سيڪشن: تصوف

ڪتاب: ڇوٽڪارو

 

صفحو :6

سچ پچ اهو ماڻهو وڏو احمق ۽ جاهل آهي، جو عقل جي ذريعي هيءَ ڪوشش ڪري ڏيکارڻ چاهي ٿو ته انهيءَ انتظام ۾ حڪمت رکي آهي، يا هي گمان ڪري ٿو ته اهو (انتظام) بطور اتفاق آيل آهي، ۽ ان ۾ ڪو الاهي راز رکيل ڪونهي، جو بالخاصيت آهي ان جي تقاضا ڪندڙ هجي ۽  جهڙيءَ طرح دوائن لاءِ به چند اصول هوندا آهن، جي انهن جا ٿنڀا هوندا آهن ۽ ڪجهه زائد شيون به ساڻن لاڳو هونديون آهن. جي انهن جو پورائو ڪندڙ هونديون آهن، جن مان هر هڪ کي پنهنجي ٿنڀي جي ڪم ۾ خاص اثر هوندو آهي،  اهڙيءَ طرح نفل ۽  سنتون به عبادتن جي تڪميل ڪن ٿيون.

مختصر هي آهي ته نبي سڳورا دل جي بيمارين جا طبيب آهن، ۽  عقل اسان کي فقط هي فائدو پهچايو آهي، جو ان اسان کي ان(نبوت) سان واقفيت ڪرائي آهي، ۽  نبوت جي حقيقت کي ان مڃيو آهي ۽ هن ڳالهه جو به اعتراف ڪيو آهي ته هو (عقل) پاڻ انهن ڳالهين کي سمجهڻ کان لاچار آهي.

جي نبوت جي اک سان  سمجهه ۾ اچن ٿيون، ۽ اسان کي هٿ کان وٺي انهيءَ (نبوت) جي حوالي ڪيو اٿس، جيئن  انڌي کي سونهين ۽ پريشان مريض کي مهربان طبيب جي حوالي ڪيو ويندو آهي. عقل فقط هيستائين ئي هلي سگهي ٿو ۽ بس اڳتي وڃڻ کان هو قاصر آهي، سواءِ انهيءَ ڳالهه سمجهڻ جي، جا ”طبيب“ کيس ٻڌائي سمجهائي، هي ڳالهيون آهن، جي بالضرور مون کي مشاهدي مثل هن اڪيلائي ۽ هيڪلائي  ۾ معلوم ٿيون آهن. پوءِ اسان ڏٺو ته نبوت جي اصل ۾ به ماڻهن جا عقيدا ڪمزرو آهن، ۽ خود نبوت جي حقيقت سمجهڻ ۾ به سندن عقيدن ۾ ڪمزوري آهي، نه فقط ايترو، پر عمل، جن جي نبين سڳورن سمجهاڻي ڏني آهي، تن متعلق به(ماڻهن جي سمجهه ۾) فتور آهي، تحقيق ڪري ڏٺوسين ته هيءَ مصيبت ته ساري خلق ۾ ڦهليل  ۽ پکڙيل آهي، لهذا ماڻهن جي انهيءَ ڪمزوري ۽  سندن ايمان جي ضعيفيءَ جي سببن تي نظر ڊوڙائيندي ڏٺوسون ته اهي چار آهن:

پهريون سبب، انهن ماڻهن  سان تعلق  رکي ٿو، جي فلسفي ۾ اونهو وڃن ٿا.

ٻيو سبب، انهن ماڻهن سان واسطو رکي ٿو، جي تصوف جي تهه ۾ وڃن ٿا.

ٽيون سبب، انهن ماڻهن بنسبت آهي، جي ”تعليم“ ڏانهن پاڻ کي منصوب ڪن ٿا.

چوٿون سبب،  انهن ماڻهن جي ڪم سان تعلق رکي ٿو، جي خلق ۾ ”عالم“ سڏيا وڃن ٿا.

مان گهڻي وقت تائين ماڻهن کي هڪ ٻئي پٺيان جاچيندو  ۽ چڪاسيندو رهيس ۽ انهن  مان هرهڪ کان شروع جي تابعداريءَ ۾ قاصر رهڻ بابت پڇندو رهيس.

مان، ماڻهوءَ کان سندس شڪ بابت ، سوال ڪندو رهيس ۽ سندس عقيدي ۽ ڳجهه جي ڳولا ۾ لڳو رهيس. مون کانئس هي سوال پڇيو ته ”ڀلا تون ڪهڙي سبب شرع جي فرمانبرداريءَ ۾ قاصر رهين ٿو؟ جيڪڏهن تون آخرت کي مڃين به ٿو ته پوءِ انهيءَ لاءِ تياري ڇو نه ٿو ڪري؟ ۽ دنيا خاطر ان کي وڪڻين ڇو ٿو؟ ڇا لاءِ  ته هيءُ  ته حماقت آهي ته جڏهن تون ٻن کي هڪ خاطر وڪڻڻ لاءِ تيار نه آهين، ته پوءِ ڪيئن ٿورڙن  ڏينهن لاءِ هميشه  جي حياتيءَ کي وڪڻي رهيو آهين؟ پوءِ جيڪڏهن تو کي آخرت تي ايمان نه آهي، ته پوءِ  ته تون ڪافر آهين. ايمان لاءِ پنهنجي نفس کي سنوار ۽  پنهنجي لڪل ڪفر جي جاچ پڙتال ڪر، ڇا لاءِ جو اهو (ڪفر) تنهنجو باطني مذهب آهي، ۽ تنهنجي ظاهري جرات جو  ڪارڻ آهي، پوءِ  جيتوڻيڪ کڻي تون ڪجهه ايمان جي عزت خاطر  ۽ شرع جي ڳالهه کي مان ڏيڻ  خاطر، ان کي صاف طور بيان نٿو ڪرين.“

هتي ڪو صاحب سوال پڇندو ته ”جيڪڏهن هن (شرعي حڪم جي پيروي ڪرڻ ضروري هجي ها، ته عالم ان تي پاڻ وڌيڪ ڪاربند رهن ٿا، حالانڪ حقيقت ته هيءَ آهي ته مشهور عالمن ۽ فاضلن ۾ ڪي اهڙا آهن، جي نماز نٿا پڙهن، ڪي شراب پين ٿا، ڪي وقت جي ملڪيت ۽ يتيمن جو مال  کائين ٿا. ڪي سلطان جي پينشن کائن ٿا ۽ حرام کان پرهيز نٿا ڪن، ۽ ڪي ته اهڙا آهن جي فيصلي ۽ شهادت ڏيڻ لاءِ به رشوت وٺن ٿا ۽ اهڙا ٻيا ڪيترا مثال آهن!“ ٻيو، تصوف جي دعويٰ ڪندڙ، وري هي گمان  رکي ٿو ته هو هڪ اهڙيءِ منزل کي وڃي رسيو آهي، جو گهڻي عبادت ڪرڻ جي کيس ڪا ضرورت ئي ڪانهي! ٽيون وري اهل  اباحت(زنديق) جي شڪن کي کڙو ڪري ٿو.(شڪن جوشڪار ٿي پاڻ کي برغلايو ڇڏي). هي سڀئي تصوف جي واٽ کان گمراهه ٿيل آهن.

چوٿون، اهل تعليم وارن کي ملي، چوڻ لڳو ته ”حق ڏاڍو مشڪل آهي، ان کي حاصل ڪرڻ جو رستو بند ٿيل آهي، ان ۾ اختلاف به تمام گهڻو آهي، ۽ ڪو هڪ مذهب ڪنهن  ٻئي مذهب کان بهتر نه آهي، عقل جا دليل هڪ ٻئي سان ٽڪر کائين ٿا، لهذا اهل الراءِ جي راءِ تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. ”تعليم“ جي طرف سڏيندڙ سکڻيون دعوائون ڪري ٿو، جن لاءِ وٽس ڪا ثابتي نه آهي. ته پوءِ ان حالت ۾ مان شڪ هوندي (شڪ جي موجود هوندي)، يقين کي ڪيئن ٿو قائم رکي  سگهان؟“

پختون هيئن چوڻ لڳو ته ”مان هي ڪم تقليد طو نٿو ڪريان (يعني اکيون ٻوٽي ڪنهن امام جي پيروي نٿو ڪريان)، پر مون فلسفي جي علم کي پڙهيو آهي ۽ نبوت جي حقيقت کي سمجهيو آهي  ته واقعي  نبوت موجود آهي، ۽ انهيءَ جو ڦل انهي کي حاصل ڪرڻ حڪمت ۽ مصلحت سان ڀريل آهي. عبادتون  جن جي لاءِ نبوت حڪم ڪيو آهي. تن جو مقصد اهو آهي ته جيئن عام ماڻهن ۾ ضبط ۽ انتظام رهي ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ جهڳڙن کان روڪجن ۽ نفساني خواهشن ۾ ڪاهي نه  پون. مان ڪو جاهل ماڻهن مان ته ڪو نه آهيان.، جو فرض (تڪليف) جي تنگ دائرن ۾ اچي داخل ٿيان ۽ پاڻ ڦاسايان مان ته دانائن مان آهيان ۽ دانائيءَ جو پوئلڳ آهيان ۽ ان سان ئي شين کي چڱيءَ طرح سان ڏسي ۽ پرکي سگهان ٿو. تنهن ڪري مان تقليد کان بي پرواهه آهيان“ هيءَ انهيءَ شخص جي ايمان جي انتها آهي، جنهن الله تعاليٰ ۾ ايمان رکندڙن (الاهيون) جي فلسفي کي پرهيو آهي، تون هيءَ ڳالهه اين سينا ۽ ابو نصر فارسيءَ جي ڪتابن ۾  ڏسندين ۽ هي اهي شخص آهن، جي اسلام جي ظاهري نمائش ڪن ٿا، (اسلام جو ٻاهريون ڏيک رکن ٿا).

ڪڏهن تون  ڏسندين ته هڪڙو ماڻهو قرآن به پڙهي ٿو، نماز به  جماعت سان ادا ڪري ٿو. زبان سان شريعت جي هر حڪم جي  تعظيم به ڪري ٿو. مگر ان هوندي به هو شراب پئي ٿو ۽ ٻيون برايون بڇڙايون به ڪري ٿو، جڏهن کائنس پڇيو وڃي ٿو ته ”جيڪڏهن نبوت صحيح نه آهي، ته پوءِ تون  نماز ڇو  ٿو پڙهين؟“ ان جو ڪنهن وقت  هي جواب ڏيندو ته ” جسم جي ورزش خاطر ائين ڪريان ٿو“ يا وري چوندو ته ”ماڻهن  جي اها ئي روش ۽ رواج  آهي ان جو لحاظ ڪرڻو آهي“ ڪن موقعن تي ته وري هي اقرار پڻ ڪندو ته ”شريعت صحيح آهي ۽ نبوت حق آهي، پوءِ جڏهن پڇبس ته ”ڀلا تون شراب ڇو ٿو پين؟“ ان جي جواب ۾ وري هيءَ وراني ڏيندو ته ”شراب ته فقط هن لاءِ ممنوع ڪيو ويو آهي. جو اهو(پاڻ ۾) دشمني ۽ نفرت ڦهلائي ٿو، مان پنهنجي سمجهه ۽ دانائيءَ سان ان (دشمني ۽ نفرت) کان پاڻ کان سنڀالي رکان ٿو،  ۽ شراب پيئڻ مان منهنجو مطلب هي آهي ته پنهنجي ذهن (اندر، دل) کي تيز ۽ هوشيار رکان“.ابن سينا خود ، پنهنجي وصيتنامي ۾ لکيو آهي ته هن الله تعاليٰ سان ڪيترين ئي ڳالهين متعلق عهد ڪيو آهي ۽ هن لاءِ به  ساڻس انجام ڪيو آهي ته هو شريعت جي سڀني فرضن  جي عزت ۽ توقير ڪندو ۽ ديني عبادتن ۾ ڪڏهن به پٺتي نه پوندو.(گهٽائي نه ڪندو) ۽ شراب لذت خاطر نه پيئندو (مگر دوا طور ان کي استعمال ڪندو).

ايمان جي صفائيءَ ۽ عبادتن جي بجا آوري ڪرڻ سندس جان جي انتها هيءَ آهي، جو دوا  خاطر شراب جي پيئڻ کي الڳ رکيائين (مستغني رکيائين.)  هي انهن فيلسوفن جو ايمان آهي، جي مذهبي ايمان رکڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. انهن جي ڪري ٻيا به گهڻائي دوکي ۾ اچي ويا آهن، ۽  سندن دوکي ۾ اڃا به گهڻو اضافو هن ڪري ٿوي، جو هنن انهن  (فيلسوفن) جي خلاف جيڪي اعتراض اٿاريا، سي ڪمزور هئا. جيئن اسان هن کان اڳ ڏيکاري چڪا آهيون، ته اهي انهن (فيلسوفن) جي علم جاميٽريءَ، علم منطق ۽ اهڙن ٻين علمن جو انڪار ڪرڻ لڳا. حالانڪ انهن(علمن) ۾ ضروري  سچائي سمايل هئي.

جڏهن مون ڏٺو ته گهڻن ماڻهن جي ايمان ۾ مٿين سببن جي ڪري، ضعف اچي ويو آهي ۽ اهو به اهڙو، جنهن  کي بيان ڪرڻ نٿو سونهين ۽ اهو به ڏٺم ته مان جڏهن  هر قسم جي شڪن ۽ شبهن کي رفع ڪرڻ ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪري چڪو آهيان. ۽ اهڙن  کي  قائل ڪرڻ ۽ انهن کي مطمئن ڪرڻ به مون لاءِ  آسان آهي،  ڇو ته مون فلسفو، تصوف، باطني علم، ظاهري علم ۽ طريقا ڪافي غور سان مطالع ڪيا آهن. تڏهن  منهنجي دل ۾  آيو ته جڏهن اها بلا عالمگير ٿي چڪي آهي، 611 بيمار ته پري رهيا، خود طبيب به سٽيل آهن ۽ مخلوق تباهيءَ ۽ حلاڪت جي عذاب  ۾ گرفتار ٿي چڪي آهي، تڏهن اهڙي دور ۾ منهنجو خلوث نشين ٿيڻ مفيد نه آهي. پوءِ مون پاڻ کي ڇيو ته هن انڌيري کي هٽائڻ لاءِ  تون ڀلا پاڻ کي ڪڏهن رنڀائيندين؟ تون جيڪڏهن کڻي ماڻهن کي سندن گمراهه رستي کان هٽڻ ۽ صحيح رستي ڏانهن موٽڻ لاءِ دعوت به ڏيندين، ته پوءِ ان جو نتيجو هي نڪرندو، جو اهي سڀئي تنهنجي مخالفت ۾ اٿي کڙا ٿيندا، ۽ پوءِ تون انهن سان لڙي ڪيئن سگهندين؟ ۽ انهن ۾ زندگي ڪيئن گذاري  سگهندين، جڏهن تون خوب ڄاڻين ٿو ته هي ڪم زماني جي مدد، ۽  ديندار ۽ طاقتور سلطان جي تعاون کان سواءِ پورو ٿي نه سگهندو ؟

مون ته پوءِ ائين سمجهيو ته، گويا الله تعاليٰ جي طرفان، گوشه نشين ٿي ويهڻ جي  مون کي رخصت مليل آهي ۽ ان لاءِ هي سبب پيش ڪيم ته مان حق کي بحث ۽ دليلن ذريعي کولي پڌرو ڪري نه ٿو سگهان مگر الله تعاليٰ اڳيئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو، جو وقت جي بادشاهه جي دل ۾ هيءُ جنبش آندائين ۽ هيءَ جنبش ڪا ٻاهرين نه هئي. هن مون کي  نيشا پور واپس ورڻ لاءِ سخت  حڪم نامو موڪليو ته ” ماڻهن ۾ دين لاءِ  جا هيءَ سستي پيدا ٿي آهي، تنهن جو اچي تدارڪ ڪر“ سندس حڪم ايترو ته تاڪيدي ۽ سخت هو، جو جيڪڏهن  مان ان جي خلاف وڃڻ تي ضد ڪريان ها، ته هميشه  لاءِ کانئس جدا ٿي وڃان ها. پوءِ منهنجي دل  ۾ هي خيال آيو ته رخصت جو سبب ته هاڻي ڪمزور پئجي ويو آهي، تنهن ڪري اهو  مناسب نه آهي ته تنهنجو خلوت کي چهٽي پوڻ تنهنجي سستيءَ ۽ آرام طلبيءَ تي مبني هجي، يا وري روحاني طاقت جي تلاش ۽ جان کي خلق جي ايذاءُ کان بچائڻ  لاءِ ئي هجي.

ڇا، مخلوق کي براين کان بچائڻ  جي اوکي ڪم جي لحاظ کان تو هيءَ رخصت پاڻهي پاڻ کي ته ڪانه ڏني آهي! الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ”ماڻهن اهو گمان ڪيو آهي ته ڇا هو فقط انهيءَ چوڻ سببان ئي ڇڏيا ويندا ته اسان ايمان  آندو آهي، ۽ انهن کي آزمايو ئي نه ويندو؟ تحقيق اسان انهن جي اڳين کي به آزمايو آهي“.[1] وري ٻئي هنڌ پنهنجي رسول کي، جو سڄي مخلوق ۾ وڌيڪ مانوارو آهي، کي چوي ٿو ته ”تحقيق تو کان اڳ به رسولن کي ڪوڙو سمجهيو ويو، ۽ کين ايذايو به ويو، ليڪن انهن  ان تي صبر ڪيو،  تان جو کين اسان جي مدد اچي رسي، ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن کي ڪير نه ٿو بدلائي سگهي.  تحقيق تو وٽ نبين جي خبر آئي“ [2]۽ فرمان آهي ته ”هن حڪمت ڀرئي قرآن  جو قسم آهي[3] ته تون فقط انهن کي ئي خبردار ڪري سگهين ٿو، جي قرآن جي پيروي ڪن ٿا.[4]

مون، ان بابت انهن ڏاهن سان به  مشورو ڪيو، جي دل  ۽ مشاهدي جي ڳالهين  ۾ ماهر هئا. انهن سڀني مون کي  اها صلاح ڏني ته . تون خلوت کي ترڪ ڪر۽ هن اڪيلائيءَ جي آرامگاهه کان ٻاهر نڪري اچ“. منهنجي هن ارادي کي وڌيڪ تائيد هن ڪري به آئي، جو ڪيترن الله  جي نيڪ ٻانهن اهڙا خواب ڏٺا، جن سڀني هيءَ شاهدي پئي  ڏٺي ته هيءَ تحريڪ ڀلائي ۽ هدايت جو سرچشمو آهي، الله تعاليٰ پنهنجي دين کي هر صديءَ جي شروع  ۾ جيارڻ جو واعدو ڪيو آهي.[5] منهنجي اميد مضبوط ٿي ۽ هنن حقيقتن سببان سٺو گمان غالب ٿيو. الله  تعاليٰ ، ذوالقعد مهيني سن  499هه ۾ منهنجي نيشاپور ڏانهن واپسي مون لاءِ سهنجي ڪئي ته جيئن مان هن مهم  کي منهن ڏيئي سگهان. نيٺ مان بغداد مان ذوالقعد مهيني، سن 488ع  جي روانو ٿيو هوس، ان حساب موجب منهنجي گوشه نشينيءَ جو مدو يارنهن سال ٿيو. هيءَ هڪ جنبش هئي، جنهن کي الله تعاليٰ پيدا ڪيو هو، ۽ اها سندس ڪرشمن مان  هڪ ڪرشمو هئي، جو هيتري ساري اڪيلائيءَ جي عرصي ۾ منهنجي دل ۾ ان بابت ڪو به وهم ۽ خيال ئي نه ٿي آيو، اهڙيءَ طرح  مان بغداد مان  ٻاهر وڃڻ، ۽ پنهنجي عهدي کان علحدو ٿي رهڻ به اهڙيون ڳالهيون هيون، جي ڪڏهين به  دل تي ڪو نه  آيون، بلاشڪ، الله تعاليٰ جي (آڱرين مان) ٻن آڱرين جي وچ ۾ آهي.“[6]

مون بخوبي  پئي سمجهو ته مان جيڪڏهين علم پکيڙڻ لاءِ موٽيس، ته پوءِ مان ڄڻ ته نه موٽيس! ڇا لاءِ جو اهڙو موٽڻ گويا اڳينءَ حالت ڏانهن واپس ورڻو هو، مان ان زماني ۾ به علم جي اشاعت ڪندو هوس، جنهن مان دينوي ناموس حاصل  پئي ٿيو. مون ان (علم) ڏانهن ماڻهن کي پنهنجي قول ۽ فعل سان پئي دعوت ڏني، ۽ اها ئي منهنجي نيت ۽ منهنجي مراد هئي. باقي هاڻي سو انهن کي انهيءَ علم طرف پڪاريان ٿو، جنهن ۾  دنيا جي ناموس کي ترڪ ڪرڻو  آهي، ۽ جنهن جي ذريعي ان (ناموس)  جي گهٽتائي سڃاتي وڃي ٿي. هيءَ ئي هاڻي منهنجي نيت آهي، منهنجو  ارادو آهي ۽ منهنجي مراد آهي. (الله سائين انهيءَ کي خوب ڄاڻي ٿو ته اهو ائين آهي).

اها منهنجي دلي خواهش آهي ته مان پنهنجي ۽  ٻين جي اصلاح ڪريان ۽ مون کي هي معلوم نه آهي ته مان پنهنجي  مراد کي رسندس يا ان جي رسڻ کان اڳيئي سفر سڌاريندس (مري ويندس). ليڪن پنهنجي يقيني ايمان ۽ مشاهدي ۾ هيءُ ويساهه اٿم ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻي ڪابه قوت ۽ طاقت ڪانهي، ۽ مان پنهنجي  سر نٿو چوان، مگر هو مون کي  چوري ٿو، ۽ مان پاڻ ڪو ڪم نه ٿو ڪريان، مگر  هو مون کان اهو  ڪم  وٺي ٿو: تنهن ڪري انهيءَ کي  ٻاڏايان ٿو ته  هو پهريائين منهنجي اصلاح ڪري ۽ پوءِ منهنجي معرفت ٻين جي اول ۾ مون کي هدايت وارو ڪري ۽ ان کان  پوءِ منهنجي ذريعي ٻين کي ، مون کي صحيح حق ڏيکاري، جيئن اهو آهي  ۽ ان جي پيروي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، ۽ ڪوڙ کي اصلي حالت ۾ منهنجي اڳيان کولي پڌرو ڪري، ۽ ان کان پري رهڻ جي  قوت نصيب فرمائي.

اسين هاڻي ايمان جي ڪمزوريءَ جي سببن ڏانهن  موٽون ٿا،  جن جو اسان پهريائين ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن ڪمزور ايمان وارن کي هدايت جي رستي تي آڻڻ ۽ تباهيءَ کان بچائڻ جي رستي جو به ذڪر ڪريون ٿا.

هاڻي، جيڪي مونجهاري جي دعويٰ رکن ٿا،  ڇا لاءِ جو انهن اهل تعليم وارن کان اهڙو ٻڌو به آهي، ان جو اعلان جيئن اسان اڳي ٻڌايو آهي، اسان جي ڪتاب ” القسطاس المستقيم“ ۾ آهي، هتي اسين ان کي زياده بيان ڪرڻ  نه ٿا چاهيون.

وري اهل اباحت آهن، جي عجيب قسم جا وهم رکن ٿا. اسان انهن جي شڪن کي ستن قسمن هيٺ آندو آهي ۽ انهن کي پنهنجي ڪتاب ”ڪيميائ سعادت“ ۾  کولي سمجهايو آهي.

باقي جن فلسفي جي مطالعي ڪرڻ سان، ايتريءَ حد تائين، پنهنجو ايمان بگاڙيو ۽ خراب ڪيو آهي، جو اصل  نبوت جا به منڪر ٿي پيا آهن، تن اڳيان به اسان نبوت جي حقيقت ۽ ان جي  لازمي  طور موجود هجڻ جو بيان ڪري آيا آهيون. ۽ اهو به هن طرح ثابت ڪيو اٿئون، جيئن خود دوائن ۽ ستارن وغيره جي خاصيتن جو علم  موجود آهي ۽ انهيءَ خاطر ئي اسان هي مقدمو پيش ڪيو آهي، ۽ اسان دليل به طب ۽  نجوم جي خاصيتن جي بنياد تي ٻڌو آهي، ڇا لاءِ جو اهي انهن (فيلسوفن) جي علم مان آهن. اسان هر هڪ فن جي ماهر  لاءِ، پوءِ کڻي هو علم نجوم ۾ ماهر هجي، خواهه طب  ۾، علم طبعي ۾ هجي يا جادوءَ يا طلسمات ۾، سندس ئي علم مان نبوت جي ثابتي پيش ڪنداسون.

هاڻي اهو شخص، جو  نبوت کي زبان سان مڃي ٿو، پر شرع حڪمن کي فلسفي جي برابر ڪري ٿو، (فلسفي جي بنياد تي انهن جو فيصلو ڪري ٿو) ، ته پوءِ اهو سچ پچ نبوت جو منڪر آهي، ۽  اهو ڪنهن خص حڪيم (فيلسوف) جو مقلد ۽  پيرو آهي(مڃيندڙ آهي)، جنهن جو ستارو  اهڙو بلند آهي. جو ماڻهو سندس پوئلڳ آهن، پر در اصل اها نبوت نه آهي. نبوت تي ايمان آڻڻ ۾ هڪ اهڙيءَ  دنيا جو  اقرار ڪرڻ به شامل آهي، جا عقل  جي پهچ کان ٻاهر آهي. هتي هڪ (خاص)  اک کلي ٿي، جنهن جي ذريعي  ماڻهو خاص ادراڪ ڪري ٿو ۽ عقل  ان کان اهڙي طرح خارج آهي، جهڙيءَ طرح ٻڌڻ جي قوت رنگن جي سمجهڻ کان  خارج  آهي ۽  ڏسڻ جي قوت آوازن جي سمجهڻ کان مجبور آهي ۽ جهڙيءَ طرح سڀئي حواس معقولات جي سمجهڻ کان  عاري آهن،  مگر هو جيڪڏهن ان دنيا کي نه مڃي، ته اسان ان جي ممڪن هجڻ جي ثابتي پيش ڪئي آهي، ۽ خود ان جي موجود هجڻ جو دليل قائم ڪيو آهي. پر جي هو ان کي مڃيندو، ته پوءِ هن (گويا) ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته ڪي شيون وجود ۾ آهن جن کي خاصيتون سڏجي ٿو ۽ جي عقل جي دائري کان واقعي ٻاهر آهن. عقل ته ذري گهٽ انهن کي ڪوڙو سمجهي ٿو ۽ کين محال ڄاڻي ٿو.

آفيم جو دانق[7] هڪ قاتل زهر آهي، جو اهو پنهنجي  بيپناهه ٿڌاڻ سببان  رت کي رڳن ۾  ڄمائي ٿو ڇڏي. جيڪو علم طلب جي  ڄاڻ رکي ٿو، سو سمجهي ٿو ته جڏهن مرڪب سين مان ڪو مادو ٿڌو ٿئي ٿو، تڏهن ان ۾  پاڻيءَ  ۽ مٽيءَ جي عنصرن کي وڌايو وڃي ٿو، ڇا لاءِ جو اهي ٻئي عنصر  ٿڌا آهن. هوڏانهن  هي معلوم آهي ته پاڻيءَ ۽ مٽيءَ جا ڪيئي  رتل هن در جي جهڙي ٿڌاڻ جسم ۾ پيدا ڪري نٿا سگهن. جيڪڏهن  طبيعي(علم طبيعت جي ماهر) کي اهو کڻي ٻڌائجي ۽ هن ان جو اڳ تجربو به نه ڪيو هجي،  يقينا

درهم  جي ڇهين پتي، اٽڪل  چار رتيون.

چوندو ته ”هي محال آهي“، ۽ ان جو دليل  هي ٻڌائيندو ته ” ان (آفيم) ۾ باهه ۽ هوا جا عنصر آهن ۽ انهن عنصرن سببان  ڪا ٿڌاڻ وڌي نٿي. سمجهو کڻي ته اهو (آفيم) ساروئي پاڻيءَ ۽ مٽي جو مرڪب هو، ته به اهو هن درجي جيترو ٿڌو اثر پيدا نٿو ڪري سگهي ۽ ان  ۾ ٻه گرم شيون (جزا) ملايون وڃن، ته پوءِ ته  ٿڌو اثر اڃا به گهڻو گهٽ پيدا ڪندو.“ هو ان کي دليل ڪري وٺي ٿو.

طبيعات ۽ الاهيات بابت، فيلسوفن جا اڪثر دليل هن  قسم جا هوندا آهن. هو  شين جو تصور پنهنجي  جاچ جوچ ۽ عقل آهر ڪن ٿا. پوءِ  جنهن  شيءِ کان هو  واقف نه آهن،  تنهن لاءِ اهو فيصلو ڏين ٿا ته ان جو هجڻ ئي مجال آهي.  ۽ جيڪڏهن سچي خواب کان  واقف  نه هجن ها ۽ ڪو شخص اها دعويٰ ڪري(ها) ته جڏهن حواس ماٺ ۾  آهن تڏهن هو غيب جي  ڳالهين کي ڄاڻي ٿو، ته پوءِ  اهڙي ماڻهوءَ تي ناقص عقل  وارا بلڪل اعتبار نه ڪن ها (۽ سندس ان دعويٰ کي ڪڏهين به سچو نه سمجهن ها)  اهڙيءَ  طرح  جيڪڏهن  ڪنهن کي چيو وڃي  ته دنيا ۾ اهڙيءَ شيءِ به  ٿي سگهي ٿي، جا هجي به ذري جيتري، ۽  جڏهن ڪنهن شهر ۾ رکي وڃي ته ساري ئي شهر  کي کائي ناس ڪري ڇڏي ۽ ان بعد پاڻ کي به فنا ڪيو ڇڏي، جو نڪي ڪجهه شهر ۾ ئي رهي ۽ نه وري پاڻ ئي هجي، ته چوندو ته ”اهو محال آهي ۽ مڙيو ئي ٻاهتريائي آهي.“ هيءَ حالت باهه جي آهي. جنهن کان اهو ماڻهو  انڪار ڪري  ٿو، جنهن  ان بابت ٻڌو ته سهي.

ليڪن ان کي ڏٺو نه هو،  آخرت جي عجيب  ڳالهين جو  انڪار به گهڻو ڪري هن ئي قسم جو آهي.

علم  طبيعت جي ڄاڻوءَ (طبيعيءَ) کي اسين وراڻي ڏيون ٿا ته ” تحقيق هاڻي تون هن چوڻ تي مجبور ٿيون آهين ته آفيم ۾ ڄمائڻ جي خاصيت آهي، جيتوڻيڪ اها ڳالهه  عقل جي  نظر ۾ طبيعت سان ٺهڪي نيٿ اچي، ته پوءِ ان حالت ۾ اهو ائين  ڇو نٿو  ٿي سگهي، جو شريعت  جي حڪمن  ۾ ڪي خاصيتون سمايل هجن، جي دلين جي دوا ۽ صفائي ڪنديون هجن ۽ جي عقل ۽ فلسفي جي ا دراڪ ۾ نه اچي سگهنديون هجن، مگر محض نبوت جي اک سان ئي ڏسي سگهجن!“ نه نه، هنن پاڻ ته اهڙين  خاصيتن جو به اعتراف ڪيو آهي، جي هن کان به وڌيڪ تعجب ۾ وجهندڙ آهن، جن کي انهن پنهنجن ڪتابن ۾ آندو آهي، ۽ اهي انهن عجيب  خاصيتن مان آهن، جن کي هنن پيٽ واريءَ جي علاج لاءِ، جنهن کي ٻار ڄمڻ ۾ ڏکيائي ٿئي، هيٺينءَ  شڪل سان تجربي هيٺ آندو آهي.

ب              ط      د       2      9      4

ز               ه       ج      7      5       3

و               ا        ح      6      1       8

جڏهين انهيءَ شڪل کي ڪپڙي جي ٻن خشڪ (جن کي پاڻي لڳل نه هجي) ٽڪرن تي لکيو ويندو، ۽ حامله عورت انهن ڏانهن نهاريندي، ۽ انهن کي  پنهنجي پيرن  هيٺيان رکندي  ته ٻار يڪدم ٻاهر نڪري ايندو.  طبي علم جي ڄاڻن انهيءَ ڳالهه جي ٿيڻ جو اقرار ڪيو آهي، ۽ ان کي هڪ ڪتاب”عجائب  الخواص“[8] ۾  آندو آهي. هن شڪل کي نو (9) خانا آهن، جن ۾ خص عدد لکيا ويا آهن. جن جو جملي جوڙ پندرهن ٿئي ٿو، خواهه انهن کي اڀو(مٿي کان هيٺ) ڪري پڙهجي، يا افق جي سنوت سان(سڌو) شمار ۾ آڻجي، يا وري ڪنڊو ڪنڊ ڪري ڳڻجي.

عجب آهي جو ماڻهو انهيءَ ڳالهه کي ته مڃي ٿو، ليڪن سندس عقل، هن انتظام جي حقيقت کي سچ سمجهڻ  لاءِ تيار  نه آهي ته صبح جي نماز ٻن رڪعتن، ٻپهريءَ جي نماز چار رڪعتن ۽ سانجهيءَ جي نماز ٽن رڪعتن ۾ به ڪي خاصيتون آهن، جي فلسفي جي نظر سان معلوم ٿي نه ٿيون سگهن. هن انتظام جا سبب ڏينهن جا مختلف وقت آهن، پر انهن خاصيتن کي فقط نبوت جي روشنيءَ سان ئي پروڙي سگهجي، عجب جي ڳالهه آهي ته اسين جيڪڏهن هن عبارت کي ڦيرائي نجومين جي عبارت ۾ پيش ڪريون، ته پوءِ هو يقينا هنن وقتن جي اختلاف کي سمجهندا. مثلا اسين چئون ٿا  ته” ڇا، طالع (جنم پتري) جو حڪم، سج جي آسمان جي وچ تي هجڻ (بلنديءَ جي هجڻ) يا جڏهن اهو ڦيري (مدارالشمس) ۾ اچي ٿو، يا وري جڏهن هو موٽ ۾ آهي، ڦري گهري نه ٿو ؟ ايتري قدر جو انهن پنهنجن جنم پترين  ۾ علاج جي مختلف

هن ڪتاب جو نالو ڪنهن به فهرست ۾ نه ٿو ملي.

هجڻ ۽ حياتيءَ جي ڊيگهه ۽ موت جي گهڙيءَ جو بنياد به هن ڦير گهير تي رکيو آهي. ”سج جي زوال واري ءَ حالت ، ۽ ان حالت درميان ڪو فرق ڪو نه آهي،  جڏهين هو آسمان جي وچ ۾ آهي، يا موٽ واريءَ حالت ۾، يا غائب ٿيڻ واريءَ حالت ۾ اچي ٿو، ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ به ڪو رستو آهي،“ سواءِ هن جي ته هو هي سڀ نجوميءَ  جي عبارت ۾ ٻڌي ٿو؟ ورنه هن ان جي ڪوڙ کي  سئو دفعا آزمايو آهي، تنهن هوندي به، هو وري وري ان کي سچو  سمجهندو اچي ٿو، ايتريءَ  حد تائين، جو  جيڪڏهن نجومي کيس چوي ٿه سج جڏهين وچ آسمان ۾ هوندو  ۽ فلاڻو برج سندس (سج ) سامهون ايندو (ٿيندو)،  ۽ فلاڻو برج مٿي چڙهندو هوندو، ته ان وقت  جيڪڏهن تون  نئين  پوشاڪ پائيندين، ته انهيءَ  ئي پوشاڪ ۾ قتل ڪيو ويندين. ته هو يقينا ان وقت تي نئون ڪپڙو نه پائيندو، پوءِ کڻي  ڪنهن وقت سخت سردي ڇو نه سهڻي  پويس! هن جيتوڻيڪ هيءَ هڪ (اهڙي) نجوميءَ کان ٻڌو آهي، جنهن  جي ڪوڙ کان هو ڪيئي دفعا واقف ٿيو آهي. ان هوندي به عجب آهي ته اهو ماڻهو جنهن جو  عقل هنن عجيب ڳالهين کي  ته مڃي ٿو، ۽ مجبور اهو به اعتراف ڪرڻو پويس ٿو ته ڪي خاصيتون آهن جن جي  ڄاڻ  ڪن نبين لاءِ هڪ معجزو آهي، ليڪن اهڙين ساڳين  ڳالهين جو انڪار ڪري ٿو، جڏهن انهن کي هڪ اهڙي نبيءَ جي طرفان  چيل ٻڌي  ٿو،  جو سدائين سچ ڳالهائي ٿو ۽ جنهن جي سچائيءَ جي تائيد معجزا ڪن ٿا ۽ جنهن ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.

هاڻي هي خاصيتون، جي رڪعتن جي عدد، رمي الجمار[9] حج جي رڪنن جي شمار  ۽ ٻين شرعي عبادتن ۾ سمايل آهن، تن جي هجڻ (امڪان) کان جيڪڏهن ڪو  فلسفي انڪار ڪري ٿو، ته پوءِ هو در اصل ۾ هنن ۽ دوائن ۽ نجوم جي خاصيتن ۾ ڪو فرق ڪونه لهندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو ائين چوي ته ” مون علم نجوم ۽ علم  طب ۾ ڪجهه تجربو ڪيو آهي ۽  ان ۾ ڪجهه صحيح ۽ سچ ڏٺو اٿم، لهذا ان جي تصديق ڪرڻ منهنجي دل ۾ ويهي ويئي آهي  ۽  ان  ڏانهن  نفرت  ۽ دوري  باقي نه رهي آهي، پر هن (نبوت) جو ته مون تجربو ئي نه ڪيو آهي، سو ڪيئن معلوم ڪريان ته ان جو وجود ۽ حقيقت به آهي، پوءِ کڻي مان ان جي ممڪن هجڻ جو اقرار به ڪريان؟“ ته مان جواب ۾  چوندس ته ”تحقيق ، تون پنهنجن تجربن جي تصديق ڪرڻ تي ئي ڄاڻ کي پاڻ مٿان  بند نه ٿو رکين، مگر جن تجربو ڪيو آهي، تن جي خبرن کي ٻڌي، سندن پيروي ڪرين ٿو. هتي به تون ائين ڪر: نبين جي ڳالهين کي ٻڌ ڇا  لاءِ ته انهن تجربو ڪيو آهي ۽ شرع ۾ جو ڪجهه آيو آهي تنهن جي سچائيءَ جو مشاهدو ڪيو اٿن. انهن جي راهه وٺ، پوءِ تون به يقيناً ان مان ڪجهه مشاهدو ماڻيندين.“

مان ته اڃا به هئين  چوندس ته جيڪڏهن تو ان جو تجربو نه به ڪيو آهي، ته  به تنهنجو عقل ان ڳالهه جي تصديق ۽ پيروي ڪرڻ بلڪل لازمي ڄاڻي ٿو. فرض ٿا ڪريون ته هڪڙو ماڻهو آهي جو عاقل ۽ بالغ آهي، پر هن ڪڏهن ڪنهن بيماريءَ جو تجربو نه ڪيو آهي ۽ اتفاق سان هو بيمار ٿئي ٿو، ۽ هن کي هڪ مهربان پيءَ آهي، جو حاذق طبيب به آهي، ۽ هو  ان (پنهنجي پيءُ جي علم طب ۾ مهارت ۽ مشهوري ان وقت کان ٻڌندو رهيو آهي، جڏهن کان پاڻ عاقل ٿيو آهي، سندس پيءُ هن لاءِ هڪ دوا تيار ڪري ٿو، ۽  چويس ٿو ته هيءَ تنهنجي بيماريءَ لاءِ مفيد آهي ۽ توکي مرض کان شفا ڏيندي. ان حالت ۾ هتي سندس عقل ڪهڙي تقاضا ڪري ٿو؟ ڇا  هو اها دوا (جاڪڙي ۽ بيمزي آهي) استعمال ڪري، يا ان کي ڪوڙو سمجهي چو ته ”مان شفا جي حاصل  ڪرڻ لاءِ هن دوا جي ته ڪا مناسبت ئي ڪو نه ٿو ڏسان، ڇا لاءِ جو مون ان جو ڪو آزمودو به نه ڪيو آهي.“ تحقيق، جيڪڏهن هو ائين ڪندو، ته تون ان کي بيوقوف سمجهندين، ۽ اهڙي طرح سان جي تون به رڪجي بيهندين، ته سمجهو ۽ ڏاها  توکي به نادان سمجهندا. وري جيڪڏهن تون  چوندين ته ”ڀلا، نبيءَ عليه السلام جن جي شفقت (مهرباني) ۽ سندن علم طب ۾ ڄاڻ کي آءُ ڪيئن سڃاڻان ۽ معلو ڪريان“  مان  چوندس ته ”تو پنهنجي پيءُ جي شفقت ڪيئن معلوم ڪئي هئي، اها ڪا محسوس ڳالهه ته ڪانه آهي، پر اهو علم نه تو  سندس احوال جي لاڳاپن  ۽ سندس (روزمره جي) مختلف ڪمن ڪاري کان حاصل ڪيو هو، جنهن ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي!“

اهڙيءَ طرح سان، جيڪڏهن ڪو ماڻهو الله جي رسول جي قولن تي نظر ڪندو ۽ انهن خبرن کي ڌيان ۾ آڻيندو جن مان پتو پوي ٿو ته پاڻ سونهارا مخلوق  کي هدايت جي راهه ڏيکارڻ لاءِ ڪيترو نه ڪوشان رهيا آهن ۽ ماڻهن کي پنهنجي اخلاق موچاري ڪرڻ ۽ پاڻ ۾  ٺهي هلڻ جي طرف ڪيترو نه نرمائيءَ ۽ رحمدليءَ سان  ڇڪيندا رهيا آهن، جنهن ۾ سندن دين ۽ دنيا  ٻنهي جي ڀلائي سمايل آهي، تو پوءِ کين هي ضروري علم لازمي طرح سان حاصل ٿي ويندو ته پاڻ سڳورن ﷺ جي پنهنجي امت تي شفقت پيءُ جي پنهنجي اولاد تي شفقت کان گهڻو وڌيڪ آهي. جڏهن وري سندن عجيب ڪارنامن کي خيال ۾ آڻيندو ۽ غيب جي انهن حيرت انگيز ڳالهين تي سوچ ڪندو، جي سندن زبان مبارڪ مان  قرآن پاڪ ۽ حديث ۾ آيل آهن ۽ جو ڪجهه آخر زماني جي حالتن بابت اڳواٽ ٻڌايو اٿن ۽ جن مان ڪي سندن قول مطابق ٿي به گذريون آهن، لازمي طور ان وقت ان ماڻهوءَ کي هي ضرور معلوم  ٿي ويندو ته  پاڻ سونهارا هڪ اهڙيءَ حالت کي وڃي رسيا آهن، جا عقل جي پهچ کان ٻاهر آهي، ۽ جٽ پاڻ سڳورن لاءِ  اها اک کلي آهي، جنهن جي اڳيان غيب پڌرو ٿي پيو آهي، ۽ اهي راز طاهر ٿيا آهن، جي سواءِ ڪن خاص بندن جي ٻيو ڪو به سمجهي نٿو سگهي. ضروري علم کي پرائڻ جو هيءُ ئي طريقو آهي، جنهن ذريعي  پيغمبر عليه السلام جي سچائيءَ ۾ ايمان آڻي سگهجي ٿو. تنهن ڪري تون به تجربو  ڪر، قرآن تي غور ڪر  ۽ حديثن جو مطالعو ڪر،  پوءِ تون  پاڻ اهو  سبب چٽيءَ طرح سان ڏسندين. هي جو ڪجهه اسان ٻڌايو آهي، سو فلسفي جي  شاگردن کي خبردار ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ڇا لاءِ  جو هن تنقيد جو هن زماني ۾، سخت ضرورت آهي.

ايمان جي ڪمزوريءَ جو چوٿون سبب، جو عالمن جي پڇڙيءَ زندگيءَ گذارڻ ڪري پيدا ٿيو آهي، تنهن مرض جو علاج  ٽن  نمونن سان ڪري سگهجي ٿو.

پهريون: تون پاڻ کي هيئن  چو ته اهو عالم جيڪو، تنهنجي خيال موجب، حرام کائي ٿو ته هن ڳالهه  کان به واقف  آهي ته شراب ۽ وياج حرام آهي ۽ هي به بخوبي ڄاڻي ٿو ته ڪوڙي ۽ چغلخوري  حرام آهن ۽ تون به اهو سڀ ڪجهه  ڄاڻين ٿو ۽ ان هوندي به اهي ڪم ڪرين ٿو، ۽ اهو انهيءَ ڪري نه ته تون انهن کي گناهه ڪري  نٿو مڃين (گناهه نٿو سمجهين)، پر هن ڪري جو تنهنجي  نفسانيت تو تي غالب  آهي،  ساڳيءَ طرح انهيءَ عالم جي نفسيانيت به تنهنجي نفسانيت وانگر  آهي ۽ اها ان تي غلبو حاصل ڪري چڪي آهي، جيئن تو تي غلبو حاصل  ڪيو اٿس. باقي هن کي جو ٻين مسئلن جو علم آهي، جنهنڪري هو تو کان امتياز رکي ٿو ته اهو ڪو هن معين حرام لاءِ زياده جهل ۽ روڪ جو ڪم ٿو روئي ٿو  ڏئي! ڪيترا اهڙا آهن جي علم طب ۾ ويساهه رکن ٿا، مگر ان هوندي به هو ميون کائڻ ۽ ٿڌي پاڻي پيئڻ کان پرهيز نٿا ڪن.  جن جي استعمال کان طبيب  کين جهليو آهي. پر اهو  ڪو ان ڳالهه جو ثبوت  ٿورو ئي آهي ته اهو شيون نقصانده نه آهن، ۽ سندن طبيب تي ويساهه رکڻ   غير صحيح هو. هيءَ عالمن جي ڌڪي کائڻ جي جاءِ آهي.

ٻيو: عام ماڻهوءَ کي ائين چيو وڃي ته تو لاءِ  هي مناسب آهي ته تون هي خيال رکين ته عالم پنهنجي علم کي پاڻ لاءِ  آخرت جو خزانو  ڪري ورتو آهي، ۽ هي گمان رکي ٿو ته سندس علم سندس ڇوٽڪاري جو سبب بڻبو ۽ سندس شفاعت ڪندو ۽ پوءِ انهيءَ ڪري ئي هو پنهنجي علم ۾ فضليت رکڻ سببان ٻين ڪمن ۾ سستي ڏيکاري ٿو. جيتوڻيڪ هيءَ زيادتي سندس (اعتراض ڪندڙ) خلاف هڪ حجت قائم ڪري ٿي، پر ان سان گڏ اها ان (عالم) لاءِ درجي ۾ زيادتيءَ جو ڪارڻ پڻ آهي، ۽ اهو بلڪل ممڪن آهي ته هو پنهنجي علم جي ڪري سلامتيءَ کي ويجهو اچي پوي. جيتوڻيڪ هو پنهنجا عمل ترڪ رکي ٿو. اي عامي، تون جڏهن ان  کي ڏسين ٿو، تڏهن پنهنجو عمل ترڪ ڪرين ٿو ۽ هوڏانهن تون علم کان به خالي آهين، جنهن ڪري تون  پنهنجي بڇڙي عمل سبب تباهه ٿيندين ۽ ڪو شفاعت ڪندڙ نه لهندين.

ٽيون: هيءَ هڪ حقيقت آهي ته حقيقي عالم گناهه نه ڪندو آهي مگر بل کان، ۽ ان گناهه ڪرڻ تي وري زور هرگز نه ڏيندو آهي. ۽ حقيقي علم اهو آهي جو ڄاڻائي ٿو ته گناهه هڪ هلاڪت آڻيندڙ زهر آهي، ۽ آخرت هن دنيا کان ڀلي آهي. هاڻي جيڪو ان ڳالهه کي ڄاڻندو، سو ڀلي کي ڪڏهن به سادي خاطر نه وڪڻندو.

هي علم ٻين مختلف علمن جي ذريعي حاصل ٿي نٿو سگهي. جن ۾ اڪثر ماڻهو مشغول آهن. اهو ئي ته سبب آهي، جو اهو علم انهن کي الله تعاليٰ جي نافرماني ڪرڻ لاءِ اڀاري ٿو. باقي جيڪو حقيقي علم آهي، سو ته انسان کي ڊپ، خوف ۽ اميد ۾ وڌائي ٿو، ۽ اهو سندس ۽ گناهن درميان روڪ بڻجيو پوي، سواءِ ڪن ڀلن چڪن جي جن کان ڪوبه انسان ڪمزوريءَ جي وقت خالي ڪونهي، مگر ياد رهي ته اهو هن جي ايمان جي ڪمزوريءَ جو دليل  ڪونهي، مومن جڏهن به سڌيءَ راهه کان  ٿڙڪي ٿو، تڏهن توبهه تائب  ٿئي ٿو ۽ گهڻو گهڻو ڏور رهي ٿو.

مون جو ڪجهه  فلسفي ۽ ”تعليم“ جي غلطين جي مذمت ۾ بيان ڪرڻ چاهيو ٿي، سو سڀ هي آهي: هتي انهن جي غلطين کي به بيان ڪيم، جي انهن (ٻنهي) جو ناڪار ڪن ٿا.

الله تعاليٰ کان دعا پنان ٿو ته شال رب ڪريم اسان کي انهن منجهان ڪري، جن کي پاڻ پسند ڪيائين ۽ چونڊ يائين، ۽ جن کي صحيح رستي  ڏانهن  هدايت ڏيئي آندائين ۽ جن کي پنهنجي ياد  جو الهام فرمايائين، ۽ جي کيس ڪڏهين به نٿا وسارين ۽ جن کي پنهنجي نفس جي شر کان بچايائين، تان جو هو ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي مٿس ترجيح نٿا ڏين: ۽ انهن مان  ڪري، جن کي هن پنهنجي لاءِ خاص ڪري  رکيو ۽  جي سندس کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به عبادت نٿا ڪن!

تمت بالخير


[1]  قرآن مجيد ـــ الم ؛ احسب الناس ان يتر کوا ان يقولوا! آمنئا وهم لا يفتنون. ولقد فتنا الذين من قبلهم.

[2]  قرآن مجيد ـــ ولقد کذ بت رسل من قبلک قصبرو علي ما کذ بو او اوذوا حتي اتاهم نصرنا ولامبدل لکلمات الله ولقد جاءَ ک من نباءِ المرسلين.

[3] قرآن مجيد ـــ يٰس؛ والقرآن الحکيم.

[4]  اِنما تن (تنذر من اتبع الذکر.

[5]  امام غزالي، انهيءَ حديث ڏانهن اشارو ڪري ٿو جنهن ۾ آيل آهي ته ”ان الله تعاليھ يبعث لهذه الاءُمہ علي راس کل مئة سنة من يجد دلها دينها.

[6]  صحيح مسلم ۾ آيل آهي ته نبي سائين جن فرمايو آهي ته ”اِن قلوب بني آدم کلهابين اصبعين من آصابع الرحمن، کقلب واحد، يصرفہ کيف يشاءَ.

[7]  درهم جي ڇهين پتي، اٽڪل چار رتيون.

[8]  هن ڪتاب جو نالو ڪنهن به فهرست ۾ نه ٿو ملي.

[9]  منيٰ ۾، حج جي موقعي تي، شيطان کي پٿرين هڻڻ کي چئبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com