سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: سچل جو سنيهو

باب: --

صفحو : 5

علمي ۽ ادبي ماحول

 حضرت سچل سرمسترحه جي زماني ۾، سنڌ ۾ ڪيترائي عالم، فاضل ۽ شاعر موجود هئا. سندس وڏن معاصرن، بزرگن ۽ عالمن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي(وفات: 1760ع)، مخدوم محمد معين ٺٽوي، حاجي شاهه فقير الله علوي، مير علي شير قانع ٺٽوي، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، مخدوم عبدالرحمان کهڙن وارو وغيره. سندس ڪيترن ئي وڏن معاصرن ۾ فارسيءَ جي شاعرن جا نالابه ملن ٿا، جهڙوڪ: محمد پناهه رجا، غلام علي مداح، شيوڪ رام عـُـطارد ۽ مير جان الله شاهه رضوي وغيره.

سچل سائينءَ جي وڏن معاصرن ۾ ڪيترن سنڌي شاعرن جا نالا به ملن ٿا، جن الف اشباع جي نظم ۾ ڪتاب به لکيا ته وائي، ڪافي ۽ بيت جي صنفن ۾ به پنهنجا جذبات ۽ احساسات بيان ڪيا. انهن شاعرن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، ميان صاحبڏنو فاروقي رحه، سلطان الاولياءِ خواجه محمد زمانرحه لنواري وارو، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ روحل فقير جا نالا قابل ذڪر آهن.

انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ تعليمي درسگاهه موجود هئا. خاص طرح سان ڇهه وڏا علمي مرڪز هئا، جهڙوڪ: سيوهڻ، ٽپٽه (ٽلٽيءَ جي ڀرسان)، کهڙا، مٽياري، مهڙ (ولهار، عمرڪوٽ جي ڀرسان) ۽ چوٽياريون. اتي جي مدرسن کي سنڌ جا ٽالپر حڪمران وڏي مالي مدد ڪندا هئا. ان کان سواءِ، مالدار ماڻهو به پنهنجو مال ۽ ملڪيتون مدرسن جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا. پڙهائيندڙ عالمن کي چڱي پگهار ملندي هئي ۽ معاشري ۾ انهن جو وڏو مان هوندو هو. ان زماني جي عالمن، فاضلن ۽ بزرگن مان، هنن بزرگن جا نالا قابل ذڪر آهن:

مخدوم محمد عارف سيوستاني (وفات: 1809ع)، مخدوم عبدالواحد سيوستاني (وفات: 1809ع)، شيخ محمد عابد انصاري(وفات: 1841ع)، مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي (وفات: 1810ع)، پير محمد راشد روضي ڌڻي (وفات: 1818ع)، پير صبغت الله شاهه (وفات: 1831ع)، مولانا عبدالحڪيم ڪنڊوي (وفات: 1838ع)، مخدوم محمد حسن سيوهاڻي (وفات: 1805ع)، خواجه گل محمد لنواري وارو (وفات: 1803ع)، خواجه محمد زمان دوم لنواري وارو (وفات: 1831ع)، خليفو محمود ڪڙئي وارو (وفات: 1852ع)، قاضي احمد علي سنڌي (وفات: 1815ع)، مولانا عبدالرحمان سنڌي لکنوي (وفات: 1829ع)، قاضي محمد عاقل سنڌي (وفات: 1815ع)، مولانا محمد علي سنڌي (وفات: 1837ع)، مفتي محمد ٻيرائي، نزديڪ قنبر ضلعو لاڙڪاڻو (وفات: 1856ع)، مولانا محمد ڪامل ڪٽباري (وفات: 1824ع)، مولانا محمد حيات ڪٽباري (وفات: 1839ع)، مخدوم محمد عاقل کهڙن وارو (وفات: 1816)، مخدوم ضياءُ الدين کهڙن وارو، سيد عبدالخالق جيلاني گهوٽڪي (وفات: 1790ع)، سيد محمد عابد ثاني جيلاني گهوٽڪي (وفات: 1799ع)، سيد فيض الله شاهه جيلاني گهوٽڪي (وفات: 1831ع)، مـُـلا صاحبڏنو شڪارپوري (وفات: 1834ع)، ملا اويس شڪارپوري، محمد عارف صنعت شڪارپوري (وفات: 1850ع)، مير فخر الدين علوي شڪارپوري (وفات: 1854ع)، مخدوم عبدالله ٺٽوي (وفات: 1810ع)، قاضي احمد دمائي (وفات: 1817ع)، قاضي محمد حسين ثاني ٺٽوي (وفات: 1834ع)، مخدوم محمد اسماعيل وسين وارو (وفات: 1834ع کان اڳ)، قاضي محمد شڪارپوري، مخدوم محمد عارف سنائي (وفات: 1807ع کان پوءِ)، مخدوم عبدالڪريم ٺٽوي (وفات: 1855ع)، صوفي سيد عبدالوهاب جيلاني (وفات: 1800ع کان پوءِ)، مولانا محمد عيسيٰ چوهڙپوري، ضلعو لاڙڪاڻو، مخدوم عثمان متعلوي (وفات: 1804ع)، خواجه نظام الدين مجددي شڪارپوري (وفات: 1856ع) ۽ پير سيد محمد ياسين جهنڊي وارو (وفات: 1858ع).

سچل سائينءَ جي زماني ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي فارسي شاعر به موجود هئا، جهڙوڪ: سيد ثابت علي شاهه (وفات: 1810ع)، سيد عظيم الدين عظيم ٺٽوي (وفات: 1823ع)، مير غلام علي مائل (وفات: 1835ع)، مير ڪرم علي خان ڪرم (وفات: 1828ع)، منشي صاحبراءِ آزاد، نواب ولي محمد خان لغاري (وفات: 1832ع)، آخوند محمد قاسم، دلپتراءِ دلپت (ديهانت: 1841ع ڌاري)، ملا صاحبڏنو (وفات: 1834ع)، اميد علي سها، محمد عارف صنعت، آخوند محمد بچل انور، مخدوم محمد صالح وزير آبادي وغيره.

سچل سائينءَ جي همعصرن ۾ سنڌي شاعرن جا نالا به ملن ٿا، جن شعر جي هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي. انهن شاعرن مان سيد ثابت علي شاهه، پير محمد راشد روضي ڌڻي، ملا صاحبڏنو، دلپت، سامي، صديق فقير سومرو، دريا خان، فتح فقير، خليفو نبي بخش ۽ پير محمد اشرف جا نالا قابل ذڪر آهن.

هن زماني ۾ آخوند عزيز الله (وفات: 1824ع)، سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جو تحت اللفظ ترجمو ڪيو. سنڌي زبان ۽  ادب جي اها خوشبختي آهي، جو ان جي نثر جي شروعات قرآن مجيد جي ترجمي سان ٿي.

ادبي جائزو: هن دؤر ۾ سنڌي زبان ۽ ادب وڏي ترقي ڪئي. هن دؤر جو جائزو پيش ڪجي ٿو:

1. هن دؤر ۾ ڪافيءَ ۾ وڏي پختگي آئي ۽ منجهس دلڪشي ۽ رنگيني آئي. گهاڙيٽن جا ڪيترائي نمونا مروج ٿيا ۽ فن توڙي فڪر ۾ وڏي وسعت آئي. ڪافيءَ کي عروج تي پهچائڻ وارو حضرت سچل سرمست رحه آهي، پر ٻين ڪيترن شاعرن ڪافيون چيون، جهڙوڪ: دلپت، مير رستم خان، مير عالي خان، مير مبارڪ خان، فتح فقير، مراد فقير، صديق فقير سومرو وغيره.

2. هن دؤر جي شاعرن جي شعر ۾ فارسي ۽ عربي لفظ ڪجهه قدر گهڻا ملن ٿا. سيد ثابت علي شاهه جي مرثين ۾ فارسي ترڪيبن جا سهڻا مثال ملن ٿا.

3. هن دؤر ۾ غزل ڪجهه اڳتي وڌيو. ڪيترن شاعرن جي غزل جا نمونا ملن ٿا، انهن مان حضرت سچل سرمست رحه، سيد ثابت علي شاهه، خليفي ڪرم الله، مير نصير خان ۽ مير حسين علي خان جا نالا قابل ذڪر آهن.

4. علم عروض جي ٻين صنفن جهڙوڪ: مرثيه، سلام، مسدس، مخمس، مثنوي ۽ رباعي جو رواج پيو.

5. هن دؤر ۾ منظوم قصه گوئيءَ جو رواج پيو. ان سلسلي ۾ حفيظ تيوڻي جو مومل راڻو ۽ خليفي عبدالله جو ليليٰ مجنون شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.

6. الف اشباع جي نظم ۾ به ڪجهه ڪتاب لکيا ويا. ان قسم جو شعر سيد خير شاهه، پير محمد اشرف ۽ مولوي ولي محمد وغيره چيو.

7. مولود جي صنف، هن دؤر ۾ وڏي ترقي ڪئي. ڪيترن ئي شاعرن مولود چيا، جن مان ملا صاحبڏني، فتح فقير، خليفي ڪرم الله ۽ پير محمد اشرف جا نالا قابل ذڪر آهن.

8. مداح ۽ مناجات به وڏي ترقي ڪئي. اهڙي نموني جو شعر
ملا صاحبڏني، صدر الدين چارڻ، حمل خان لغاري، فتح فقير، آخوند محمد بچل انور ۽ حسين فقير ديدڙ (قنبر وارو) چيو.

9. هـَـجو گوئيءَ جو رواج به هن دؤر ۾ پيو. سيد خير شاهه ۽ سيد ثابت علي شاهه هڪٻئي جي هجو لکي.

10. رزميه شاعريءَ جا به سٺا نمونا ملن ٿا. هن قسم جا مثال خليفي
نبي بخش لغاري جي سر ڪيڏاري، حضرت سچل سرمست رحه ۽ سيد ثابت علي شاهه جي مرثين ۽ سيد حيدر شاهه جي جنگنامن ۾ ملن ٿا.

11. خليفو نبي بخش پهريون شاعر آهي، جنهن سـُـر ڪيڏاري کي قومي شاعريءَ جي اظهار جو ذريعو بنايو. سندس شعر ۾ قومي جوش ۽ جذبو آهي ۽ سنڌ جي سورهين جي ساراهه آهي.

12. ٽيهه اکري جو رواج اڳ ۾ به هو، پر هن دؤر ۾ هن صنف جا بلند پايه شاعر ٿيا، جهڙوڪ: ملا صاحبڏنو، خليفو نبي بخش، حمل خان لغاري، آخوند محمد بچل انور ۽ حسين فقير ديدڙ.

13. حضرت سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون نيون صنفون به ملن ٿيون، جن ۾ پهريون ڀيرو سچل سائين پنهنجا خيال ظاهر ڪيا. انهن صنفن جا نالا آهن: جهولڻو، جهولڻو ڪافي، گهڙولي، ڏوهيڙا، ڪلام، مسلسل بيت ۽ مسلسل دوها وغيره. انهن جو فني تعارف هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي.

14. هن دؤر ۾ هندو شاعرن جو شعر به ملي ٿو. ساميءَ جي سلوڪن سان گڏ دلپت ۽ سندس گرو آسرداس آسو جو شعر به مليو آهي.

15. هن دؤر ۾ پهريون ڀيرو نثر جو نمونو ملي ٿو. اهو پهريون نثر آهي، آخوند عزيز الله جو قرآن مجيد جو تحت اللفظ ترجمو.


 

 

فقراهي درگاهون

انهن ڏينهن ۾ سڄيءَ سنڌ خصوصاً درازن جي پسگردائيءَ ۾ فقراهي خانقاهون هيون، جتي معرفت جي مـَي جي ونڊ ورڇ ٿي رهي هئي ۽ روحاني فيض جي پالوٽ ٿي رهي هئي. انهن، پسگردائيءَ وارين درگاهن جو مختصر تفصيل هن ريت آهي:

1. گنبٽ ۽ راڻيپور: هتي ابراهيم شاهه ۽ صالح شاهه قادري جون درگاهون هيون.

2. کهڙا: هتي محمد ذاڪر ۽ رازق ڏنو فقير وکر وهائي رهيا هئا، جيڪي اصل ۾ درازن جا طالب هئا.

3. هڱورجا: هتي سيد محمد عطا ولد سکيل شاهه دونهي دکايو ويٺو هو.

4. دونهين: هتي سيد ابراهيم شاهه سلوڪ جي سڳنڌ پکيڙي رهيو هو.

5. ڪنڊڙي: هتي روحل فقير جا فرزند: شاهو فقير، غلام علي فقير، خدا بخش فقير ۽ دريا خان فقير طالبن جي تربيت ڪري رهيا هئا.

6. روهڙي: سيد جان الله شاهه رضوي ثاني برهه جي بازار لڳايو ويٺو هو.

7. پير ڳوٺ: هتي پير محمد راشد روضي ڌڻي طالبن کي حق جي راهه َڏسي رهيو هو.

انهن سڀني درگاهن سان درازن جي درگاهه جو سهڻو سلوڪ هو.


 

ٻيا فاروقي شاعر

درازي درويشن ۾ قديم زماني کان ڪيترائي عالم، فاضل ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، جن جو ڪلهوڙن توڙي ٽالپرن جي دؤر ۾ وڏو مان ۽ مرتبو هو. هن خاندان جي فارسي شاعرن مان پهريائين ذوقي ۽ حقيري جا نالا ملن ٿا. انهن جي شعر جو نمونو مليو آهي، پر وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي. حضرت سچل سرمست به کين ديوان آشڪار ۾ ياد ڪيو آهي:

بسي شاعر نهان شد آشکارا، کجا ذوقي کجا رفته حقيري

انهن کان سواءِ، ٻين شاعرن جا نالا به ملن ٿا، جهڙوڪ: آخوند عبدالقوي تخلص طالع يا قوي طالع، خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو، ميان عبدالحق، سخي قبول محمد اول، محمد حيات “حاتم”، گل محمد، عبدالهادي، محمد صالح، باغ علي، محمد نشان، خوش محمد، آخوند خان محمد ۽ نور علي، ميان صاحبڏني جي هڪ ڪافي نموني طور هت ڏجي ٿي:

ووڙيان ڇو وڻڪار، جيڏيون آهي جيءَ ۾.

 

1. صحيح سڃاتم سرتيون، دل ۾ آ دلدار.
2. ڪاڪيون آهي قلوب ۾، ڪيچ ڌڻي ڪوهيار.
3. ناحق وندر ڇو وڃان، ڀاڪر ۾ ڀوتار.
4. ونـَـحن اَقرب اوڏڙو، لڌم لون يار.
5. ساهئون اوڏو سپرين، ڪوهه پڇان ٻيو پار.
6. صاحبڏني سمجهيو، تن اندر تڪرار.


 

درازي درگاهه جي طالبن مان به ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي شعر جي ذريعي صوفيانه خيالن جو اظهار ڪيو. انهن مان محمد چنيهه اُڄڻ، فقير نانڪ يوسف، غلام حيدر شر، فقير محمد صالح، گهرام فقير، سيد خير شاهه، فقير عبدالرحمان پٺاڻ، ايسر فقير، آغا غلام نبي صوفي، سردار بهادر محمد بخش ڪوجهي ۽ قاضي علي اڪبر درازيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com