فرض ڪري وٺو ته اهي ڳالهيون فقط فيلسوفن جي ڪتابن
۾ ئي ملن ٿيون. پوءِ جيڪڏهن اهي معقول هجن ۽
ثابتين جي پٺڀرائي به هجين ۽ ان سان گڏ اهي قرآن
۽ حديث جي به مخالف نه هجن، ته پوءِ اهو مناسب آهي
ڇاته انهن کي رد ڪري اڇلايو وڃي! جيڪڏهن اسين اهڙو
دروازو کولينداسين ۽ حق جي هر ڳالهه کي ائين ڦٽو
ڪنداسين جا هڪ ڪوڙي جي دل تي اسان کان اڳ اتري
آهي، ته پوءِ اسان ڪيتري حق وڃائي ويهنداسون. اسان
کي لازماً پوءِ نه ڪيتريون قرآن جون آيتون، رسول
جون حديثون، اڳين بزرگن جا بيان، ۽ فيلسول فن ۽
صوفين جا قول ڇڏي ڏيڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته ”اخوان
الصفا“[1]
جي لکندڙ، انهن کي پنهنجي ڪتاب ۾ بطور حجت ۽
شهادت جي آندو آهي، جيئن جا هلن ۽ احمقن جي دلين
کي انهن دليلن سان فلسفي جي غير حقيقي ۽ باطل
مضمونن ڏانهن مائل ڪري سگهي. ان کان سواءِ ائين
ڪرڻ سان اهو به لازم ٿيندو ته باطل وارا ڪيترين
حقيقتن ۽ ڪلمات صدق آيت کي اسان کان کسي وٺندا.
ڇو ته هنن اڳ ۾ به اسان جي ڪلمات ۽ حقيقتن جو
ڪافي ذخيرو پنهنجن ڪتابن ۾ درج ڪرڻ کان دريغ نه
ڪيو آهي.
عالم جو گهٽ ۾ گهٽ درجو هي آهي ته هو پاڻ ۽ هڪ
جاهل ۽ اڻ آزمود گاردرميان سڃاڻپ يا فرق ڪري سگهي
۽ ان ماکيءَ (کائڻ) کان پرهيز نه ڪري، جيڪڏهن ان
کي جراج جي سڱيءَ ۾ پيل ڏسي. هن کي هيءَ پڪ آهي
ته ڪا سڱي ماکيءَ جي اصليت کي ڪانه ٿي بدلائي ۽
طبيت کي جا ان کان نفرت آهي، تنهن جو ڪارڻ عام
جهالت آهي، جو سمجهيو وڃي ٿو ته سڱيءَ کي بنايو
ڪني رت لاءِ ويو آهي. تنهن ڪري هو اهو گمان ٿو
ڪري ته رب، جيڪو ڪنو ٿيو آهي، ان جو ڪارڻ اها ئي
سڱي آهي، ليڪن اهو نٿو سمجهي ته اهو پنهنجي اصلي
خاصيت سببان ڪندو آهي. هاڻي جڏهن هيءَ خاصيت
ماکيءَ ۾ موجود نه آهي، تڏهن ان جو اهڙي ٿانو ۾
هجڻ، ان ۾ اها خاصيت پيدا نٿو ڪري. لهذا، ماکيءَ
ڏانهن ناپاڪائي منسوب ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. هي هڪ اجايو
وهم آهي، جو گهڻن ماڻهن تي غالب آهي ۽ جڏهن ڪا
ڳالهه ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ ڏانهن منسوب ڪجي ٿي،
جنهن لاءِ ماڻهن ۾ سٺو خيال آهي ته پوءِ ماڻهو ان
کي يقيناً قبول ڪن ٿا، پوءِ کڻي اها ڳالهه ڪوڙي ڇو
نه هجي. پر جڏهن اها ساڳي ڳالهه ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ
ڏانهن منسوب ڪجي ٿي، جنهن لاءِ ماڻهو سٺو خيال
نٿا رکن، ته پوءِ لازمي طور تي ان کي رد ڪن ٿا،
پوءِ کڻي اها ڳالهه سچي ڇو نه هجي! اهي حق کي
هميشه ماڻهن معرفت پرکين ٿا ۽ نه ماڻهن کي حق
معرفت! (يعني، ماڻهن کي، حق جي پرکڻ جو، معيار
مقرر ڪيو اٿن.) هيءَ حد درجي جي گمراهي آهي ۽ هيءَ
فيلسوفن جي اخلاقيات کي رد ڪرڻ جو نتيجو
آهي.(يعني انهن جي صحيح ڳالهين کي رد ڪرڻ ۾ اسان
جو نقصان آهي.)
هوڏانهن وري انهن جي هرقول کي مڃڻ ۾ به اسان لاءِ
ڇيهو آهي، ڇا لاءِ ته جو آدسي انهن جي ڪتابن
مثلاً، ”اخوان الصفا “ ۽ اهڙن ٻين کي پڙهڻ سان
ڏسي ٿو ته انهن ۾ جو ڪلام آهي، ان ۾ پيغمبرن جي
حڪمت جون ڳالهيون ۽ صوفين جا قول موجود آهن( جن
کي هو گهڻو ڪري ساراهي، ۽ قبول ڪري ٿو ۽ انهن جي
شخصيت ۽ ڪلام لاءِ سٺو خيال به رکي ٿو) ته پوءِ
جلد ئي هو پنهنجي سٺي خيال سبب انهن جي باطل
ڳالهين کي قبول ڪري ٿو. جي انهن جي ڪلام ۾ گڏيل
سڏيل آهن ۽ هو اهڙي طرح ڪوڙ ڏانهن رفته رفته
گهلجيو وڃي ٿو. انهيءَ خطري کي لحاظ ۾ رکندي، اهو
ضروري آهي ته ماڻهن کي انهن جي ڪتابن کان جهليو
وڃي، ڇا لاءِ جو انهن(ڪتابن) ۾ دوکو ۽ نقصان آهي،
جهڙي طرح ناآزمود گار تارو ءَ کي ڪناري جي ترڪڻ
وارين جاين تي ويهڻ کان روڪڻ ضروري آهي، اهڙيءِ
طرح سان عام خلق کي انهن جي ڪتابن جي مطالعي
کان روڪڻ به واجب آهي، جيئن ٻارن کي نانگ (کي)
ڇهڻ کان پري رکڻ لازم آهي، تئين انهن عالمن جي
مخلوط ڳالهين کي ٻڌڻ کان به، ٻاراڻي ذهن وارن
ماڻهن کي دور رکڻ ضروري آهي ۽ جهڙيءَ طرح جوڳيءَ
لاءِ اهو لازمي آهي ته نانگ کي پنهنجي ٻار جي
روبرو نه ڇهي، ڇالاءِ جو ڄاڻ ٿو ته هو (ٻار) پاڻ
کي سندس جهڙو سمجهي سندس ئي پيروي ڪندو، پر مٿس هي
واجب آهي ته پاڻ ٻار جي موجودگيءَ ۾ ان (نانگ)
کان خبردرا رهي، ڊڄي ۽ ان کي به ان کان خبردار
ڪري، تهڙيءَ طرح هڪ بنيادي عالم لاءِ به ائين ڪرڻ
لازمي آهي. جهڙيءَ طرح سان هڪ ماهر جوڳي جڏهن نانگ
کي وٺي ٿو ، ته هو ترياق ۽ زهر ۾ امتياز به ڪري
ٿو، ان مان ترياق ڪڍي، زهر کي ناس ڪري ٿو ۽ پوءِ
گهر جائوءَ کي (ترياق
ڏيڻ ۾ به ڪا ڪنجوسائي نٿو ڪري، تهڙيءَ طرح سان
هڪ تيز فهم ۽ تجريبڪار صراف به جڏهن پنهنجو هٿ
هڪ جعلساز جي کيسي ۾ وجهي ٿو، تڏهن ان مان خالص
سون ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ باقي مٺ ۽ کوٽ کي اڇلائي ڇڏي
ٿو ۽ ضرورتمند کي ان جي ڏيڻ ۾ ڪا ڪنجوسائي نٿو
ڏيکاري. ساڳئي نموني ۾ عالم به عمل ڪري ٿو (۽ هر
کري کوٽي کي پرکي ۽ محل موقعي کي سڃاڻي ٿو) ۽
جڏهن وري ڪنهن ( اڻڄاڻ) ماڻهوءِ کي ترياق جو کپ
ٿئي ٿو. تڏهن هو ان کان خود گهٻرائي ٿو. ڇا لاءِ
جو خبر اٿس ته اهو نانگ مان ڪڍيو آهي، جو خود
زهر جو مرڪز آهي، ان حالت ۾ مناسب آهي ته ان کي
ان(ترياق) جي واقفيت ڪرائجي (ته ڪيئن اهو ترياق
باوجود نانگ جي اندر هئڻ جي به، نانگ جي کاڌل
شفا ڏيندڙ آهي) مسڪين فقير، جنهن کي پيسن جي
لوڙههه هوندي آهي، اهو به سون وٺڻ کان ڪيٻائيندو
آهي، رڳو ان ڪري ته متان اهو هڪ جعلساز جي کيسي
مان نڪتل هجي، ان حالت ۾ اهو ضروري ٿيو پوي ته ان
کي سمجهائي ته ان جو ڪيٻائڻ سراسر جهل آهي، جو
کيس فائدي کان محروم ڪري ٿو، جنهن جي هو ڳولا ۾
آهي. ان کان سواءِ مٿس اهو به واضح ڪجي ته صاف
سون ۽ مٺ جيڪڏهن هڪ ٻئي جي پاسي ۾ هوندا، ته پوءِ
لازم نه آهي ته ڪو صاف سون مٺ ٿي پوي ۽ نه وري
ڪو مٺ ئي خالص سون ٿي پوندو. اهڙي طرح سان حق ۽
باطل ڪو نه ڪندو ۽ نه وري ڪو باطل کي ڦيرائي حق
ڪندو . هي آهي فلسفي مان نقصان ۽ ڇيهو، جو اسان
اوهان کي ٻڌائڻ ٿي گهريو.
مذهب التعليم ۽ ان جون هولناڪيون!
هاڻي مان جڏهن فلسفي جي علم، ان جي تحصيل، ان جي
سمجهڻ ۽ ان جي کوٽ کان فارغ ٿيس، تڏهن ڏٺم ته هي
به منهنجي غرض لاءِ اڻپورو آهي. اهو به ڏٺم ته (1)
مذهب تعليم، جنهن کي”الباطينته“ سڏيو وڃي ٿو ۽
اهو هڪ فرقي جو عقيدو آهي، ان جي شروعات محض
ديني هئي، جو هو چوڻ لڳا ته ”هر ظاهر کي باطن
آهي.“
شروعات محض ديني هئي، جو هو چوڻ لڳا ته ”هر ظاهر
کي باطل آهي، ۽ هر شرع کي تاويل آهي“ هي فرقو
ڪيترن ئي نالن سان معروف آهي، مثلاً؛ القرامطه
المزدڪيه ۽ الملحدته انهن جي ڪن اڳين پنهنجي ڪلام
۾ فيلسوفن جو ڪلام به گڏي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجا ڪتاب
به ان مسلڪ تي تصنيف ڪيا آهن الله تعاليٰ متعلق
سندن چوڻ هي آهي ته ”اسان نه ٿا چئون ته هو
موجود آهي ۽ نه وري ائين چئون ٿا ته هو موجود نه
آهي، عالم آهي يا جاهل آهي“ هي انهن جا بعض ديني
عقيدا آهن، جن تي هن فرقي جو بنياد آهي، مگر بعد ۾
انهن هڪ سياسي جلسو پهريو، ۽ انهن جا پيشوا ماڻهن
کي ”معصوم امام“ جي عقيدي جي بنياد تي متحد ڪرڻ
لڳا. نظام الملڪ سمجهي ورتو ته هن قسم جي تعليم جو
جاري رهڻ، سندس خلافت کي لوڏي وجهندو، لهذا امام
غزاليءَ کي چيائين ته انهن جي ترديد ڪري، غزاليءَ
هن فصل ۾ انهن سان فقط هڪڙي نقطي تي بحث ڪيو آهي.
۽ اهو انهن جو ”معصوم امام“ متعلق عقيدو آهي.
عقل نه ته انهن سڀني ڳالهين کي پروڙي سگهي ٿو
جن جي پروڙڻ جي اهو ڪوشش ڪري ٿو ۽ نه وري ڪو مڙين
ئي مشڪلاتن تان پردو هٽائي سگهي ٿو جي لاينحل آهن
”مذهب تعليم“ جو هڪ نامور عالم ۽ مبلغ اڳي ئي پيدا
ٿيو هو ۽ معصوم امام (جنهن جي هٿ ۾ حق جي واڳ آهي)
کان شين جي حقيقت جي علم حاصل ڪرڻ متعلق انهن (اهل
تعليم وارن) جي ڳالهه ٻولهه، ماڻهن ۾ پکڙ جي چڪي
هئي. مون کي به خيال ٿيو ته انهن جي نقطه نظر جو
اڀياس ڪريان ته جيئن معلوم ٿئيم ته انهن جي ڪتابن
۾ ڇا آهي، پوءِ اتفاق اهڙو ٿيو جو مون کي خليفي
جي طرفان حڪم مليو ته هڪ ڪتاب لکي انهن جي مذهب
جي حقيقت کولي وڃي.
مون کي هي حڪم مڃڻو ئي پيو، جنهن حوصله افزائي جو
ڪم ڏنو ۽ منهنجي اصلي اندروني ارادي کي تقويت
پهچائي. پوءِ مون انهن جي ڪتابن کي ڳولڻ ۽ انهن
جي مقالن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. انهن جون چند
تازيون ڳالهيون جي انهن جي همعصرن چيون هيون. ۽
جي انهن جي جهونن عقيدن جي عام طريقي ڪار جي خلا
هيون، سي منهنجي ڪنن تي اڳي ئي پهچي چڪيون هيون.
مون انهن جون اهي ڳالهيون ڪٺيون ڪيون. ۽ تحقيق خاط
ر انهن کي پوري ترتيب ڏنيم ۽ پوءِ انهن جي مغالطن
۽ اعتراضن جو پورو پورو خواب ڏنيم ۽ انهن جي حجتن
کي ورائي ورائي بيان ڪرڻ جا غير معمولي ڪوشش ڪيم
تنهن کي ڪن عالمن البت پسند نه ڪيو آهي. چوڻ لڳا
ته ”هيءُ ڪم ته تون انهن لاءِ ڪري رهيو آهين،
ڇالاءِ ته جيڪڏهن تون انهن جي ڳالهين کي اهڙو صاف
نه کولين ها ۽ اهڙي قسم جي ترتيب ۾ نه آڻين ها، ته
پوءِ هو هيتري ساري شڪ ۽ اڻ چٽائي جي موجود سببان
پنهنجي مذهب کي بچائي نه سگهن ها. (بچائڻ کان
عاجز ٿي پون ها).“
هڪ لحاظ کان هن قسم جي نڪته چيني صحيح آهي، هڪ
دفعي امام احمد بن حنبل[2]
حارث المحاسبي[3]
جي تصنيف تي تنقيد ڪئي ، جا هن معتزله فرقي جي رد
۾ لکي هئي. ان تي حارث جواب ڏنو ته ”بدعته جي
ترديد ڪرڻ فرض آهي“ جنهن جي جواب ۾ امام احمد
فرمايو ته ”هائو، پر تو پهريائين انهن جا شڪ شبها
بيان ڪيا آهن، ان بعد انهن جو رد ڏنو آهي، توکي
ان ڳالهه جي ڪهڙي خاطري آهي ته ماڻهو ڪهڙو اثر
قبول ڪندا؟ ڪو ماڻهو انهن جي غلط اعتقاد جو کڻي
مطالعو ڪري ۽ انهن ۽ پنهنجي سمجهه آهر صحيح سمجهي
اختيار ڪري، ۽ انهن جي ترديد ڏانهن ڌيان ئي نه
ڏئي، يا وري ترديد تي غور ڪري، مگر ان جي پوريءَ
مراد کي سمجهي ئي نه سگهي، ته پوءِ؟ امام احمد
جيڪي چيو ، سو سچ آهي، مگر هي انهن ڪوڙن متن بابت
آهي، جي اڻ پکڙيل ۽ غير مشهور آهن، باقي اهي جي
ڦهلجي ويا آهن تن جي ترديد ڪرڻ واجب آهي ۽ اها
ترديد به تڏهن ئي ڪري سگهبي. جڏهن انهن جي دين جو
سارو حال ڏنو وڃي. البت هي مناسب نه آهي، ته ان
مقصد خاطر سندن ڪوڙي تعليم جي ايتري اپٽار ڪئي
وڃي، جيتري خود انهن پاڻ به نه ڪئي آهي، مون خود
ائين نه ڪيو آهي مون انهن جي عقيدن بابت، پنهنجي
هڪ دوست کان اڳي ئي گهڻو ڪجهه ٻڌو هو، جو مون وٽ
ايندڙ ويندڙ هو. مون وٽ اچڻ کان اڳ، هو انهن سان
ملي(ملحق ٿي) ويو هو ۽ انهن جو مذهب به اختيار ڪري
چڪو هو. هن اها ڳالهه ڪئي ته اهي باطينه انهن
ڪتابن تي گهڻو کلن ٿا. جي سندن رد ۾ لکيا ويا آهن.
انهن جو چوڻ آهي ته انهن (ڪتاب لکندڙن) سندن
دعويٰ کي سمجهيو ئي نه آهي، ته پوءِ رد ڇا جو ڪيو
اٿن؟ پوءِ هن انهن جي دعويٰ جو بيان ڪيو ۽ مختصر
احوال ڏنائين. مون ان ڳالهه تي اڪتفا نه ڪئي ته
ڪو به ماڻهو مون متعلق اهڙو گمان تي اڪتفا نه
ڪئي ته ڪو به ماڻهو مون متعلق اهڙو گمان ڪري
ويهي ته مان انهن جي اصل حجت کان غافل ۽ بيخبر
آهيان، انهي ڪري ئي مون سندن فڪر کي دهرايو آهي،
ته جيئن ڪو اهو خيال نه ڪري ته مون ان(ڪوڙي۽ حجت)
کي مطالعي ڪرڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ به نه سمجهيو آهي.
منهنجو اصلي مقصد هي هو ته مون کان جيترو ٿي سگهي
تيترو انهن جي ڪوڙن اصولن کي بار بار بيان هيٺ
آڻي، پوءِ ئي انهن جي براءِ ۽ ڪمزوري کي نهايت
چٽائي سان ظاهر ڪريان.
نتيجو هي نڪتو جو انهن جي گفتگو بي سود ۽ بي معنيٰ
ثابت ٿي. جيڪڏهن (اسلام جي) نادان دوست جي غلطيءَ
کان ان (بدعت) کي مدد نه ملي ها ته هيءَ بدعت
پنهنجي ڪمزوريءَ سببان هن حد کي ئي نه پهچي ها.
ليڪن تعصب جي تيزيءَ، حق جي حامين (حمايت ڪندڙن)
کي هن ڳالهه ڏانهن جوش ڏياريو ته هو انهن سان
سندن ڪلام جي اصولن (متقدمات) تي بحث مباحثي
ڪندڙن) کي هن ڳالهه ڏانهن جوش ڏياريو ته هو انهن
سان سندن ڪلام جي اصولن (متقدمات) تي بحث مباحثي
کي طول ڏين ۽ جو ڪجهه هو چون ٿا، تنهن جي ترديد
ڪن، هنن انهن جي ان دعويٰ جو انڪار ڪيو ته ”تعليم
۽ معلم جي ضرورت آهي“ ۽ پڻ انهن جي هن دعويٰ کي
رد ڪيائون ته ”ڇاڪاڻ ته هر معلم صحيح نه آهي، تنهن
ڪري هڪ “معصوم، بيگناهه ۽ پاڪيز معلم جو هجڻ ضروري
آهي، صحيح هئي ۽ انڪار ڪندڙن جو جواب ڪمزور هو.
ان سبب ئي هڪ جماعت دوکي هيٺ اچي وئي. ۽ سمجهڻ لڳي
ته اهو سڀ انهن انهن جي مذهب جي مضبوطيءَ ۽ انهن
جي مخالفن جي مذهب جي ڪمزوريءَ ڪري آهي. مگر انهن
(جماعت) اهو نه سمجهيو ۽ سوچيو ته اهو سڀ حق جي
حاميءَ جي ڪمزوريءَ ۽ سندس جهالت سببان هو. صحيح
هي آهي ته معلم جي ضرورت جو اعتراف ڪجي ۽ هن ڳالهه
کي به مڃجي ته اهو معلم معصوم به هجي پر اسان جو
چوڻ هي آهي ته اسان جو معصوم صلعم حضرت محمد
عليه السلام جن آهن، ان تي جيڪڏهن هو اهو جواب
ڏين ته ”هو ته مري ويو آهي“ ته اسان کين چونداسون
ته ”توهان جو معلم به ته غائب آهي“ وري جيڪڏهن هو
موٽ کائي چون ته ”اسان جي معلم مذهب جي پرچار
ڪندڙن کي سيکاري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي ملڪ ۾ پکيڙي
ڇڏيو آهي ۽ هو انهن جي موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهن،
تان ته جيڪڏهن منجهن ڪو اختلاف ٿي پيو هجي يا
مشڪل مسئلو درپيش آيو هجين ته ان کي اچي حل ڪري ته
اسان جواب ۾ چونداسون ته ”اسان جي معلم به مذهب جي
پرچار ڪندڙن کي سيکاري ڇڏيو آهي، ۽ ملڪ ۾ پکيڙي
ڇڏيو آهي، ۽ تعليم کي به مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. جيئن
جو الله تعاليٰ فرمايو آهي ته اڄ ڏينهن مان
اوهان جو دين اوهان لاءِ مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، ۽
پنهنجون نعمتون اوهان تي پوريون ڪيون اٿم.[4]
بعد معلم جو مري وڃڻ ڪو به نقصان نٿو رسائي،
جهڙيءَ طرح ان جو غائب هجڻ ڪو ضرور نٿو پهچائي.“
باقي انهن جي هڪڙي ڳالهه رهي، جو هو کڻي چون ته
”توهان ان معاملي متعلق ڪيئن فيصلو ڏيندوءَ جو
توهان ٻڌو ئي نه آهي؟ ڇا، نص جي آڌار تي؟ يا نص ۾
به موجود نه هجي، ته پوءِ اجتهاد ۽ رائي جي
ذريعي فيصلو ڪندا؟ هالانڪ انهن ۾ ته اختلاف ٿي
سگهي ٿو؟ اسان جواب ڏينداسون ته، اسان ائين
ڪنداسون جيئن حضرت معاذ بن جبل ڪيو. جڏهن رسول
الله عليه اسلام کيس يمن موڪليو، تڏهن چيو
هئائين ته ”اسان نص تي فيصلو ڏينداسين، جيڪڏهن
اها ڳالهه هن اندر هوندي ۽ جي به نه پنهنجي
اجتهاد سان طئي ڪنداسون“ انهن جي مذهب جا پرچار
ڪندڙ به ته جڏهن امام کان الڳ ٿي دور دراز هنڌن
تي وڃن ٿا، تڏهن ائين ئي ڪن ٿا، انهن لاءِ پڻ
اهو ممڪن نه آهي ته سڀ ڳالهه نص سان ملي ڪن.
ڇالاءِ جو نص هڪ متناهي شيءِ آهي ۽ دنيا جي اڻ
کٽندڙ ڦيرين گهيرين تي حاوي ٿيو نٿي سگهي، ۽ نه
وري ان لاءِ اهو ئي ممڪن آهي ته هو هر معاملي
لاءِ(پنهنجي) امام جي شهر ڏانهن رجوع ڪري ڪري، ۽
فيصلو وٺي، ۽ مسافري پوري ڪري اڃا موٽي ئي مس ته
فتويٰ طلبيندڙ وڃي قبر وسائي، ۽ سندس سارو سفر ئي
رائگان وڃي! جنهن کي قبلي بابت شڪ پوي ته ان لاءِ
نماز پڙهڻ لاءِ سواءِ اجتهاد جي، ٻيو ڪو چارو ئي
ڪونهي. جيڪڏهن ڀلا هو قبلي معلوم ڪرڻ لاءِ کڻي
امام جي شهر ڏانهن وڃي، ته نماز جو وقت (ته)
ويندو هليو! ان حالت ۾ به اهو جائز آهي ته هو
پنهنجي گمان موجب ڪنهن طرف ئي کڻي نماز پڙهي،
اهو چيو ويو آهي ته ”اجتهاد ۾ غلطي ڪندڙ لاءِ هڪ
ثواب آهي ۽ صحيح ٿيندڙ لاءِ ٻه ثواب آهن“ سب
ڪنهن اجتهاد جي آڌار تي ڪنهن ماڻهوءَ کي فقير
سمجهندو آهي، حالانڪ حقيقت ۾ هو شاهوڪار هوندو
آهي، مگر ان چڪ سببان کيس ڪابه پڪڙ نه ٿي ڪئي وڃي،
ڇاڪاڻ ته هن کي فقط پنهنجي گمان موجب ئي پڪڙيو
ويندو. اڃا به جيڪڏهن هو موٽ ۾ چوي ته ”ان جي
مخالف جو گمان به جهڙو آهي“ ته اسين چونداسين، ته
هن کي پنهنجي نفس جي گمان تي هلڻ لاءِ هڪم ڪيو ويو
آهي، جهڙيءَ طرح جنهن کي قبلي جي خبر نه پوي ته
ان کي پنهنجي گمان موجب هلڻو آهي ۽ نه ٻئي جي
گمان موجب ان تي به جي اسان کان اهو سوال ڪيو وڃي
ته ”مقلد به ته ابوحنيفي، يا امام شافعيءَ يا ڪنهن
ٻي جي پيروي ڪري ٿو“ ته اسين جواب ۾ چونداسون ته
جيڪڏهن مقلد کي قبلي ۾ شڪ پوي ۽ مجتهد ۾ ان بابت
اختلاف ٿي پوي، ته پوءِ ڇاڪري ؟ پوءِ وري هو هي
جواب ڏيندو ته ”ماڻهوءَ کي گهرجي ته پنهنجو
اجتهاد هلائي ڏسي ته قبلي کي معلوم ڪرڻ لاءِ
ثابتين پيش ڪرڻ ڪير زياده هوشيار ۽ ڄاڻو آهي، ۽
پوءِ هو پنهنجي اجتهاد جي پٺ وٺي“ هاڻ اسين کيس
موٽ ۾ چونداسون ته مذهبن درميان فيصلي ڪرڻ ۾ به
اجهو ائين ئي ڪبو آهي. (لهذا اوهان جي تعليم جو
اصول ٺيڪ نه آهي.)
نبين سڳورن ۽ دين جي رهنمائن، ضرورت سببان، ماڻهن
کي اجتهاد ڏانهن رستو ڏيکاريو آهي، جيتوڻيڪ هو ان
ڳالهه کان به واقف هئا ته هو(ماڻهو) غلطيون ڪندا
رهندا. مگر الله جي رسول تي هي فرمايو ته ”مان
ظاهر تي فتويٰ ڏيان ٿو، دل جو ڄاڻندڙ خدا آهي.“
يعني ته مان پنهنجي غالب گمان موجب فيصلو ڪريان
ٿو ، جو مون کي گواهن جي شاهديءَ مال حاصل ٿئي
ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن پنهنجي گواهيءَ ۾ غلطي
ڪئي هجي، هاڻي جڏهن پيغمبر به هن قسم جي اجتهاد ۾
خطاب کان سلامت رهي نه ٿا سگهن ته پوءِ اسين اهڙي
اميد ڪيئن ٿا ڪريون؟
هن هنڌ هو ٻه سوال پيش ڪن ٿا؛ پهريون هي ته
”اجتهاد جي معاملن“ ۾ هيءَ ڳالهه کڻي صحيح به
هجي، ليڪن عقيدن جي قاعدن ۾ صحيح ٿي نه ٿي
سگهي، ڇالاءِ جو عقيدي ۾ غلطي ڪرڻ واري جو عذر
قابل قبول نه آهي. هتي ڀلا ماڻهو کي ڪيئن هلڻ
گهرجي؟“ مان جواب ڏيندس ته ”عقيدن جا قاعدا قرآن
۽ حديث ۾ درج آهن، باقي ان کان سواءِ ٻيون تفصيلي
۽ اختلافي ڳالهيون ۽ شيون تارازيءَ ۾ تورڻ سان،
بخوبي معلوم ٿي وينديون. اهي سٺيون تارازيون،
الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ ٻڌايون آهن، جي پنج
آهن، ۽ جن جو احوال مون پنهنجي ڪتاب، القسطاس
المستقيم ۾ ڏنو آهي“ ان مٿي به جيڪڏهن هي سوال
ڪيو وڃي ته ”تنهنجو مخالف تنهنجي ان تارازيءَ
سان اتفاق نه ٿو رکي“ ته پوءِ مان چوندس ته
جيڪڏهن ان ميزان (تارازيءَ) کي چڱيءَ طرح سمجهيو
ويندو، ته پوءِ ان سان اختلاف رکڻ جو گمان ئي نٿو
ڪري سگهجي، خود اهل التعليم، به ان جي مخالفت نه
ڪندو، ڇا لاءِ جو مون ان قرآن مجيد مان سمجهي،
استباط ڪيو آهي، منطق وارا به ان سان اختلاف نٿا
رکن. ڇاڪاڻ ته اهو انهن جي منطقي شرطن سان موافق
آهي ۽ نه وري ڪو متڪلم ئي ان جي مخالفت ڪري ٿو ،
ان لاءِ جو اهو سندس نظري دليلن سان ٺهڪي ٿو ۽ ان
جي ذريعي ئي سچ کي علم ڪلام ۾ سڃاتو وڃي ٿو.
هيءَ هڪ مخفي جماعت هئي، جا چوٿين صديءَ جي
وچ ڌاري بصري ۾ ٺهي. ان جماعت جي مذهب جو
بنياد هي آهي ته ”اسلامي شريعت جهل سببان
گندي ٿي چڪي آهي ۽ گمراهيءَ ۾ رلي ملي ويئي
آهيم، ان جي صفائي ۽ پاڪائيءَ جو سواءِ فلسفي
جي ٻيو ڪو رستو ئي ڪونهي ڇا لاءِ جو فلسفو
اعتقادي حڪمت ۽ اجتهادي مصلحت تي حاوي آهي ۽
جڏهن يوناني فلسفو ۽ محمدي شريعت پاڻ ۾
ڳنڍيا ته پوءِ ڪمال حاصل ٿيندو ”اخوان الصفا
“ جا رسالا ، فلسفي ۽ علمي آهن، جي عجيب ادبي
قالب ۾ پلٽيا ويا آهن. ڪل 52 رسالا آهن، جي
مختلف علمي موضوعن تي مشتمل آهن. جهڙوڪ طبي،
رياضي، فلسفو، الاهيات وغيره، پوئين رسالي ۾
سڀني جو اختصار ڏنو ويو آهي.
هي امام صاحب چئن امامن مان هڪ مشهور امام
آهي پاڻ منزلن جي مخالفت ڪندي، گهڻيون
تڪليفون سٺائون، جن جو عقيدو هو ته قرآن
”مخلوق“ آهي اهو مسئلو خليفي ماسون جي دور ۾
ڇيڙيو ويو هو.
حارث
محاسبي، 125 هجريءَ ۾ ڄائو هو ۽ 243 ۾ بغداد ۾
وفات فرمايائون پاڻ معتزله فڪر جي خلاف گهڻو
ڪم ڪيائون ۽ آخري عمر ۾ دنيا کي ترڪ ڪري صوفي
بنجي پيا، هي پهريون صوفي آهي، جنهن جي ڪتابن
۾ فقهي تعليم نمايان نظر اچي ٿي.
|