئين ٿئين رام يا سيتا،

 

ڪاٿئين لڇمڻ لکائين ٿو.

 

11. ڪاٿئين نمرود ابراهيم ٿي،

 

ڪيئي بيک بنائين ٿو.

 

12. ڪاٿئين ٿي فرعون يا موسيٰ،

 

سڀ صورت ۾ سمائين ٿو.

 

13. ڪاٿئين ٿي بادشاهه ملڪ جو،

 

سارو ديس دَٻائين ٿو.

 

14. ڪاٿئين ٿئين غرض گدا گر،

 

ڪاٿئين ٽوليون ٽڪائين ٿو.

 

15. ڪاٿئين مفتي تون “خدائي،

 

ڪاٿئين ’اَنا الحق‘ فرمائين ٿو.

 

(8)

حڪم تنهنجو ٿو هلي،
پر ڏوهه پاڻ ئي کي ڏيان!

 

1. آهي فـَـعال لـِـمـَـا يـُـريدُ،

 

نانءُ هيءُ ڪاڏي نيان؟

 

2. آهي وَ بي يـَـنطق و بي يـُـبصر،

 

تر نه توريءَ جيان.

 

3. جاڏهن آچي ظاهر ٿئين،

 

هل هيج مان تاڏي هيان.

 

4. يرجع اِليٰ اَصلـه“،

 

سڻ مام هيءَ موهان ميان.

 

5. گمنام غمزي ۾ ڪرين،

 

ساڳيو سچل سوئي ٿيان.

 

(9)

پـُـڇو نه مـُـنهنجي ذات،
جوئي آهيان سوئي آهيان.

 

1. اَچڻ اَسانجو ٿيو اتاهين، جاتي ڏينهن نه رات.
2. ظاهر آهي زبانئون منهنجي،
الاقرب سندي ڪلمات.
3.
سچل سر سهي ڪيو پنهنجو، عشق منجهان عشقات.

 

(10)

ٻيو ڪو ڄاڻڻ محض گناه، هر ڪنهن صورت آپ الله.

1. ڪٿي گدا گدائي والا، ڪٿي شاهنشاه.
2. دونهان ڏيک متان ڪو ڀولي، اولي ابر ماه.
3.
ونفخت فيـه من روحي آهي، سهي ڪر ساه.
4. خلق الاشياءَ فهو عينها، اهو قول گواه.
5. صورت منجهه
سچل جي، ٻولي پاڻ ئي بيپرواه.

 

(11)

دم دم جا ديدار، وو، اَپر اَسانجي نار تي.

1. بگا ڏاند ٻڌائون ٻيئي،
تن جي ڳالهه ڪريان آءٌ ڪيهي،

 

وهن ڌارو ڌار،
ڳاڌيءَ جي ڳٽڪار تي.

 

2. ڀاروني هڪڙي، چڪريون ٻيئي،
ارا انهن جا آهن اهيئي،

 

وهن بارو بار، وو،
لٺ واري للڪار تي.

 

3. ڦرهيون ونگڙيون، آهن اوڀاريون،
اڙيون سونهن مال موچاريون،

 

جهلڻ جا جهلڪار، وو،
لوٽن واري ڌڌڪار تي.

 

4. ڍڍي چونڪ جوئر جا نسري،
ڳنا تنهن جا ماکي مصري،

 

کيرن جا به خمار، وو،
آهن پيهي واري پونجار تي.

 

5. ڪانگ ڪانگيرو، وهين واهيرو،
ڪٻرن ڳيرن ڪيو اَچي گهيرو،

 

ڳوڙهن جا وسڪار، وو،
جهرڪن جي جنسار تي.

 

6. آيو نيسر پڙڇ ۾ پاڻي،
مرشد اَچي ٿيڙم ساڻي،

 

سا جوئر پچايم جار، وو،
آهن ڪم
سچل جا ڪلتار تي.

 

(12)

نه مان مريد نه مان پير،
ساري فقر جو فقير.

 

1. نه مان حاڪم، نه مان ظالم،

 

آهيان اُمت جو اَمير.

 

2. نه مان طاعت، نه مان تقويٰ،

 

آهيان وره جو وزير.

 

3. نه مان گهمڻ، نه مان گهتڻ،

 

آهيان عشق جو اَسير.

 

4. نه مان ڪـُـڇڻ، نه مان پـُـڇڻ،

 

آهيان دوست ليءِ دلگير.

 

5. سچو ٻـَـڌو محڪم سر تي،

 

محبت جو مندير.

 

(13)

اسين آهيون! ڇا اَسين آهيون؟
ٻيلي، نه ٿا ڄاڻون، ڇا اَسين آهيون.

 

1. ذري باران برساتيون لايون،

 

ذري ٻرن ٿيون وڏيون باهيون.

 

2. ذري پڙهون ٿا نمازان روزا،

 

ذري لوچَ مٿي تون لاهيون.

 

3. ذري چئون ٿا آهيون اَسين ئي،

 

ذري چئون ٿا اَصل ناهيون.

 

4. ذري آرام آهي من دل کي،

 

ذري وهايون نيڻئون واهيون.

 

5. ذري چئون ٿا اَسان پاڻ سڃاتو،

 

ذري چئو ٿا اَسين ڇاهيون.

 

6. سچو اَصلئون سوئي آهين،

 

ٺاهه هتي ٻيو ڪيهو ٺاهين.

 

(14)

مون ۾ عيب اَپار،
سڄڻ تنهنجي ٻانهڙي آهيان!

 

1. ٻانهن جي آءٌ ٻانهي آهيان،

 

ساري سڀ ڄمار.

 

2. هئان هميشه هوت سان،

 

شال نه ٿيان ڌار.

 

3. هيءُ سر صدقي تو تئون،

 

سـِـسي ساڻ ڪپار.

 

4. اوڇڻ ڪنديس اکيون،

 

پٿر ڪنديس وار.

 

5. ساه سچو جو سوگهو ڪيڙو،

 

رکي ياراڻو يار.

 

(15)

مانَ پرينءَ پهچائي، هي نياپو ڪو نيئي!

1. ڳـِـچيءَ پائي ڪپڙو، پاڄياڻيءَ پرچائي،

 

حال ڏسي وڃ هيئي.

 

2. پرين ڏسج پاڻ ڏي، چت نه وڃ مون تان چائي،

 

يار اسان کان پيئي.

 

3. الله ڪارڻ آءُ تون سائين، ٻانهي ٿي ٻاڏائي،

 

بخش اسان کي پيئي.

 

4. اوهان ٻاجهون سپرين، ويٺي سو ورهه وسائي،

 

ڪانگ اُڏائي ڪيئي.

 

5. در اوهان جي دلبر سائين، سچو ٿو سگ سڏائي،

 

ٻـَـڌي ٻانهون ٻيئي.

 

(16)

حـُـج ڦٽي ڪيم هاڻي، ماريس تنهنجي ماڻي،
الله ڄاڻي.

 

1. تنهن ڏينهن لاڪون يار اوهان سان، لايو نينهن هن نماڻي،
الله ڄاڻي.

 

2. ويٺي ڏسان واٽ اوهان جي، آءُ ڀـُـلي هن ڀاڻي،
الله ڄاڻي.

 

3. جيهي تيهي آهيان اوهان جي، سائين تون پاڻ سڃاڻي،
الله ڄاڻي.

 

4. راتيان ڏينهان يار سڄڻ ميان، تن توئي ڏي تاڻي،
الله ڄاڻي.

 

5. ڏوڙا طالع ٿين سچوءَ جا، الله جي تو کي آڻي،
الله ڄاڻي.

 

(17)

حال اچي ڏس هاڻي، وهي ٿو پنبڻيئون پاڻي،
پاڻ ڄاڻين!

 

1. آءٌ ڪنيزڪ مـُـلهه خريدڻ، سائين تون پاڻُ سڃاڻين،
پاڻ ڄاڻين!

 

2. سـُـڌِ لهج تون سگهڙي تنهن جي، جاني ڪيوَ جوڳياڻي،
پاڻ ڄاڻين!

 

3. ڏيئي ڏيکاري پاڻ ڇپايوَ، ڀلي اها تو کي ڀاڻي،
پاڻ ڄاڻين!

 

4. روز ازل کون در تنهنجي تي، واليءَ سان هيءَ وڪاڻي،
پاڻ ڄاڻين!

 

5. سيني اندر يار سچوءَ جي، سڪ سندءِ ساماڻي،
پاڻ ڄاڻين!

 

(18)

هاري سو پاتئي هارُ،
تا آءٌ ڄام چنيسر آوڙان!

 

1. جنهن دوست کسايو دم ۾، سٽ اهو سينگار.
2. هٿئون پئي تنهنجي آهي، روئين ڇو زارو زار.
3. داڻو هيڙو درد جو، جنهن ڪيو بهشتئون بيزار.
4. ڏوهه ته تنهنجو ڪونه هو، پر نينهن ڪيو نروار.
5. پلنگئون پئينءَ پٽ تي، ڪري گوندر گفتار.
6.
سچو سهي جي ڪرين، هي هو عشق جو اسرار.

 

(19)

منهنجو سوڍل سارئي ساهه، وو،
راڻا رسامن سان ماريئي!

 

1. ويٺي ڪڙهان ڪاڪ تي، آڻيندوءِ الله.
2. هن مـُـئيءَ جو مينڌرا، تو کي ڪيهو پرواهه.
3. سندو اچڻ تانهنجي، روز نهاريان راهه.
4. گهڙي اوهان جي ٿي گهران، چت اوهان جو چاهه.
5. مهر مٿو ناهه ڪو، جيڪس منهنجو بخت سياهه.
6. ڪوڏئون قرباني ڪري، “سچو” ساهه پساهه.

 

(20)

جو اڱڻ پيهي اَڄ آيو، سو سامي مون تا صحيح سڃاتو!

1. بيراڳيءَ جو بيک ڪري، تنهن ڪيڏو هنر هلايو!
2. سر جهٽائون جوڳين واريون، تنهن لڱين بسمو لڳايو.
3. مرليءَ مست آواز انهيءَ جي، منهنجو روح ريجهايو.
4. رانجهو تخت هزاري وارو، موليٰ آڻي ملايو.
5. عطر عنبير انهيءَ جي ڪارڻ، مون تان مـُـشڪ ملايو.
6. پياري هي سر پاڻون ڄاڻي،
سچوءَ کي سمجهايو.

 

(21)

ساريان آءٌ تا لوءِ پنهنجي جون لويون،

عمر گهوريا هي پٽ پٽيهر، ميان!

1. هت ويڙهيچا، وو، ويٺا ورهائن ڏيهاڙيون،

 

سي ڏونرن سنديون ڏويون.

 

2. سنگهارن ڏي سوز سنيها،

 

آءٌ ٿي روز مجان رويون.

 

3. ڪنڍيون ڪوڪڙ سنديون، ميان،

 

ڳچيءَ پائن ٿا، هت پيڪا پويون.

 

4. صبح سانجهيءَ کڻ خوشيءَ سان،

 

اهي سي تا آب ڀريون اويون.

 

5. پاندين پائن پسيون، ساڳن سڱر سنگهار،

 

سچو سي سويون.

 

(22)

لڙ وهي لوهاڻو، يار، وي!

1. سا ڪيئن ترسي تار ۾، جيءَ جنهين جهوراڻو.
2. ڪاهيو پوي ڪـُـنن ۾، ڏنس عشق اوراڻو.
3. ساهڙ ٻاجهون ساهه کي، ڪيو ورهه ويڳاڻو.
4. سانول سدا آهه مون، اوهين سڀئي ٿيون ڄاڻو.
5. پـُـڇندو اَچي پاڻهين،
سچل يار سياڻو.

 

(23)

آئين هلي هـِـن جاءِ، هڪ ساعت ڪارڻ سانگيئڙا.

1. ڪا گهڙي نيباهه نه ڄاڻج، پيچُ نه تنهن سان پاءِ.
2.
اَلدنيا ساعته“، اهو نقطو دل سان لاءِ.
3. جا ڏنهن آئين تون، وڻجارا، وري وڃڻ اوڏنهين آ
ءِ.
4. دنيا ۾ دَمَ ڪيئي گذاريئي،
سچو سڄڻ جي ساءِ.

 

(24)

منجهئون نيڪيءَ ۽ گناهه، پوندءِ ڪل نه سندي الله.

1. باطن ۾ تون پانهنجي، ناميا وجههُ نگاهه.
2. ريءَ پروڙڻ پانهنجي، ٻي راست نه آهي راهه.
3. غير نه ڀانئج پاڻ کي، دُوئيءَ ۾ داناهه.
4. هادي حق الحق تا، مون کي اها ڪئي آگاهه.
5. حقيقتان حال جون، چئي ڪيم اداهه.
6. تارڪ ٿيءُ، پـَـؤ توحيد جي، دانهه! منجهه درياهه.
7. چئنين قـِـبلئون چـُـورُ ٿي، سـِـر، شاهي رک ڪلاهه.
8.
سچو سڄي ڳالهڙي، سلڻُ ناهي صلاح.

 

(25)

حـُـسن تنهنجو ٿو اچي، طرحؤن طرح ڏيکار ۾،
هڪُ هئين، آئين وري، ڪنهن شوق مئون شمار ۾.

 

1. ڏورئون انهيءَ دم ڏور ٿيا، واقف پيا ويچار ۾،
حاصل نه تن، جي ئي پيا، آهن سندي انڪار ۾.

 

2. محروم ٿئين، منهن جي وجهين، هن تن سندي طومار ۾،
جي ٿو چوين، آءٌ شاهه ٿيان، گم ٿي يڪايڪ يار ۾.

 

3. رک هوش، تا مدهوش ٿي، غمزو اَٿئي گفتار ۾،
ساري پوئي سڌ تا صحيح، جي رخ رکين رفتار ۾.

 

4. پوءِ تا پڇج هيءَ ڳالهڙي، اَول اَچج اَعتبار ۾،
قابل هئين ڪر پانهنجي، صورت صحيح سنسار ۾.

 

5. ڪر گوش تون در گوش جي، ديدان رکين ديدار ۾،
آهي
سچوءَ تي نام جو، ناهي ٻيو نروار ۾.

 

(26)

مرد ٿي منصورُ چؤ، نه ته ڪيمَ چؤ منصورُ آن.

1. منصور جي منزل اُتي، ڏاڍا تماچا تهمتان،
سگهه نه جي ساري سگهين، منهن رکين تهن ڏي متان.

 

2. ڇو ڇوڪراڻيءَ ۾ پئي، رانديون روين راتيان ڏيهان،
احوال سڀ اسرار جو، عشق کي آهي عيان.

 

3. ٺڙڪو ٺڳيءَ جي ٺاهه جو، ناحق ڪرين ٿو ناتوان،
هـُـن کي چيو هن کي چوين، آهيان لاهوتي لاطمعان.

 

4. منصور جي تنهن  ملڪ تي، آهن سدا نڪتا نوان،
سڻ
سچو تون سمجهه رکُ، تو کي چڱائي ٿو چوان.

 

(27)

هـُـتئون هوت هلي وي عاشق، دوست دلاسو ڏيندو.

1. وِجهج ڪم ڪريم تي، ٻي ڳولهج ڪامَ ڳلي،

 

پاڻهي پـُـٺيءَ تو ايندو.

 

2. پـَـکا پکن سامهان، تنهنجي ماڳ ملي،

 

اوڏا آڻي اَڏيندو.

 

3. اَچڻ سندي اُن جي، ويندو روحَ رَلي،

 

ٿورو ٿورياڻيءَ ٿيندو.

 

4. جا ڳجهي هوتن من ۾، سا ساٿين ڳالهه سـَـلي،

 

پـُـنهل پاڻ سان نيندو.

 

5. مهرَ پنهنجيءَ سان تو پرين، انهيءَ ڀـَـتِ ڀـَـلي،

 

وي سچو نانءُ سڏيندو.

 

(28)

مينڌرا آءُ ميان، هت ويٺي ڪانگ اُڏائيان.

1. تو ساريندي سـُپرين، هت سوڍا ساهه ڏيان.
2. راڻا! رتي راز جي، ڪا جا آهي هنيان.
3. ڪامل! ڪنڌيءَ ڪاڪ جي، آءٌ جاني ڪئن جيان.
4. شال اوهان جو اڳتي،
سچو نينهن نيان.

 

(29)

وهنيان وساريان ڪئن، جيڏيون جي لنو لائي ويا.

1. گهوري ڇڏيم هي گهر جايون، برهه بهيران پٺيءَ لايون،
پيرُ نه پوءِ واريان، سي سنڀاريان ڪئن،

 

2. شهر ڀنڀور کئون ٿيم آزادي، ڪيچ ويندي ڏٺم شادي،
تنهن سان نينهن نڀاهيان، پوءِ نهاريان ڪئن.

 

3. ٿي پئي منهنجي دلڙي ديواني، محبت ڪيڙس آءٌ مستاني،
در در ڦيريون پايان، هت گذاريان ڪئن.

 

4. پور پرين جي ڪئي پڌرائي، اوڙي پاڙي وڇـُـٽي وائي،
ڇا کي عشق ڇپايان، هاڻي گهر گهاريان ڪئن.

 

5. ڪيچيئڙن جي ڪم اچان جي، رنگ پرين جي رَچان جي،
سچو  هي گـُـڻ ڳايان وي، هيءُ سر واريان ڪئن.

 

(30)

اَسين ساڳي وو آهيون، عام چوي اِئين ناهي.

بـُـتخاني کون وو ٿيس بيزاري، ڪيئن ڪعبي ڏي ڪاهيون،
دين ايمان سان ڇاهي.

 

خاڪ انهيءَ تي وو شهه منصور جون، ڏين لک گواهيون،
پاڻ چڙهيو يار ڦاهي.

 

شاهه شرف جي وو سر تي سڌيون، سر اڙهيون سر واهيون،
عشق اوقات ٻيو آهي.

 

زارون زوري وو اَچن اَسان ڏي، برهه سنديون سي باهيون،
سچل آهي ڪڏهين ناهي.

 

(31)

موج مستيءَ جي چڙهي، وادي وحدت جي منجها،
ڪيو پسارو پيل پاڻي، جوش مون هر جابجا.
هن لهر ۾ جيڪي لڙهيا، تن کي آهي سار و سماءُ،
جي سـُـڪر جي سير ويا، تن چيو آءِ خود خدا.
هاءِ هن حلاج جان، ڪيئي لعل هن لڙ ۾ لڙهيا،
آر هن آيا اُهي، جي گهوٽ هن گهيڙؤن گهڙيا.
ڪي ٽٻي ڏيئي ڏسو، پاتار ۾ پيهي ويا،
ڪينڪي عاشق اهي، ٻهڳڻ وري ٻاهر پيا.
غرق ٿيا غازي، اُتي ڪن عام بيٺا ها
ءِ هاءِ،
آءٌ لڙهي آيس اتي، جت رتي ناهي ريا.
دلق کي درياهه، اُڇلن بهادر بي بها،
صاف ٿي نڪتا
سچل، سي، صاف سالڪ جي هيا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com