سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: سچل جو سنيهو

باب: --

صفحو : 7

سچل جو سنيهو

سرمست سائين ساڃاهه جو شاعر آهي. هو انسان جي شرف ۽ شان جو قائل آهي. سندس ڪلام ۾ رندي ۽ بي باڪي آهي، مستي ۽ ڪيف آهي، انتظاري ۽ بيقراري آهي. ڪڏهن سراپا سونهن آهي، ته ڪڏهن وري سونهن جي ساراهه ۾ ڍاپي ئي نه ٿو. ڪڏهن محبوب ۾ محو ٿي محويت ۾ اچي ٿو، ته ڪڏهن وري محبوب وٽ ملتجي آهي. ڪڏهن ڪائنات جا اسرار و رموز بيباڪيءَ سان بيان ڪري ٿو، ته ڪڏهن وري حيرت جي مقام ۾ مستغرق آهي، ڪڏهن وڏي واڪي چوي ٿو:

ٻانهون ڀانءِ مَ پاڻ - تونهين مالڪ ملڪ جو

ڪڏهن وري غور و فڪر ڪندي، حيرت جي حد ۾ اچي نهايت بيباڪيءَ سان چوي ٿو:

اسين آهيون! ڇا اسين آهيون؟!
ٻيلي، نه ٿا ڄاڻون، ڇا اسين آهيون؟

 

هو غور ۽ فڪر جو شاعر آهي، ۽ اعليٰ فڪر پيش ڪري ٿو. سندس سوچ تمام مٿانهين آهي، جنهن ۾ خيال ۽ فڪر جي آزادي آهي، انساني زندگي، مزاج ۽ فطرت جو تجزيو آهي. سندس خيال ۽ فڪر صرف تصوراتي نه آهي، پر ان جي هڪ عملي صورت پيش ڪندي، تلقين ڪري ٿو ۽ پيغام پهچائي ٿو. پر افسوس، جو سندس پيغام کي پرکڻ وارا ڪونهن، انهيءَ ڪري پاڻ چئي ويو آهي:

ڪنهن سان ڪيم نه ڪل،
جو سودو آندم پاڻ سان.

 

1. سودو ڪنهن نه پڇيو، آيس ۾ مشڪل،
2. گران قيمت کون سڀئي، موٽيا تنهن مهل،
3. ميڙو موڙن تي ڪري، عالم ڪئي اڇل،
4. حال ڏسي تا هن جو، جيئڙو منجهه جنجل،
5. ڏوهه نه مون کي ڪو ڏيو، پئي خلق منجهه خلل،
6.
سچو سرفراز ڪيو، آڻي سو عشق اجهل.

 

حضرت سچل سرمست پنهنجو فڪر ۽ پيغام بيان ڪرڻ وقت ڪيترين جاين تي قرآن شريف جون آيتون به مثال طور آنديون آهن، ۽ اُنهن جي صوفيانه سمجهاڻي به ڏني آهي. آدم جي تخليق ۽ فطرت تي روشني وجهندي مثنوي عشق نامه ۾ فرمائي ٿو:

1. آن که اِني اعلم است آگاهه زد،
هم چو
مالا يعلمون رمزي شود.

 

2. هم ظلوماً هم جهولاً کاراوست،
آگهي يا بي از اين فرموده است.

 

3. از ظلوماً قتل کردن نفس خويش،
از جهولاً بگذرد از خويش و بيش.(1)

 

مثنوي عشق نامه: ص 6، مرتب: قاضي علي اڪبر درازي، اتحاد پريس سکر، سچل سرمست ڪوآپريٽو سوسائٽي، نومبر 1962ع)

معنيٰ: 1. قرآن حڪيم ۾ آدم کي خلقڻ جي سلسلي ۾ الله تعاليٰ ملائڪن کي فرمايو آهي: اني اعلم مالا يعلمون (تحقيق آءٌ اهو ڪجهه ڄاڻان ٿو جو اوهين نه ٿا ڄاڻو.) هن بيت ۾ انهيءَ آيت ڏانهن اشارو ڪري، سرمست سائين فرمائي ٿو: اُها رمز مون کي معلوم آهي، جنهن جي اوهان کي خبر ڪانهي.

2. آدم جي فطرت بابت قرآن حڪيم ۾ آيو آهي: بيشڪ اسان آسمانن، زمينن ۽ جبلن کي پنهنجي امانت پيش ڪئي، ته انهن ان کي کڻڻ کان انڪار ڪيو، ۽ هو ان کان ڊڄي ويا، ان کي انسان کنيو، بيشڪ هو وڏو ظالم ۽ جاهل آهي.

انهيءَ حقيقت ڏانهن اشارو ڪري، سچل سائين فرمائي ٿو: ظلم ڪرڻ ۽ جهل ڪرڻ سندس ڪم آهي. تون هن جي انهيءَ فرمودي مان واقف ٿيءُ.

3. ظلوماً مان مراد آهي پنهنجي نفس کي مارڻ، جهولاً جو مطلب آهي، پنهنجو پاڻ کي وسارڻ.

ان مان واضح ٿيندو، ته سندس فڪر جو ماخذ قرآن حڪيم ۽ الاهي تصوف آهي. مثنوي وصلت نامه ۾ انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ڪندي ڄاڻايو اٿس، ته قرآن مجيد هڪ دقيق، ڪامل ۽ مڪمل ڪتاب آهي. ان سان گڏ چيو اٿس ته: مون قرآن مجيد جا مختلف تفسير پڙهيا آهن، ۽ قرآني تعليم جي روح کان واقف ٿيو آهيان. ان کان پوءِ، پنهنجي تعليم جو مقصد بيان ڪندي چيو اٿس ته: سالڪن چيو، ته قرآن ڪريم جو اصل مطلب ۽ مفهوم بيان ڪر. مثنوي وصلت نامه جا اهي بيت هيٺ ڏجن ٿا:

1. باز قرآن مغلق ست و باکمال،

 

تو چه داني تا چه گفته ذوالجلال.

 

2. من همه تفسير قرآن آن خوانده ام،

 

مغز قرآن را ازان بر خوانده ام.

 

3. باز فرمودند ره بينان مرا،

 

تابگويم اصل راؤ مغز را.(1)

 

معنيٰ: 1. قرآن مجيد هڪ دقيق، ڪامل ۽ مڪمل ڪتاب آهي. تو کي ڪهڙي خبر ته الله تعاليٰ ان ۾ ڇا فرمايو آهي.

2. مون قرآن شريف جا سڀيئي تفسير پڙهيا آهن ۽ ان جو اصل مطلب ۽ مفهوم سمجهيو اٿم.

3. پوءِ، طريقت جي سالڪن مون کي چيو، ته مان قرآن شريف جو اصل مطلب ۽ مفهوم بيان ڪريان.

حضرت سچل سائينءَ جي شعر جو مضمون بنيادي طرح ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: وحدت الوجود ۽ حسن و عشق. هن هيٺ انهن عنوانن تي سچل سائينءَ جي شعر جي روشنيءَ ۾ بحث ڪجي ٿو:

وحدت الوجود: وحدت الوجود، صوفياءِ ڪرام جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن ۾ حق سبحانه و تعاليٰ جي توحيد ذاتي ۽ وجودي تي بحث ڪيو ويندو آهي. انهيءَ بحث جو خلاصو هي آهي، ته وجود حقيقي فقط هڪ آهي، ۽ اهو حق تعاليٰ جو وجود آهي. ان حقيقت کي لاموجود الا الله چئي واضح ڪيو ويندو آهي. وحدت الوجود جن حقائق جي وضاحت ڪري ٿو، اهي هي آهن:

1. وجود حقيقي هڪ آهي، يعني فقط خدا ئي موجود آهي، ۽ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هر شيءِ انهيءَ مان آهي، ۽ انهيءَ ۾ آهي، جيئن سمنڊ ۾ لهرون ۽ موجون، جن جو وجود حقيقي ناهي، پر اضافي آهي. حقيقت ۾ انهن جو فقط نمود آهي، جيڪو تعين جي ڪري آهي. تعين جو مٽجڻ، موجن ۽ لهرن جي فنا آهي. تعينات يعني موجون ۽ لهرون مٽجنديون رهنديون آهن، پر سمنڊ باقي رهندو آهي.

2. وجود حقيقي ئي ذات آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن اهي ٻئي جدا جدا حقيقتون هجن، ته توحيد انهيءَ مرحلي تي ئي ختم ٿي وڃي.

3. وجود حقيقي هميشـه کان آهي ۽ هميشـه رهندو.

4. هو واجب الوجود آهي، يعني پنهنجي هئڻ ۾ ڪنهن جو محتاج نه آهي. هو پنهنجي ذات ۾ پاڻ قائم آهي، ۽ اهڙيءَ طرح هميشـه رهندو.

5. هو واحد ۽ لامحدود آهي. جيڪڏهن ان وانگر ٻيو وجود تسليم ڪيو ويندو، ته وجود حقيقي نه واحد رهندو، نه لامحدود.

6. ان جون ٻه شاخون خاص آهن: تنزيهه ۽ تشبيهه. يعني اهو عالم تنزيهه ۾ موجود آهي، ۽ اهوئي عالم تشبيهه ۾ به جلوه گر آهي.

7. اهو حلول ۽ اتحاد کان پاڪ آهي، ڇاڪاڻ جو ان لاءِ به ٻن وجودن جو تسليم ڪرڻ ضروري ٿيندو.

8. اهو بي مثل آهي، ڇاڪاڻ جو مثل بنجڻ لاءِ به ٻئي وجود کي مڃڻو پوندو.

9. ان جو ضد ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ضد لاءِ به ٻئي وجود جو اقرار ڪرڻو پوندو.

10. اهو بي جهت آهي، ڇاڪاڻ ته جهت ۽ پاسي مان به ٻه وجود پيدا ٿين ٿا.

11. عالم جي ڪثرت ان جي احديت يا وحدت جي منافي نه آهي، بلڪ ڪثرت، وحدت مان ئي وجود ورتو آهي. انهيءَ ڪثرت ۽ وحدت ۾ ويڇو ڪبو، ته ٻن وجودن کي تسليم ڪرڻو پوندو. انهيءَ ڪري وحدت ۽ ڪثرت هڪ ڪري ڄاڻجي.

سچل سرمست همـه اوست ۽ وحدت الوجود جو وڏو مبلغ آهي، ۽ وڏي واڪي اناالحق  جو نعرو هڻي ٿو. انهيءَ ڪري کيس سنڌ جو منصور چيو وڃي ٿو. هو وحدت الوجود تي تمام گهڻو زور ڏئي ٿو ۽ ان کي مختلف ۽ معقول طريقن سان سمجهائي، ذهن نشين ڪرائي ٿو.

انهيءَ ڪري کيس سنڌ جو عطار سڏيو وڃي ٿو. هو چوي ٿو، ته انهيءَ ذات واحد کان سواءِ، ٻي ڪنهن به شيءِ کي حقيقي وجود ڪونهي. هو انهيءَ کي به شرڪ سمجهي ٿو، ته مان به آهيان، هو به آهي. يعني هر قسم جي شرڪ کان انڪاري آهي، پوءِ اهو شرڪ في الذات هجي يا شرڪ في الصفات هجي، يا شرڪ في الافعال هجي. هو هر هنڌ انهيءَ ذات جو جلوو جاري ۽ ساري محسوس ڪري ٿو. هو سمجهائي ٿو، ته انسان جيڪڏهن پنهنجي اصل کي سڃاڻي، ته کيس معلوم ٿيندو، ته اها وٿ وٽس ئي آهي. هو ٻڌائي ٿو، ته انسان ۽ ڪائنات جي ڪثرت تي ويچار ڪبو، ته اها حقيقت هٿ ايندي، ته ڪائنات جي هر شيءِ انهيءَ ذات حقيقي جو مظهر آهي، ڪا وٿ به ان کان وانجهيل ڪانهي. سو پڙاڏو سو سڏ، سچل سائينءَ جي سموري ڪلام جو مول مقصد آهي.

مولانا صوفي عبدالرحمان(1) سنڌي لکنوي پنهنجي ڪلمة الحق ۾ ڪلمه طيبه جي مفهوم ۽ مقصد تي نهايت تفصيل ۽ وضاحت سان لکيو آهي، ۽ شرڪ ۽ وحدت الوجود جي حقيقت بيان ڪئي آهي. هو چوي ٿو، ته جڏهن اسان ڪلمو پڙهون ٿا، ته ٻيائي يعني شرڪ جلي يا شرڪ في الوجود جو انڪار ڪريون ٿا. يعني اسان تسليم ڪيون ٿا، ته الله تعاليٰ جي ذات کان سواءِ، ٻي ڪنهن به شيءِ جو وجود ڪونهي. الله تعاليٰ، ڪلمه طيبه جي نزول سان هر قسم جي شرڪ کان منع فرمائي آهي. پوءِ اهو شرڪ في الذات هجي، يا شرڪ في الصفات هجي يا شرڪ في الافعال هجي. انهيءَ شرڪ کان بچڻ لاءِ الله تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ واضح طور فرمايو آهي:

لا شريک لـه“ (الله جو ڪوبه شريڪ ڪونهي) انهيءَ آيت ۾ شرڪ تي ڪوبه شرط يا قيد لڳايل نه آهي. ان جي تشريح اها آهي، ته شرڪ کان مطلقاً انڪار ڪرڻو آهي. يعني وجود صفات، افعال، آثار، مطلب ته هر قسم جي شرڪ کان انڪار ڪرڻو آهي. حضرت علامه عبدالرحمان سنڌي لکنوي صوفي جي نظر ۾ اهو آهي ”وحدت الوجود“. حضرت سچل سرمست جي ڪلام ۾ به هر هنڌ اهائي تات ۽ تنوار آهي، يعني هر قسم جي دوئيءَ جي نفي ۽ ذات مطلق جو اثبات. ملا نور الدين عبدالرحمان جامي (وفات 1492ع) پنهنجي ڪتاب لوائح ۾ لکيو آهي:

اي طالب، توتي لازم آهي، ته پنهنجو پاڻ کي پاڻ کان مخفي رک، ۽ جيڪا هستي ذاتي ۽ حقيقي آهي، انهيءَ ڏانهن مشغول ۽ متوجهه ٿي. انهيءَ ڪري موجودات جا جيڪي به قسم آهن، ان جي جمال جا جيڪي به جلوا آهن، ۽ ڪائنات جا جيڪي به جزا آهن، ان جي ڪمال جو آئينو آهي. تون پنهنجي انهيءَ نسبت کي مشق ۽ رياضت سان انهيءَ درجي تائين پهچاءِ، جو اها حقيقي هستي تو ۾ مدغم ٿي وڃي، ۽ خود تنهنجي هستي، تنهنجي نظر کان غائب ٿي وڃي، تان جو تون جيڪڏهن پنهنجو خيال ڪرين، ته عين انهيءَ جو خيال ڪرين ۽ پنهنجو ذڪر ڪرين، ته عين انهيءَ جو ذڪر ڪرين. مطلب ته، اهڙيءَ طرح هڪ ٿي وڃين، جو اناالحق هو الحق جي حڪم ۾ داخل ٿي وڃين.

ٻئي هنڌ لکيو اٿس:

حق تعاليٰ جي حقيقت، ان جي هستي آهي. اهڙي هستي، جنهن ۾ ڪنهن هستيءَ جي گنجائش نه آهي، نه ان ۾ تغير ۽ تبدل ۽ امڪان آهي ۽ عدد ۽ گهڻائيءَ جو گمان. سمورين حدن ۽ قيدن کان بالاتر آهي، ۽ عقل ۽ حواس ٻئي ان کي پنهنجيءَ گرفت ۾ آڻڻ کان معذور آهن.

انهيءَ ذات جون صفتون ظاهري طرح ته غير ذات آهي، پر حقيقت ۾ عين ذات آهن. ملا جامي لکي ٿو:

عقلي لحاظ کان صفتون بيشڪ ذات کان الڳ آهن، پر تحقيق ۽ حصول جي نقطئه نگاهه کان عين ذات آهن. مثلاً: عالم انهيءَ ذات جو نالو آهي، جنهن ۾ صفت علم هجي، قادر انهيءَ ذات جو نالو آهي، جنهن ۾ قدرت هجي، مريد انهيءَ ذات جو نالو آهي، جنهن ۾ ارادو هجي: ۽ اهو يقيني آهي، ته جهڙيءَ طرح اهي صفتون هڪٻئي کان جدا آهن، اهڙيءَ طرح ذات کان به الڳ آهن. پر ان جي حقيقت ته عين ذات ۾ ئي آهي، ان کان ٻاهران جو ڪو وجود ڪونهي.

حضرت عبدالڪريم جيلي پنهنجي ڪتاب انسان الڪامل ۾ لکيو آهي:

ڄاڻڻ گهرجي ته عظمت هڪ باهه، علم پاڻي، قوت هوا، ۽ حڪمت مٽي آهي. هي اهڙا عناصر آهن، جن مان تنهنجو جوهر بنيو آهي، ۽ انهيءَ جوهر (يعني ذات يا تنهنجي حقيقت) جا ٻه پهلو آهن: هڪ ازل ٻيو ابد. ان لاءِ ٻه وصفون آهن: پهريون حق، ٻيو خلق. ان جون ٻه صفتون آهن: پهريون قديم، ٻيو حادث. ان جا ٻه نالا آهن: پهريون رب، ٻيو عبد. ان جون ٻه صورتون آهن: پهريون ظاهر، ٻيو باطن. ان جا ٻه حڪم آهن: پهريون هي، ته هو پنهنجي لاءِ مفقود ۽ پنهنجي غير لاءِ موجود آهي، ۽ ٻيو هي، ته هو پنهنجي غير لاءِ مفقود ۽ پنهنجي لاءِ موجود آهي. ان جون ٻه معرفتون آهن: پهرين هي ته ڪڏهن وجوبيت ۽ ڪڏهن سلبيت هجي، ۽ ٻي هي ته پهريائين سلبيت هجي ۽ پوءِ وجوبيت هجي.

ان مان معلوم ٿيندو، ته صوفيائي ڪرام جي نظر ۾ عالـَـمُ، ذات باري تعاليٰ کان علحده نه آهي، پر ان ذات مطلق جي مظاهر جو نالو عالـَـمُ آهي، اهو آهي: وحدت الوجود. حضرت سچل سرمست به انهيءَ فڪر ۽ حقيقت جي وضاحت ڪئي آهي. ان تي ئي زور ڏنو آهي، ۽ ان کي ئي ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ جيئن ٻين بزرگن پنهنجي فڪر جي وضاحت لاءِ، قرآن شريف جون آيتون شاهديءَ طور آنديون آهن، تيئن حضرت سچل سرمست به اهي آيتون آنديون آهن، جهڙوڪ:

1. هوالاول والاخر والظاهر والباطن: (پ - 27، الحديد، آيت - 3)

(اهو ئي اول آهي، اهوئي آخر آهي، اهوئي ظاهر آهي، اهوئي باطن آهي.)

2. کل يوم هو في شان: (پ - 27، الرحمـٰـن، آيت - 29)

(هو هر لمحي هڪ نئين شان ۾ ظاهر آهي.)

3. نحن اقرب اليه من حبل الوريد: (پ - 26، ق، آيت - 14)

(اسان ان (ماڻهو) کان ان جي شهه رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون.)

4. فَاينما تولو فَثم وَجـه الله: (پ - 1، البقره - آيت - 115)

(تون جيڏانهن به منهن ڪندين، اوڏانهن الله جوئي منهن آهي.)

5. وفي انفسم افلاتبصرون: (پ - 26 الذاريات - آيت-21)

(۽ توهان ۾ آهي، ۽ توهان ڏسي نٿا سگهو.)

وجودي تصوف جو علمبردار ۽ اناالحق جو نعرو هڻندڙ منصور حلاج صوفياءِ ڪرام وٽ تمام گهڻو مشهور آهي. سڀني صوفين سندس ذڪر آندو آهي. اسان جو حضرت سچل سرمست، منصور حلاج جي خيال ۽ اعلان سان متفق آهي: چوي ٿو:

جتي ماڻهن ميڙ، آءٌ تتي ناهيان،
سسي سنباهيان، پٺيءَ شاهه حلاج جي.

 

شيخ منصور حلاج بيضاوي (وفات 359هه/969ع) مشهور و معروف صوفي ٿي گذريو آهي، ۽ ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سندس نعرو اناالحق اڄ تائين توضيح طلب رهيو آهي. فرانسيسي مستشرق لوئي ميسينر حلاج بابت مفصل تحقيق ڪئي آهي، ۽ سندس ڪتاب الطواسين وڏي تحقيق کان پوءِ، 1913ع ۾ پيرس مان شايع ڪرايو. ان ۾ حلاج چوي ٿو:

جيڪڏهن مان پنهنجي وعدي (اناالحق) کان ڦري وڃان، ته مان به بهادريءَ ۽ جوانمرديءَ جي ميدان مان ڪڍيو ويندس.

اڳتي هلي چوي ٿو:

مون هينئر چيو آهي، ته حق کي نٿا سڃاڻو، ته ان جي علامتن کي ته سڃاڻو. ان جي هڪ علامت مان آهيان. اناالحق (مان حق آهيان يا منهنجو نفس ناطقه حق آهي) ڇاڪاڻ جو مان هميشـه حق سان گڏ رهيو آهيان.

حضرت سچل سرمست به وڏي واڪي اناالحق جو نعرو هڻي ٿو:

سوز گداز ۽ غم، مڙوئي معاف ٿيو،
مار دمامين دم، عاشق اناالحق جو.

 

منصور هڪ هنڌ چوي ٿو:

حقيقت، حقيقت آهي، ۽ خلقيت خلقيت. خلقيت ترڪ ڪريو، ته جيئن هو بنجي سگهو، ۽ هو، اصل ۾ اعتبار سان تون بنجي وڃي.

حضرت سچل سرمست انهيءَ خيال کي ڪيترين ئي جاين تي آندو آهي. نموني طور ڪجهه بيت ڏجن ٿا:

تون، هين سان، تون لڀين، مان لڀان تو سان،
تون، هي، آءٌ” سڀهين، لا ۾ موجودات ٿي.

 

-------

جي تو ڄاتو پاڻ، ته آءٌ ٻيو ڪو آهيان،
ڪـَـندُءِ غرق گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾.

 

مان جي حقيقت بيان ڪندي منصور چوي ٿو:

عقل ۽ قياس جا غلامو! ائين نه مان هينئر انا (مان) آهيان، يا ڪڏهن هوس. مان هڪ بي هنر عارف آهيان، ۽ منهنجي هيءَ حالت خالص ۽ بي هنر نه آهي. جيڪڏهن مان هو ۾ رهندس، ته انا نه رهندي.

حضرت سچل سرمست چوي ٿو:

معلوم ٿي مرشد کون، ٻي جا ڳجهي ڳالهه،
هن جي ڇا مجال،
هو لڀي هن سان.

 

حضرت سچل سرمست، شيخ عطار کان به گهڻو متاثر آهي، ۽ سندس ذڪر پنهنجي شعر ۾ ڪيو اٿس. شيخ فريد الدين عطار (وفات 127هه/745ع) پنهنجي ڪتاب منطق الطير ۾ فرمائي ٿو:

معرفت باري جي صورت فقط هيءَ آهي، ته انسان پنهنجي خوديءَ کي هستي مطلق ۾ گم ڪري:

تو مباش اصلا کمال اين ست و بس
تو درو گم شو وصال اين ست و بس
تو درو گم شو صلوي آن بود
پرچه آن نه بود فضوي آن بود.


 

ترجمو: اصل ڪمال هي آهي، ته تون پنهنجي هئڻ مان هٿ ڪڍ، تون هن (ذات اِلاهي) ۾ گم ٿي وڃ ۽ اهو وصال آهي ۽ بس. تنهنجي لاءِ اهو جائز ۽ واجب آهي، ته هن ۾ گم ٿي وڃين، ۽ جي ايئن نه ٿيو، ته ٻيو سڀ ڪجهه بيڪار آهي.

حضرت سچل سرمست فرمائي ٿو:

پاڻ وڃائج نور نظر ۾، ته وسرئي ٻي آکاڻي،
فنا کون اڳي بقا نه ٿيندين، جيئن پارو ۽ پاڻي،
صورت منجهان ٿي ٻي صورت وچون گرد اڏاڻي.


 

وجودي فڪر جو وڏو شارح ۽ فيلسوف شيخ محي الدين ابن عربي (وفات 638 هه/1240ع) آهي. سندس ٻه ڪتاب: فصوص الحـِـڪم ۽ فتوحاتِ مڪيه مشهور آهن.

حضرت سچل سرمست جو فڪر، ابن عربيءَ جي فڪر ۽ شرح سان به مطابقت رکي ٿو. ابن عربي چوي ٿو، ته وجود مطلق هڪ آهي. فقط اهوئي موجود آهي. هر ٻي شيءِ فقط ان جو مظهر آهي. انهيءَ ڪري عالـَـمُ ۽ الله هڪٻئي جو عين آهن. هو عالم ۽ الله جي ذات کي ذات ۽ صفات جي عينيت جي بنا تي تصور ڪري ٿو، يعني جوهر ۽ عرض جي عينيت جي بنا تي. انهيءَ ڪري هو چوي ٿو، ته عالـَـمُ، ان جي صفات جي محض تجلي آهي. سچل سائين اها ڳالهه هن طرح بيان ڪئي آهي:

صورت ۾ جاءِ دَمَ جي، دَمَ ريءَ نه صورت ڪم جي،
دَمَ ۾ جا لذت غم جي، وهه واهه ڳالهه خاصي.

 

-----

آهي بي نام و نشان، سر انهيءَ جو ناهي امڪان،
طرحين طرحين پوشاڪان پهريئين، ڪل يوم هـُـوَ في شان،
ظاهر ذات صفات سهي، ڪر
سِرِي سِره ُ انسان.

 

-----

آهيان آءٌ اسرار، جيڏيون مون کي ڪير ٿيون ڀانيو،
آيس هن عالـَمَ ۾ باري چاڙهي بارُ،
آڻيو صدق يقين سان اديون ڙي اعتبارُ،
نوري ناري ناهيان، آهيان رَبُ جبارُ.

 

پوئين مصرع جو اهو مطلب نه آهي، ته هو پاڻ کي الله سڏائي ٿو. حقيقت اها آهي، ته هو پنهنجي نفي ڪري ٿو، ۽ صفات جي حقيقت کي تسليم نٿو ڪري. منصور حلاج به ائين ئي چيو آهي:

جنهن چيو، ته مان ذات کي ان جي صفتن مان سڃاتو، انهيءَ صانع کي ڇڏي صنعت تي اِڪتفا ڪئي.

حضرت سچل سرمست جي خيال ۾ هر ٻي شيءِ ان ذات مطلق جو اولڙو آهي، انهيءَ ڪري صفات يا ڪثرت جو حقيقي وجود آهي ئي نه. يعني ٻيو ڪجهه به ڪونهي، فقط اهوئي آهي. اهوئي سبب آهي جو هو چوي ٿو، ته مان ته آهيان ئي نه، آهي ئي اهو. نوري ناري ناهيان جو مطلب آهي، ته نور ۽ نار جي ڪا جدا حقيقت ڪانهي، پر ذات جون صفات آهن. صفات جيئن ته ذات جو عين آهي، انهيءَ ڪري هو چوي ٿو، نور ۽ نار سان منهنجو ڪو واسطو ڪونهي، پر مون ۾ انهيءَ ذات جو جلوو جاري ۽ ساري آهي. يعني هو جڏهن پنهنجو پاڻ فنا ڪري ٿو، تڏهن کيس فقط اهائي ذات نظر اچي ٿي. انهيءَ حالت ۾ ڪيفيت ۾ هو بي اختيار ٿي چوي ٿو:

نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار.

فنا جو مطلب آهي، ته انسان پنهنجي انفراديت ختم ڪري، ذات مطلق اندر سمائجي، وحدانيت جي تڪميل ڪري. حضرت جنيد بغداديءَ فناجا ٽي درجا بيان ڪيا آهن:

پهرين قسم جي فنا هيءَ آهي، ته طالب پنهنجي صفات اخلاق ۽ مزاج جي قيد کان آزاد ٿي وڃي. ٻي قسم جي فنا هيءَ آهي، ته طالب پنهنجي نفس جي لذت کان بلڪل دست بردار ٿي وڃي. فنا جو ٽيون قسم هي آهي، ته طالب تي رباني تجليات جو ايڏو غلبو ٿي وڃي، جو سندس موجود وجود جي حقيقت سندس اکين کان اوجهل ٿي وڃي.

حضرت جنيد ٽين درجي جي فنا جي وضاحت ڪندي چيو آهي، ته هن درجي جو مقصد آهي، ته انسان انهيءَ شعور کان به عاري ٿي وڃي، ته هو روياي حق جي مقام تي پهچي چڪو آهي. وڌيڪ سمجهايو اٿس، ته فنا ان وقت طاري ٿئي ٿي، جڏهن هڪ عابد تي ذات الاهي پوري طرح ڇانئجي وڃي ٿي، سندس چوڌاري احاطو ڪري ٿي، ۽ ان تي پوريءَ طرح فتحياب ٿي وڃي ٿي. اهڙيءَ حالت ۾ جيتوڻيڪ ان جي چوڌاري رهندڙ انسانن لاءِ، ان جو جسماني وجود ۽ ظاهري هيئت باقي رهي ٿي، پر ان جي انفراديت بلڪل فنا ٿي وڃي ٿي. هن جي اندر هن جو الڳ وجود باقي نٿو رهي. حضرت سچل سرمست تي اها ڪيفيت طاري هئي، ۽ سندس ڪلام انهيءَ حالت ۽ ڪيفيت جي ترجماني ڪري ٿو:

اڀريو آفتاب، جهليو تارن هڏ نه تاب

گوشا ويا، ٿي گم سي.

--

ڏٺو تماشو تيغ جو ڪوپن ڪنڌ ڪپائي.

--

جيڪي هيڙس جيڏيون، ساڳي آءٌ ٿيو،
پاڻهي پنهل آهيان، ڄاڻي ڪونه ٻيو،
ظاهر منهنجي ذات کي، ڪيچن پاڻ ڪيو،
سچو سارو سچ ٿيو، وچئون ورهه وئو.

 

وحدت الوجود جي فڪر جي سلسلي ۾ تنزيه ۽ تشبيهه جو مسئلو به اچي ٿو. تشبيهه جي لفظي معنيٰ آهي، مشابهت ڏيڻ. علم الڪلام جي اصطلاح ۾ معنيٰ آهي، خالق کي مخلوق جي صفات سان متصف ڪرڻ. تنزيه جي معنيٰ آهي پاڪ ڪرڻ. علم الڪلام جي اصطلاح ۾ هي لفظ انهيءَ مفهوم کي ظاهر ڪري ٿو، ته مخلوق جي صفات، خدا جي ذات ۾ نٿي ڪري سگهجي.

ابن عربي تنزيه محض يا تشبيهه محض ٻنهي جو اقرار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو ٻنهي تصورن جي تقاضا آهي: اثنيت موجودات. هو ان کي هن طرح بيان ڪري ٿو، ته جيڪڏهن جدا جدا اثبات تنزيه محض يا تشبيهه محض سان ڪيو وڃي، ته ان جي اطلاق جي نفي ٿي وڃي ٿي. انهيءَ ڪري توحيد جو اثبات تنزيه ۽ تشبيهه ٻنهي سان ڪرڻ گهرجي. حضرت سچل سرمست به انهيءَ خيال جو قائل آهي. تشبيهه محض جو اقرار ڪندي چوي ٿو:

ڪاٿيئن ملا قاضي تون، ڪاٿيئن سيد سڏائين ٿو،
ڪاٿيئن مـُغ برهمڻ تون، ڪاٿيئن بانگ ٻڌائين ٿو،
ڪاٿيئن منهن ۾ محراب، ڪاٿيئن تلڪ لائين ٿو،
ڪاٿيئن تسبيحان ٿو سورين، ڪاٿيئن جڻيا پائين ٿو.

 

ٻئي هنڌ تنزيه محض يا تشبيهه محض ٻنهي جو اقرار ڪري ٿو:

ذاتيءَ منجهه ذات ڇپائي، بازي يار بنائي،
هادي حقيقت حال جي، مون کي ساري سڻائي،
سڀ ڪنهن ۾ سڄڻن، نوبت نينهن وڄائي،
ڪاٿيئن انالحق جي، تن چوٽ ته چلائي،
انااحمد بلاميم، اها معنيٰ مڙيائي،
ڪاٿيئن مسيتين ۾، ٿيو خاصو خدائي،
موٽي مڙهين وچ ۾، تنهن مالها ڦيرائي،
اندر ٻاهر هڪڙو، آهي صورت سڀائي،
ڳالهه نه سمجهڻ جهڙي، پر سڀا سمجهائي،
ڪافر مومن هڪڙو،
سچو ٻوڙج ٻيائي.

 

وحدت الوجود جو فڪر سمجهائڻ ۽ ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ، پنهنجي شعر ۾ ڪيترائي دليل ۽ مثال ڏنا اٿس. خاص طرح سان فارسي شعر ۾ دليلن ذريعي هي مسئلو سمجهائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي اٿس. ديوان آشڪار جي هيٺين بيتن ۾ الف جو مثال ڏنو اٿس. جيئن هڪ الف مان سوين حرف بڻجن ٿا، تيئن وحدت مان ڪثرت وجود ورتو آهي. ان کان پوءِ، آئيني جو مثال ڏنو اٿس، ته جهڙيءَ طرح آئيني ۾ پنهنجي تصوير ڏسي سگهجي ٿي، اهڙيءَ طرح پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسبو، ته ان ذات مطلق جو جلوو جاري ۽ ساري نظر ايندو:

1. زِنا چيزي شد يک چيز پيدا،

 

که او در هر دو عالم شد هويدا.

 

2. ترا در حرف مي بايد تصور،

 

بود از يک الف صد حرف معنيٰ.

 

3. هر آن که اصل خود رامي شناسد،

 

شود آگاه او از اين معما.

 

4. توئي آئينه اوآئينه آران،

 

که از آئينه باشد روي بنما.

 

 

(ديوان آشڪار: جلد:1، ص 36، مرتب: قاضي علي اڪبر درازي نومبر 1981ع)

معنيٰ: 1. عدم مان هڪ شيءِ وجود ۾ آئي، ۽ اها ٻنهي جهانن ۾ ظهور پذير ٿي ويئي.

2. تون حرف کي پنهنجي تصور ۾ آڻ، هڪ الف مان معنيٰ جا سوين حرف بنجن ٿا.

3. جيڪو شخص پنهنجي اصليت کان واقف آهي، اهوئي هن معمي جو مطلب سمجهي سگهي ٿو.

4. تون آئينو آهين، ۽ هو اُهوئي آهي، جو آئيني ۾ نظر اچي ٿو، ۽ آئينو انهيءَ لاءِ هوندو آهي، ته ان ۾ صورت ڏٺي وڃي.

مثنوي رهبر نامه ۾ اها ڳالهه درياهه ۽ ڇوليءَ جو مثال ڏئي سمجهائي اٿس. فرمائي ٿو:

1. موج ز درياي چو بيرون فتاد،

 

بر طرف دشت چـُـنان رُو نهاد.

 

2. دشت همه سيل دريا شود،

 

بعد ازان سبزه صحرا بود.

 

3. گر نه زند موج همان آب کو،

 

تاکه بصحرا رخ سيلاب او.(1)

 

معنيٰ: 1. جڏهن ڇولي درياهه کان ٻاهر اٿلي، تڏهن بيابان جو رخ  اهڙي طرح سان ڪيائين جو.

2. سڄو بيابان درياهه جي وهڪري هيٺ اچي ويو، انهيءَ کان پوءِ، بيابان سرسبز ٿي ويو.

3. جيڪڏهن درياهه اهڙيءَ طرح لهرون نه هڻي ها، ته هيءُ سيلاب جو رخ بيابان طرف ڪيئن ٿئي ها؟

مثنوي وحدت نامه ۾ پنهنجي سرمستيءَ جي ڪيفيت بيان ڪندي فرمائي ٿو:

1. دل را نيست قراري، بد لم هست شراري،

 

پس از و عاشق گشتم.

 

در ميخانه بر فتم، تازِ مسجد بگذشتم،

 

رشتهء تسبيح گـُـسـِـشتم.

 

2. چه کنم حالت مستم، گـَه بالا گـَه پستم،

 

بخلائق بد نامم.

 

خاص هستم نه عامم، نه جماعت ز امامم،

 

کردم از زهد سلامم.(2)

 

3. درد و عشقش انعامم، راهِ توحيد مقامم،

 

در رَهِ عشق چه چاره.

 

زدم از عشق نقاره، دل ماپاره پاره،

 

ز سبب خاص قطاره.(3)

 

معنيٰ: 1. دل کي قرار ڪونهي، ان ۾ اُلا ٿا ڀڙڪن، ۽ اهوئي منهنجي عاشق هجڻ جو سبب آهي. ميخاني ويندي جڏهن مسجد وٽان لنگهيس، ته تسبيح ڇني ڇڏيم.

2. مان پنهنجي سرمستيءَ جي ڪهڙي ڪيفيت بيان ڪريان. ڪڏهن بلنديءَ تي آهيان، ته ڪڏهن پستيءَ تي آهيان. ماڻهن ۾ بدنام ٿيس. نه خاص ماڻهن ۾ شمار ٿيان ٿو، نه عوام ۾. نه مقتدي آهيان، نه امام. پر زهد کي بهرحال مون ترڪ ڪري ڇڏيو آهي.

3. مون کي انعام ۾، هن جو عشق ۽ درد مليو آهي ۽ منهنجو مقام (منزل مقصود) سندس وحدانيت جي راهه آهي، عشق جي راهه ۾ انهيءَ کان سواءِ، ٻي ڪابه واٽ نه آهي. مون عشق جو بگل وڄايو، دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي ۽ انهيءَ ڪري منهنجو شمار خاص ماڻهن ۾ ٿيڻ لڳو آهي.

تار نامه ۾ وجودي فڪر کي سمجهائڻ لاءِ، تار جي آتم ڪهاڻي بيان ڪئي اٿس: جنهن ۾ تار پنهنجي اصلي حقيقت ۽ موجوده حالت بيان ڪري رهي آهي. اهڙيءَ طرح سمجهايو اٿس، ته هن ڪثرت ۾ انهيءَ ئي ذات مطلق جو جلوو جاري ۽ ساري آهي. فرمائي ٿو:

1. جسم طنبور است و تار چون زبان،

 

مي کند اسرار موليٰ راعيان.

 

2. تار جان است قلب را طنبور دان،

 

هست زا نگشت سراينده بيان.

 

3. اين حقيقت تار چون کردم تمام،

 

صبر خود خود شـُـدز گفتن و السلام.

 

معنيٰ: 1. جسم طنبورو آهي، ۽ تار زبان جي مثل آهي، جيڪا الله جا لڪل راز بيان ڪري ٿي.

2. تار جان آهي، ۽ دل طنبورو آهي، جا آڱر جي اشاري سان ٻڌائي ٿي.

3. اها حقيقت جڏهن تار پوري ڪئي، ته پوءِ خود بخود صبر ۾ اچي ويئي، وڌيڪ سلام.

مثنوي ”گداز نامه ۾ به وحدت الوجود جو مسئلو دليلن سان ثابت ڪيو ويو آهي. هڪ دليل هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو برف جي ڳرڻ ۽ پاڻيءَ جي اصليت بابت آهي:

1. برف آرد روي بسوي آفتاب،

 

مي گدازد محو گردد گشت آب.

 

2. اصل آن آب است آب برف،

 

برف آن آب است بشنو اين صرف.

 

3. چون هستي خود بيايد برف گشت،

 

چون گداز برف از هستي برفت.

 

4. صد تصرف زد شد بعد از گداز،

 

گشت کار او سبزه هاکرده فراز.(1)

 

معنيٰ: 1. برف جڏهن سج ڏانهن ٿي منهن ڪري، ته ڳري وڃي ٿي ۽ پاڻي ٿيو پوي.

2. اصل اهو پاڻي هو، جنهن مان برف ٺهي. برف اهو ساڳيو پاڻي آهي. هيءُ لفظ سمجهه.

3. جڏهن هئڻ ۾ آئي، ته برف ٿي ۽ جڏهن وري ڳري ويئي، ته هن جي هستي هلي ويئي.

4. ڳرڻ کان پوءِ، هن مان سوين ڪم ٿيا. ان مان ڪي ئي کيتيون ۽ سبزيون آباد ٿيون.

اهو مسئلو سمجهائڻ سان گڏ، انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو اٿس، ته تون حقيقت ۾ ڪجهه به نه آهين، پر انهيءَ ڪل جو جز آهين. انهيءَ ڪري تو کي پنهنجو وجود وساري انهيءَ ذات مطلق ۾ ملي هڪ ٿي وڃڻ گهرجي، يعني فنا کان پوءِ ئي تون بقا جي منزل ماڻيندين. مثنوي راز نامه ۾ اها ڳالهه نهايت وضاحت سان سمجهائي اٿس. هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

1. از وجودت باش کلي بي خبر،

 

خيال خود راهم بياري در نظر.

 

2. در نگاهم ديد  خود را محو کن،

 

تا رسي دربار گاهه ذوالمنن.

 

3. از دريچهء ديدها بيرون بيا،

 

تاشوي در هر دو عالم بادشاهه.

 

4. جسم را گم ساز ديده را شناس،

 

اين حقيقت بيايد در قياس.

 

معنيٰ: 1. پنهنجي وجود کان تون بي خبر رهه، ۽ پنهنجي خيال کي نظر ۾ رک.

2. پنهنجي نگاهه ۾ پاڻ کي محو ڪري ڇڏ، ته تون الله جي حضور ۾ پهچي سگهين.

3. ظاهري نگاهه جي دري کان ٻاهر اچ، ته ٻنهي جهانن جو تون بادشاه ٿئين.

4. جسم کي گم ڪر ۽ نظر کي سڃاڻ، اها حقيقت، تو کي پنهنجي فڪر ۾ رکڻ گهرجي.

نثري تحرير ”نقطئه تصوف ۾ طالب کي تلقين ڪندي  کيس سڀ کان پهريائين اهائي ڳالهه ذهن نشين ڪرائي اٿس. فرمايو اٿس:

حق جي طالب کي گهرجي ته پنهنجي صفتن کي فنا ڪري، الله جي صفتن سان بقا جو وجود ماڻي، ۽ خودي (پاڻپڻو) جي وڻ کي پاڙان پٽي ڪڍي.

پاڻپڻي جي پڄاڻي، حقيقي عشق ۽ درد کان سواءِ ممڪن نه آهي. انهيءَ ڪري، عشق، درد ۽ سوز تي تمام گهڻو زور ڏنو اٿس. مثنوي درد نامه ۾ سمجهايو اٿس:

1. اين درد بود همه سعادت،

 

اين درد شده همه هدايت.

 

2. اين درد قطع کند منازل،

 

شد در دو جهان عشق نازل.

 

3. کم ميکند و غرور شاهي،

 

چه چترو چه تخت وچه مـُبآهي.(1)

 

معنيٰ: 1. اهو درد سمورو نيڪ بختيءَ جي نشاني آهي. انهيءَ درد ۾ سموري هدايت سمايل آهي.

2. اهو درد سڀ منزلون طيءِ ڪرائي ٿو، ٻنهي جهانن ۾ عشق عطا ڪري ٿو.

3. اهو بادشاهي غرور گم ڪري ٿو، تاج، تخت ۽ غرور کي هٽائي ٿو.

اهڙيءَ طرح وحدت الوجود جو فڪر نهايت وضاحت سان سمجهايو اٿس، ۽ مثال ۽ دليل ڏئي، ذهن نشين ڪرايو اٿس. انتخاب ۾ به جدا جدا صنفن مان ڪجهه ڪلام ڏنو ويو آهي، جيڪو سندس فڪر ۽ پيغام جي پوري پوري وضاحت ڪري ٿو.

مطلب ته، حضرت سچل سرمست انسان کي خود فريبيءَ مان ڪڍي، خودشناسيءَ جو سبق ڏئي ٿو، احساس ڪمتريءَ کان بچائي، انسان کي پنهنجو حقيقي شرف ۽ شان سمجهائي ٿو. هو حڪيمانه انداز ۾ جز ۽ ڪل جي حقيقت ذهن نشين ڪرائي ٿو، انسان کي سندس منزل ۽ مقصود سمجهائي ٿو. هو وڏي جرات ۽ بيباڪي سان حقيقت تان پردو کڻي ٿو. جهڙي جرئت، مستي، جوش ۽ بيباڪي سچل سرمست جي ڪلام ۾ آهي، اهڙي ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ نه ملندي. هو انسان کي وڏي واڪي سڏي، جهنجهوڙي، جاڳائي اعليٰ منزل تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سندس ڪلام، زندگيءَ جو تفسير به آهي، ته تعبير به آهي. هن سوري ۽ سينگار، مئي ۽ مستي، وحدت ۽ ڪثرت، نفي ۽ اثبات جي مختصر لفظن ۾ زندگيءَ جي سمورن رازن کي سموهي ۽ سمائي هڪ نصب العين جي نشاندهي ڪئي آهي. اهوئي سبب آهي، جو سندس ڪلام زندگيءَ جو آئينو به آهي، ته زندگيءَ جو تفسير به آهي، ۽ ان سان گڏ اعليٰ ۽ ارفع زندگيءَ لاءِ هڪ پيغام به آهي.

------

 

وحدت نامه

سچل سرمست جي سنيهي جو مول متو وحدانيت آهي. هو مختلف طريقن سان توحيد جو عقيدو ذهن نشين ڪرائي ٿو. وحدت نامه ۾ سڄو زور توحيد جي سمجهائڻ تي ڏنو اٿس، ۽ وحدت الوجود جي فڪر کي دليلن ۽ تمثيلن ذريعي واضح ڪيو اٿس. انهيءَ ڪري هت سندس سنيهي جي چٽائي لاءِ، وحدت نامه جو مطالعو ۽ فڪري جائزو پيش ڪجي ٿو:

سچل سائينءَ جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن هڪ مقصد کي سامهون رکي شعر چيو آهي، ۽ پنهنجي ڪلام کي سنيهو سڏيو آهي. البت ائين به چيو اٿس، ته اهو عام ماڻهن لاءِ نه آهي، ڇاڪاڻ جو انهن جو ذهن ان جي گهرائين تائين پهچي نه ٿو سگهي. فرمائين ٿا:

چند گوئيم ڪلامي، تم سازيم تمامي،
فهم بفهم پيامي، خواص خواند نه عوامي،
تا ازين نامه و نامي، اين خدائي است غلامي.(1)

 

]ان کان وڌيڪ مان ڇا چوان؟ مان ته سڀ ڪجهه چئي چڪو آهيان. تون منهنجي پيغام کي سمجهه. منهنجو پيغام، خاص ماڻهن جي پڙهڻ لائق آهي، عوام لاءِ نه آهي. هيءَ دنيا قيد خانو آهي. [

هونئن ته حضرت سچل سائينءَ جو سمورو ڪلام تصوف جي اسرار و رموز جي وضاحت ۾ آهي، پر هن مثنويءَ ۾ خاص طور تي وحدت الوجود کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. فارسيءَ کان سواءِ، سنڌي ڪلام ۾ به ”وحدت نامو“ آهي. فارسي مثنوي وحدت نامه هن بيت سان شروع ٿئي ٿو:

جلوة حسن پديدار، تجلي در و ديوار،
درون بيرون دلدار، به هر ذره ديدار:

 

عيانست همه اسرار، من و ما اي بگذار. (ص 2)

 

]حـُـسن جو جلوو ظهور پذير ٿيو، جنهن جي تجلي درو ديوار هر ذري ۾ ڏسي سگهجي ٿي. سمورا راز بي نقاب (ظاهر) ٿي چڪا آهن. تون مان“ ۽ اسان، کي ڇڏي، ڏي[ ڇو ته، ذات مطلق جو جلوو هر شيءِ مان عيان آهي.

وحدت نامه سنڌيءَ جي شروع جو بيت هي آهي:

اول ڀيري ڀڃ، جي بند خيالات جا،
تنهن پڄاڻا وڃ، حلاجي حيرت ۾.

 

حضرت سچل سرمست، وحدت الوجودي صوفي هو، ۽ منصور حلاج جي نظريه جو قائل هو. سندن نظر ۾ منصور جو نظريو اهو شراب آهي، جنهن جي خمار سان ظاهري پردا پري ٿي وڃن ٿا، ۽ دوئيءَ مان نجات ملي وڃي ٿي:

شراب اين منصوري، از و شد مخموري،
محو شد ڪنز و قدوري، ڪشف القلوب و قبوري،

 

بود اين همه مزدوري، بر هديم ز دوري. (ص 2)

 

]منصوري شراب اهو ئي آهي ۽ هي ان جو خمار آهي، جنهن سان ڪنز ۽ قدوري محو ٿي چڪا آهن. ڪشف القلوب ۽ ڪشف القبور ته فقط هڪ مزدوري آهي. اسان دوريءَ کان نجات حاصل ڪئي آهي.[

ڪنز ۽ قدوري فقه جا ڪتاب آهن. سچل سائينءَ جي نظر ۾ حقيقي عشق، ظاهري علم جي دليلن ۽ صحبتن کي بلڪل ختم ڪري ڇڏي ٿو. سندن مٿئين بيت مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته ڪشف ۽ ڪرامت، تصوف جي راهه ۾ ڪابه اهميت نه ٿا رکن. سندن سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام مان به اهائي ڳالهه واضح ٿئي ٿي.

تصوف جي رستي ۾ فنا کي نهايت اهم مقام حاصل آهي. نه فقط ايترو، پر پهريون مقام ئي فنا جو آهي. وحدت نامه فارسيءَ ۾ سچل سائينءَ خود پنهنجي ڪيفيت هن طرح بيان ڪئي آهي:

حقاڪه از خود رستيم، سخن راست گفتيم،
اَشک از ديده روانم، کنم از درد بيانم،

 

نه هميـنم نه همانم، همه سـِـر سبحانم. (ص 2)

 

]بيشڪ اسان پنهنجو پاڻ کان آزادي حاصل ڪئي آهي ۽ هيءَ سچي ڳالهه چئي آهي. منهنجي اکين مان ڳوڙها جاري آهن، ۽ مان پنهنجو درد بيان ڪري رهيو آهيان. مان نه هي آهيان ۽ نه هو آهيان، بلڪ سراپا الاهي راز آهيان.[

- يعني فنا کان پوءِ ئي سراپا راز الاهي بنجي ويا.

ٻئي هنڌ فرمائين ٿا، ته مان خوديءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي هميشـه وصال جي حالت ۾ آهيان:

ڪزمن ما اي رستي، ز مذاهب بگذشتي،
عجب اين است خيالم، بود اين قيل و مقالم،

 

دائما هست وصالم، جسم و جان وبالم. (ص 2-4)

 

]تون مان ۽ اسان يعني، خوديءَ مان آزادي حاصل ڪئي. مذهبن کان اڳتي نڪري وئين. منهنجو هي خيال آهي، ته انوکو، پر اصل ڳالهه اها آهي، ته مان هميشـه وصال ۾ آهيان. هي جسم ۽ جان مون لاءِ وبال آهي.[

هن وسيع ڪائنات ۾ ڪنهن به شيءِ کي حقيقي وجود نه آهي. وجود مطلق فقط هڪ آهي - يعني وحدت ئي وحدت آهي، ڪثرت عارضي آهي. انهيءَ ڪري سموريون صورتون خيالي  آهن. طالب کي گهرجي، ته ان راز کي سمجهي، دوئيءَ کي دور ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري. ان کان پوءِ ئي کيس هميشـه لاءِ حق جو وصال حاصل ٿيندو، ۽ بقا جي مقام تي پهچي ويندو. حضرت سرمست فرمائي ٿو:

نه کسي داند حالم، هست موهوم اشکالم،
هر ڪجا او، تو ڪجائي، بگذري از من و ما اي،
گر به بحر عدم آيي، نه فنا اي به بقا اي.

 

]منهنجي حال جي خبر ڪنهن کي به نه آهي. سڀ صورتون خيالي آهن. هر جڳهه اهوئي آهي. تون ڪٿي آهين؟ خوديءَ کي ڇڏي اڳتي وڌي وڃ. تون جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي نابودي جي سمنڊ ۾ آڻيندين، ته فاني نه ٿيندين، بلڪ بقا حاصل ڪندين.[

جوش ۽ مستي ئي انهيءَ اسرار کي کولي سگهي ٿي. ان کان سواءِ، طالب جي ڪاميابي ناممڪن آهي. جوش ۽ مـَـستي وري عشق حقيقي جي ذريعي ئي اچي سگهي ٿي. فرمائين ٿا:

تو بيايي بجوشي، خلعتِ عشق بپوشي،
بسرم هست خماري، ڪـ
ه عيان شد اَسراري،

 

موج مستي بڪناري، برساند يکباري. (ص 4)

 

]جوش ۾ اچ، عشق جي پوشاڪ پاءِ. منهنجي دماغ ۾ اهڙو خمار آهي، جنهن جا اسرار کلن ٿا. هيءَ موج ۽ مستي، آخر هڪ دفعي منزل مقصود تائين پهچائي ڇڏيندي.[

سچل سائينءَ پنهنجي سرمستيءَ جي ڪيفيت هن طرح بيان ڪئي آهي:

چه کنم حالت مستم، گـَهِ بالا گـَهِ پـَـستم،
بخلائق بد نامم، خاص هستم نه عامم،

 

نه جماعت نه امامم، ڪردم از زهد سلامم. (ص 4)

 

]مان پنهنجي سرمستيءَ جي ڪيفيت ڪهڙي بيان ڪريان. ڪڏهن بلنديءَ تي آهيان، ڪڏهن هيٺانهينءَ ۾ آهيان. ماڻهن ۾ بدنام ٿيس. نه خاص ماڻهن ۾ شمار ٿيان ٿو، نه عام ماڻهن ۾ ليکيو وڃان ٿو. نه مقتدي آهيان، نه امام ئي آهيان. پر زهد کي مون سلام (ترڪ) ڪري ڇڏيو آهي.[

درد عشق انعامم، راه توحيد مقامم،
دررهِ عشق چـ
ه چاره، زدم از عشق نقاره،

 

دل ما پاره پاره، ز سبب خاص قطاره. (ص 4-6)

 

]عشق جو درد منهنجو انعام آهي. وحدت جي راهه منهنجي منزل مقصود آهي. عشق جي درد جو ڪوبه علاج نه آهي. مون عشق جو بـَـگل وڄايو، اسان جي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي، انهيءَ ڪري ئي منهنجو شمار خواص مان ٿيڻ لڳو. [

ان مان معلوم ٿيندو، ته حقيقي عشق جي انتهائي منزل سرمستيءَ واري ڪيفيت آهي. حضرت سچل سرمست  جي نظر ۾ انهيءَ عشق جي ئي ذريعي ذاتِ مطلق جي سواءِ، ٻين سڀني شين کان قطع تعلق ٿي وڃي ٿو، ۽ طالب فنا جي مقام تائين پهچي وڃي ٿو:

عشق دوکار بداند، اول از خود برهاند،
سر بشمشير بـُراند، جز خدا هيچ نماند،

 

بس به محبوب رساند، غير خيالات براند. (ص 16)

 

]عشق ٻه ڪم ڪري ٿو: پهريون اهو ته پنهنجو پاڻ کان آزادي ڏياري ٿو، ۽ ٻيو اهو ته تلوار سان سر وڍي ٿو. تان جو الله تعاليٰ جي ذات کان سواءِ، ٻي ڪابه شيءِ باقي نه ٿي رهي. ان کان پوءِ محبوب سان ملائي ٿو، ٻيا سمورا غير خيال دل مان ڪڍي ڇڏي ٿو.[

پر عشق آسان نه آهي، ان لاءِ وڏي همت گهرجي:

همچو منصور بداني، تابيا گر تو تواني،
شمس زو همت نشاني، گم کند اين انساني،

 

گشت زو سرمد فاني، سهل اين راه نداني. (ص 16)

 

]جيڪڏهن تو ۾ منصور جهڙي همت آهي، ته پوءِ بيڌڙڪ عشق جي ميدان ۾ ٽپي پئه، اوڏي همٿ وارو شمس تبريز انهيءَ عشق جي نشاني آهي، ڇاڪاڻ جو عشق انسانيت کي ختم ڪري ڇڏي ٿو. سرمد کي به انهيءَ ئي ختم ڪيو هو. انهيءَ ڪري، انهيءَ راهه کي آسان نه سمجهه.[

حضرت سچل سائينءَ پنهنجي حقيقي عشق جو جيڪو تجربو بيان فرمايو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته پاڻ جڏهن عشق جي بحر ۾ وڃي پهچن ٿا، ته کين ذات مطلق کان سواءِ ڪوبه حقيقي وجود ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. انهيءَ ڪري دنيا کان منهن موڙي ڇڏين ٿا:

چون به هر سوي دويدم، به بحر عشق رسيدم،
نعره اي موج شنيدم، جـُـرعه اي ز درد چشيدم،

 

غير آن يار نديدم، سرزِ عالم بکشيدم. (ص 8)

 

]مان جڏهن هر طرف ڊوڙڻ کان پوءِ عشق جي بحر تي وڃي پهتس، ته اتي موج جو آواز ٻڌم، ۽ اتان ئي درد جو چـُڪو چکيم. مون کي انهيءَ ذاتِ واحد کان سواءِ ٻيو ڪوبه يار ڏسڻ ۾ نه آيو. انهيءَ ڪري مون دنيا کان منهن موڙي ڇڏيو.[

ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته همه اوست جو اقرار اهڙيءَ طرح ڪن ٿا، جيئن ڪو پنهنجو تجربو يا صحيح مشاهدو بيان ڪندو هجي. ان کان پوءِ انهيءَ نظريي کي قرآن حڪيم جي آيتن ۽ عقلي دليلن جي ذريعي سمجهائڻ ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. قرآن مجيد جي آيت اينما تولو افثم وجـه الله (يعني جيڏانهن تون رخ ڪندين، اوڏانهن الله هوندو.) ڏانهن اشارو ڪندي، فرمائين ٿا، ته جڏهن تون تقليد جو رستو ڇڏي پاڻ تحقيق ڪندين، ته پوءِ توکي هر طرف فقط ذات مطلق جوئي جلوو ڪارفرما نظر ايندو(1).

اين راه نه تقليدي، چونکه براو تو رسيدي،
جرعه زِمـَـي چشيدي، سر ز حبيب بکشيدي،
ثم وجـ
ه الله بديدي، در عشقش بگزيدي.

 

]هي رستو تقليد جو نه آهي. تون جڏهن ان جي ويجهو پهچندين، ته شراب جو هڪ ڍڪ پيئندين ۽ منهن، حبيب ڏي ڪندين، ته تو کي هر طرف الله ئي الله نظر ايندو. پوءِ تون ان جو عشق اختيار ڪندين.[

قرآن شريف جي آيت، وَ هـُوَ مـَعکـُم اَينـَما کـُـنتـُم (يعني، اوهين ڪٿي به هجو، الله اوهان سان گڏ آهي.) جو حوالو ڏيئي، انهيءَ ئي مسئلي کي ثابت ڪن ٿا:

وَ هـُوَ مـَعکـُم اقرار است، ڪلمه آن حق اعتبار است.
کـُـنم از سر بياني، بجهان عين عياني،

 

نبـُـود شـَـک و گـُماني، بـُـود اسرار نهاني. (ص 8)

 

]وهو معکم جو اقرار آهي، ۽ هي حق جو ڪلمو قابل اعتبار آهي. مان هڪ اهڙي راز کي دنيا جي اڳيان بي نقاب (ظاهر) ڪري رهيو آهيان، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو ڪونهي. واقعي، هي هڪ ڳجهو راز آهي.[

ظاهري تمثيلن ذريعي سمجهائين ٿا، ته ڳـُـڙ، مصري ۽ کنڊ بظاهر جدا جدا شيون آهن، پر اهي هڪ ئي شيءِ، ڪمند مان پيدا ٿيون آهن. يعني ڪثرت ۾ دراصل وحدت جو ئي جلوو آهي. فرمائين ٿا:

اي زِ وحدت کثرت بين، قند و مصري شکر بين،
در اصل نيشکر بين، زو همين هر اثر بين،

 

هست يکسان نه دگر بين، اي پسر کن تو نظر بين. (ص 10)

 

]اي پـُـٽ! وحدت مان ڪثرت کي ڏِسُ. تو کي جيڪي ڳـُـڙ، مصري ۽ کنڊ نظر اچن ٿا، اهي دراصل ڪمند مان ئي آهن، ۽ ان جا مختلف روُپ آهن. انهن کي هڪ ئي سمجهه، هڪٻئي کان مختلف نه سمجهه ۽ چڱيءَ طرح سان غور ڪر.[

اُن کان پوءِ، ٻـِـجَ جو مثال ڏنو اٿن، جنهن مان وَڻَ پيدا ٿئي ٿو. جنهن ۾ جدا جدا ٽاريون، پـَـن ۽ ميوو ٿئي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ سون، مـِـٽي ۽ ڪپهه جو مثال به ڏنو اٿن. فرمائين ٿا ته سون مان مختلف زيور ٺهن ٿا، مـِـٽيءَ مان علحده علحده قسم جا ٿانوَ ٺهن ٿا، ۽ ڪپهه مان جدا جدا قسم جا ڪپڙا تيار ڪيا وڃن ٿا، پر مختلف زيورن جو اصل هڪڙو ئي آهي، يعني سون. مـِـٽيءَ جي ٿانون جي ابتدائي شيءِ به هڪ ئي آهي، يعني مـِـٽي. اهڙيءَ ريت مختلف ڪپڙا به ساڳيءَ ڪپهه مان تيار ڪيا وڃن ٿا.

ان مان سندن اهو مطلب آهي، ته ڪثرت ۾ دراصل وحدت ئي ڪارفرما آهي. اهو ثابت ڪرڻ کان پوءِ، فرمائين ٿا، ته تون پاڻ کي چڱيءَ طرح سڃاڻ، اها ذات تو کي تو ۾ ئي ملندي:

پاڪ ذات اندرون تو، گم گشتي و شـَـوي او،
من نيم اوست هميگو، هست آن احد مدان دو،

 

دست از خويشتن شو، راست گفتم بيان نو. (ص 12)

 

]اها ذات پاڪ تو ۾ ئي آهي، تون پنهنجو پاڻ کي گم ڪر ۽ هـُـو ٿي وڃ. هي مان پنهنجي طرفان نه، پر ان جي چوڻ تي ئي چئي رهيو آهيان. ان کي ٻه نه سمجهه، هو هڪ آهي. تون پنهنجو پاڻ تان دستبردار ٿي وڃ. هيءَ مان نئين، پر سچي ڳالهه ڪئي آهي.[

سندن نظر ۾ آدم جي عظمت جو سبب به اهوئي آهي. طالب کي سندس عظمت هن طرح سمجهائين ٿا:

تون نه جـُـو اي دريا اي، ايک در غير نيايي،
اين همه از تو ضيا اي، بگذر از زهد ريا اي،

 

هست درجه تو علايي، نه فنايي به بقايي. (ص 12)

 

]تون پاڻيءَ جي ننڍي واهي نه آهين، پر درياهه آهين. تون پاڻ کي غير ۾ شامل نه ڪر. هر شيءِ ۾ تنهنجو ئي جلوو آهي. نمائشي زهد کي ترڪ ڪر. تنهنجو مرتبو تمام بلند آهي. تون فاني نه، پر باقي آهين.[

سندن نظر ۾ جسم فاني ۽ روح باقي ۽ اصل شيءِ آهي، سـِـپ ۽ موتيءَ جي تمثيل جي ذريعي، انهيءَ شيءِ کي هن طرح سمجهايو اٿس:

جسم هست اين يک خانه، جاي پاکيزه شهانه،
در صدف چون دردانه، اين نباشد بتخانه؟

 

بيشکني شو مردانه، تا شوي يار يگانه. (ص 12)

 

]هي جسم هڪ گهر جيان آهي، جيڪو ڏسڻ ۾ تمام سٺو ۽ شاندار نظر اچي ٿو. روح ان ۾ ائين آهي، جيئن سپ ۾ موتي. ڇا هي گهر بتخانو نه آهي؟ همت کان ڪم وٺي، ان کي ٽوڙي ڇڏ، جيئن تون يگانو يار بنجي وڃين.[

يعني فنا کان پوءِ ئي بقا حاصل ٿئي ٿي. هڪ ٻئي هنڌ فنا کي هن طرح سمجهايو اٿس:

نيست  ز آنجا بگذشتن، دست از عالم شـُـستن،
باز پس نيست برفتن، از همه دل بگـُـسِستن،

 

هست اينجاي کـُـشتن، ز کفر و دين بر گشتن. (ص 14)

 

]اوڏانهن وڃڻ جو مطلب ئي دنيا کان هٿ ڌوئڻ آهي. پوءِ وري واپس نه اچجانءِ. هر شيءِ کان قطع تعلق ڪجان. پنهنجو پاڻ کي هت فنا ڪجانءِ ۽ دين ڪفر کان مـُـنهن موڙي ڇڏجان“.[

اها جان قربان ڪرڻ جي تعليم فقط عشق ئي ڏئي ٿو:

عشق تا سر چو بر آرد، اشک از ديده ببارد،
رُو بناموس نيارد، هيچ جاي نگذارد،

 

دانه سبحه نه شمارد، در ره حق بسـُـپارد. (ص 14)

 

]جڏهن عشق ظاهر ٿيندو آهي، ته اکين مان ڳوڙها وهائي ڇڏيندو آهي. نه ناموس ۾ عزت ڏي نهاريندو آهي، ۽ نه ئي ڪٿي ٿانيڪو ڇڏيندو آهي، عشق تسبيح پڙهڻ نه سيکاريندو آهي، هو حق جي راهه ۾ پاڻ کي حوالي ڪندو آهي.[

عشق دارد دو نشاني، ميکند اين تن فاني،
بس بقا باقي ماني، اين اشارت
من راني،

 

ز حديث ات بخواني، از پيغمبر سـِـر داني. (ص 14)

 

]عشق جون ٻه نشانيون آهن: پهرين اها ته جسم کي فنا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ٻي اها ته پوءِ ابدي زندگي بخشيندو آهي. هي من راني جو اشارو آهي، ۽ تون حديث شريف سان به ان جي تصديق ڪري سگهين ٿو. دراصل هي پيغمبرانه راز آهي.[

من راني مان هيءَ حديث مراد آهي: مـَـن رَانـِـي فـَـقـَـد راءَ اللهُ (يعني، جنهن خدا جو رسول ڏٺو، ان الله کي ڏٺو). ابن عربي ۽ ٻين صوفي بزرگن، نهايت کـُـليءَ طرح چيو آهي، ته سڄي ڪائنات جا ڪارڻي به حضور صلي الله عليـه و آلـه وسلم جن آهن، ته فيض جا سرچشما به پاڻ ئي آهن. ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو، ته الاهي اسرار ۽ رموز سمجهائڻ واري فقط هڪ ئي ذات آهي. حضرت سچل سرمست به انهيءَ هستيءَ جي آڏو سر جهڪائي عرض ٿو ڪري:

به همين عالم اظهار، هست اين ڪلمهء اقرار،
يا محمد مصطفيٰ
صلي الله عليه وسلم، يا مجتبيٰ، رخ مرا نماي يا نورالهديٰ،

 

ما که غريب و مسکينم، تو همي داني که ما. (ص. 18)

 

]هن ڪائنات ۾ جنهن ڪلمي جي اقرار جو اظهار ٿيو آهي، سو هيءُ آهي ته يا محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله  وسلم، يا مجتبيٰ، يا نورالهديٰ، مون کي پنهنجيءَ زيارت سان نواز. اوهان کي خبر آهي ته مان هڪ غريب ۽ مسڪين آهيان.[

بادشاهه من تـُـو اي، من بنده ام،
اندر اين بدکاري شرمنده ام،
رحم فرما بر من مسکين تو،
ده دلم يا نبي تسکين تو،
آمدم عاجز بدر تو شرمسار،

 

کرده ام عصيان بيحد بيشمار. (ص. 18)

 

]اوهين منهنجا بادشاهه آهيو ۽ مان اوهان جو غلام آهيان. مان پنهنجن ڏوهن تي شرمسار آهيان. يا رسول الله مون مسڪين تي رحم فرماءِ، ۽ يا نبي الله منهنجي دل کي تسڪين عطا ڪر. مان اوهان جي دروازي تي ندامت ۽ انڪساريءَ جو سر وٺي آيو آهيان، جو مون بيحد ۽ بي حساب گناهه ڪيا آهن.[

اين گدا بدرت اميدوار، بخش ديدارم مرا اي شهسوار،
ناله بشنو يا شفيع المذنبين، ولي تو باشي رحمت اللعالمين،

 

]هي پينو اوهان جي در تي اميدوار ٿي حاضر ٿيو آهي. اي شهسوار، مون کي پنهنجي ديدار جو شرف عطا ڪر. اي شفيع المذنبين، منهنجي فرياد ٻـُـڌ. اوهين رحمت اللعالمين آهيو، اوهين هن ڪائنات جا سردار ۽ مير مرسل آهيو، اوهين پنهنجيءَ صفات ۾ الله جي ذات جا خاص مظهر آهيو. [

------


 

حسن و عشق

سونهن سان اسان جو ازلي ناتو آهي. هو هميشـه سونهن جو متلاشي رهيو آهي. هن هر ماڳ ۽ مڪان، وٿ ۽ وکر ۾ حسن کي ڳوليو آهي، ۽ عشق کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني آهي. هن جي رهڻي ڪهڻي جي ڦيرگهير، ثقافت ۽ معاشرت جي اُٿل پٿل، جمال جي جلوي جو نتيجو آهي. حسن ۽ عشق جا داستان، انسان جي فن ۽ فڪر تي اثر انداز ٿيا آهن. سمورا لطيف فن، جماليات جي جلوي جي پيداوار آهن، ۽ انسان جي انهيءَ فطري جذبي جي ترجماني ڪن ٿا. خاص طرح شاعريءَ جو بنياد ئي انسان جي جمالياتي ذوق ۽ شوق تي آهي. جڏهن حسن ۽ عشق، دل ۾ تڙپ پيدا ڪري ٿو، ته شاعري وجود وٺي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو شاعري سراپا سونهن آهي، ۽ سونهن سان ان جو گهرو، گهاٽو ۽ ازلي سٻنڌ آهي. يعني حسن و عشق، درد ۽ سوز، هجر ۽ وصال شاعريءَ جا بنيادي ۽ بين الاقوامي مضمون آهن. سچل سائينءَ به نهايت سهڻين تشبيهن سان محبوب جي حسن جي تعريف ڪري ٿو. ديوان خدائي ۾ فرمائي ٿو:

1. ناگه دلم ربوده باناز آن نگاري،

 

در کوچه اي محبت کرده عجب شکاري.

 

2. ابروئي کج کمانش چشمان سياه مستش،

 

از تير مزگان بگرفته ام کناري.(1)

 

معنيٰ: 1. هن محبوب اوچتو جلوو ڏيکاري، منهنجي دل کسي ورتي ۽ محبت جي گهٽيءَ ۾ عجب انداز سان مون کي شڪار ڪيو.

2. ان جا خمدار ابرو ڪمان وانگر آهن ۽ ان جون ڪاريون اکيون مست آهن، جن پلڪن جا تير هلائي مون کي گهايل ڪري ڇڏيو.

اهڙيءَ طرح جمال جو جلوو، حسن جي هاڪ، وڇوڙي جا ورلاپ، درد جون دانهون ۽ وصال جون وايون سندس سموري سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ڪلام ۾ نمايان نظر اينديون. اهڙي قسم جو ڪلام هن انتخاب ۾ جدا جدا صنفن مان ڏنو ويو آهي.

سچل سائينءَ جي حسن و عشق جو تصور به حقيقي آهي. حسن مان سندس مطلب آهي: حسن حقيقي، جنهن کي نه فنا آهي ۽ نه زوال. انهيءَ ڪري هو جنهن عشق جو ذڪر ڪري ٿو، اهو حقيقي آهي، ۽ نه مجازي:

عرش ڪرسيءَ تون اچي اتاهين،
من سچوءَ جي تو مائين ڀلي مائين.


 

---

پسڻ ڪارڻ اکڙيون، صاحب سارن ٿيون،
پاڻيءَ گاڏئون رت جان، هنجون هارن ٿيون،
اکيون ڏسن نه غير ڪو، واحد وارن ٿيون،
سچو اهي ڳالهڙيون، نت مون کي مارن ٿيون.

 

---

عقل علم سڀ ڇوڙ ڏتوسي، عشق ڏنو اولارو،
اکيان کول ته ظاهر ڏيکين، سير سڄڻ جو سارو،
پرجهي پير اوڏانهين پايو، هوت اٿوَ هاڪارو.

 

مطلب ته، سچل سائين، انسان جي انفرادي حيثيت کي امر بنائڻ لاءِ حسن حقيقي سان نينهن نڀائڻ جو ڏس ڏئي، فنا جي منزل جا اسرار ۽ رموز سمجهائي ٿو. هو چوي ٿو، ته وجود وڃائڻ کان سواءِ وحدت جي واديءَ ۾ پهچي نه ٿو سگهجي. انهيءَ ڪري، هو بار بار انهيءَ ڳالهه تي زور ڏئي ٿو، ته پنهنجو پاڻ کي فنا ڪر. انهيءَ کي نفي يا فنا چيو ويندو آهي. فنا کان پوءِ ئي بقا آهي، ۽ نفيءَ کان پوءِ ئي اثبات آهي. هو حسن حقيقي جي وصال لاءِ درد جون دانهون ۽ وڇوڙي جا ورلاپ ڪري، مستيءَ ۽ مدهوشيءَ ۾ حقيقت بيني ۽ حق شناسيءَ جو سبق ڏئي ٿو.


 

(1) مثنوي عشق نامه: ص 6، مرتب: قاضي علي اڪبر درازي، نومبر 1962ع

(1) مثنوي وحدت نامه: ص 16، مرتب: قاضي علي اڪبر درازي، سچل سرمست ڪوآپريٽو سوسائٽي، بار دوم، 1978ع

(1) مولانا صوفي عبدالرحمان سنڌي، اصل ۾ شڪارپور لڳ ڳورو پاهه جو ويٺل هو. اسلامي ملڪن کان سواءِ، برصغير پاڪ و هند جو سير و سفر ڪيائين، ۽ ڪيترن ئي بزرگن سان ملاقاتون  ڪيائين. آخر لکنو جي هڪ مسجد ۾ وڃي رهيو. وفات به اتي ڪيائين، ۽ اتي ئي مدفون ٿيو. سندس وفات سنه 1829ع ۾ ٿي. وڏو عالم، فاضل صوفي هو. وحدت الوجود جو قائل هو.

(1) مثنوي رهبر نامه: ص 16، مرتب: قاضي علي اڪبر درازي، جنوري 1964ع

(2) مثنوي رهبر نامه: ص 4 -6.

(3) مثنوي وحدت نامه: ص ص 4-6، مرتب: قاضي علي اڪبر درازي، جنوري 1964ع

(1) مثنوي گداز نامه: علي اڪبر درازي، ص 24، مطبوعه اتحاد پريس سکر، 1963ع

(1) مثنوي درد نامه: ص 3، مرتب: قاضي علي اڪبر درازي، سچل سرمست ڪوآپريٽو اڪيڊمي خيرپور، جنوري 1963ع

(1) مثنوي وحدت نامه: ص 18، مرتب: قاضي علي اڪبر درازي، سچل سرمست ڪوآپريٽو اڪيڊمي، خيرپور ڊسمبر 1964ع

(1) تقليد اختيار نه ڪرڻ بابت وحدت نامه سنڌي جو هڪ بيت آهي:

هيءَ نه واٽ هـُـئاءِ جي، اُهي نڪا تقليد،
تحقيقاً توحيد، آهي راهه رسول جي.


 

(1) ديوان خدائي: ص. 6، مرتب: قاضي علي اڪبر درازي دفعو ٻيو، سيپٽمبر 1979ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com