حصو ٽيون
متفرق ڪلام
ڪبت
]ڊگهن بيتن کي
”ڪبت“
چيو ويندو آهي. هن قسم جي بيتن ۾ سٽن جو تمام گهڻو
تعداد هوندو آهي، ۽ قافيو سڀني سٽن جي آخر ۾ ايندو
آهي. سٽن جي گهڻي تعداد جي ڪري، ڪبت ۾ ڪو مضمون يا
مسئلو تفصيل ۽ وضاحت سان سمجهائي سگهجي ٿو. اهوئي
سبب آهي، جو تصوف جا ڪي خاص مسئلا ۽ مذهبي
ڳالهيون، ڪبتن ۾ ئي تفصيل سان سمجهايون ويون آهن.
مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي ۽ ٻين عالمن، مذهبي مسئلا ۽ ڳالهيون
ڪبتن ۾ بيان ڪيون آهن. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
”حقيقت
محمدي“
نهايت تفصيل ۽ وضاحت سان ڪبت ذريعي سمجهائي آهي.
حضرت سچل سرمست توحيد خالص ۽ وحدت الوجود جو نظريو
”وحدت
نامو“
جي عنوان سان هڪ ڊگهي ڪبت ۾ بيان ڪيو آهي. فقط اها
ئي هڪ 176 مصرعن تي مشتمل ڪبت سندس رسالي ۾ موجود
آهي، ۽ رسالي جي شروعات انهيءَ سان ٿئي ٿي. هن ۾
سچل سرمست پنهنجو نظريو ۽ پيغام نهايت پختن دليلن
سان بيان ڪيو آهي. هن هيٺ انهيءَ ڊگهي بيت (ڪبت)
مان ڪجهه مصرعون ڏنيون وڃن ٿيون.[
وحدت نامو
اول ساراهه ڪر سبحان جي، موليٰ جو ملڪن،
مڙيائي محفوظ ڪيا، ڏسو ڏيهه ڌڻين،
ڪي ڪامل ڪرسيءَ تي چڙهي، وهه وهه وعظ ڪن،
ڪي ڪاتب ڪتابن جا، سوين سبق ڏين،
ڪي مسئلا مسائل ڪيون، ناميان نبيرن،
ڪي پڙهيا پاڻ پروجهه سان، پڙهيون پڙهائين،
ڪي وردن وظيفن ۾، شاغل روز رهن،
ڏسيون وائسيون ورق کي، وريون ورائين،
سڪ سچيءَ کون ڪونه ڪو، سبق سور سکن.
* * *
اُهي رهيا اُتهين، مٿي ڪين چڙهن،
ڪيئي آهن قال ۾، باتيون بـَـس نه ڪن،
ڪي وڃي رسيا حال کي، ڪي بيٺا ٻاڏائين،
ڪي لنگهي هليا حال کئون، نڪي قال ڪهن،
ڪي دنيا جي طلب ۾، هنيا حرص هڄن،
”طالب
الدنيا مؤنث“، محبت ناهي تن،
ڪي ڪوڏيا عقبيٰ جا ٿيا، هنيا ليءِ حورن،
”طالب
العقبيٰ مخنث“، مڙس نه سي چئجن،
عاشق جي الله جا، سي سائينءَ سيبائين،
”لا
موجود اِلا الله“، حاضر ڪيون وتن،
”طالب
الموليٰ مذڪر“، هن رسايا رمزن،
ٻئي جهان ڦٽا ڪيو، ٿا ٽئين جهان وڃن،
اصلئون ئي اختيار ڪيو، فقر فقيرن،
”الفقر
خزينة من خزائن الله“ بعضن کي بخشن،
”الفقيرلا
يحتاج الي الله“ ٻيون ڏنائون ٻن،
”الفقر
فخري والفقر مني“، ائين اُتو عجيبن،
وتن ويڳاڻا ورهه ۾، نيڻين ننڊ نه ڪن،
راتو ڏينهان روح ۾، چپ نه ڪو چورين،
”من
عرف ربـه
کل لسانـه“،
ٻڌي زبان انهن،
نشي تن کي
”نانهه“
ڪيو، مورئون
”مان“
نه چون،
”قل
کـُـل من عندالله“، اهو ڪيائون ڪن،
”والقدر
خيره وشرهَ من الله تعاليٰ،“
سڀ اوڏانهون ڄاڻن،
موليٰ جي محبت ۾ کيا ٿيا وتن،
سڏڪا سڀئي سوز جا، ڀنينءَ رات ڀرن،
آديسي ارمان ۾، گهوماٽيا گهمن،
ڪين رئڻ کئون ان جيون، اکيون اوڪارن.
* * *
نـِهائينءَ کئون نيهنڙو، سکيو ساميئڙن،
مچ مچايو من ۾، ٻاڦ نه ٻهر وجهن،
عاشق مٿئون آگ جي، اولارا ڏين.
* * *
ڪـَـن سر صدقي دوست تئون، ٻيا پـَـهـَـه ڪين پڇن،
نينهن نهوڙيا نڪڻيان، جنهن پر ڪاپڙين،
هڻي درد دهيون ڪيا، سندي سپيرين،
ڪڏهن اڇا ڪپڙا، ڍار نه ڪنهن ڍڪن،
منهن ميرا مٿي ٿيرا، اهڙيون طرحان تن،
ڪائي تن جي ڪانڪا، جڙي ليڙ لڱن،
مٿين پيرين برهنه، ايڏو سور سهن،
پرٽيو پروانن جان، ڪاهيو تت پون،
ڀـڀڙ باهه عشق جي، سپورن سڙن،
کامي لهسي لوسجي، لائق لعل ٿين،
آوڙي عام نه ان کي، جي سينڌائي سڄڻن،
اچو پون آڙاهه ۾، سر جو سانگ نه ڪن،
ڊڄو ڪنهن جس جهوپڙا، آڏا ڪين اڏن،
اوڏنهن وِٿ متان پوي، گهنگهر اي گهارن،
ريءَ پريان تن کي ٻيون، ڳالهيون ڪسُ لڳن،
ڏاڍا ڦٽ فراق جا، تن جي چت چاڪن،
ورهه وڍي واڍوڙ ڪيا، رويو رت رئن،
”مو
تواقبل ان تموتوا“، ائين منُ مارن،
اهي مرڻ کئون اڳي مئا،
”مان“ کي ڪين مڃن،
دشمن دوست هڪ ڪيون، گودڙيا گڏجن،
ان جي اکين اَگم سٽيا، بوندان بس نه ڪن،
سر ڏيو سنوپرا، وَٽي وِرهه وٺن.
* * *
واديءَ ۾ وحدت جي، دانـَهـَه پير ڌرن،
”تون
–
مان“
وڃي وچ مون، ته ڪي پاڻ پسن،
شڪ يقين اٿي ويو، برابر چون،
هادي مريد هڪ ٿيو، تفاوت نه ڪن،
عابد ۽ معبود سو، هڪ نگاهه پسن،
پاڻ پڙهي پاڻ بهي، پاڻ ئي سجدو ڪن،
* * *
بازيون بازيگر ڏسي، انهيءَ ڀت ڀلن،
تان اکيون، ڪن، زبان سي، ٻوليون ٿيون ٻولن،
اسين آهيون آدمي، بيحد مون بشرن،
نا ته مڙيو ئي پاڻ ٿيو، سميع بصير ڏسن،
عين عليم ڪليم ٿيو، قادر قدرتن،
هي مڙيو ئي وصفان، اندر آدمن،
هي مڙيو ئي حق ٿيو، ٻيا باقي ڇا بچن،
وصفن ايئن ساڻ، اصل آدمي ڏن،
هـِـت آدم مؤن الله ٿيو، ٻيا سڀ شڪ ڀڄن.
------
مسلسل دوها
]”دوهو“ هندي شاعريءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪو ٻن سٽن
تي مشتمل هوندو آهي، ۽ قافيو ٻنهي سٽن جي آخر ۾
هوندو آهي. سنڌي شاعرن به اهڙي قسم جا بيت چيا
آهن. سچل سرمست جي رسالي ۾، دوها جي سٽا سان
وابسته هڪ نئون تجربو ملي ٿو، جيڪو ٻي ڪنهن به
سنڌي شاعر وٽ نظر نه ٿو اچي. ڪنهن خاص مضمون کي
سمجهائڻ ۽ بيان ڪرڻ لاءِ، مسلسل دوها ڏنا ويا آهن.
هر دوهي ۾ جدا جدا قافيو آهي، پر مضمون ۾ تسلسل
آهي. دوهن جي سلسلي جي شروع ۾ هڪ منظوم مصرع آهي،
جيڪا دوهن سان قافيه جي لحاظ کان ڪو تعلق نه ٿي
رکي، پر مضمون جي لحاظ کان ان ۾، دوهن جي مضمون جو
ڄڻ عنوان بيان ڪيل آهي. اهڙي قسم جي شاعريءَ جي
صنف حضرت سچل سرمست کان اڳ ڪنهن به سنڌي شاعر وٽ
نظر نه ٿي اچي، ۽ نه پوءِ ئي ڪنهن شاعر ان جي تتبع
ڪئي آهي. انهيءَ ڪري اها انوکي صنف حضرت سچل سرمست
جي ايجاد چئي سگهجي ٿي.
”دوهي“
جي سٽا جي نسبت جي ڪري ان کي
”مسلسل
دوها“ نالو ڏنو وڃي ٿو. هن کي ڪافيءَ جو هڪ قسم به چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو
ڪافي وانگر هي نظم ڳائي سگهجي ٿو.[
هدايت
هادي ويڙهي آيو، هاڻي سائين هيئن سمجهايو،
والي ويڙهي آيو.
1.
”ڪڏهن
ٿيو ڪونه ڪو،
راتو ڏينهان تن اتي،
2.
”خاڪئون
هلج خاص ٿي،
چـِـڙيءَ چنو ماريئي،
3.
”جيڪو
اصل آهي،
گهوڙي چڙهندڙ گم ٿيو،
4.
”گرد،
ڳجهو ڪيو طالبو،
گهوڙي وارو گم ٿيو،
5. آيو بحر جوش ۾،
هيءِ هيءِ آيو نانءَ ۾،
6.
”لڙ
منجهون ٿيو اڇوڪارو،
بيحد رنگ گهڻا ٿيا ظاهر،
7.
”سانوڻ
لٿو، هڪ ٿي،
ڪارو اڇو لڙ ٿيو،
8.
”نانءَ
لهي ويا ٻاهريان،
ڪـُـوران، ڪـَـسيان، واهڙان،
9.
”هت
سڀيئي درياه ٿيو،
اول آخڙر هڪ ٿيو،
10.
”اصل جيڪي هوس آءٌ،
آخر ٿيندس وڃي اُهوئي،
11.
”اکيون اکڙين ۾ رکي،
”پوي
نظر جت تانهنجي،
12. اکيون اکڙين ۾ رکين،
جي تون خبر اکين جي لهين،
13. اکين مئون معلوم ٿئي،
”سچـو“
سارو سچ ٿيو، |
عاشقن آرام، ميان،
محبت جو ماتام، ميان.“
ڪر پاڻيءَ کون پرواز، ميان،
ٿي شاهين ۽ شهباز، ميان.“
ٿيو هاڻي سو سلطان، ميان،
پيو گهوڙي ۾ جولان، ميان.“
اهو گهوڙي جو هسوار، ميان،
اڀريو گرد غبار، ميان.“
تڏهن موج پئي ٻاهار، ميان،
ٿيو ساوڻ جو سينگار، ميان.“
اصل سو درياه، ميان،
هر ڪو ٿيو گمراه، ميان.“
تڏهن پاڻي موٽيو پوءِ، ميان،
اهو سارو سامونڊوءِ، ميان.“
اهو باقي رهيو نام، ميان،
هت ڪلي ٿيا گمنام، ميان.“
ٻيا ڪوڙا لٿا نانءَ، ميان،
ويا وچائون گـُـناءَ، ميان.“
آهيان هت ڀي سو، ميان،
هڏ آهيان ڪونه ٻيو، ميان.“
تون پنهنجو پاڻ سڃاڻ، ميان،
تت پنهنجو چشم چاڻ، ميان.“
تان هت هـُـت تون هين آنءُ، ميان،
تان تون نرالي نانءُ، ميان.
اهو صورت جو سينگار، ميان،
ٻيو ناهي تفاوت وار، ميان. |
ڪير آهيان
شيءِ آهيان ڪاڪيون ڪير،
1. بعضي ڀايان پتلي،
يا گوءِ آهيان هٿ يار جي،
2. يا ته محل آهيان،
ٻوليون ڪري ڪيتريون،
3. يا ته گهوڙو آهيان،
يا ته موج درياه جي،
4. يا ته مهنديءَ گل تا آهيون،
يا آهيان گل گلاب جو،
5. يا ته چشمو آهيان،
تنهن ۾ سايو سج جو،
6. يا ته پاڇوئي حق جو،
جنهن ۾ ڳالهه ناهه تا،
7. ڳالهه
”سچوءَ“
تا سمجهي،
تا غير خدا جو ناهيين، |
جا سمجهي نه ڄاڻان!
يا آهيان گڏيءَ ڏور،
يا وانگيءَ وانگر زور.
جنهن ۾ شهنشاهه،
ٿو درنئون داناهه.
جو هلائي هسوار،
جا ٻوڙي ٿي ٻاهار.
جنهن اندر لالائي،
جنهن ۾ سرهائي.
جو ابر ڀريو آب،
يا پاڇوئي مهتاب.
آءٌ اصل کون آهيان،
سو ڀي تا ناهيان.
کون هاديءَ اهائي،
آهين
صاحب سدائي. |
ڪلام
]حضرت
سچل سرمست جي رسالي ۾ ڪافين سان گڏ، ڪافين کان
ڪجهه مختلف سـِـٽا وارو شعر به ملي ٿو، جنهن کي
ڪافيءَ
بدران
”ڪلام“
سڏيو ويو آهي. انهن جي فني سـِـٽا مسلسل دوهن سان
ملندڙ آهي، پر جيئن ته انهن جي مصرعن جو وزن
لچڪدار ۽ اينگهه وارو آهي، انهيءَ ڪري انهن کي
بيتن بدران ڪافين جي دفعي ۾ شمار ڪيو ويو آهي، ۽
ڪافين جي طرز تي ڳائي سگهجن ٿيون. انهن ۾ شروع ۾
ٿل وانگر هڪ مصرع ٿئي ٿي، ۽ پوءِ دوهي وانگر ٻن ٻن
سٽن جو بند ٿئي ٿو. هر بند جي ٻنهي سٽن جي پوئتان
قافيو اچي ٿو، ۽ ٻنهي سٽن جي وچ تي به قافيو اچي
ٿو. يعني هر بند جي ٻن سٽن ۾ چار قافيا ٿين ٿا. هر
بند جو پنهنجو قافيو آهي. ان جو نه ٿلَ سان قافيه
جي لحاظ کان ڪو تعلق آهي، ۽ نه ٻين بندن سان قافيه
جي لحاظ کان ڪو لاڳاپو آهي.[
(1)
تو ڪيئن اهي وسري ويا،
جن کي تو ٿي ڪارون ڪيون؟
1. پانڌيءَ پرينءَ جي پار ڏنهن،
آندي خبر اها يار ڏنهن،
آيو اصل اسرار ڏنهن،
دوسن سندي دربار ڏنهن.
2. ڪيئن تون پئين ٻيءَ ڳالهه ۾،
هي جيءُ وجهين جنجال ۾،
چئه، آهين ڪهڙي خيال ۾؟
رهه تون هميشـه حالَ ۾.
3. کانئن پاسي ڏينهڙا پيئه،
سي ڳڻ سندن وسري ويئه،
سچا سخن سانڀڻ ٿيئه،
سڏ کين ڪڏهن نا ڪيئه.
4. ڳالهيون سڄڻ جون ياد ڪر،
دل ساڻ ٿي عاشق اپر،
تا تو اچي نازڪ نظر،
هئي هئي متان ٿئين بيخبر.
5. جيڪس فراق جي فال هئي،
ڪا کين تنهنجي ڳالهه هئي،
تو گڏ جيئڻ جي جال هئي،
اڄ تو نه تن سنڀال هئي!
6. اِتي وساريئي ڪيئن ويهي،
جي ڏيهه هئا تنهنجا ڏيهي،
تو کي آئي مصلحت ڪيئي؟
هاڻ پاڻ ايندا اڄ پيهي.
7.
”سچو“
متان دلگير ٿئين،
اڄ پاڻ فرمايئون ائين،
طالب وڃي تـَـسلا ڏئين،
معافي مـَـدايون ڪيون مئين!
(2)
وعدا اهي اڄ ياد پيا، مون سان قريبن جي ڪيا!
1. ڳالهيون ڳجهيون اهي يار جون،
اصلئون ٻڌم اسرار جون،
سي ٿيون عطا اعتبار جون،
دل ۾ رهيون دلدار جون.
2. واليءَ اهو وعدو ڪيو،
جو ڪم چيوسين سو ٿيو،
هڪ ٻول تو سان، نا ٻيو،
وسري نه مون کون سو ويو.
3. فائق وري فرمائيو،
تون سرُ اسان جو سائيو،
اهو ڏسڻ مون آئيو،
دل ساڻ سو مون لائيو.
4.
”سچو“
سدا سرهو رهين،
هن ٻول اسان جي تي ٻهين،
تون ٺاهه تا هن تي ٺـَـهين،
سر بار برهي جو سهين!
------
مسلسل بيت
]سچل سرمست جي رسالي ۾ هڪ اهڙي صنف به ملي ٿي، جنهن ۾ مسلسل بيت آهن. شروع ۾
هڪ يا ڏيڍ مصرع آهي، جنهن ۾ مضمون ڏانهن اشارو يا
اهڃاڻ آهي. ان کان پوءِ،
بيتن جو سلسلو آهي. هر بيت ۾ گهڻو ڪري ٽي مصرعون
يا سٽون آهن، ۽ قافيو هر سٽ جي آخر ۾ اچي ٿو، جيئن
دوهي جي مصرعن ۾ هوندو آهي. هر بيت جو قافيو جدا
جدا آهي. هن قسم جي صنف به صرف حضرت سچل سرمست جي
رسالي ۾ ملي ٿي. هن ۾ طالب کي سلوڪ جي راهه جون
هدايتون سمجهايل آهن. انهيءَ ڪري رسالي ۾ ان جو
عنوان ئي
”هدايت“
ڏنل آهي. صنف جي سـِـٽا جي لحاظ کان اسان ان انوکي
صنف کي
”مسلسل
بيت“
جو نالو ڏيون ٿا، ۽ مضمون جي نسبت سان ان جو ساڳيو
عنوان “هدايت” رکيو آهي. رسالي ۾ اهڙي سٽا
واريون ٻه هدايتون ملن ٿيون: هڪ ۾ پنج بيت آهن، ۽
ٻيءَ ۾ فقط هڪ بيت آهي. هت ٻئي هدايتون ڏنيون وڃن
ٿيون: [
هدايت 1.
مرشد هادي رهنما، ٿا سمجهائن ائين:
”هـُـو تون ڄاڻج پاڻ کي، متان هيءُ ٿئين،
وحدت جي چوگان ۾، اها گوءِ نئين،
”سچو“
ساڻ يقين جي، هي حال ڏي هئين.“
هدايت 2.
رمزان سي هاديءَ جون، ميان،
جيڪي چيائون مون کي سي سلڻ ناهن.
هوءِ هوءِ ڌريون آهن دل تي.
ڳالهيون ڪري ڳجهه جون، ٿا صاحب سمجهائين،
لا اِلا کون اڳيان، ٿا هادي هلائين،
سمجهڻ
”سمع بصر“
جو، ٿا فائق فرمائين.
خوديون خاص نه ڀانئجو، هي نت نت نمازان،
ڄاڻو ڀلي ڳالهڙي، هي سوز و گدازان،
اٿـَوَ انالحق جي، اها عبارت آوازان.
هيءِ هيءِ هڪڙي ڏينهڙي، ٿا هادي ائين چون،
جن نه سمجهي هت ڳالهڙي، سي سڀان گهڻو رُوَن،
جن نه سڃاتو هتهين، سي هـُـت ڀي ائين هوَن.
جيڪي ڀليون ڳالهڙيون، انهن پڄڻ پري آهه،
ڪوڙا قصا کهه پيا، يار سڃاڻ سواءِ،
پـُرجهڻ آهي پاڻ کي، ٻي ڀلي بات نه ڪاءِ.
هادي حقيقت جي، يار، موٽي هيئن چيو:
”آقا
آهي هيءُ، ادا آهي ڪونه ٻيو،
جي ئي لنگهيا سڀ کون، يار مقصد تن ٿيو،
سائين ساڳيو اٿـَـوَ، جو وجودئون ويو.“ |